پِرين
پڳهه ڇوڙيا
محمد عظيم ڪنڀار
الله پاڪ، قرآن مجيد ۾ فرمايو: ”ته جن حق ڳالهه
چئي ۽ ان تي ثابت قدم رهيا، ته اُهي انسان ڀاڳ
وارا آهن.“
نبي آخرالزمان محُمّد مصطفيٰ صلي الله عليہ وآلہ
وسلم جن جڏهن دين مڪمل ڪري اصحابن سڳورن کي خطاب
فرمايو، ته سڀئي اصحابي سڳورا سرها ٿيا. مگر حضرت
ابوبڪر صديق رضي الله عنہ جن غمگين ٿي پيا. ڪنهن
پڇيو ته اداس آهيو؟ پاڻ فرمايو ته: پاڪ پيغمبر صلي
الله عليہ وآلہ وسلم جن جنهن ڪم لاءِ آيا، تنهن کي
مڪمل ڪري هاڻي موڪلائڻ وارا آهن، انهي ڳالهه غمگين
ڪيو آهي.
غوث الحق مخدوم سرور نوح رح جن جي
ملفوظات ۾ آيل آهي ته پاڻ جڏهن هن فاني دنيا مان
وصال فرمايائون ته ان کان اڳين رات سمهڻي نماز
پڙهي مسجد شريف جي در ۽ ديوارن ڏي نهاري،
فرمايائون:
نه سي جوڳي جُوءِ ۾، نه سا سکي چاٽ،
ڪاپڙين ڪنواٽ، وڏيءَ ويل پلاڻيا.
هن بيت کي ٻڌي جيڪي ويجھا ساٿي هئا، تن محسوس ڪيو
ته اڄ سائين ڪا اونهي ڳالهه پيا ڪن، ۽ ائين صبح جو
اهو اطلاع مليو ته، ”پرين پڳهه ڇوڙيا“.
مخدوم سائين محمد زمان طالب الموليٰ رح
جن پنهنجي زندگي جي آخري ايامن ۾ اها خواهش ظاهر
ڪئي ته، ٿر جي طرف پنهنجي روح کي ريجھائجي ۽ پاڻ
1991ع ڌاري، وصال کان ڪجھه عرصو پهرين عمر ڪوٽ کان
کوکرا پار ڏي پرچي جي ڀٽ تي تشريف فرمايائون، ۽
ڪجھه ڪلاڪ پاڻ اتي خدائي مناظرن مان لطف اندوز
ٿيندا رهيا. انهيءَ ساڳئي تسلسل کي قائم رکندي
قبلا سائين مخدوم محمد امين ’فهيم‘ صديقي قريشي
عمر ڪوٽ ۽ ٿر ڏانهن سفر لاءِ اُسهيا، 18 گادي نشين
حضرت مخدوم غوث الحق نوح سرور رح جن پڻ
ٿر جي طرف پنهنجي نه ظاهر ٿيڻ واري تڪليف هوندي به
سانگھڙ کان ٿيندا عمر ڪوٽ لڳ کارڙو چارڻ تشريف
ٿيا.
اگر نڀائڻ جو درس ڏسڻو هجي، ته مخدوم سائين جن جي
”پيغام“ ڪتاب ۾ آيل شاعري پڙهجي، جيئن پاڻ جوانيءَ
جي عمر ۾ فرمايو، تيئن پوري حياتي انهي عمل جو
نمونو رهيا. ڳالهه ڪن ٿا، صبر جي، ته انهيءَ صبر
جي ڪيفيت ۾ رهن ٿا، وري سندس ”پيغام“ ۾ اهو پيغام
شامل رهيو، صبر جي دامن کي نه داغدار ڪيو. يعني
آيت ڪريما تي سئو سيڪڙو عمل ڪندڙ هئا. جڏهن واعدي
وفا جي ڳالهه ٿي چئجي ته اتي جيئن پنهنجي ”پيغام“
۾ فرمايو، ائين انهي تي سئو سيڪڙو عمل ڪري
ڏيکاريو. سائين مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن
فرمائيندا هئا، اگر ڪو هڪ قدم ايندو ته اسان ڏهه
قدم ان ڏانهن ڀرينداسين. پاڻ نه فقط مصروف ترين
زندگي بصر ڪيائون پر ان هوندي، پنهنجي جماعت لاءِ
گھاٽي بڙ جي ڇانوَ مثل هئا. مهربان، ٻاجھارا،
ملنسار ۽ قرب ونڊيندڙ. سندن طبعيت ۾ درياءَ جهڙي
رواني ۽ دليري هئي.
