سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:15 

مخدوم امين ’فهيم‘ جو  لاڏاڻو

 

الله بچايو ميمڻ

اڄ ننڍي کنڊ بلڪه ايشيا جي رهواسي لاءِ هڪ وڏي ۽ دکدائڪ خبر لکين ماڻهن جو جيءُ جهوري وڌو آهي. هزارين اکيون آليون آهن ۽ محبت، ميٺاج، انسان دوست، ڏک سک ۾ ڇپر ۽ ڇانوَ ڏيندڙ، علم پرور سروري خاندان جي اهم شخصيت، سروري جماعت جي روحاني پيشوا ۽ ملڪ جي وڏي سياسي پارٽي، پاڪستان پيپلز پارٽي (پارليامينٽيرين) جو صدر مخدوم محمد امين ’فهيم‘ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

انسان خاڪ جو پتلو آهي ۽ هڪ نه هڪ ڏينهن ان مٽيءَ جي مانڊاڻ جو انت اچڻو آهي. اڄ کان 76 ورهيه اڳ سنڌ جي عظيم شاعر، عالم، اديب ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي پهريون فرزند ارجمند پيدا ٿيو، جنهن جو نالو مخدوم محمد امين رکيو ويو. سروري خاندان ۾ اڳ به ڪجهه بزرگ محمد امين جي نالي سان گذري چڪا آهن. جهڙوڪ محمد امين پکن ڌڻي وغيره.

مخدوم محمد امين علم و ادب جو شوقين ۽ شاعريءَ سان چاهه رکندڙ انسان هو. سندس تخلص ”فهيم“ هو. پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ جي زير تربيت رهي، هُن خانداني طور طريقن ۽ ريتن رسمن کان وڏي ڄاڻ حاصل ڪئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کيس گهڻو ڀائيندو هو ۽ سندس مستقل مزاجي، بردباري، سچائي ۽ پرعزم ارادن کي ساراهيندو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو به سندس وفاداريءَ ۽ مشاورتي ذهن کي پسند ڪندي هئي ۽ هُو بي بيءَ جي قابلِ اعتماد ساٿين مان هڪ هو. ايستائين جو کيس ٽي چار ڀيرا اهم عهدن ۽ ذميوارين جي آڇ ڪئي وئي، پر هن پارٽيءَ جي مفاد ۾ اهي آڇون رد ڪري ڇڏيون. هُن جنرل پرويز مشرف (اڳوڻو صدر) پاران وزيراعظم جي عهدي لاءِ ڏنل آڇ کي به ٺڪرائي ڇڏيو، جيتوڻيڪ جنرل پرويز مشرف سندس دوستن مان هو. هڪڙو واقعو ٻڌايان:

”ميان محمد نواز شريف جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿيو ته ان وقت ڄام صادق علي سنڌ جو وزيراعليٰ هو، ڄام صاحب وزيراعظم پاڪستان نواز شريف کي راضي ڪيو ته مخدوم طالب الموليٰ هڪ شريف النفس، سادو ۽ نرم طبعيت انسان آهي، ان کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏبي ته هو ها ڪري وجهندو، جنهن سان سنڌ ۾ نواز ليگ کي مضبوط بڻائي سگهجي ٿو. ميان صاحب راضي ٿي ويو ۽ مخدوم صاحب جي عيادت، طبعيت پڇڻ ۽ چانهه پيئڻ لاءِ ڄام صادق علي وقت ورتو. پروگرام طئه ٿيو ۽ ميان صاحب، وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق عليءَ سان گڏ ڀٽ شاهه هيلي پيڊ تي لٿو ته مخدوم خليق الزمان ۽ انتظاميا سندن آجيان ڪئي. مخدوم هائوس پهچي وزيراعظم، مخدوم صاحب جي عيادت ڪئي ۽ کيس پيپلز پارٽي ڇڏي مسلم ليگ نواز ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. مخدوم صاحب سوچڻ لاءِ وقت گهريو.

ڪجهه وقت کان پوءِ ڄام صاحب مخدوم طالب الموليٰ کان رضامندي پڇي ته وزيراعظم صاحب اچڻ چاهين ٿا. هڪ ٻه ڀيرا ته مخدوم طالب الموليٰ ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان معذرت ڪئي پر نيٺ ڄام صاحب، ملاقات جو پروگرام زبردستي رکرايو. ميان صاحب هالا پهتو ۽ مخدوم صاحب جي آجيان طالب الموليٰ جي فرزندن ۽ خليفن ڪئي، پڇا تي معلوم ٿيو ته مخدوم صاحب (طالب الموليٰ) جي طبعيت ناساز آهي، ان ڪري ملي ڪونه سگهندا. وزيراعظم نواز شريف ۽ ڄام صادق علي واپس روانا ٿيا. وزيراعليٰ سنڌ ڄام صادق علي رات جو فون ڪري سلام دعا ڪئي ۽ کين ميان صاحب جو پيغام ٻڌايو. مخدوم طالب الموليٰ ڄام صاحب کي چيو ته:

