سيڪشن: رسالا

ڪتاب: مهراڻ 4-3\2016ع

باب:

صفحو:12 

تنهنجيون ڳالهيون سڄڻ پئي ڳائيندس

 

 

 

 

فهيم نوناري

سائين امين ’فهيم‘  جو حسب نسب تاريخ ۾ مخدوم نوح سان ملي ٿو، جيڪو علم، ادب ۽ تصوف جي تاريخ جو وڏو نالو آهن. ان بعد امين ’فهيم‘ صاحب جو والد محترم مخدوم ’طالب الموليٰ‘ علم و ادب ۽ شاعري جي دنيا جا چمڪندڙ ستارا آهن. جنهن جا ڪئين ڪلام سنڌي عوام ۾ مشهور ٿيا. رونا ليلا هن جا ڪلام پنهنجي سحر انگيز آواز ۾ ڳايا ته شهرتن جي آسمان تي پهتا.

”اڱڻ ٻُهاريان تُنهنجون واٽون نهاريان“ ڏاڍو مقبول ٿيو.

جهڙيءَ ريت رومانس (Romantic) مخدوم ’طالب‘ المولى جي شاعري ۾ ڀريل آهي تهڙي ريت مخدوم امين ’فهيم‘ جو مرڪزي خيال (Central thought) به رومانس هو. هن جي شاعري پڙهندي پڙهندڙ (Reader) امن ۽ رومانس جي رنگين، حسين ۽ تصوراتي دنيا ۾ اُڏامندو پيو وتي، جيڪي تصور ۽ خيال انسان کي خوشين ۽ شادمانين جي جهان ۾ گهلي وٺي وڃن ٿا، جو ماڻهوءَ مٿان بي خوديءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي، نموني طور اوهان هڪڙي ڪافي پڙهي ڏسو.

جيڪي چار گهڙيون توسان گهاريون اٿم،

ساري عمر کان وڌ سي پياريون اٿم.

تو وساري ڇڏيو نه وساريون اٿم،

مان ته پنهنجي پرت پچائينديس.

تنهنجو مرڪي ملڻ، منهنجو عرض ڪرڻ،

تنهنجي برهه ۾ سر جي بازي ڀرڻ.

تنهنجي لاءِ جيئڻ، تنهنجي لاءِ مرڻ.

توسان ناتو نيئي نڀائينديس.

تون اچين به نٿو، مان وڃان به نٿي،

تو ڇڏي به ڏنو مان ڇڏيان به نٿي

جيڪا تو آ ڪئي، ڪنهن کان به نٿي،

اهو سڀ ڪجهه ڀاڳ کان ڀائينديس.

منهنجو تون ئي سڄڻ، تو لئي ٻيون به گهڻيون،

ڇا جا هار سينگار، ڇا تيل ڦڻيون.

 نٿي توکي وڻان، پر تون ته وڻيون

ڪيئن زوري پاڻ وڻائينديس.

وڃي ويهي رهئين مون کان ڏاڍو پري،

تنهنجي ويئي سري، منهنجي ڪيئن سري.

تون ”امين“ ٿي اچ انصاف ڪري،

ڀلا توکي ڪيئن مان ڀلائينديس.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري انساني تصورن جي تعبير ليکجي ٿي، ڇو ته خواب ۽ خيال جيڪي انسان جي سوچ جو بڻ بڻياد آهن ۽ پيار ۽ محبت انسان جي سوچ جو مرڪز آهن. شاعري انسان کي اُتساهه ڏيارڻ، جيئڻ جا بهتر تصور مهيا ڪرڻ، امنگن، آدرشن جي تڪميل لاءِ هڪ وسيلو ۽ ذريعو آهي. مخدوم صاحب جي شاعريءَ ۾ اهي عڪس ۽ اولڙا چٽا نظر اچن ٿا.

اي دلِ ناشاد هرگز تون ڏکن کان غم نه ڪر،

تنهنجي دردن جو ڪو ٿيندو نيٺ درمان غم نه ڪر.

چند روز آهن خزان جا باغبان غمگين نه ٿي،

”فصلِ گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.“

جو ڍڪڻ وارو آ، هر ڪنهن کي ڍڪي ٿو پاند ڏئي،

ڪئن ڇڏيندو سو ڀلا هڪ توکي عريان غم نه ڪر.

صاحبِ ڪون و مڪان جي در پيو تون دانهنجا،

سو ڪندو سڀ تنهنجا مشڪل آخر آسان غم نه ڪر.

دل جي ڪشتيءَ جو اگر تو ناخدا مرسلصه ڪيو،

خاطري ڪر پوءِ آهين پار، انسان غم نه ڪر.

توکان منزل دور ناهي ۽ نه آ مشڪل رَسڻ،

تنهنجو رهبر آهي اعليٰ، اي مسلمان! غم نه ڪر.

هو ته مڙني کان مٿاهون، آ، سندءِ رهبر ”امين“،

خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثنا خوان غم نه ڪر.