رساله ’سروريه‘ سان محبت جو اندازو انهي ڳالهه مان
لڳائي سگھجي ٿو ته پاڻ پنهنجي فرزند ارجمند مخدوم
عقيل سائين جن کي حڪم ڪيو ته رساله سروريه ۽
لائبريري جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پاڻ ويندس.
21- جنوري 2015ع تي پاڻ ادبي لائبريري قبلا سائين
مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ رح جو
افتتاح ڪيائون ۽ ان سان لڳ عيدگاهه جي لاءِ پيڙهه
جو پٿر رکڻ فرمايو ۽ پاڻ مريدن کي هدايت ڪرڻ
فرمائي ۽ اتان کان کاروڙو سيد ۾ حاجي علي مردان
شاهه وٽ تعزيت لاءِ پهتا، اتي سياسي خطاب ڪرڻ کان
پوءِ حاجي فتح راڄڙ ۾ رات ترسيا، صبح جو شڪار جي
شوق مان لطف اندوز ٿيا ۽ جماعت کي ديدار ڪرائي ۽
صوفين کان ٿيندا، پنهنجي مريد (خادم رونجھي وٽ
تشريف فرما ٿيا) بعد ۾ عمر ڪوٽ ۾ سندن فرزند
ارجمند مخدوم عقيل الزمان وٽ تشريف آندائون.
عمرڪوٽ جي تاريخي ماڳن ۾ اڪبر اعظم جي جاءِ پيدائش
۽ تنهن کان پوءِ عمر ڪوٽ جي تاريخي قلعي جي ميوزيم
۾ تاريخي قلمي نسخه، فارسي ۾ آئين اڪبريءَ جو
مطالعو ڪيائون ۽ پوءِ ائين پاڻ هي آخري سفر ڪندي
ستت ئي پرڏيهه ۾ علاج لاءِ اُسهيا ۽ ڳچ عرصو
پرڏيهه ۾ علاج جاري رهيو ۽ جنوري کان آڪٽوبر 2015ع
تائين لنڊن ۽ دبئي ۾ علاج ڪرائڻ کان پوءِ 26-
آڪٽوبر جي رات 3 بجي ايئر بس وسيلي ڪراچي سائوٿ
سٽي اسپتال داخل ٿيا ۽ 25 ڏينهن تائين اسپتال ۾
زير علاج رهيا، اتي 25 ڏينهن جي عرصي ۾ پوري سنڌ
جا چاهيندڙ، مريد، ۽ خاندان وارن سندن حضور ۾
هَڪيا حاضر رهيا ۽ 21- نومبر 2015ع فجر وقت وصال
فرمايو.
سندن وڇوڙي تي سنڌ سڏڪي پئي. روزنامه اخبار، ٽي.وي
جا چئنل ۽ سوشل ميڊيا پنهنجو فرض نڀايو. اخبارن جا
ايڊيٽوريل ۽ مين سرخيون پڙهڻ سان اهلِ سنڌ وارن جو
جيءُ جھري پيو. سندن ڏک ۽ وڇوڙي جي لهر ساري سنڌ
جي ماڻهن ۾ ورهائجي وئي ۽ ساري سنڌ هالا شريف جو
رخ ڪيو ۽ پنهنجي مخلص مرشد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ
سرور نوح رحمة الله عليہ جن جي شهر ۾ صبح کان ئي
قافلن جي صورت ۾ پهچڻ لڳا.
آخري رسمن ۾ نماز جنازه کان پوءِ، تدفين ۽ پوءِ
دعا خير، کان پوءِ پڌر تي سندن خاندان سان تعزيت
جو سلسلو جاري رهيو. هن ڏکئي وقت ۾ جتي سروري
جماعت جي مخدوم ۽ سياست جي امانت دار (امين) سخن ۽
شاعري ۾ ’فهيم‘. جن جي جدائي جيءُ جھوري ڇڏيو.
قبله سائين مخدوم ظهيرالدين المعروف مخدوم جميل
الزمان سائين 19 هان گادي نشين درگاهه عاليه غوث
الحق مخدوم سرور نوحرحه جن سان ڏک ۾
برابر جا شريڪ آهيون. بارگاهه الاهي ۾ دعا آهي ته
هن وڏي سانحي کي برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽
حضرت مخدوم امين ’فهيم‘ کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا
فرمائي.
سروري گادي جي جانشين لاءِ جماعت جي مختلف خليفن ۽
سرور سائين جي سڀني درگاهن جي سجاده نشينن متفق ٿي
نئين سجاده نشين لاءِ حضرت سيد قبله مخدوم ظهير
الدين المعروف جميل الزمان سائين جن کي 24 پهرن
پڄاڻان 19 هون گادي نشين درگاهه عاليه حضرت غوث
الحق سرور نوح رح اويسي طريقه پيري
مرشدي جي مسند تي فائز ڪيائون. سندن موجودگي ساري
سروري جماعت لاءِ وڏي وٿ آهي. الله پاڪ سندن ۽
سروري جماعت کي روز روشن جيان عيان رکي.
