سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:23 

پنهنجي طرفان

 

       منهنجي شاعريءَ جي ابتدا هالن ۾ ٿي. هالن جو ماحول ۽ خاندان جي ادب ۽ شعر سان رغبت جي ڪري ۽ خاص طرح سان قبله والد صاحب جن جي شاعري ۽ ادبي محفلن جي ڪري اٿندي ئي انهيءَ طرف ذهن جو جهڪاءُ ٿيڻ لڳو.

          اسڪول ۽ ڪاليج ۾ پڙهائيءَ جي دوران اڪثر ادبي محفلن ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ جو موقعو ملندو هو ۽ مختلف شعرا جو ڪلام آهسته آهسته سمجهه ۾ اچڻ لڳو ۽ پوءِ پاڻ به شاعري ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل چاهيندي هئي.

          هڪ ڀيرو هالن ۾ هم عمر ۽ هم خيال دوستن سان ويٺا هئاسون ته اهو فيصلو ٿيو ته اچو ته شاعري ڪريون. اسان ۾ سينيئر شاعر محبوب سروري هو، جنهن هڪ مصرع طرح ڏني. انهي تي اسان سڀن لکڻ شروع ڪيو جنهن ۾ علي احمد شاهه، امير علي شاهه، خورشيد شاهه، محبوب صاحب ۽ آءٌ شريڪ هئاسون شايد ڪو ٻيو دوست به هجي ۽ اڳتي هلي نالو ذهن ۾ اچي وڃي. اهڙي طرح منهنجي شعر و شاعري جو سلسلو جاري رهيو، مختلف وقتن تي ڪڏهن ڪا مصرح طرح رکي ان تي في البديهه غزل لکندا هئاسين ته ڪڏهن وري مصرع طرح رکي باقاعده مشاعرو ڪندا هئاسين، ان وقت اسان جي حلقي ۾ بهتر شاعر محبوب سروري هو، ابتدا ۾ آءٌ محبوب کي ضروري اصلاح لاءِ پنهنجو ڪلام ڏيکاريندو هئس. آهستي آهستي ڳالهه سائينِ وڏن تائين پهتي ته مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ منهنجو حلقهء احباب هي (اڳ ڄاڻايل) آهي؛ آءٌ سمجهان ٿو ته 1954ع جي گرمين واري موسم ۾ سائينِ وڏا مون کي پاڻ سان گڏ ڪوئٽا وٺي هليا. اُتي ذڪر نڪتو ته آءٌ شاعري ڪريان ٿو، مون عرض ڪيو ته ”سائين جن مون کي باقاعده استادي ڏين“ پاڻ مهرباني ڪري اها گذارش قبول ڪيئون ۽ منهنجي شاعريءَ جي باقاعدي اصلاح ٿيڻ شروع ٿي وئي. ڪوئيٽا (بولان هوٽل) ۾ ئي سائينِ وڏن مون کي هڪڙي مصرع طرح ”يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم“ ڏني ۽ فَرمايائون ته ”هن تي غزل لکو!“ مون لاءِ وڏي پريشانيءَ جو باعث ٿيو ته لکان ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان؟! ڇا جي ڪري جو غزل لکي سائينءَ جن کي ڏيکارڻو هو ۽ اهو غزل عشقيه لکڻ کان گهٻرايم پئي، آخرڪار هي غزل لکيم ”دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد و غم“ پاڻ غزل ڏسڻ کان پوءِ همت افزائي ڪيئون ۽ بحرووزن وغيره جي سمجهاڻيءَ سان گڏوگڏ ٻه چار اهم نڪتا پڻ سمجهايائون، مثلاً:

(1)  ڪلام ۾ ڪي به غير ضروري لفظ ”يَـرَ“ وغيره زوريءَ ڪم نه آڻجن.

(2) شاعريءَ ۾ پاڻ کي مظلوم، بيمار، ضعيف ۽ بيوس وغيره نه سڏجي بلڪ هميشه حقيقت ۽ هر ڳالهه جو خوشگوار رخ بيان ڪجي وغيره.

       آءٌ پهرين”امين“ تخلص طور استعمال ڪندو هئس، ليڪن بعد ۾ سائينِ وڏن تخلص ”فهيم“ تجويز فرمايو، انهيءَ کان پوءِ ”امين فهيم“ ادبي نالو ٿيو.