مٿين سِٽن ۾ شاعر عام انسان کي ڏک ۽ غم واري ڪيفيت ۾ دلبري ۽ آسرو فراهم ڪري ٿو  کين منزل جو ڏس ۽ حد نشان ڏيکاري ٿو، جيڪا برجستو شاعر ئي ڏيکاري سگهي ٿو.

وري ڏسو! رومانس! وک وک تي امين
’فهيم‘ جي شاعري وچن جي وراڪن جيان ۽ کنوڻ جي تجلن جيان، رومانس سان ڀري پئي آهي. ڏسو! ڇا ٿو چئي!

بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،

هي خطا بار ها ڪري ڏسبي.

تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،

هاڻي پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.

پنهنجي ماه لقا کان دور ٿبو،

زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.

اسان جو شاعر انتهائي برجستو شاعر آهي.

 جيڪي احساسن کي چڱي ريت سمجهي ٿو،

تنهن لاءِ هُو ڏکندڙ رڳ تي هٿ رکي ٿو.

دنيا جهان جا شاعر ۽ اديب شيڪسپيئر کان جان ڪيٽ تائين، هيمنگوي کان وانگ ٿروئي تائين شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، قديم کان جديد شاعريءَ جي سڀني چمڪندڙ ستارن انقلاب ساڻ رومانس کي پنهنجي شاعري ۽ ڪلام جو اهم حصو بڻايو آهي، کين مخدوم امين ’فهيم‘ به پنهنجي شاعريءَ جو مرڪزي ڪردار رومانس  (Romantic) رکيو آهي.

شاعري انساني احساساتن ۾ تبديلي ۽ تعبير آڻڻ جو هڪ ذريعو (Source) آهي، اها تبديلي جيڪا انسانيت کي سينگاري ۽ سنواري سنئين دڳ تي آڻي ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ لاءِ مثبت سوچي، شاعري ڪڏهن ڪڏهن پڙهندڙ لاءِ وڏي وٿ ۽ وڏي تبديليءَ جو مُحرڪ ٿئي ٿي.

وفادارين جو سلسلو ڏکيو ٿئي ٿو جو ماڻهو ٽڪي جي مفاد لاءِ اعلى ۽ شاندار مقصدن تان هٿ کڻي خسيس ٿي اعلى آدرشن کي پٺي ڏيئي ڇڏين تاريخ اهڙين مثالن سان ڀري پئي آهي. آمريڪا جو جڳ مشهور اسڪالر ٿامس پين جنهن انساني آزاديءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جنهن دور ۾ انسان اڃا غلام ٿي وڪامندا هئا، پنڊت ۽ پادرين جي يورپ ۽ آمريڪا ۾ اجاره داري هئي، ماڻهو ماڻهوءَ جو غلام هو، ڪارن شيدين کي گورن جهڙا برابر حق حاصل نه هئا، اهڙي ٻاٽ اونداهي دور ۾ ٿامس پين (Thoms pen) پريس جي برڪتن ذريعي انساني آزاديءَ جي پرچار ڪئي جو هن کي سخت مخالفت جو منهن ڏسڻو پيو نه صرف خاص سياستڪار بلڪه هن جو پٽ به هن جي خلاف ٿي بيٺو، پر هن سچ کان منهن نه موڙيو عام انسان جي حقن لاءِ وفاداريءَ سان جدوجهد جاري رکيائين.

مخدوم خاندان جو ايوب شاهي واري دور کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ پيپلزپارٽي سان سياسي رشتو جڙيو ته مخدوم امين ’فهيم‘ کان هيل تائين ڪئين لاها چاڙها آيا، پر هن خاندان جو سنگ پيپلزپارٽيءَ کان نه ٽٽو ڄڻڪ ٿامس پين واري وفاداريءَ جي سُتي هنن جي خون ۾ شامل آهي.

مخدوم امين ’فهيم‘ جي غزل گوئي

 

 

 

 

 

 

مرزا ڪاظم رضا بيگ

 

شاعريءَ ۾ غزل، اها من موهيندڙ ۽ سُرور آفرين صنف آهي، جنهن لاءِ ائين کڻي چئجي ته محبت جي زبان، دل جي صدا آهي. هونئن ته شاعريءَ جي هر صنف، محبت ۽ دل جي ترجمان ٿئي ٿي، پر غزل ان جي چٽي ترجمانيءَ لاءِ مخصوص آهي. غزل جي مقبوليت جو هڪ وڏي ۾ وڏو سبب به ان جي اها خصوصيت آهي. غزل تي اعتراض به ٿيندا رهيا آهن، تنهن هوندي به ان جي پذيرائي جيئن پوءِ تيئن وڌندڙ آهي. هيءَ اهڙي صنف ئي نه آهي، جنهن کان ڪو تاحيات نفرت ڪري سگهي! ان کي ڌڪاريندڙ به ڪيترن موقعن تي هِن جي زلفن جي ٿڌڙي ٿڌڙي ڇانوَ لهڻ لاءِ بيوس ٿيو ٿا پون.