يا خدا، مون لاءِ هن کي ڪجهه سچائي ڏين ته ها،
سنگدل کي اي ڌڻي دل ۾ صفائي ڏين ته ها.
ٽوه سهڻو آ گهڻو ئي، پر ڪسارو ۽ ڪڙو،
حسن وارن کي به ڪا منهن ۾ مٺائي ڏين ته ها.
سڀ ڇڏي ساٿي ويا، ڪنهن کي ٻڌايان حالِ دل،
مون کي هڪڙو هن جهان ۾ حال ڀائي ڏين ته ها.
مرڳو انگريزي پڙهائي تو ڪيو ٿس ترش روُ،
هن کي اي استاد ڪجهه درسِ وفا، ئي ڏين ته ها.
آخري دم پڻ نه ڇڏيئي، حيف توکي دردِ دل،
اُن
جي هڪ نالي وٺڻ جي واندڪائي ڏين ته ها.
هن کي جذباتِ محبت جو ٿئي احساس ڪيئنءَ،
دلربا کي ڪجهه نه ڪجهه دردِ جدائي ڏين ته ها.
منهنجي هن تاريڪ دنيا کي خدا ڪارڻ
”امين“!
اڄ جمالِ حسن سان ڪجهه روشنائي ڏين ته ها.
(مخدوم امين فهيم)
مخدوم امين ’فهيم‘ جو لاڏاڻو
عابده اشرف هالاڻي
سائين قبلا مخدوم امين
’فهيم‘ اڄ جنهن هستيءَ جو نانءُ کڻندي اکڙيون ڀرجيون ٿي پون، دل اندر ڄڻ ڪو طوفان شروع ٿيو وڃي، اهڙي
هستي آهي؛
منهنجي مرشد سائين جي.
تـــــــــــون اڻ لـــــــــــڀ ماڻـــــــــــڪ
موتي،
مان وچ سِير سمنڊ جي،
پروڙي ته ڪيئن پروڙي ”اشرف“،
هـــــــــــئـــــــــــي ڳجهه الله جـــــــــــو.
مون کي ياد آهي اڄ به اها گهڙي، جڏهن
پهريون دفعو مون ڏاڏا سائين جي کي
sms
ڪيو هو، 8-9-2009ع تي ڏاڏا سائين، السلام عليڪم! سائين آءٌ اوهان سان منٽ ڳالهائڻ ٿي چاهيان. ٻي ڏينهن ڏاڏا سائين جن خود مون کي فون ڪئي ته: بابا ڇا مسئلو آهي. منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا. موبائل کي قابو ۾ رکندي، لفظ ڳالهائڻ ۾
ساٿ نه ڏئي رهيا هئا، ته هيڏي وڏي هستي،
منهنجي
sms
تي مون کي فون ڪئي آهي.
پاڻ ڳالهائڻ ۾ ايترا ته مهربان ۽ شفيق هئا
جو
منهنجا سڀ سور، درد ٻڌڻ کان پوءِ چيائون:
ته اوهان پنهنجا ڪاغذات ٽي سي ايس ڪريو، اوهان جو
ڪم ٿي ويندو. ان وقت منهنجي خوشيءَ جي انتها نه رهي ۽ جڏهن مون چيو ڏاڏا
سائين منهنجو گهر وارو به بيروزگار آهي ۽ نه مون
کي ڪا نوڪري آهي، مهرباني ڪري مون کي نوڪري ڏيو،
ته ايڏي قرب عزت سان فرمايائون:
بابا اوهان پنهنجا ڪاغذ جمع ڪرايو، اوهان اسان جا
ٻچا آهيو، جيتوڻيڪ هنن کي اها به خبر نه هئي آءٌ
ڪير آهيان، ڪنهن جو اولاد آهيان، بس اها خبر هئي
ته هالا جي آهيان ۽ آهيان به اوهان جي مريدياڻي.
اوهان جي نظر جي سامهون اچڻ لاءِ،
ڪيڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي آ،
پر اوهان جي لاءِ ڪنهن جي دل ۾،
گهر ڪرڻ ٻن لمحن جي دير هوندي آ.
ان کان پوءِ گهڻائي دفعا سائين جن سان
ڳالهائڻ جي سعادت نصيب ٿي،
مون کي ياد آهي منهنجي ڪم ٿيڻ ۾ ڪجهه ٽائيم لڳو،
هڪ دفعو مون نمبر هٿ ڪري پارليامينٽ هائوس ۾ اجلاس
جي دوران کين
فون ڪئي.