”ڄام صاحب، توهان کي اسان جي اصولن ۽ سياسي وفاداريءَ جي ڀليءَ ڀت پروڙ آهي، اسان ذوالفقار علي ڀُٽي سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو هو، سو هاڻي اسان وچئين (عصر) تي روزو ڪونه ڀڃنداسين.“

مخدوم امين ’فهيم‘ به وفا ۽ سچائيءَ جو پيڪر هو ۽ هُن پيپلز پارٽيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيون، خاص طور تي شهيد بينظير ڀٽو جي جلاوطنيءَ واري دور ۾ مخدوم امين ’فهيم‘ پارٽيءَ جي قيادت سنڀالي ۽ هر ڏکئي وقت ۾ پارٽيءَ کي احسن طريقي سان سنڀاليو.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي حياتي، خدمتن ۽ ڪردار تي هڪ جامع ۽ مفصل مضمون لکندس، جنهن ۾ خاص طور تي وزارت مواصلات، ريلوي ۽ شپنگ واري دور ۾ بطور پي.آر.او ٽو منسٽر ڪميونيڪيشنز احوال کان آگاهه ڪندس. مخدوم امين ’فهيم‘ جهڙيون شخصيتون صدين ۾ پيدا ٿينديون آهن. الله تعاليٰ کين جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري. (آمين).

غزل

سنگِ در تي گذارڻو آهي،

پنهنجي دل کي ڌتارڻو آهي.

 

عشق پنهنجو اجارڻو آهي،

وعدهء وصل پارڻو آهي.

 

ڪشتي ساحل تي ڪنهن طرح نه رسي،

اهڙو طوفان اٿارڻو آهي.

 

ڇو نٿو روبرو ڪرين وعدا،

توکي شايد وسارڻو آهي.

 

جيئن به گذريو گذاربو رهبو،

وقت آخر گذارڻو آهي.

 

ڇو نه دنيا جو ذرو ذرو ڏسون،

نور آهي نهارڻو آهي.

 

پهرين ساقي پيار واعظ کي،

سر تان آفت کي ٽارڻو آهي.

 

وعدهء وصل منهنجا ماه جبين،

پار اڄ ئي، جي پارڻو آهي.

 

ان جوئي ٿي گذاربو اي ”فهيم“،

پنهنجو وعدو ته پارڻو آهي.

(مخدوم محمد امين ’فهيم‘)

1960

سنڌ جي وفا شعار هستي

مخدوم محمد امين ’فهيم‘

 

 

 

 

عبدالقادر قادري کٽي

 

حضرت شاهه عنايت رضوي نصرپوريرحه، جي 12 گادي نشين قبلا سيد علي نواز شاهه رضويءَ کي پڳ ٻڌائڻ جي رسم واري تقريب ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آءٌ قبلا سائين سيد اسد علي شاهه قائم مقام گادي نشين درگاهه حضرت شاهه ڪريم رحه بلڙي ۽ گادي نشين حضرت سخي شاهه محمد شاهه جيلاني (لڳ ميرپوربٺورو)، پير سائين قلندر بخش شاهه المعروف پير ابو شاهه جيلانيءَ سان گڏ شاهپور رضويه (ٽنڊوالهيار-ٽنڊو آدم روڊ تي 4 ڪلوميٽر) پهتو هئس. وڏو اجتماع هو. حضرت ميين شاهه عنايت رضوي رحه المعروف ميون عنات، رضوي شاهه پوٽا خاندان جو جدِ اعليٰ، هئا. لکين مريدن جا مُرشد، ڪيترا مريد ۽ شاهه پوٽا خاندان جا فرد ته موجود هئا، پر سنڌ جي گهڻو ڪري سمورين درگاهن جا جانشين ۽ گادي نشين به موجود هئا، پر منهنجون اکيون ان صورت جي ديدار لاءِ آتيون هيون، جنهن جي وفا جي واکاڻ تاريخ جو هڪ حصو آهي. جنهن جي نَوَ لکي گودڙي ۾ شامل نه رڳو اڻ ڳڻيا مريد ۽ معتقد هئا، پر پيڙهين کان وٺي شعر و سخن ادب ۽ علم به سندن خانداني ورثو بڻيل هئا. مخدوم امين محمد امين. مخدوم طالب الموليٰ... ۽ پاڻ مخدوم امين فهيم.... پوءِ سندن لائق فرزند مخدوم جميل الزمان... ۽ پوءِ اوسيئڙي جا پل پورا ٿيا.... اکين جي اُڃ اُجهاڻي ۽ پاڻ تشريف فرما ٿيا. قداور شخصيت اکين ۾ ذهانت ۽ احساس شناسيءَ جي روشني. پاڻ حضرت مخدوم سرور نوحرحه هالا. جي گاديءَ جا 18، گادي نشين، پيپلز پارٽيءَ پارليامينٽيرين جا صدر، هڪ دور جا عظيم شاعر، ۽ سدائين MNA رهيا. سيد علي نواز شاهه رضوي (تن ڏينهن ۾ صوبائي وزير ٻيلو کاتو) سندن لائق فرزند ۽ هاڻوڪو MPA سيد ضياء عباس شاهه، شاهه پوٽا خاندان جي بزرگ شخصيت اڳوڻو ايم.اين.اي. سيد خادم علي شاهه. مشهور ليکڪ ۽ براڊ ڪاسٽر سيد ماڪن شاهه رضوي، سيد شاهجهان شاهه، قبلا سيد اسد علي شاهه، نصير مرزا سان گڏ مون به مخدوم سائينءَ جي آجيان ڪئي. ساڻن منهنجي اها آخري ملاقات هئي.