عشق، شاعريءَ ۾ خصوصاً غزل جو وڏو محرڪ آهي، تنهنڪري ڪابه قوم ۽ ڪوبه ملڪ، عشقيه شاعريءَ کان خالي نه آهي. سنڌ جيڪو سسئي پنهون، سهڻي ميهار، مومل راڻو، ليلا چنيسر جي عشقيه رومانن جو وطن آهي، ان ۾ جڏهن غزل ايران مان ڪهي آيو، ته هِتان جي حساس شاعرن ان جو کُليءَ دل سان استقبال ڪيو. شروع ۾ فارسي دان شاعرن ان ۾ نغمه سرائي ڪئي، پر وقت گذرڻ سان ان فارسي جامو مٽائي. سنڌي ٻوليءَ جو لباس زيب تن ڪيو.

عام طور تي، غزل جي معنيٰ، عورتن سان عشق ۽ محبت جون ڳالهيون ڪرڻ، سمجهيو ويندو آهي، جنهن جي تائيد عربيءَ جون لغتون غياث اللغات ۽ القاموس المحيط به ڪن ٿيون، فرهنگ آنند راج به ائين ئي ڄاڻائي ٿي. خواجه الطاف حسين حالي پڻ لکي ٿو ته: غزل جي لغت ۾ معنيٰ، عشق بازي ڪرڻ ۽ عورتن سان مخاطب ٿيڻ آهي. اردو غزل جو مصنف ڊاڪٽر يوسف حسين خان لکي ٿو ته: غزل محبوب سان محبت جي گفتگو آهي. ڊاڪٽر عبادت بريلوي لکي ٿو ته: غزل جي صنف جو بنيادي موضوع، عشق جي معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني آهي. شبلي نعماني ’شعر العجم‘ ۾ ايران جي عشقيه شاعريءَ تي بحث ڪندي فرمائي ٿو ته: قصيدي ۾ ممدوح جي تعريف ٿيندي آهي ۽ غزل ۾ معشوق جي. علامه آءِ.آءِ.قاضي غزل جي تشريح ڪندي فرمائي ٿو ته: غزل لفظ، عربيءَ مان نڪتل آهي ۽ ”تغزل“ جي معنيٰ آهي، عشق جون ڳالهيون ڪرڻ، خاص طرح سهڻن سان، تنهن هوندي به غزاله (هرڻي) جي ڇال ۽ غزل گو شاعرن جي پرواز ۾ ڪافي مناسبت آهي.

مٿي بيان ڪيل غزل جي تشريحن مان بلڪل واضح ٿي وڃي ٿو، ته غزل جي معنيٰ آهي: محبوب سان يا محبوب بابت محبت جون ڳالهيون ڪرڻ. عشق ۽ ان جي معاملن جي مختلف ڪيفيتن جي ترجماني ڪرڻ. غزل جي صنف جو بنيادي موضوع آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي زندگيءَ ۾ عشق ۽ محبت جا جذبا وڏي اهميت ۽ بنيادي حيثيت رکن ٿا. غزل، عشق ۽ محبت جي سمورين وارداتن ۽ ڪيفيتن، اسرارن ۽ رمزن کي پنهنجي دامن ۾ سميٽي ڇڏيو آهي، اهوئي سبب جو سخت دل کان سخت دل انسان به بي اختيار غزل ڏانهن ڇڪجي وڃي ٿو. غزل جي لغوي مفهوم جي مدِنظر عام طرح غزل چوڻ لاءِ هي اصول مقرر ڪيا ويا آهن:
1. غزل ناز ۽ نياز جي ڪيفيتن ۽ حسن و عشق جي وارداتن سان سينگاريل هجي، 2. غزل جي ٻولي وس آهر نرم ۽ شيرين بيان، دلڪش ۽ دلپذير هئڻ گهرجي، 3. غزل ابتذال ۽ هلڪڙائپ کان پاڪ هجي ۽ 4. محبوب سان خطاب، نيازمندانه هئڻ گهرجي.