       1955ع ۾ اسان (امين فهيم، علي بهادر عڪس، علي احمد شاهه ساقي، امير علي شاهه امير، خورشيد شاهه ساغر، مهر علي تابع سروري وغيره) گڏجي ”بزم امين“ قائم ڪئي، ان جو آئين ٺاهي عمل ۾ آندوسين ۽ باقاعدي طرحي، غير طرحي ۽ في البديهه مشاعرا ڪندا هئاسين، انهيءَ دور ۾ ادا علي بهادر عڪس به پوري شوق سان شاعري ڪندو هو ۽ هر مشاعري ۾ حصو وٺندو هو، سندس ڪلام جو هڪڙو شعر بطور نمونو هتي ڏجي ٿو:

بيحال ”عڪس“ آهيان، ڪيئن مان اميدون لاهيان

تنهنجي دوا ٿو چاهيان، جاني! وڃو جياري

          اڄڪلهه علي بهادر عڪس، امير علي شاهه امير ۽ خورشيد شاهه ساغر شاعري ڪونه ڪن البته ساقي سروري ۽ تابع سروري اڃا به شعر و شاعري ڪن ٿا ۽ قبلا سائينءَ جن وٽ تقريباً هر مشاعري ۾ شريڪ هوندا آهن.

          مون پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل، قطعي، نظم، ڪافي ۽ ڏوهيڙن وغيره کان علاوه قومي جذبات وارا نظم به لکيا، 1965ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، آل سنڌ قومي ترانه جو مشاعرو ڪرايو، جنهن ۾ سڄي سنڌ جي شاعرن حصو ورتو ۽ مون به هڪڙو نظم (اي وطن اي جانِ من) لکيو جيڪو منهنجي خيال مطابق بيحد سٺو نظم هو ۽ انهيءَ کي ڪهنه مشق شاعرن تمام گهڻو پسند ڪيو. اتفاق سان اهو نظم پهرين پوزيشن حاصل ڪري ويو ۽ ان وقت جي حيدرآباد جي ڪمشنر جي اهليه بيگم نياز مون کي باقاعده پهريون انعام ڏنو، آءٌ نهايت نهايت خوش ٿيس، ان کان پوءِ چند مختلف شاعرن، خاص طرح سان هڪڙي دوست جنهن جو تعلق سکر سان آهي، انهيءَ سخت تنقيد ڪئي! چيو ويو ته ”مون اهو نظم پاڻ نه لکيو آهي، ڪنهن کان لکرايو آهي، طرفداري ڪئي ويئي آهي، ججن جو پئنل جيڪو هو سو طرفدار هو ۽ ٻين جو حق ماري مون کي غلط نموني سان پهريون انعام ڏنو ويو آهي.“ مون کي ان جو شديد ڏک پهتو ۽ مون تي ان جو ايترو اثر ٿيو جو انهيءَ کان پوءِ قومي نظم، قومي غزل يا قومي جذبات تي ٻڌل ڪجهه به لکڻ ڇڏي ڏنم.

          هڪڙي دفعي ”ڄام ڏاتار“ تي سائينِ وڏن جي سالگره مبارڪ ملهائي وئي ۽ هڪ شاندار مشاعري جو پڻ اهتمام ڪيو ويو هو، انهيءَ وقت مون هيءَ ڪافي لکي ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائينديس“ ۽ جرات اِها ڪيم جو قبلا سائينِ کان اصلاح ڪرائڻ بغير ئي ڪافي مصري فقير کي ڏنم ته محفل ۾ ڳائي، مشاعري دوران قبلا سائين، ميون محبوب علي، گرامي صاحب، اسد الله شاهه، احسن الهاشمي، فقير سرشار عقيلي وغيره اسٽيج تي ويٺل هئا، پر مشاعري ختم ٿيڻ تي قبلا سائينِ سان گڏ سامهون وڃي ويٺا (مون لاءِ سائينِ حڪم ڏنو ته آءٌ اسٽيج تي ئي ويٺو هجان) محفل شروع ٿي، جنهن مهل انهيءَ ڪافيءَ جو وارو آيو ۽ مصري فقير اِها ڪافي ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪافي ڏاڍي لڳي، مون ماٺ ڪري اسٽيج تان جائزو پئي ورتو ته رد عمل ڇا آهي، ڏٺم ته سائينءَ جن ڪافيءَ کي تمام گهڻو پسند پئي ڪيو ۽ محسوس ٿيو ته ميون محبوب علي  ۽ گرامي صاحب وغيره هڪ ٻئي ۾ چه مگويون پيا ڪن ته اهو ڪلام ڪنهن جو آهي، جڏهن ڪافي پوري ٿي ۽ نالي واري مصرع آئي ته سائينءَ جن پڇيو ته اهو ڪنهن جوڪلام آهي؟ جڏهن معلوم ٿيو ته اهو ڪلام منهنجو آهي ته قبلا سائينءَ جن اسٽيج تي چڙهي آيا اچي منهنجي پيشانيءَ تي چمي ڏنائون ۽ فرمايائون ”بابا، واهه جي ڪافي لکي اٿئي! اسان جو سڄو ڪلام وٺ ۽ اها ڪافي اسان کي ڏئي ڇڏ“؛ قبلا سائينِ طرفان ايڏي سنَدَ ملڻ تي مون کي حد کان وڌيڪ خوشي ٿي.