مخدوم محمد امين فهيم، جي عظيم شخصيت ۾ سندن وفا جي وچن ويتر رنگ ڀري ڇڏيو هو. پاڻ 17- جمادالثاني 1358هه مطابق 4- آگسٽ 1939ع جمعي ڏينهن، عظيم شاعر ۽ لکن مريدن جي روحاني اڳواڻ قبلا حضرت مخدوم محمد الزمان طالب الموليٰ جي گهر ۾ جنم ورتائون. اوائلي تعليم، قرآن مجيد، چار سنڌي درجا پنهنجي ئي حويلي، نوان هالا ۾ حاصل ڪيائون، مئٽرڪ مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول هالا، انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا نوان، بي.اي به ساڳئي ڪاليج مان. ايم.اي، ايل.ايل.بي ۽ ايم.اي پولٽيڪل سائنس سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد مان ڪيائون. 1952ع کان شعر و سخن جي ميدان ۾ داخل ٿيا.

وعدو ڪجي ته اهڙو ڪجي، جنهن کي پار جي،

سو قول ڪهڙو جيڪو ڪري پوءِ وسارجي،

دنيا ۾ اعتبار وڏي ڳالهه آهي دوست!

ڪنهن جو اجايو پاڻ ڏي شڪ ڇو اُٿارجي،

الفت کڻي هجي نه هجي، من ثواب لئه،

ڪنهن بيقرار جي دلِ ”غمگين“ ڌُتارجي.

پاڻ سياسي پنڌ جي شروعات 1966ع ۾ هالا ٽائون ڪميٽيءَ جي چيئرمن جي حيثيت سان ڪيائون. 1970ع ۾ MNA بعد ۾ 1988-1990-1993-1997-2002-2008 ۽ 2013ع جي چونڊن ۾ MNA چونڊيا ويا. 2013ع جي چونڊن ۾ هڪ ئي وقت صوبائي توڙي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. پاڻ تعليمي حوالي سان ايجوڪيشن سوسائٽي هالا جا نائب صدر ۽ اورينٽل ڪاليج هالا جا به وائيس پريذيڊنٽ رهيا. پاڻ سنڌ ۾ هاڪاري ادبي تنظيم بزمِ طالب الموليٰ قائم ڪيائون ۽ ان جا صدر رهيا. سندن شاعري جو مجموعو ”پيغام“ 1990 ۾ ڇپيو. پاڻ شاعري، ادب، سنگيت، فوٽوگرافي ۽ شڪار جا شوقين رهيا.

سندن پهرين شادي ناناڻن مان، اڇ شريف، جي ماڳ تان صرف 19 سال جي ڄمار ۾ ٿي. کين 7 فرزند مخدوم ظهير الدين مخدوم جميل الزمان، مخدوم فتح محمد، مخدوم شڪيل الزمان، مخدوم نبي بخش مخدوم عقيل الزمان، مخدوم ابونجيب (مخدوم نجيب الزمان) جو اولاد ٿيو.

پاڻ پنهنجي والد محترم حضرت مخدوم طالب الموليٰ جي وصال کان پوءِ، حضرت مخدوم نوح سروررحه جي 18 گادي نشين طور ذميواريون سنڀاليون ۽ 22 سال گادي نشين رهيا. پاڻ شروع کان ئي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ ۾ رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان کان پوءِ سندن عظيم نياڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو سان به ڀرپور ساٿ نڀايائون. پيپلزپارٽيءَ تي آمرانه حڪومتن جي وقت ۾ ڏکيا ڏينهن آيا ۽ شهيد محترمه، جلاوطني اختيار ڪئي، ته هتي ملڪ اندر پاڻ پيپلز پارٽيءَ کي سنڀاليائون کين ڪيترا ڀيرا وفاداريون تبديل ڪرڻ عيوض وزارت اعظميٰ جون آڇون ٿيون، پر پاڻ وفا جا وچن قائم رکندي اهڙين پرڪشش آڇن کي ٺڪرائي ڇڏيائون ۽ شهيد محترمه جي شهادت وقت به ساڻس گڏ رهيا. محترمه جي شهادت کان پوءِ به پاڻ انيڪ فريبڪاريون محسوس ڪندي به آخري وقت تائين پيپلزپارٽيءَ ۾ ئي رهيا ۽ وفائون ڪندا رهيا.