غزل، لغوي معنائن ۽ تشريحن جي اعتبار کان صرف، عشق ۽ محبت جي جذبن جو نفيس نموني ۾ اظهار هوندو آهي ۽ غمِ دنيا جو ذڪر نه پر غمِ محبوب جو بيان هوندو آهي. مگر ان جي وسعتن جي مدِنظر، ان ۾ عشق جي موضوعن سان گڏ زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جو احساس ۽ انهن جي ترجماني به آهي. ان ۾ فلسفي جي اونهائي به آهي ته پنهنجي سماج ۽ معاشري جو عڪس به. ان ۾ تصوف ۽ طريقت جا راز ۽ اسرار به نهايت دلنشين انداز ۾ بيان ڪيا ويا آهن ته اخلاق جا سبق به سهڻي طريقي سيکاريا ويا آهن. مطلب ته غزل چوندڙ شاعرن پنهنجي غزلن کي رڳو حسن ۽ عشق، ناز ۽ نياز، سوز ۽ گداز تائين محدود نه رکيو آهي، بلڪه زندگيءَ جي سمورن پهلوئن ۽ خارجي دنيائن جي سمورن واقعن تائين وسيع ڪري ڇڏيو آهي. غزل، ذهني ۽ فڪري تقاضائن کي پوري ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي. هن اشارن ۽ ڪناين ۾ اهو ڪجهه چيو آهي، جيڪو وڏين تقريرن ۾ به بيان نٿو ڪري سگهجي. ڪيترا اهڙا آهن جن ۾ ذڪر جانان گهٽ ۽ ٻيا موضوع وڌيڪ آهن، جهڙوڪ: مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پنهنجي ڪيترن غزلن ۾ فرمائي ٿو:

نه غفلت ۾ ڪو دم به خالي وڃايان،

خدايا اها خاص ٿئي مهرباني.

صاحبِ ڪون و مڪان جي در پيو تون دانهجان،

سو ڪندو سڀ تنهنجا مشڪل آخر آسان غم نه ڪر.

هو ته مڙني کان مٿاهون، آ سندءِ رهبر امين،

خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثناخوان غم نه ڪر.

اڄ هر ڪو پکي عرش تي پهچڻ جي ڪري ٿو،

افسوس جو ميدان ۾ شهباز نه آهي.

قرب تنهنجي آهي مون کي اي قريشي! قيد ڪيو،

دور توکان يا مُحمّد مصطفيٰ مان ڪيئن رهان.

ڪعبي منجهان به ڪونه مليو گوهرِ مراد،

ٿڪجي پياسون نيٺ عبادت ڪري ڪري.

ڪوڙ ۽ ڪلفت جا آخرڪار ٿيندا دربدر،

سچ اچي پنهنجو سنڀاليندو قلمدان عنقريب.

ظلم ۽ زوري جا هٿ ڪاٽي ڇڏڻ لئي دوستو!

ڪو نڪو اڳتي هلي ايندو اسان مان عنقريب.

منهنجي اعمالن کي ڪر تون درگذر،

يا الاهي ڪر عطا لطف و ڪرم.

شل ٿئي هيءَ آرزو پوري سندم،

جو ٿيان مان صاحب سيف و علم.

حال جهڙو آهي تهڙو اي امين!

پر لکڻ ۾ تيز آ   تنهنجو   قلم.

*

غزل ۾ نغمگي ۽ غُنائي خاصيتون نهايت دلفريب ۽ وڻندڙ آهن. هيءُ غزل جو اهو قسم آهي، جنهن ۾ حسن ۽ عشق جي داخلي جذبن ۽ قلبي وارداتن جي بيان سان گڏ، غُنائي رعايت پڻ ملحوظ رکي وڃي ٿي. اهڙي ريت غزل ۽ موسيقيءَ جو پاڻ ۾ روح ۽ جسم وارو لاڳاپو آهي. غزل جو وجود، موسيقي ۽ ان جي حسن غنائيت سان ئي قائم آهي. غزل جا بحر ۽ قافيا ۽ ان جي موسيقي ۽ غُنائي اثرن ۾ وڏي اهميت رکن ٿا، ۽ ان ۾ ترنم ۽ نغمگي پيدا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عبدالاحد خان خليل ”اردو غزل کے پچاس سال“ ۾ ڄاڻائي ٿو ته: موسيقي جي فن جي گهڻن ماهرن جو خيال آهي ته اصولي طرح فن موسيقي ۾ غزل جي لفظن جي مقبوليت ۽ هر دلعزيزيءَ جو سڀ کان وڏو سبب، اهو آهي ته غزل ۾ جيڪي لفظ استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ انهن لاءِ جيڪي بحر چونڊيا وڃن ٿا، انهن ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته هڪ فن (موسيقي) جو ماهر ان جي لفظن کي نهايت سولائيءَ سان، فني حدن جي دائرن ۾ رهي، موسيقيءَ جي سر ۽ تار ۾ سمائي سگهي ٿو ۽ لفظن جي مفهوم ۾ ڪنهن به قسم جو فرق پيدا نٿو ٿئي، غزل جا بحر گهڻو ڪري ايترا ترنم وارا ٿين ٿا جو آسانيءَ سان موسيقيءَ جي مقرر ڌنن ۾ ٺهڪي اچن ٿا ۽ موسيقي جي تاثير کي وڌائي ڇڏين ٿا.