          منهنجي ڪلام مان چند غزل، چند شعر يا چند قطعا منهنجي پسند جا آهن ۽ وڻندا اٿم انهن کي ورجائڻ ڪونه ٿو چاهيان، سڄو ڪلام پڙهندڙ جي ذوق تي ڇڏڻ چاهيان ٿو.

شعرو شاعري جو سلسلو اڃا به جاري آهي، وقت ماحول ۽ صحبت جي لحاظ کان ڪڏهن غزل ڪڏهن قطعا ڪڏهن ڪافي ۽ ڪڏهن اردو شاعري به ڪئي اٿم، وقت سارو اردو شاعري جدا شايع ڪبي، هن وقت جيڪي آهي سو حاضر آهي.

ڪتاب ”پيغام“ تان کنيل

نعت

 

محمّدصه تنهنجي مي جو مان ٿيس ميخوار بسم الله،

ڀري ساقي پِيالي تي پِيالو پيار بسم الله.

 

شرابِ عشق عربي اڄ پياري مست ڪر اهڙو،

هجي جنهن جو مون کي هر دم نشو نروار بسم الله.

 

گهڙي پل ۾ هتان مون کي گهرائي وٺ مديني ۾،

اهو ڪو معجزو مرسلصه ڪري ڏيکار بسم الله.

 

هئو مشڪل مگر تنهنجي اچڻ کان پوءِ آسان ٿيو،

ڏسي توکي لهي وِيَڙا غمن جا بار بسم الله.

 

سڳوري رات سونهاري ۽ هئي ڪا مهل موچاري.

ڪيم جنهن رات تنهنجو خواب ۾ ديدار بسم الله.

 

سڄڻ قدمن مٿان تنهنجي ٿِيان قربان لک ڀيرا،

ڪيان معلوم جي تنهنجي اچـڻ آثـار بسم الله.

 

”امين“ مشڪل اچي ڪوئي ته پڙهه صلوات سيّد تي،

غم و اندوهه مان ٿي ويندا ٻيڙا پار بسم الله

 

 23نومبر 1954ع

 

 

غزل

 

آهيان اي يار دست به دامان ڪڏهن ڪڏهن،

آخر وڃو وسايان بيابان ڪڏهن ڪڏهن.

 

دلبر ٿئي ٿو وصل جو خواهان ڪڏهن ڪڏهن،

پورو ڪري ٿو منهنجو به ارمان ڪڏهن ڪڏهن،

 

سهڻو ٿئي ٿو منهنجو به مهمان ڪڏهن ڪڏهن،

منهنجي به گهر ٿئي ٿو چراغان ڪڏهن ڪڏهن.

 

مدّت کان پوءِ مون ڏي نگهه ڪيف زا کنيئين،

هو بي وفا به پاري ٿو پيمان ڪڏهن ڪڏهن.

 

هن لءِ سدائين آئون پريشان ٿو رهان،

مون لءِ به هو ٿئي ٿو پريشان ڪڏهن ڪڏهن.

 

ٻيو ڪو مريضِ عشق جو درمان نٿو ٿئي،

خود درد ٿئي ٿو درد جو درمان ڪڏهن ڪڏهن

 

دل ۾ ثنائ يار ته هر دم ڪندو رهيس،

ظاهر ۾ ٿيندو آهيان ثنا خوان ڪڏهن ڪڏهن.

 

آهن اگرچه اشڪ روان پر ٺري نه دل،

”شبنم به ٿي جلائي گلستان ڪڏهن ڪڏهن.“

 

قسمت سان يار قرب ڪري ٿو اچي اڱڻ،

مون وٽ ٿئي ٿي محفلِ رندان ڪڏهن ڪڏهن.

 

شب روز مان ته يادِ صنم ۾ رهان ٿو گم،

مون لءِ به هو ٿئي ٿو پريشان ڪڏهن ڪڏهن.

 

جو دستِ چاڪ ٿو ڪري دامن کي اي ”فهيم“

سوئي بچائي ٿو وٺي دامان ڪڏهن ڪڏهن.

 6نومبر 1958

رات - هالا

 

غزل

اڄ ڪجن سي جرم جن تي خوب جُرمانا هجن،

۽ سڀاڻي هر زبان تي جن جا افسانا هجن.

 

فڪر ڪهڙو حال جي ڪنهن جا فقيرانا هجن،

دل هجي زنده انهي سان شوقَ شاهانا هجن.

 

جان جي بازي لڳائن سر تري تي جي رکن،

سي هلن مون ساڻ جيڪي مرد مردانا هجن.

 

بت شڪنِ خواهش جي هر دم هيءَ تمنّا ٿي رهي،

ڪاش! ڪيئي بت هجن ۽ ڪيئي بتخانا هجن.

 

بندشن اهڙي ته آهي سلب آزادي ڪئي،

تنگ ٿي پنهنجا به چاهن ٿا ته بيگانا هجن.