5 منٽ هولڊ ڪرڻ کان پوءِ سائين رابطي ۾ آيا، پر
حيرانيءَ جي ڳالهه اها آهي ته مون کي ڊپ هو ته
ڏاڏا سائين مون کي دڙڪا نه ڏين. هت فون ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، پر پاڻ انتهائي آرام سان پهريان حال
پڇيائون:
بابا ڇا آهي؟
اوهان جو ڪم پراسيس ۾ آهي، ٿي ويندو،
پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه آهي، الله پاڪ ڀلو ڪندو.
انهن جو آواز ٻڌي دل کي ڄڻ راحت ملي ويندي هئي،
هيڏي وڏي هستي ۽ مون کي هيتري عزت ڏيڻ.
فقيرن پٺيان فقيـــــــــــر در تنهنجي آڏو سوالي،
نه ڪو خالي هٽي موٽيو در تنهنجي آڏو
سوالي،
آ بـــــــــــک پـــــــــــيـــــــــــٽ ۾، نـــــــــــه آ ڪپـــــــــــڙو
تن تي،
اچو در جهليو فهيم جو اي مريد هالاڻي،
آهي بيروزگاري، گهر ۾ آهي اوندهه ڪاري،
بس هڪ ڏيو ٿو ٻري اوهان جي نانوَ جي اي امين سائين.
ان کان پوءِ جڏهن نوڪري ملڻ جو ٽائيم
اڳيان هو ته پاڻ سائين جن سندن ماڻهن کان فون
ڪرايائون ته قبلا سائين جن فرمايو آهي ته:
اوهان کي ڪهڙي نوڪري گهرجي.
مون وراڻيو ته ڏاڏا سائين جن کي چئو ته اوهان
منهنجي لاءِ جيڪو به ڪندئو بهتر ڪندئو، جيڪا اوهان
جي مرضي.
هر دفعي منهنجو اهوئي جواب رهيو.
نوڪري ملڻ کان پوءِ مون فون ڪري شڪريو بجا
آندو ته پاڻ فرمايائون:
بابا اهو اسان جو فرض هو، ٿورو نه ڪيو آهي، بس
پنهنجن ٻچن سان خوش رهو ۽ دعا ڪريو.
پاڻ تمام گهٽ لفظ ڳالهائيندا هئا پر جيڪو
به ڳالهائيندا هئا ته سامهون واري ماڻهو کي لاجواب
ڪري ڇڏيندا هئا.
جڏهن هالا ۾ ٻوڏ اچڻ واري هئي ته شهر
واسين لڏ پلاڻ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، جڏهن مون فون ڪري
عرض ڪيو، ته ڏاڏا سائين ماڻهو سڀ لڏين پيا، هالا ۾
ٻوڏ پئي اچي، تڏهن پاڻ فرمايائون: پٽ ڪيڏانهن به وڃڻ جي ضرورت نه آهي جيڪي ماڻهو وڃن پيا، انهن کي به روڪيو، جيستائين آءٌ اچان، ڪيڏانهن به نه وڃو، الله پاڪ تي ڀروسو
رکو.
هڪ ڏينهن گفتگو جي دوران مون عرض ڪيو ته
ڏاڏا سائين منهنجي دل چوي ٿي ته آءٌ اوهان کي هڪ
وڳو گفٽ ڪريان، اگر اوهان کي پسند نه اچي ته ڀلي
ڪنهن ٻي کي ڏجو پر مون کان وٺو، تڏهن پاڻ کي کل
اچي وينِ ۽ فرمايائون: بابا اوهان جي مرضي ۽ گفٽ ملڻ کان پوءِ وري رابطي کان پوءِ
پڇيو ته پاڻ فرمايائون:
”امان مون اوهان جو ڏنل وڳو پاتو آهي.“
ان تي منهنجي اکڙين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽
ڳالهائڻ روئڻهارڪو ٿي ويو.
سائينءَ جن فرمايو ته: بابا مون ته اوهان جي گفت پاتي آهي پوءِ ڇو ٿا روئو. مون چيو سائين ڪٿي اوهان ۽ ڇا منهنجي
اوقات.
پاڻ فرمايائون:
”بابا سڀ ان مالڪ جا بندا آهيون،
اسان
سڀ هڪجهڙا
خلقيل آهيون.“
لڳي ٿو لکن ۾ پنهنجو امين سائين،
غريبن جو هـــــــــــيـــــــــــو يـــــــــــار
امين سائين،
نه هٺ وڏائي، نه اوج تي تاب،
تنهنجو منهنجو مان هيو امين سائين.