غزل، پنهنجي سونهن ۽ سوڀيا، نفاست ۽ نزاڪت، خوبين ۽ خاصيتن، نغمگي ۽ ترنم سان ايران کان سنڌ جي سرزمين تي پهتو ته هن ڌرتيءَ، ان کي پنهنجي دامن ۾ جاءِ ڏني جتي پنهنجي سمورين سرمستين ۽ جلوَن سان وڌيو ۽ ويجهيو. شروع شروع ۾ سندس خدو خال اباڻا (ايراني) هئا، پر آهستي آهستي هن ڌرتيءَ جي آب و هوا، رهڻي ڪهڻي، زندگيءَ جي نشيب و فراز سياسي ۽ سماجي حالتن، تهذيب ۽ تمدن، ٻولي ۽ محاورن جو مٿس رنگ چڙهڻ لڳو. هاڻي ان جو ڍانچو ته اهو ساڳيو ئي ايراني آهي، باقي رنگ ۽ روپ نسورو مقامي بڻجي ويو آهي. خاص طور ٻوليءَ جو مٿس وڏو اثر ٿيو آهي. اڳ غزل جي جيڪا فارسي آميز ٻولي هوندي هئي سا جيئن پوءِ تيئن صاف ٿيندي ويئي آهي. هاڻي غزل ۾ نه فارسي ترڪيبون ۽ بندشون آهن ۽ نه محاورا ۽ اصطلاح، تشبيهون ۽ استعارا، سڀ مٽجي مقامي ٿي چڪا آهن، پر سنڌ جا ڪي اهڙا شاعر به آهن جن جي غزلن تي ايراني رنگ نمايان آهي، جن مان مخدوم امين ’فهيم‘ به هڪ آهي.

دنيا ۾ بعض حالتن، جهڙوڪ: عشق ۽ محبت يا ٻين اهڙن غير معمولي حادثن پيش اچڻ سبب انسان جي دل ۾، جيڪي حالات پيدا ٿين ٿا، تن کي جذبات چئبو آهي. وري انهن جذبن کي موزون لفظن ۾ پيش ڪرڻ آهي شاعريءَ جي اصلي تصوير. مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي شاعريءَ جو ذوق ۽ شوق ننڍي هوندي کان ئي دامنگير هو. شاگرديءَ واري زماني ۾ پڻ ڪئين موزون خواهه غير موزون اشعار لکندو رهيو. حقيقت ۾ ان وقت کان وٺي سندس شاعريءَ ۾ استاد سندس والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ هو، جيڪو هر وقت پنهنجي بحر بي پايان علوم سان مخدوم امين ’فهيم‘ جي رهبري ڪندو رهيو. ان کان اصلاح وٺندو رهيو. آخرڪار ڪم و بيش 1955ع ڌاري مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ جو آفتاب سرزمين هالا تي ”ڪا الشمس في النصف النهار“ تابان ۽ درخشان ڏسڻ ۾ آيو. سنڌ جي هر طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾ سندس شرڪت، کيس سنڌ جي نامور شاعرن جي صف ۾ شمار آڻي بيهاريو.

اين سعادت بزورِ بازو نيست،

تا نه بخشد خدائي بخشنده.

*

سنڌ ۾ اگرچه سوين شاعر هئا ۽ آهن جن جي شاعري بلڪل قابلِ داد آهي، مگر پهرين ڳالهه، جا شاعر کي پنهنجي معاصرين ۾ سڀ کان وڌيڪ ممتاز بڻائي ٿي، سا آهي سخن جي سادگي ۽ سچائي، جنهن ۾ ڪوبه وٽ، پيچ يا ڪنهن به مبالغي جي مونجهه نه هجي ۽ جيڪي چوي سو سچ، جيڪي لکي سو انصاف. سندس سخن، صحيح حقيقت جو سورنهن آنا انڪشاف ۽ روحاني راز جو اصلي آئينه دار هجي.

حضرت عمر فاروق رضي الله عنہ جن عرب جي سڀني شاعرن امرء القيس، نابغه وغيره کان زهير جي شعر و سخن کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا. حضرت عمر فاروقرضه کان جڏهن زهير جي پسنديءَ جو سبب پڇيو ويو، تڏهن چيائون ته: ”زهير، پنهنجي شعر ۾ نامانوس لفظن جي تلاش نٿو ڪري، تنهنڪري سندس ڪلام ۾ ڪا پيچيدگي ڪانهي ۽ هُو اهو مضمون آڻيندو آهي، جنهن ڳالهه مان سچ پچ واقف هوندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي تعريف ڪندو آهي ته اها به ايتريقدر جو جيترو اڳيون ان جو لائق هجي.“