 

شل وري اهڙو اچي ڪو انقلابِ خوشگوار،

ڇوٽَ ميڪش پيا گهمن ۽ قيد مولانا هجن.

 

لب لبن تي آڻ ڪو جامِ صحت تجويز ڪر،

شرط اهو ناهي ته ڪو هٿ ۾ به پيمانا هجن.

 

عقلمندن جي اڳيان خاموش رهڻو ٿو پوي،

دل چوي ٿي دلربا جي در تي ديوانا هجن.

 

اچ هلون گڏجي اُتي جت روح کي راحت ملي،

محفلِ رندان هجي ۽ راز رندانا هجن.

 

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي،

برهه جي باهين اڳيان پُرجوش پروانا هجن.

 

گردشِ ايّام کي روڪي ڇڏيو اي دوستو!

فڪِر فردا ۾ جڏهن مصروف مستانا هجن

 27جنوري 1981ع

رات- ڪراچي

 

 غزل

 

اسان جي دردِ دل جي حسن وارن کي خبر ڪهڙي،

گلِ پرمرده جي رنگين بهارن کي خبر ڪهڙي.

 

ڪلي، جا گل ٿيڻ کان اڳ گلستان مان ڇني ورتئون،

انهيءَ جي آرزوئن جي بهارن کي خبر ڪهڙي.

 

فسانو، شبنمِ غمگين جي هر دم اشڪِ ريزي جو،

جڏهن گل ئي نٿو سمجهي ته خارن کي خبر ڪهڙي.

 

اکيون ڇو اوچتو ڀرجيو اچن اشڪِ ندامت سان،

ڀلا هن راز پنهان جي ستارن کي خبر ڪهڙي.

 

اٿم جا آرزو دل ۾، جهان وارا نٿا سمجهن،

اهو هڪ مسئلو آهي، سو ٻارن کي خبر ڪهڙي.

 

چوڻ وارن اشارن ۾ چئي ورتو جو چوڻو هو،

سندس مطلب ته مون سمجهيو اشارن کي خبر ڪهڙي.

 

”فهيم“ آخر ۾ ڇا گذريو ٻڏڻ کان پوءِ ڪشتيءَ تي،

اهو گرداب کان پڇبو ڪنارن کي خبر ڪهڙي.

1960

 

غزل

انهيءَ ئي منهنجي حياتيءَ جو قدر ڪو نه ڪيو،

مون جنهن جي ذات کي هر وقت زندگي سمجهيو.

 

هميشه رات جي اونداهين ۾ مون سان مليو،

مون جنهن جي پيار کي پنهنجي لءِ روشني سمجهيو.

 

جهان پيار جي جلون سان تنهنجي آ روشن،

زماني جنهن جي محبّت کي تيرگي سمجهيو.

 

مون پنهنجو سر نه جُهڪايو جو کيس ڏسڻو هو،

انهيءَ عمل کي سڀن آهي همسري سمجهيو.

 

خلوص دل سان ملڻ تو سان منهنجو محفل ۾،

ڏٺو آ جنهن به انهين آهي عاشقي سمجهيو.

 

جڏهن به شرم کان رخسار سرخ ٿيا تنهنجا،

طبع جي تنهن کي سڀن تنهنجي برهمي سمجهيو.

 

اسان جو پيار وڃي پهتو انتها کي ”فهيم“

زماني ساري اڃا تائين سرسري سمجهيو.

 10ڊسمبر 1980ع

رات - ڪراچي

 

غزل

پڇو ڇا ٿا اي يارو! پنهنجي گل جو خار آهيان مان،

انهيءَ سان منهنجو ڇا، جيڪر ٻين تي بار آهيان مان.

 

هميشه يار سان گڏ پر جهان وارن جي نظرن ۾،

فقط هڪڙو ئي گلشن ۾ رهيو بيڪار آهيان مان.

 

سندم هونئن ڪابه وقعت ڪا نه دنيا ۾ رهي ها پر،

طفيلِ يار ئي هردم رهيو نِروار آهيان مان

 

ٻين سان دل لڳڻ مشڪل رڳو هن ڳالهه کان ٿي وئي،

جو مئي عشقِ صنم کان هر گهڙي سرشار آهيان مان.

 

سحر هڪڙي طرح گذري، بدلجي شام آئي آ،

جهان جي هن دورنگي دور کان بيزار آهيان مان.

 

پڇيم تنهنجي چمڻ لءِ ڇو هزارين منتظر آهن،

چيئين ان لاءِ جو پيارن سندو پيزار آهيان مان.

 

مزاجِ يار جو اهڙو ”فهيم“ آهي اثر مون تي،

ڪڏهن اقرار آهيان مان ڪڏهن انڪار آهيان مان.