اهڙين حالتن ۾ سندن صحت خراب ٿي پئي. پاڻ علاج خاطر لنڊن ۽ دبئيءَ به ويا، پر ڪنهن ڦڪيءَ فرق نه ڪيو. نيٺ پاڻ تاريخ 8- صفرالمظفر 1435هجري مطابق 21- نومبر 2015ع ڇنڇر ڏينهن 76 ورهين جي ڄمار ۾، سائوٿ سٽي هاسپيٽل ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائون. کين مخدوم سرور نوحرحه جي پيراندي پنهنجي والد جي ڀر ۾ هالا اندر دفن ڪيو ويو. سندن جنازي ۾ لکن جي ڳاڻيٽي ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي جڏهن ته ملڪ جون ڪيتريون قداور شخصيتون سندن جنازي نماز توڙي عذرخواهيءَ لاءِ تڏي تي پهتيون.

هوا اهڙي لڳي جنهن ڪونه ڇڏيو گُل زماني ۾،

رهيا باقي وڃي اڄ خار منهنجي آشياني ۾

رڳو تنهنجي ضرورت آهي دل کي هونئن ته اي دلبر،

ڏکن دردن جي دولت ڪافي آ دل جي خزاني ۾.

(مخدوم امين فهيم)

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي!

 

ستار بروهي

 

اصولن واري سياست جو اهو ”امين“ ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو انتهائي اعتماد جوڳو ساٿي مخدوم امين ’فهيم‘ هاڻي اسان ۾ ناهي رهيو...اها خبر ڇنڇر واري ڏينهن صبح جو سماعتن تائين پهتي ته دل ۾ ڄڻ ته سوڳ جو حشر برپا ٿي ويو... هونئن ته موت برحق آهي پر ڪي موتَ، اندر ۾ وڍ وجهي ڇڏيندا آهن. مخدوم امين ’فهيم‘ جو شمار دور حاضر جي بيمثال سياسي اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو، جن ڪڏهن به اصولن تي سودي بازي نه ڪئي، نه رڳو جمهوري دورن ۾، پر آمريتن جي دورن ۾ به ان پنهنجي سياسي اصول جو پلئه پنهنجي هٿن مان نه ڇڏيو. ڀلي پوءِ کيس سختيون ۽ تڪليفون به ڇو نه برداشت ڪرڻيون پيون. سنڌ جي هڪ وڏي گادي نشين هجڻ باوجود سندس طبعيت ۾ڪڏهن به هٺ ۽ غرور نه آيو... اصول پرستي ۽ وفا سندس وجود ۾ ايتري ڀريل هئي، جو آخري دم تائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد محترمه بينظير جي پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيو، باوجود ان جي ته شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت پڄاڻان کوڙ ڀيرا کيس سياسي نقصان به ڏنو ويو... سندس وفاداريءَ تي شڪ به ڪيا ويا، پر ان مخدوم امين ’فهيم‘ کي ڀلا ٻين جي سرٽيفڪيٽن جي ڪهڙي ضرورت آهي، جنهن لاءِ هڪ ڀيري محترمه بينظير ڀٽو فخريه انداز ۾ چيو هو ته وٽس مخدوم امين ’فهيم‘ جهڙو وفادار شخص پارٽي اندر موجود آهي، جنهن کي آمر مشرف وزارت عظمى جون ڪيئي ڀيرا آڇون ڪري خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مخدوم ٺپ انڪار ڪري ڇڏيو... مخدوم کي ڀلا محترمه جي ان عظيم سنَدَ کان پوءِ ڪنهن ٻئي جي سَندَ جي ضرورت هجي؟

محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ڊڪٽيٽر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ جلاوطن هئي، آصف زرداري جڏهن جيل ۾ هو، محترمه جا ٻارڙا جڏهن اڃا معصوم هئا، تڏهن جيڪڏهن ڪنهن آمريت جي ڪاري دور پاڪستان پيپلز پارٽيءَ کي سنڀاليو هو ته اهو مخدوم امين ’فهيم‘ ئي هو، اهو مخدوم جيڪو محترمه جي پارٽيءَ کي جيئدان ڏيڻ لاءِ ڪڏهن ايم.آر.ڊي تحريڪ ۾ ته ڪڏهن وري اي.آر.ڊي ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪندو رهيو. پر ڪڏهن به پارٽيءَ سان هڪ لمحي لاءِ به بيوفائي نه ڪئي. هڪ اهڙي سياسي ماحول ۾ جتي سياستدان هڪ ٻئي جا پَٽڪا لاهيندي به دير نه ٿا ڪن،. ڪيئي سياسي اڳواڻن جي اخلاق جو زوال اچي چڪو آهي پر اتي مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي خوبصورت ۽ قداور شخصيت سان گڏوگڏ گفتار جي به سحر انگيزي جو مالڪ هو، پريس ڪانفرنسون هجن يا ذاتي ڪچهريون، ڳالهائيندو ته دل چوندي ته بس رڳو ڳالهائيندو ئي رهي... سخت کان سخت سياسي مخالف لاءِ سندس زبان مان ڪَڙا لفظ نه نڪرندا. 1961ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پوليٽيڪل سائنس جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪندڙ مخدوم امين ’فهيم‘ شاگرديءَ واري دور ۾ سياست جي شروعات ڪئي هئي ۽ 1970ع ۾ پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي تڪ تي اليڪشن وڙهيو ۽ ان کان پوءِ هر چونڊ کٽيندو رهيو ۽ آخري دم تائين مخدوم صاحب ناقابلِ شڪست سياسي اڳواڻ ئي رهيو.

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ بي مثال سياستدان سان گڏ هڪ بهترين شاعر پڻ هو، سندس شاعراڻي حِس تي سياست جي ڪڏهن به ڪَٽ نه لڳي، اهو اعزاز وري هالا جي مٽيءَ ۽ خمير کي ئي حاصل آهي. جو جيڪو هتي ڄمي ٿو، سو تخليق جي جهوليءَ ۾ ويهي ساري عمر شعرن ۽ ڪلامن جي پينگهه ۾ لڏندوئي رهي ٿو. شاعرن جي سرتاج شاهه عبداللطيفرحه ۽ مخدوم نوحرحه کان ويندي مخدوم طالب المولىرحه ۽ مخدوم امين
’فهيم‘ تائين ڄڻ ته قدرت هتي جي ماڻهن کي ٺاهيو ئي شعر و شاعري لاءِ آهي. خود مخدوم امين ’فهيم‘ پنهنجي شاعري بابت ”پيغام“ ۾ لکي ٿو ته ”قبله محترم بابا مخدوم طالب المولىرحه جي ڪچهرين ۽ صحبت سبب کيس به شاعريءَ جو شوق جاڳيو...“

مخدوم امين ’فهيم‘ لکي ٿو ته:

”1954ع ۾ سائين وڏا (مخدوم طالب المولى) مون کي پاڻ سان گڏ ڪوئيٽا وٺي هليا، جتي اهو ذڪر نڪتو ته آءٌ شاعري ڪريان ٿو. مون عرض رکيو ته سائين وڏا مون کي باقاعده استادي ڏين جيڪا گذارش انهن قبول ڪئي. اتي ئي ڪوئيٽا جي بولان هوٽل ۾ سائين وڏن مون کي هڪڙي مصرع ڏني ته ”يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم“ ۽ فرمايائون ته ان تي غزل لکو... مون لاءِ وڏي پريشانيءَ جو باعث ٿيو ته ڇا لکان ۽ ڪيئن لکان؟ ڇو ته لکي سائين جن کي ڏيکارڻو به هو... آخر ڪار هي غزل لکيم ته ”دل ۾ پيدا ٿي ويو آ درد غم“ مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري استاد محمد يوسف جهڙن عظيم فنڪارن به ڳائي ته جهرجهنگ تائين ان کي شهرت ۽ مڃتا ملي...

مخدوم امين ’فهيم‘ هڪ باڪمال شاعر جي حيثيت ۾ به پاڻ کي مڃايو. سندس شاعري سلاست، بلاغت، فصاحت ۽ جدت جوش سان ڀرپور آهي. سندس هيءُ شعر ڪيڏو نه ڪمال جو آهي، جنهن ۾ چون ٿا ته:

جن کان سانوڻ جا مينهن شرمايا

سي اکيون اشڪبار ڇا چئجي؟

مخدوم امين ’فهيم‘ رومانس ۽ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل شاعري ڪئي آهي، جنهن کي بار بار پڙهڻ لاءِ دل چوي ٿي. جيئن سندس هيٺيان ٻه شعر پنهنجو مَٽ پاڻ آهن:

”اڃا ان جي اڳيان اي يار! ليلائڻ نه ٿو ڄاڻين،

رٺل کي رمز سان ريبي تون ريجهائڻ نه ٿو ڄاڻين،

نه آهي جاءِ حجت جي، مان ڪيئن گستاخ ٿي چوندس،

رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو ۽ پرچائڻ نه ٿو ڄاڻين،

هميشه آهين گڏ، پر تنهنجي صورت کي ڏسڻ مشڪل

لڪڻ ڏاڍو ٿو ڄاڻين، پاڻ ڳولائڻ نه ٿو ڄاڻين.