بنا خوف و ترديد هيئن چوڻ کان هرگز رهي نٿو سگهجي ته مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعريءَ ۾ پڻ اهي اديبانه اوصاف موجود آهن، جيڪي هڪ بهترين نقاد ۽ جوهر شناسي جي اعليٰ راءِ موجب سڀ کان اعليٰ درجي جي شاعر لاءِ انتخاب ۾ آندا وڃن. هن رفيع درجي جي شاعر پر، هڪ خاموش شاعر، جي سخن ادائي پڻ سليس مضمون، نهايت شفاف رنگ ۾ پيش ٿيل آهي، جنهن کي ڏسيو ۽ پڙهيو اکين کي فرحت ۽ دل کي مسرت پئي حاصل ٿئي. مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعرانه شخصيت ڪنهن تعارف جي محتاج نه آهي. سندس نالو سنڌ جي نامور شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس ڪلام جي سادگي ۽ پختگي، سنڌي ادب جي هر شيدائي کان خراج تحسين وصول ڪري چڪي آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ جي ڪلام جو معيار گهڻو بلند آهي. فلسفه، اخلاق، مذهب ۽ روحانيت سندس شعر ۾ موجود آهي. پاڻ شعر جي هر فن، نعت، غزل، قطع، ڪافي، قومي گيت وغيره جو ماهر استاد ليکيو ويندو. اچو ته ان ڏس ۾ سندس شاعريءَ، خاص طور تي غزل جو جائزو وٺون.

تضمين:

ادبي لحاظ کان تضمين جي لغوي معنيٰ آهي: ٻئي ڪنهن جي مشهور شعر يا ڏنل مصرع طرح سان پنهنجي مصرع ملائڻ. ڇاڪاڻ جو اڳتي هلي، ان مفهوم ۽ معنيٰ ۾ وسعت پيدا ٿي جو ادبي محفلن ادارن پاران منعقد ڪرايل مشاعرن ۾ حصو وٺندڙ سڀئي شاعر پنهنجو ڪلام جوڙي موڪلي ڏيئي شريڪ ٿيندا هئا. ان ڏنل مصرع طرح تي لڳايل ٻِي مصرع کان پوءِ اها تضمين ليکجڻ ۾ آئي ۽ اڄ تائين اهڙو رواج هلندو پيو اچي. پهرين معنيٰ جو اسان وٽ مشهور مثال آهي ”مسڪين“ واري سانگي جي مشهور شعر تي ڪيل تضمين، سانگيءَ جي مصرع آهي: ”نماڻي نار آهيان، پر وڏن جا وڻ وڄائيندس“. مسڪين، پنهنجي مصرع هن ريت ملائي: ”ادا مسڪين کي وهه وهه وڻي سانگي سندي مصرع“. اهڙي طرح شعر پورو ٿيو:

ادا مسڪين کي وهه وهه وڻي سانگيءَ سندي مصرع،

نماڻي نار آهيان پر، وڏن جا وڻ وڄائيندس.

مخدوم امين ’فهيم‘ به انيڪ شعرن جي تضمين ڪئي آهي، جهڙوڪ:

1.      هلايو يار اڄ دورِ شراب آهستي آهستي

2.     نگاه ناز ٿي هڪ تير نڪتو

3.     مدت کان پوءِ اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.

4.     جو آيو عشق جي مقتل ۾ ان جو سر قلم ٿي ويو.

5.     ايندو ايندو غيرت رشڪِ غزالان عنقريب.

6.     يا الٰهي ڪر عطا لطف و ڪرم

7.     جي ٻرندي شمع محفل ۾ ته پروانا لڀي پوندا.

8.     وساريم گهڻو ئي مگر ياد آيو

9.     يار جا زلفِ دوتا ڪي هِن طرف ڪي هُن طرف

10. ڪريا جي اشڪ اکين مان ته ويا لعل گوهر بنجي

11.  ايترو انتظار ڪير ڪري

12. چئين، مون بس ڪئي توسان جفا وري نه ڪبي

13. زماني ۾ سچائي ۽ صداقت ڪانه ٿي ڏسجي

14. سڄي رات روئي وهائي اٿم

15. اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو

16. آبرو منصور بخشي دار کي

17. صهبا کان ڪڏهن ڪو ڪيف نه ٿيو ساقي جي نظر مخمور ڪيو

18. اچ منهنجي اڱڻ تي پير ڀري اي يار سڄڻ! انڪار نه ڪر

19. زلف ڄڻ شام رخ سحر آهي

20.                        ساقي گلفام آندو جام خاص

21. اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي

22.                        شبنم به ٿي جلائي گلستان ڪڏهن ڪڏهن

23.                        ڄڻڪ دامِ يار ۾ ڦاسي پيس

24.                        رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو ۽ پرچائڻ نٿو ڄاڻين.

25.صنم جي رخ اڳيان يارو مہِ ڪامل به ڪجهه ناهي.

26.                        شراب عشق پِي مخمور ٿياسين

27.                        ايترو ڪنهن جو انتظار نه ڪر

28.                        فصل گل ايندو وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.

مٿي ڏنل مصرع طرحن تي، مخدوم امين ’فهيم‘ جا تضمين ڪيل شعر پيش ڪجن ٿا:

گلن جي بو، مٺي محفل، صبا جي هير ٿڌڙي ۾،

هلايو يار اڄ دورِ شراب آهستي آهستي.