اوهان جـــــــــــي فـــــــــــقـــــــــــيـــــــــــري موهي،
9 لکي گودڙي غلام تنهنجي امين سائين،
لکين ڪونڌر ڄڻيا سنڌ جي مائرن،
پر ڏسجي نه ٿو ڪو اوهان جهڙو امين سائين،
ڇا اوهان جي سادگي اي امين سائين،
شرف جي نظر مٿي کڄي نه ٿي،
اهڙو تجلو تنهنجو امين سائين.
سال 2014ع ۾ جڏهن سندن طبعيت ناساز هئي، پاڻ ٻڌايو
هئن ته ڪافي تڪليف ۾ آهن، پر وطن ورڻ کان
پوءِ جڏهن پاڻ کان طبعيت
پڇيم
ته ائين جواب ڏنائون جيئن هڪ والد پنهنجي اولاد کي
ريجهائي رهيو هجي، پاڻ فرمايائون: بابا آءٌ هاڻ
ڪافي حد تائين بهتر آهيان، کاوان پيو، پيان پيو،
ٽيسٽون به نارمل آيون آهن، گهمان ڦران پيو، ڪير به پريشان نه ٿئي،
فڪر نه ڪريو.
ان مهل ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ سائين پنهنجي ٻچن کي
دلاسو ڏئي رهيا آهن ته مون کي ڪجهه به نه ٿيو آهي.
اوهان تي گذري جيڪا
نه ذڪر ڪيو ڪنهن سان
روح سان ڪيو روح جون ريهاڻيون
نه اهي سور سلهڙئي ڪنهن سان
پاڻ باڪمال شخصيت جا مالڪ هئا، هر امير
غريب لاءِ وڏو ڏڍ هئا، جيڪو به گهر کان رسندو هو، اهو وڃي سندن دور جهليندو هو، ان يقين سان گڏ ته هتان
نااميدي نه ملندي، اهڙي ٻي به هڪ ٻه دوست آهي جن
ٻڌايو ته اسان ڏاڏا سائين جن کي عرض ڪيو، انهن
اسان جي تڪليف ٻڌي اسان کي سرڪاري نوڪري ڏني.
پاڻ ڪافي ٽائيم علاج جي لاءِ لنڊن آيل هئا،
سندن مريد انهن کي زيارت لاءِ ڏاڍا جتن ڪندا هئا،
جڏهن مون پهريون دفعو سائين جن کي لنڊن فون ڪئي ته
پاڻ حيران ٿي ويا ۽ کلڻ لڳا.
بابا هت به نه ڇڏيوَ.
پوءِ پڇيائون: طبعيت
ڪيئن آهي، بابا خوش آهيو.
مون کي ايڏي حيراني ٿي ته لنڊن ۾ فون تي منهنجو
آواز به هنن سڃاتو ۽ ايتري عزت ڏنائون.
وس نه هـــــــــــلـــــــــــي
بـــــــــــي وس جـــــــــــو،
آ ڪيڏو نه مـــــــــــجـــــــــــبـــــــــــور انـــــــــــســـــــــــان،
سڀ شيءِ جي ڄاڻ رکندي به،
خطائون ڪيڏيون ٿو ڪري انسان،
ٺهيو مٽيءَ مان آهي، وڃڻو مٽيءَ ۾ آهي،
ته به هٺ وڏائي ڪيڏي ٿو ڪري انسان،
اوهان هئائو الاهي ڪهڙي مٽيءَ جي هستي،
تخت تي ويهندي به رهيائو فقير تن انسان،
اهو سوچيندي پيرن تي وهي ٿي رهي ”شرف“،
ڇا گلن جي خوشبو مان ٺهيو هيو ”اهو انسان“.
مون هڪ دفعوsms ۾ چيو: ڏاڏا سائين اوهان سان رابطي ۾ رهي دل کي سڪون ٿو ملي، اسان اوهان کا بنا يتيم آهيون، اوهان
جهڙو ڪو به نه آهي. پاڻ ان مهل لنڊن مان فوراً فون ڪيائون ۽ فرمايائون: امان دل نه لاهه آءٌ موٽي ايندس.
اوهـــــــــــان چـــــــــــيـــــــــو
هـــــــــــيــــــــو سائين،
آءٌ موٽي اچي ملندس،
جي حياتي وفا ڪئي،
ته وري مرڪي ملندس،
جي ٿي پڄاڻي امين جي،
ته ڪتاب جي هر لفظ ۾ ملندس،
اوهان چيو هو ته سائين موٽي ملندس.
ڏٺو وڃي ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو تمام گهٽ
آهن جيڪي
ايترو
بلند هوندي به ڪنهن غريب کي عزت ڏين.