مخدوم امين ’فهيم‘ وفا شناس انسان هو، اهوئي سبب هو سندس شاعري ۾ به وفا جو عنصر وڏي پئماني تي هو. سندس شاعري پڙهڻ کان پوءِ لڳي ٿو ته هن بيوفائين جا زخم به سٺا ته وفائن جي خوشبوئن مان به فيضياب ٿيو، پر مايوس نه ٿيو ۽ لکندو رهيو ته:

بيوفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هيءَ خطا بارها ڪري ڏسبي،

جي حياتي وفا ڪئي ته ’فهيم‘،

عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.

 

 تم هنسو جگ روئي

 

پريتم پياسي

 

مان، سنڌ ڌرتيءَ جي سيني تي رهندڙ انهن خوشنصيب انسانن مان هڪ آهيان جن کي مخدوم سرورِ نوح رحه جي ٻن معتبر مسند نشينن: قبله سائين مخدوم طالب المولى ۽ مخدوم سائين محمد امين فهيم جن جو دوبدو درشن نصيب ٿيو. اهي ڏينهن ۽ گهڙيون اڄ به منهنجي ذهن جي ڪِنواس تي چٽي طرح اڪريل آهن. اهي انمول نظارا جڏهن ذهن جي پردي تي ڪَرُ کڻن ٿا ته زندگي ٻهڪي اُٿي ٿِي ۽ وري جڏهن اڄ هڪ انمول روحاني رهبر جي وڇوڙي تي ٻه اکر لکجن ٿا ته دل ۾ هڪ عجيب قسم جي بيچيني ۽ بيقراري اٿل کائي ٿي.

قبله مخدوم محمد امين فهيم جن جي جيون چرتر تي انيڪ ماڻهن لکيو آهي، لکن پيا ۽ لکندا به رهندا. سڀني جو گهڻو تڻو زور ۽ مرڪز سياسي زندگي رهي آهي، جڏهن ته پاڻ جهڙن حقيرن فقيرن جي سياست بنهه نه جڙڻ جهڙي طبعيت آهي ۽ بنهه سمجهه ۾ نه ايندڙ ۽ موضوع سياست آهي، پر اڄ جڏهن مخدوم محمد امين فهيم جن جي باري ۾ ٻه اکر لکجن ٿا، ته سياست کان پاسو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي. اِهو ٿي ئي نٿو سگهي.

اڄ جڏهن اسين سندس جيون تي ٻه اکر لکون ٿا ته ذهن تي ڀڳت ڪبير جو هڪ بيت چڙهي اچي ٿو ته:

جب آئو بس سنسار میں تو جگ ہسی تم روء

ایسی کرنے کر چلو، جو تم ہنسو جگ روء

مخدوم  امين فهيم جن هن جهان ۾ حياتيءَ جا ڇاهتر گُل چونڊيا. ايتري حياتيءَ ۾ پاڻ کان ڪو به اهڙو واقعو سر زد ڪونه ٿيو جو جڳ کي روئڻو پوي، پر سائين جن ته سراپا ڪبير صاحب جي بيت جي ٻنهي سٽن جو نمونو هئا. پاڻ جڏهن هن سنسار ۾ اک کولين ٿا ته جڳ به خوش ٿئي ٿو ته کلي ٿو ۽ استاد سينڌي خان ”صيد“ جهڙا چئي ويهن ٿا ته:

گل خوش رنگ نمودار شُد به گلشنِ نوح

هزار بار مبارڪ ”صيد“ شام و صبوح

۽ جڏهن پاڻ هن سنسار کي الوداع چون ٿا ته پاڻ بلڪ کلندا خوش ٿيندا خلد برين ڏانهن تشريف وٺي وڃن ٿا ۽ جڳ روئي ٿو ۽ روئي پيو.

پاڻ ان واڙيءَ جا گل ۽ چشم و چراغ آهن جنهن جا جدِ اعلى روحاني وصفن سان سينگاريل ۽ سنواريل هئا، سندس جِد اعلى کي سنڌ ڌرتي تي اک کوليءَ کي اڃا صرف ست ڏهاڙا مس ٿيا هُئا ته مؤذن کي آذان جو جواب ڏيندي چيو هئائون ته، ”ها تو هڪ الله کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ناهي، اسين پڻ تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا.“