ڊسمبر 1956ع

غزل

ڀلا سا ڪهڙي محفل جنهن ۾ هو رشڪِ قمر ناهي،

انهيءَ کي هڪ شبِ تاريڪ چئو جنهن جي سحر ناهي.

 

سرِ تسليم خم بس هڪ ئي پنهنجي يار وٽ ٿيندو،

جُهڪي جو جا بجا سو همنشين! هي منهنجو سر ناهي.

 

هُيم جيڪي سو تنهنجي پيش خدمت مون ڪيو سهڻا،

محبت کان مٿي مون وٽ ٻيو ڪو ئي ثمر ناهي.

 

ڪيو تو قيد هڪڙي ئي نظر جي ناز سان دلبر،

جهان ساري ۾ ٻيو ڪنهن کي به تو جهڙي نظر ناهي.

 

سڄڻ پنهنجي لءِ هڪڙو نئون جهان دل ۾ بنايو ٿم،

جتي شاخ و شجر ناهي جتي شام و سحر ناهي.

 

”فهيم“ ان کي ٻڌائين ڇو ٿو دردِ دل جو افسانو،

هجئي معلوم توکان تنهنجو دلبر بي خبر ناهي.

4 سيپٽمبر 1958ع

هالا

 

غزل

تعلّق آهي اهڙو ئي نظر جو ناز وارن سان،

ٿئي ٿو ربط جهڙي طرح لهرن جو ڪنارن سان.

 

ڪڏهن هيئن ڪو نه ٿيو آهي، جو گل دامن ۾ اٽڪي پئي،

مگر اٽڪيو پوي دامن، گلن هوندي به خارن سان.

 

شبِ فرقت ۾ هي رئندا رهيا هو ڦٿڪندا لُڇندا،

ڪئي رشڪِ قمر ڪهڙي نه تارن ۽ ستارن سان.

 

نه گل ۾ بو نه رنگيني جي هُو ناهي ته ڪجهه ناهي،

طبيعت ڪيئن لڳي آخر بهارن سان نظارن سان.

 

عجب جهڙا ٿين ٿا رشتئه تقدير دنيا ۾،

تعلّق ٿئي خزان سان ٿو محبت ٿئي بهارن سان.

 

گذاري رات ساري ميڪشن بيگانگي ۾ ئي،

نه ساقي آيو محفل ۾، نه اڀريو چنڊ تارن سان.

 

گلِ خوش رنگ آخر پنهنجي فطرت تي ئي خوش ٿيندو،

اهو سوچي مان پنهنجو گهر سجايان ويٺو خارن سان.

 

ڪنڊن جي قرب تان صدقي خزان ۾ پڻ جهليئون دامن،

اهي ئي وقتِ مشڪل ٿا نڀائن درد وارن سان.

 

”فهيم“  آهي محبّت جو اثر ميدانِ الفت ۾،

زمين جي خاڪ هوندي گڏ رهون ٿا ماه پارن سان.

21فيبروري 1960ع

رات ڳوٺ مٿوڻ نارو

غزل

ٿيندو رهيس پراڻو محبّت ڪري ڪري،

پٿر جو بت بنيس مان عبادت ڪري ڪري.

 

سارو جهان جنهن جو مخالف رهيو سدا،

گذري حياتي تنهن جي حمايت ڪري ڪري.

 

لمحات زندگيءَ جا گذاريم لڪي لڪي،

اي خوش نصيب تنهنجي زيارت ڪري ڪري.

 

گذرن ٿا  صبح و شام اسان جا فراق ۾،

قرآنِ رنج و غم جي تلاوت ڪري ڪري.

 

تو زندگي به ختم ڪئي پنهنجي اي صنم،

مون جهڙي بي وفا سان محبّت ڪري ڪري.

 

شارح هزار موت جي واديءَ ۾ ويا هليا،

عنوانِ زندگي جي وضاحت ڪري ڪري.

 

ڪعبي منجهان به ڪو نه مليو گوهرِ مراد،

ٿڪجي پياسون نيٺ عبادت ڪري ڪري.

 

افسانئه حيات ڪبو ختم اي ”فهيم“،

يادن جي داستان جي حفاظت ڪري ڪري.

ڪراچي 1976ع

 

غزل

جي پنهنجي واسطي بهتر خدا گهريو ته ملنداسون،

متان دلگير ٿِين دلبر! خدا گهريو ته ملنداسون.

 

اُميد  آهي اڳي وانگر، هلي ايندو سڄڻ مون وٽ،

اڱڻ شل ٻهڪندو ٻيهر خدا گهريو ته ملنداسون.

 

دلِ مضطر ۾ هر دم آرزو آهي ته اي جاني!

رکان پيرن تي تنهنجي سر خدا گهريو ته ملنداسون.

 

اميد اُهي ته روزِ وصل، ايندو جلد هُو دلبر!

نه پوندو وقت وچ ديگر خدا گهريو ته ملنداسون.