ايترو مصروف هوندي به پنهنجن مريدن، عام
ماڻهن کي ٽائيم ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن به ناراض نه
ٿيندا هئا، صرف هڪ دفعو مون هنن کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو
جڏهن مون عرض ڪيو بابا سائين اوهان
جا
فلاڻا فرزند ڪم نه ٿا ڪن، ستائي ستائي ٿڪجي پئي
آهيان،
پر منهنجو ڪم اڃا نه ٿا ڪن. تڏهن پاڻ ناراض ٿي
ويا، ان وقت سندن آواز ۾ ڏک جي جهلڪ اچي رهي هئي،
ان ٽائيم تي مون کي محسوس ٿيو ته بابا سائين
پنهنجن مريدن لاءِ پنهنجي اولاد کي به ڇڏي ٿا ڏين.
اي موج صبا تون ئي ٻڌائي کڻي،
اهي ماڻهو ڪيڏانهن هليا ويـــــــــــا،
جن کي ڏسڻ سان نيڻ ٺرندا هئـــــــــــا،
جن کي ٻڌڻ سان راحت ملندي هئي،
جن جي موجودگيءَ سان سرهاڻ لڳندي هئي،
اي موج صبا توئي ٻڌائي کڻي،
اي پـــــــــــڳـــــــــــدار ڪيڏانهن ويـــــــــــا،
اي غمگسار ڪيڏانهن ويـــــــــــا،
اهي منٺار ڪيڏانهن ويـــــــــــا.
پاڻ ڪڏهن به اهو محسوس نه ڪرائيندا هئا ته
پاڻ ڪيڏي تڪليف ۾ گذري رهيا آهن.
جڏهن پاڻ ٽي.وي
تي ايندا هئا ته هالا شهر جون پوڙهيون، پڪيون،
ننڍيون، وڏيون
عورتون پنهنجي گهر جا ڪم ڪار ڇڏي اچي ٽي.وي تي ويهنديون هيون ته ڏاڏا سائينءَ جن ٽي.وي
تي آيا آهن، هر دل ۾ رهڻ
وارا انسان هئا جڏهن اها خبر پئي ته سندن حالت صفا
نازڪ ٿي وئي آهي ته ڪا اک اهڙي نه هئي جنهن جا لڙڪ
نه ڪِريا
هجن، سوين ماڻهو اهڙا هئا جن جي گهر ۾ سڄو ڏينهن
ماني کائڻ ياد نه هئي، لکين هٿ سندن ڊگهي ڄمار جي
دعائن لاءِ کنيا ويا،
پاڻ اهڙو پيارو انسان هو.
تعلق مختصر صحيح، پر سٺو رهيو،
اوهان سان گفتگو وارو لمحو سٺو رهيو،
سِکيو ٻن لفظن ۾ زندگيءَ جو مقصد،
اوهان کان ٻڌايل انهن اکرن جو احساس سٺو رهيو،
زندگي جي ڪتاب ۾ صرف اهو لکي،
ســـــــــــگـــــــــــهـــــــــــيـــــــــــاســـــــــــيـــــــــــن اشـــــــــــرف،
مضبوط هستي سان ناتو ڏاڍو ڪمزور رهيو،
اسين اوهان جا، اوهين اسان جا،
فـــــــــــلـــــــــــســـــــــــفـــــــــــو اهـــــــــــو
ســـــــــــٺـــــــــــو لـــــــــــڳـــــــــــو،
اوهـــــــــــيـــــــــــن
ويـــــــــــائـــــــــــو هـــــــــــلـــــــــــي،
اســـــــــــيـــــــــــن
رهـــــــــــيـــــــــــاســـــــــــيـــــــــــن اڪـــــــــــيـــــــــــلا،
ڌڪ اهـــــــــــو ســـــــــــڌو
دل کـــــــــــي
لـــــــــــڳـــــــــــو.
اڄ جڏهن سائين جن جي باري ۾ لکڻ ويٺي
آهيان ته ايترا لفظ نه لکيا آهن، جيترا لڙڪ وهيا
آهن، هاڻ جڏهن منهنجو 5 سالن جو ننڍڙو پٽ چوي ٿو
ته امي هاڻ پاڻ اسلام آباد نه هلنداسين، هاڻ ڏاڏا
سائين ته آهن ڪونه، هاڻ ڪنهن وٽ هلنداسين،
تڏهن اندر جهڙو ڏريو وڃي ته منهنجي ننڍڙي معصوم
ٻچڙي کي به منهنجي مرشد سان
هيتري محبت
آهي.
نه اسان ڪي اديب آهيون، نه ڪي شاعر آهيون، پر ڏاڏا سائينءَ جي قرب، محبت، مان اسان کي به لکڻ سيکاري ڇڏيو، جڏهن به
پنهنجي منهن ويهون ٿا،
انهن جي ياد ڪجهه نه ڪجهه لکڻ تي مجبور ڪري ڇڏي
ٿي.