اِهو ستن ڏينهن جو ٻالڪ وڏو ٿي جڏهن سنڌ کي روحاني رنگ ۾ رڱي ريٽو ڪري ٿو ته شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جهڙا بزرگ صرف هڪ سلام ملڻ تي ايترا ته گدگد ٿين ٿا جو، چون ٿا ته جڏهن مخدوم سرور نوح جا سلام پهتا ته هن خوش ٿي وڏي خيرات ڪئي ۽ خوشيون ڪيون. فقراء مان ڪنهن خيرات جي باري ۾ دريافت  ڪيو ته جواب ڏنائونس ته ”اڄ اسان کي هڪ اهڙي الله جي وليءَ سلام موڪليا آهن جيڪو پنهنجي اولاد کي به ڪونه ٿو سڃاڻي.“

مخدوم سرورِ نوح پنهنجي دور جا وڏا مدبر، شاعر ۽ ولي الله ٿي گذريا آهن. سندس گهڻي شاعري ناپيد آهي، پر پوءِ به هڪڙوئي اهڙو شعر آهي جيڪو لک لهي ٿو:

”پيئي جا پرڀات سا ماڪ مَ ڀانئيون ماڙهوئان،

روئــــــــــــي چڙهي رات، ڏسي ڏکويــــــــــــــــــن کي.“

مخدوم محمد امين فهيم جن ان ئي خاندان ۾ هالا نوان ۾ 4- آگسٽ 1939ع تي هن لوڪ ۾ اک کولي. کيس مخدوم محمد الزمان طالب المولى جهڙو مدبر سياستدان ۽ عظيم شاعر ۽ دانشور والد نصيب ٿيو، جنهن سياست ۽ ادب جا سڀئي گُڻ کيس سيکاريا. چون ٿا ته والد صاحب طرفان هدايت مليل هئس ته هُو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جو ڪڏهن به ساٿ نه ڇڏي ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته جڏهن پاڻ پهريون ڀيرو 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبليءَ جا ميمبر ٿيا ته ان کان پوءِ ڪيترن ئي لاهن چاڙهن ۽ صدها اختلافن باوجود مخدوم صاحب جن پيپلز پارٽيءَ جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ تا دم مرگ ساٿ نڀائيندا آيا. پاڻ جيڪو چوندا هئا، ان جو پاڻ ئي ثبوت هئا، هُو چون ٿا:

وعدو ڪجي ته اهڙو ڪجي جنهن کي پاڙجي،

سو قول ڪهڙو جيڪو ڪري پوءِ وسارجي،

دنيا ته فاني آ مٿس ڪهڙو ڀروسو،

ڏاڍو چڱو ٿئي جي گهڙي گڏ گذارجي.

پاڻ پنهنجي والد صاحب سان ڪيل واعدي تي قائم رهيا، ڪيترن ئي ڏکن ڏوجهرن ۽ تڪليفن جي باوجود صبر جو دامن هٿان نه ڇڏيو. پاڻ پنهنجو پاڻ کي دلداري ڏيندي چون ٿا ته:

ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه ڏينهن گذري ويندا فهيم،

صبر جــــــــــي دامــــــــــــــن کي نه داغــــــــــــــدار ڪبو.

۽ پوءِ واقعي پاڻ صبر جو دامن تا دم مرگ نه ڇڏيو. پاڻ سياست کي عبادت به سمجهي ته امانت پڻ. شاهه لطيف جي چواڻي ته ”جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽاءَ ساٿ“. جي مترادف جهڙو سندس نالو مبارڪ امين آهي، پاڻ واقعي سياست ۽ ادب جا امين هئا. پاڻ بلڪل پنهنجي شاعريءَ جي روح مطابق ان تي قائم رهيا.

مخدوم صاحب کي شاعري سندس ورثي ۾ مليل هئي. سندس خاندان جا اعلى بزرگ معتبر اديب عظيم دانشور ۽ قادرالڪلام شاعر ٿي گذريا آهن. پاڻ 53-1952ع کان جيئن ئي شاعريءَ جي شروعات ڪئي ته شاعر جا واهڙ وهائي ڇڏيا. جڏهن سندس شاعري والد بزرگوار مخدوم محمد الزمان طالب المولى جي نظر چڙهي ته سائينءَ جن نه صرف همٿايو بلڪه خوب طرح ادبي پرورش پڻ ڪئي ۽ پراڻو  تخلص  ”امين“ بدلائي ”فهيم“ عطا ڪيس، جنهن سان پاڻ آخري دم تائين نڀائيندا آيا. پاڻ جهڙا سياست ۾ سنجيده، بااصول، باوقار، وفادار نيڪ نيت، روادار ۽ فهيم و فراست جا مالڪ ٿي رهيا، ادب سان پڻ ايئن ۽ اهڙو ئي لاڳاپو رکيو. پاڻ جڏهن جوان هئا ۽ مٿس سائين مخدوم محمد الزمان طالب المولى جن جو سايو نصيب هئس، ان ڏينهنِ ۾ هالا جو ادبي ماحول بلي بلي هو ۽ هالا هڪ قسم جو ادبي قبلو هو، جتي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ مشاعرا، محفلون، مجلسون، شعر و شاعري، راڳ رهاڻ ۽ نشرو اشاعت جا چرچا عام هئا. انهي ادبي ماحول مخدوم امين ’فهيم‘ جن تي وڏو اثر ڇڏيو. پوءِ سندس سرجندڙ ڪلام نمايان نظر اچڻ لڳو ۽ پاڻ نيٺ ان درجي کي حاصل ڪيو، جنهن کي اسين قادرالڪلام جو درجو چئون ٿا. سنڌي ادبي بورڊ جا نصيب چئبا جو ان جي پليٽ فارم تان مخدوم صاحب جن جو ڪتاب ”پيغام“ وڏي شان ۽ شوڪت سان شايع ٿيو. سندس ڪلام پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿيندو ته پاڻ ڪيڏا نه پختا ۽ قادر الڪلام شاعر هئا.