هزارين ٿي ويا بسمل گهڙي ۾،

نگاه ناز ٿي هڪ تير نڪتو.

فڪرِ جهان ڇڏي وڃي ويٺاسين ڪنڊ ۾،

مدت کان پوءِ اڄ وري محفل ڪئي اٿئون.

ڪئين مهميز ماريا دلربا تلوار ابرو سان،

جو آيو عشق جي مقتل ۾، ان جو سر قلم ٿي ويو.

ڪو ڪندو پورا سمورا عهدو پيمان عنقريب،

ايندو ايندو غيرتِ رشڪِ غزالان عنقريب.

منهنجي اعمالن کي تون ڪر در گذر،

يا الٰهي ڪر عطا لطف و ڪرم.

سڄڻ! ڇو ٿو خفا ٿين مجمهِء عشاق کان اهڙو،

جي ٻرندي شمع محفل ۾ ته پروانا لڀي پوندا.

هو پرديسي جو پيار ڏئي کسي دل،

وســـــــــاريـــــــــم گهڻو ئـــــــــي مـــــــــگـــــــــر يـــــــــاد آيو.

ڪيئن بچي نڪران ڀلا، مان هڪ ڄڻو، هو سو هزار،

يار جا زلفِ دو تاڪي هِن طرف ڪي هُن طرف.

سجايم دامنِ اميد ارمانن جي موتين سان،

ڪريا جي اشڪ اکين مان ته ويا لعل گهُر بنجي.

تو سڀاڻي چئين ٿو ملندس پر،

ايـــــــــتـــــــــرو انـــــــــتـــــــــظـــــــــار ڪـــــــــيـــــــــر ڪري.

جڏهن مون روئي ڪئي پنهنجي يار کي پارت،

چئين، مون بس ڪئي توسان جفا وري نه ڪبي.

نڪو احساس آهي ڪنهن جي الفت جو هتي ڪنهن کي،

زماني ۾ سچائي ۽ صداقت ڪانه ٿي ڏسجي.

امين! اهـــــــــڙي نيـــــــــبهه محبـــــــــت ٿيـــــــــم،

سڄي رات روئي وهائي اٿم.

جنت منجهان شرابِ طهورا کڻي اچو،

اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو.

دار کـــــــــي مـــــــــنـــــــــصـــــــــور بـــــــــخشي آبرو،

آبـــــــــرو منصـــــــــور بخشي دار کي.

مون کان نه ڪو آهي ڏوهه ٿيو پر مست اکين مجبور ڪيو،

صهبا کان ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڪيف نه ٿيو ساقي جي نظر مخمور ڪيو.

عصر پڙهندي ئي فجر ٿي وئي قضا،

زلف ڄڻ شـــــــــام رخ ســـــــــحر آهي.

تنهنجي راهه ۾ نيڻ وڇايان ۽ سر ساهه ڏيان مان نذرانو،

اچ منهنجي اڱڻ تي پير ڀري اي يار سڄڻ! انڪار نه ڪر.

ٿيو پيئڻ کان اڳ ئي مستانـــــــــا وڃون،

ساقي گلفـــــــــام آندو جـــــــــام خاص.

سڄڻ جو نقش قدم بار بار چمندو رهيس،

اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي.

ڪمندِ زلف ۾ قابو اچي ٿيس از خود،

اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي.

آهن اگرچه اشڪ روان پر ٺري نه دل،

شبنم به ٿي جلائي گلستان ڪڏهن ڪڏهن.

گـــــــــل پٽيندي خـــــــــار ۾ ڦاســـــــــي پيس،

ڄڻڪه دامِ يار ۾ ڦاســـــــــي پيس.

نه آهي جائي حجت جي مان ڪيئن گستاخ ٿي چوندس،

رسائڻ خوب ڄاڻين ٿو ۽ پرچائڻ نٿو ڄاڻين.

ضرورت ناهي مون کي ڪابه تعريفن ڪرڻ جي اڄ،

صنم جي رخ اڳيان يارو! مہِ ڪامل به ڪجهه ناهي.

’فهيم‘ آهي محبت راهبر ٿي،

شرابِ عشق پِي مخمور ٿياسين.

جنهن مان جيءُ جان کي رسي جوکو،

ايترو ڪنهن جـــــــــو انتظار نه ڪر.

چند روز آهن خزان جا باغبان غمگين نه ٿي،

فصل گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.

***

طرحي مصرعن جا اهي مثال جيڪي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پنهنجي والد مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جي صدارت  ۾ ٿيندڙ مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پڙهيا. اهڙا مشاعرا سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڪثر و بيشتر ٿيندا رهندا هئا. مطلب ته شاعريءَ ۽ مشاعرن جو ذوق شوق، چوٽ چڙهيل هوس. مخدوم صاحب نه رڳو مشاعرن ۾ شريڪ ٿي پنهنجو ڪلام پيش ڪيو، پر هالا ۾ بزم طالب الموليٰ پڻ قائم ڪئي، جنهن ۾ به پاڻ بذات خود ۽ سندس همعصر شاعر شريڪ ٿيندا رهيا. هيءَ بزم اڃا تائين هالن ۾ قائم آهي.