ڪئي جي حـــــــــــيـــــــــــاتـــــــــــي مـــــــــــون ســـــــــــان
وفـــــــــــا،
تنهنجو نـــــــــــانءُ کـــــــــــڻـــــــــــي لـــــــــــبـــــــــــن
تـــــــــــي،
ملـــــــــــڪـــــــــــان
مـــــــــــلـــــــــــڪـــــــــــان
ڏوريـــــــــــنـــــــــــدس،
اوهان جهڙو مرشد ملين ڪو ڪرڙون ۾،
مل ڏيئي جي روشني ۾ هر گهٽي اورانگهيندس،
متان ملي ڪٿي اوهان جي ڇپر ڇانو،
اهـــــــــــڙو مٽـــــــــــيءَ
جـــــــــــو
ذرو مـــــــــــان ڳولهيندس،
وســـــــــــاري نه وســـــــــــري
سگهندي،
اي امـــــــــــيـــــــــــن
ســـــــــــائـــــــــــيـــــــــــن،
مان در در تنهنجي شهر جو واجهائيندس،
روح نه ٿـــــــــــو ريجهي ”شريف“ جـــــــــــو
هـــــــــــاڻ،
مـــــــــــان ڪيئن اوهـــــــــــان بـــــــــــنـــــــــــا گهاريندس.
منهنجي 9 سالن جي نياڻي اڄ به مون کي ڏسي
اهو سوال ٿي ڪري ته امي
ڇا ڏاڏا سائين هاڻ ڪڏهن به واپس نه ايندا، پوءِ
اهي توهان مون سان ڪوڙو واعدو ڪيو ته آءٌ اوهان کي
سائين جن سان
ملائينديس
ته ڇا امي هاڻ آءٌ ڪڏهن به ڏاڏا سائين جن سان نه
ملي سگهنديس ۽ جواب ۾ منهنجي خاموشي منهنجي نياڻي
کي به خاموش ڪرايو ڇڏي.
اڄ وري نانءَ اوهان جو لبن تي آيو،
اڄ وري ياد اوهان جي موٽي آئي،
ٻڌايو هو سڄڻن امين سائين هليو ويو،
ان مهل ڄڻ ڪا اونداهه ڪاري هئي،
ڄڻ ڪا ٿي قيامت برپا هئي،
اڄ وري نانءُ اوهان جو لبن تي آيو،
اڄ وري ياد اوهان جي موٽي آئي،
هڪ جبل ڄڻ سيني تي ڪري پيو،
جنهن مهل مون ٻڌو اهو،
ڪنن تي ڄڻ تاڙي پئجي وئي،
جنهن مهل ٻڌو مون اهو،
اڄ منهنجو غمگسار هليو ويو،
اڄ منهنجو مرشد هليو ويو.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي جڏهن مون کانئن سوال
ڪيو:
بابا سائين اوهان کي ڪيئن ٿو ٽائيم ملي، سڀني
ماڻهن کي ٻڌڻ جو ۽ وري انهن جا مسئلا ائين حل ڪرڻ جو. پاڻ فرمايائون: بابا هيءُ
جيڪو وقت آهي نه اهو وڏو استاد آهي ۽ هيءَ
جيڪا پڳ پوشي آهي نه، اها انسان جي طبعيت
۾ فقيري، رحم، محبت کڻيو ڇڏي، منهنجن پٽن کان ڪافي
ماڻهن کي شڪايت رهندي آهي، پر مون کان پوءِ اهي سڀ اوهان کي مون
جهڙا نظر ايندا.
ڏاڏا سائين جن جي شخصيت جي باري ۾ جيترو لکجي،
اهو گهٽ آهي.
انهن جي فقيريءَ جو هڪ ثبوت اهو به آهي، ته جڏهن هالا ۾ ٻوڏ جا امڪان هئا ۽
رمضان شريف جي مهيني ۾ پاڻ بند تي بيٺل هئا ته اتي
جي هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته ڏاڏا سائين جن مون کي
سامهون ڏٺو ۽ فرمايائون ادي روزي رکڻ لاءِ ماني جو
ٽڪر هوندو اوهان وٽ،
ته ان عورت وراڻيو:
سائين ماني ته آءٌ اوهان کي پچائي ٿي ڏيان پر کير
نه آهي جو چانهه ٺاهيان، پاڻ فرمايائون: سليماني چانهه سان، ان عورت کان پيالو وٺي چانهه ماني کائي
روزو رکيائون ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ان ئي
عورت کي 500
روپيا
خرچي ڏياري موڪليائون، سائين ڪنهن جو به ٿورو نه
کڻندا هئا، بس قدم قدم مهربانيون ڪندا ويندا هئا.