 

جدا ٿيندي سڄڻ فرمايو ملنداسون نه دل لاهج،

چيم، جيئن چئو، تيئن ئي بهتر! خدا گهريو ته ملنداسون.

 

”فهيم“ آخر ته آهُون ڪو اثر پيدا ڪري رهنديون،

کُلي پوندو دعا جو در خدا گهريو ته ملنداسون.

 

”فهيم“ اڳتي ته هن کي مون سان ملڻو آهي دنيا ۾،

اثر آهُون ڪنديون آخر خدا گهريو ته ملنداسين.

26 فيبروري 1958ع

رات- هالا

 

قطعات

اڄ وڃا ٿو مان سوئ غيرتِ ماه،

جنهن طرف لءِ سڪي ٿو منهنجو ساه؛

من وڃي اوچتو ملي اي ”فهيم“،

هن جي مون سان ۽ منهنجي هن سان نگاه.

11مارچ 1960ع

شب هالا

قطعات

اي يار وفادار هجئي عيد مبارڪ،

منٺار مٺا يار هجئي عيد مبارڪ؛

هڪ ٻئي کان کڻي دور بظاهر ٿا گذاريون،

پر ڪانهي وٿي وار هجئي عيد مبارڪ.

2مئي 1957ع

هالا

قطعات

بيوفا سان جفا ڪڏهن نه ڪجو،

دوستو هيءَ خطا ڪڏهن نه ڪجو؛

سور سيني کي نيٺ صاف ڪندا،

دردِ دل جي دوا ڪڏهن نه ڪجو.

 18آڪٽوبر 1959ع

شب حيدرآباد

 

اي وطن

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان.

خاڪ تنهنجي کي چمڻ لءِ آسمان جهڪندو رهي

شمس پڻ هر روز سڪ ۾ بي گمان جهڪندو رهي

مهربان جهڪندو رهي نا مهربان جهڪندو رهي

تنهنجي هستيءَ جي اڳيان سارو جهان جهڪندو رهي

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال دولت توتان قربان جسم و جان

توتان قربان ٿيون ٿين دنيا جون ساريون طاقتون

تنهنجي آڏو سر بسجده دشمنن جون قامتون

توسان گستاخي ڪري سي ڪيئن هلائن حجّتون

تنهنجي خدمت ۾ زماني جون رهن ٿيون قسمتون

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

شمس تنهنجي ئي ڪري ٿيو آسمان تي جلوه گر

چنڊ ۽ تارا به آهن تنهنجا محتاجِ نِظر

تنهنجي هر ڪا شام رنگين تنهنجي روشن هر سحر

تنهنجا باشندا گذارين ٿا سدائين بيخطر

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

 

ڪير آهي جو ڪري ڀلجي به توسان همسري

توتي هردم ٿي رهي لطف و عطايء سروري

تون اسان جو ديس توکي ڪيئن ڇڏيندا سون وري

جيئري پڻ توسان آهيون توسان رهنداسون مري

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان

تنهنجي خدمت ۾ رهن ٿيون عظمتون ئي عظمتون

تنهنجي ديوانن ۾ آهن جرئتون ئي جرئتون

طاقتون ئي طاقتون ۽ همّتون ئي همّتون

آزمائي ڪو ڀلي پنهنجون انهن سان قسمتون

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

 

سر بلند آهن سدائين تنهنجا جملي ڪوهسار

ٿا رهن حبِ وطن کان هڪٻئي سان همڪنار

پنهنجو سينو چيري توکي پيش ڪن چشما هزار

تنهنجي خاطر زور تي روڪيو اچن ابرِ بهار

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان

 

زنده باد اي منهنجا پاڪستان پيارا زنده باد

اي عظيم المرتبت اي شان وارا زنده باد

بي ڪسن جا، بي سهارن جا سهارا زنده باد

آسمانِ وقت جا روشن ستارا زنده باد

اي وطن اي جانِ من اي غيرتِ هفت آسمان

توتان صدقي مال و دولت توتان قربان جسم و جان.

1965ع

 

نئون سال

نوان ڏينهن راتيون، نيون روشنايون،

نوان شعر ڪافيون، نوان بيت وايون،

نوان باغ بنگلا هي بستيون ۽ جايون،

نئين سال ۾ سڀ نيون بنجي آيون،

پرين، هو پراڻيون ڇڏي ڏي جدايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

نوان گل چمن ۾ نئون رنگ و بو آ،

صنوبر، سمن، موتيو سرخ رو آ،

نئين سال جي اڄ خوشي سوبسو آ،

مگر مون کي تنهنجي اڃا آرزو آ،

وري پاڻ گڏجي خوشي ڪا ملهايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

خوشيءَ مان وڻن سبز پوشاڪ پاتي،

گلن ساڻ بلبل ملائي ٿي ڇاتي،

مان پايان ٿو تولاءِ جهاتيءَ تي جهاتي،

نه معلوم تو آهي ڇو دير لاتي،

سگهو آ ته بلبل ۽ گل کي سِڪايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون

 

اسين ڪشورِ دل جا سلطان آهيون،

نه ٻي مال و دولت جا خواهان آهيون،

چون ٿا جهان وارا نادان آهيون،

محبت ڪريون ٿا جو انسان آهيون،

غريبي، اميري جا ويڇا وڃايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

هجون پاڻ گڏ زندگي جي سفر ۾،

فضا ۾، بيابان ۾ ۽ بحر و بر ۾،

اگر آهيون بيڪار ڪنهن جي نظر ۾،

ٿئي ڪونه ڪو عيب ٿو هر بشر ۾،

سڀن ۾ ٿين ٿيون برايون ڀلايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

وئي مون کان اڄ اوچتو آه نڪري،

مان ڀايان ٿو توکي ويو آهيان وسري،

گهڙي ڌار تو کان گذارڻ نه سُٿري،

سڄڻ هي به سڪندي ئي ويو سال گذري،

حياتيءَ جون گهڙيون وڃن ٿيون اجايون

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون

 

نهاريو مون شام و سحر تون نه آئين،

قمر آيو، رشڪ قمر تون نه آئين،

اڃا تائين مون کي نظر تون نه آئين،

ٻيا سڀ اچي ويا، مگر تون نه آئين،

مٺا آءُ موٽي ڪري لک ڀلايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

ستارن ۽ شمس و قمر کان لڪي آ،

فلڪ کان ۽ شام و سحر کان لڪي آ،

لڪي آءُ جن و بشر کان لڪي آ،

سڄڻ تون سڀن جي نظر کان لڪي آ،

نه ڪنهن کي ٻڌايون نه ڪنهن کي سڻايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

نئين آئي موسم نوان ٿيا نظارا،

نئون چنڊ نڪتو نوان ڏئي اشارا،

جدائيءَ ۾ مون تان کلن ٿا ستارا،

خدارا وري آءُ پرديس وارا،

ڪري درگذر اڄ ڪچايون ڦِڪايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون.

 

ڀلا ڇو سڄڻ ويٺين وعدا وساري،

هي عاشق اڃا ويٺو راهون نهاري،

”فهيم“ آهي تنهنجي ئي سهڻل سهاري،

پرين جيڪڏهن تون اچين قول پاري،

ته لوڪان لڪي پاڻ محفل مچايون،

نئين سال ۾ اچ نئون نينهن لايون

 5جنوري 1955ع

ٿاڻو بولاخان

 

ڪافي

پهاڙي

ٿل

باغن ۽ بهارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

1-

ڪرڪا وطن تي يار ورڻ جي،

 

پيارا پرين آهي مهل ملڻ جي

 

رنگين نظارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

2-

گل ڦل تنهنجي راهه نهارن،

 

تو لئي رچايو رنگ نظارن

 

پُرڪيف بهارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

3-

محب مٺا اڄ سڀ ڪين آهي،

 

توکان سوا ٻيو ڇا هت ناهي

 

شوقن ۽ شڪارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

4-

پکي پکڻ سڀ گڏجي ڳائن،

 

ماڻهو ملي ٿا خوشيون ملهائن

 

هڪ منهنجي هزارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

5-

هيئن نه مناسب توکي هو پيارا،

 

ويٺين وساري محب موچارا

 

اڄ لاله زارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

6-

پنهنجي ”فهيم“ کي ياد ڪري ڏس،

 

منهنجو جهان آباد ڪري ڏس

 

دل جي ته قرارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

 

 

 

 

 

 23مارچ 1959ع

 5بجي شام هالا

 

ڪافي

 

پهاڙي

ٿل

باغن ۽ بهارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

1-

ڪرڪا وطن تي يار ورڻ جي،

 

پيارا پرين آهي مهل ملڻ جي

 

رنگين نظارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

2-

گل ڦل تنهنجي راهه نهارن،

 

تو لئي رچايو رنگ نظارن

 

پُرڪيف بهارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

3-

محب مٺا اڄ سڀ ڪين آهي،

 

توکان سوا ٻيو ڇا هت ناهي

 

شوقن ۽ شڪارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

4-

پکي پکڻ سڀ گڏجي ڳائن،

 

ماڻهو ملي ٿا خوشيون ملهائن

 

هڪ منهنجي هزارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

5-

هيئن نه مناسب توکي هو پيارا،

 

ويٺين وساري محب موچارا

 

اڄ لاله زارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

6-

پنهنجي ”فهيم“ کي ياد ڪري ڏس،

 

منهنجو جهان آباد ڪري ڏس

 

دل جي ته قرارن ۾،

 

تو ريءَ نه سري سهڻا

 23مارچ 1959ع

 5بجي شام هالا

ڪافي

 