شاعريءَ جي هڪ وڏي سونهن، خيالن جو پرواز ۽ انهن خيالن کي شاعريءَ جي قالب ۾ آڻڻ جو هنر آهي، جيڪو مخدوم صاحب کي سٺي نموني آيو ٿي. سندس هڪڙو خوبصورت شعر آهي، فرمائين ٿا ته:

دردِ فرقت ڪيو بيحال خدا خير ڪري،

هي به سڪندي ويو لنگهي سال خدا خير ڪري،

يادگيري نه ڪئي يار ”امين“ ڪهڙي سبب،

اڄ به آيو نه ڪو احوال خدا خير ڪري.

سندس ڪلام جي مطالعي مان ذوقِ جماليات جو پرتوو خوب پَسي سگهجي ٿو ته سندس شاعريءَ ۾ سوز و گداز جو عالم اِهو آهي جو هو محبوب جي قدمن جي خاڪ ته ڇا پردن خاڪ جو به عاشق آهي، سندس ملڪو ڏسو.

تنهنجي قدمن جي خاڪ جو عاشق،

آسمانن تي برتري ٿو رکي،

تنهنجي آڏو ڀلي هو ڪجهه نه هجي،

پر فرشتن سان همسري ٿو رکي.

شاهه سائينءَ چيو آهي، ته عاشق سدائين زهر پياڪ هوندا آهن، هُو ڪڙي ۽ قاتل کي ڪونه ڏسندا آهن، مگر مخدوم امين فهيم صاحب چون ٿا ته، منهنجو سِر تري تي آهي اي ماهِه لقا، تون بيزار ڇو ٿو ٿين، فرمائي ٿو ته:

محبوب مٺا سِر پنهنجو تري تي پاڻ وڍي ٿو پيش ڪيان، تون منهنجي ڪهڻ جي ڪوشش ۾ تڪليف نه وٺ ۽ وار نه ڪر، مان تنهنجو آهيان ۽ تنهنجو ٿي، هي ڏينهن حياتيءَ جا ڪٽبا، تون مفت عدو جي چوڻ تي بيزار نه ٿي، تڪرار نه ڪر. سندس شاعريءَ تي ويهي لکبو ۽ لکبو ئي وڃبو، پوءِ ڀلي ڪتاب ٺهي وڃي پر اڄ آءٌ ٻه ٽي شعر لکي اختتام ڪندس:

ٽوهه سهڻو آ گهڻو ئي پر کارو ۽ ڪڙو،

حسن وارن کي به ڪا منهن ۾ مٺائي ڏين ته ها.

آخري دم پڻ ڇڏيئي حيف توکي دردِ دل،

ان جي هڪ نالي وٺڻ جي واندڪائي ڏين ته ها.

 

فهم آخر نه ڪجهه وريو وڏائي ۾ اميري مان،

ڇڏي شاهي گداءِ ڪوچئه دلدار ٿيڻو پيو.

 

وري نه آسري دنيا جي ڪين لڳندس مان،

سدائين هن جي سهارن وڏو فريب ڏنو.

دنيا جو عجيب چرخو ۽ سلسلو آهي. هيءُ سلسلو ايامن کان هلندو اچي ۽ هلندو رهندو. جيڪو ٿانءُ ٺهيو آهي سو ضرور ڀڄندو ڀرندو. هن جهان مان جيڪو ماڻهو هليو ويندو آهي، ان جا گُڻ ۽ چڱائيون ڳائبيون آهن ۽ ڪوتاهين کي نظر انداز ڪبو آهي، مگر مخدوم محمد امين فهيم جي اهڙي شخصيت آهي، جنهن سان ڪوتاهيءَ جو لفظ ڳنڍي نٿو سگهجي. سندس پنهنجي هن خوبصورت شعر تي اختتام ڪجي ٿو.

پرديسان پنڌ ڪري ويندس پنهنجي ڏيهه،

هوندا سانگي سنرا، خوشيون خوب ڪري،

پيالو پرت ڀري، پيئندس پنهنجي پَرَ سان،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org