نئــــــــــــون ڏک انــــــــــــدر
کي ڏيــــــــــــاري
هليــــــــــــو
ويو
هــــــــــــڪ درد وري جــــــــــــاڳائــــــــــــي
هليــــــــــــو
ويو
هئن حســــــــــــن اخــــــــــــلاق
اهــــــــــــڙو
سندن
جيئارا ڄــــــــــڻ مـــــــــاريندي
هليو ويـــــــــو
نه آهــــــــــــي شــــــــــــرف
هــــــــــــن جــــــــــــرم ۾ اڪيلو
قرب جا پاڻ سب ڪجهه اهڙا ڏياري هليو ويو
نــــــــــــه ڪــــــــــــو
مـــــــــوٽيو آ نــــــــــــه موٽنــــــــــــدو
وري
يادگيرن جا احساس ڪجهه اهڙا ڏياري هليو
ويو
وڇوڙو سندن آهي هر روح لاءِ ڄڻ هڪ زخم
اهڙو پيارو جو ناتو هو ڪنهن سان نڀائي
هليو ويو
اوهان بنا ڪيئن سرندي، سمجهه اچي ئي نه
لــــــــــــڙڪ لــــــــــــڙڪ
پٺيـــــــــان
لــــــــــــڙڪ وهـــــــــي ٿـــــــــو
اهو راز پــــــــــــروڙجي ئــــــــــــي
نــــــــــــه ٿـــــــــو
اوهان ڇا هئائون، نه ڄاتو ڪنهن ٻـــــــــي
اندر مــــــــــــان نڪرندي رينهن جهلجي نه ٿي
اوهان ته ويائـــــــــو پنهنجو وقـــــــــت نڀائـــــــــي
اي امين فهيم منهنجي ته تو بن سري ئي نه
ٿي
ڇــــــــــــا هيــــــــــــري
ماڻــــــــــــڪ
هستي هئين
دنـــــــــيـــــــــا
هـــــــــي راز سمجهي نه سگهـــــــــي
ڇــــــــــــا ڪــــــــــــري
هــــــــــــي بــــــــــــي وس ”اشرف“
هاڻ
جنهن جي لڙڪن جي قار جهلجي نه ٿي.
اسان اها ئي دعا ڪنداسين ته رب پاڪ پنهنجي محبوب
جي
صدقي،
سائينءَ
جن کي جنت الفردوس ۾ جڳهه عطا فرمائي جن جي هجڻ
سان ڪيترن ئي گهرن جا ڏيئا ٻرڻ لڳا، رب پاڪ کين
ائين روشن گهر عطا فرمائي ۽ الله پاڪ اسان غريبن
۽
يتيمن جي دعائن سان سندن ڪبيرا، صغيرا
گناهه
معاف
ڪري
۽ ان سان گڏ اسان اها به دعا ڪنداسين ته
رب پاڪ جميل سائين جن کي ڏاڏا سائين جن جي نقش قدم
تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي، آمين.
غزل
ڇا عشق آهي شڪوه شڪايت جي واسطي،
منهنجي به آهي ماٺ عدالت جي واسطي.
ابرو جي سيف ساڻ ڪندس اڄ مقابلو،
هر دم تيار آهيان شهادت جي واسطي.
هڪ پَلَ
۾ ئي رقيب جي ڇڏيان ڳچي پٽي،
پر
ترسيو آهيان تنهنجي اجازت جي واسطي.
گلشن ۾ خوب بادِ صبا ٿي گهمي
مگر،
بادِ خزان به آئي بغاوت جي واسطي.
غم، درد، سوز،
رنج و الم بيقرار دل،
ڪافي ثمر آ، روزِ
قيامت جي واسطي.
هن ڏي نياز نامه کڻي اڄ لکان مگر،
آڻيان ڪٿان مان لفظ عبارت جي واسطي.
تعريفِ
حسن آهي عبادت سچي پچي،
انسان ٿيو آ پيدا عبادت جي
واسطي.
اڄ تشنه
لب کي جامِ محبّت پِيار
تون،
آهيان اميدوار عنايت جي واسطي.
مَهندار مدني
مير محمّدصه،
امين کي،
هر دم رهي ٿو شوق زيارت جي واسطي.
سمجهي امين توکي ڏنم پنهنجي دل کڻي،
عزت اها ئي آهي امانت جي واسطي.
پرده نشين کي چئجو محمّد امين روز،
آيو ٿي صبح و شام زيارت جي واسطي.
(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)
17آگسٽ 1954ع
هالا |