پهاڙي – ڪلواڙو

ٿل

عشق اڻانگو آهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

1-

پروانن جان پاڻ بچائي،

محبّت جو  ميدان ملهائي

 

سِرَ جو سانگو لاهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

2-

حاصل ڪر ڪو حال حقيقي،

واٽ نه وٺجان ورهه بنا ٻي،

 

حرص هوس کي ڊاهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

3-

مرد ٿي محڪم مام ۾ مانجهي

ساجن سارج صبح ۽ سانجهي

 

سندرو ٻڌ جان ساهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

4-

لاشڪ لوچي لالڻ لهندين،

سور جڏهن سَوَ سِر تي سهندين

 

لوڪ لاڳاپا لاهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

5-

پاءِ پرينءَ کي پاڻ ۾ پيهي

ويسلو هرگز ٿيج نه ويهي

 

وار وٿي ڪا ناهي،

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾

6-

عاشق ”امين“ٿي عشق ڪمائج،

پير نه پٺتي، پڙ کان پائج

 

هت رکيو ٻيو ڇاهي؟

رس ڪاهي ڪاهي،

مرد ميدان ۾.

 12اپريل 1957ع

 10بجي رات هالا

متفرقه

اسان جي شهر هالن کي بچائج يا رسول الله،

سڀئي مشڪل غريبن تان هٽائج يار رسول الله.

 

غريبن جا اجها ۽ آسرا محبوب مولا جا،

دکايل درد وارن کي کِلائج يا رسول الله.

 

اسان سڀ ڪجهه ولهن وارث ڪيو تنهنجي حوالي آ،

سڀن جي حال تي گاڏو هلائج يار رسول الله.

 

سوا تنهنجي ٻيو واهر وسيلو ڪير ٿيندوسين،

ڀلارا تون نه هرگز ئي ڀُلائج يا رسول الله.

 

فقط تنهنجي ئي دامن کي جهلينداسون اسين هر دم،

خدارا تون نه دامن کي ڇڏائج يار رسول الله.

 

توّڪل برخدا چئي راهه تنهنجي ڏي وڌيا آهيون،

سنئين رستي تي هاڻي تون هلائج يا رسول الله.

 

اي رهبر آسري تنهنجي تي هلندا ٿا هلون هر دم،

اسان کي تون ئي منزل تي رسائج يا رسول الله.

 

”امين“ جو سائين تون رهبر به تون ۽ آسرو پڻ تون،

قدم پنهنجا ڪڏهن ان وٽ گهمائج يا رسول الله.

 21ڊسمبر 1955ع

هالا

 

متفرقه

سهرا

مبارڪ اڄ ٻڌي آيو سندم جان جگر سهرا

مبارڪ صد مبارڪ جلوه گر ٿيا زيب وَر سهرا

 

ٻڌا پنهنجي هٿن سان جيڪي اڄ ههڙي پدر سهرا

اهي ذي مرتبت سهرا، اهي ئي معتبر سهرا

 

مٿن قوس و قزح قربان، ثريا معترف ليڪن

سندن ئي حسن بي پايان کان آهن بيخبر سهرا

 

رخِ روشن تي ڪا ميري نظر ڪنهن جي متان پهچي

ڪيو بيٺا آهن، اهڙي طرح سينو سپر سهرا

 

نگهه جا تير سهرن جي ڪمين گاهن مان پيا نڪرن

حسينانِ جهان بچجؤ، اٿَوَ هي پُر خطر سهرا

 

لب و رخسار کي اينهين پيا چُهٽي چُمن هردم

سوين سالن کان هن لمحي لئي ڄڻ هئا منتظر سهرا

 

جهڪي ڏاڍي ادب سان ٿا چمن محبوب جي صورت

رکن آدابِ محفل خوب ٿيا مدِ نظر سهرا

 

گلن سان گڏ اَهن پوتل سڀيئي لمحاتِ آزادي

بجا هي خوبصورت، خوبتر ۽ معتبر سهرا

 

چمڪ سونهري تارُن جي ۽ رنگت گل جي، نرگس جي

ڪڏهن شمس و قمر سهرا، ڪڏهن لعل و گُهر سهرا

 

مريضِ عشق جي حالت تڏهن کان غير ٿي آهي

ٻڌي آيو جڏهن کان پنهنجي سر تي ڊاڪٽر سهرا

 

ڏسڻ سان ئي اها بي ساخته دل مان صدا آئي

ٿا سونهن گهوٽ گوهر کي هي خاصا خوبتر سهرا

 

ڪتابي رُخ تي سهرن کي ڏسي اينهين لڳو مون کي

ورق قرآن جو آهي، مٿس زير و زبر سهرا

 

هجن رشڪِ چمن توڙي هجن رشڪِ ثريا پر

رهن ٿا گهوٽ جا هر وقت محتاجِ نظر سهرا.

فيبروي 1983ع

هالا شريف

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org