عام طور تي اهو سمجهيو وڃي ٿو ته، مخدوم امين ’فهيم‘ سياست ۾ گهڻو گهيريل رهندو هو، پر مخدوم صاحب جي ڪلام کي پڙهي اها راءِ بدلائڻي ٿي پوي. آءٌ ته ائين چوندس ته، مخدوم صاحب، سياست سان گڏوگڏ غزل گوئي جو دلداده آهي. اچو ته ان ڏس ۾ سندس شاعريءَ، خاص طور تي غزل جو جائزو وٺون.

باغ جي پچار:

غزل ۾ باغ، بلبل ۽ گل جو ذڪر ٿيندو ئي رهيو آهي، سو مخدوم امين ’فهيم‘ جو ڪلام به ان حسن کان خالي ڪونهي، هو چوي ٿو:

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،

جستجو جابجا ڪري ڏسبي.

ڪلي جا گل ٿيڻ کان اڳ گلستان مان ڇني ورتئون،

انهيءَ جي آرزوئن جي بهارن کي خبر ڪهڙي.

’فهيم‘ ان جي ئي آمد جي ڪري پنهنجو ڪکائون گهر،

خزان ۾ اڄ بدلجي آهي ويو باغِ اِرم ٿي ويو.

گلستان ۾ ڪيترو رهندا ڀلا زاغ و زغن،

ايندو ايندو غيرتِ رشڪِ غزالان عنقريب.

اڄ نيٺ ويس گلشن ۾ هليو ڪنهن جذبه دل کان بيخود ٿي،

ڇو مون کي ڏسي ٿي رنو شبنم ڪجهه ياد اٿم ڪجهه وسري ويو.

انهيءَ باغ کي آباد ڪرڻ جي خواهش ڪندي هو هن ريت غزل سرا ٿئي ٿو:

چند روز آهن خزان جا باغبان غمگين نه ٿي،

فصل گل ايندو، وطن ٿيندو گلستان غم نه ڪر.

***

مطلب ته باغ ۾ راغ ۾، آهُن ۽ حيرانيءَ کان سواءِ ٻيو رکيو ڇا هي، جي آهي ته پياري پرينءَ جي ڳولا آهي، ازان سواءِ گلاب جي گل جي اجهو هيءَ حالت آهي:

لبن تي مرڪ سهڻي جي مون کي اينهين نظر آئي،

ٽڙي مکڙيءَ منجهان ڄڻ پيو گلاب آهستي آهستي.

***

گلاب جي گل جي ٽڙڻ جو هن کان وڌيڪ منظر، ٻيو ڇا هوندو!

مئخاني جي رونق:

شاعرن ڪنهن به ڏس ۾ گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي. مخدوم امين ’فهيم‘ به ان ڏس ۾ گلفشاني ڪئي آهي:

صراحي، ساغر و مينا ڏٺم مئخوار ويڳاڻا،

سوا تنهنجي اي ساقي! رونق محفل به ڪجهه ناهي.

گلن جي بو، مٺي محفل، صبا جي هير ٿڌڙيءَ ۾،

هلايو يار اڄ دور شراب آهستي آهستي.

ساقي رڳو شراب پيارڻ ۾ محوَ آ،

ڇا ڄاڻي اي امين ته وفادار آهي ڪير.

ڏاڍو ثواب ٿيندو محبت جي راهه،

هڪ تشنه لب کي جام محبت پيار جي.

جڏهن محفل منجهان نڪتس ته دل مان انهن هيءَ آئي،

اي مئخانا! صراحي! ساقيا! ساغر! خدا حافظ.

پيارين نه پيارين! مگر پيو صدا ڪندسي،

ساقي! پيار جام محبت وري وري.

ڪاروبارِ مئڪده هلندو مدام،

مئي آگر ملندي رهي مئخوار کي.

منهنجو تون ساقي ۽ تنهنجو آءٌ هڪ مئخوار بس،

پر ڪري پيالن تي پيالا پيو پيارا پيارا بس.

’فهيم‘ آهي محبت راهبر ٿي،

شراب عشق پي مخمور ٿياسين.

سڄڻ نت سوجهرو:

سڄڻ جي وصفن جي ساراهه ته سڀ ڪو ڪندو آهي، سو مخدوم محمد امين ’فهيم‘ به انهيءَ رمز کان ناآشنا نه آهي. هيءُ انوکو خيال آهي ته ٻانگو جيڪو سدائين سحر ويل ٻين کي سجاڳ ڪندو آهي سوبه ان وقت ڀنڀجي ويو جو اڃا رات پئي سمجهائين ته سحر ٿي وئي آهي مڄاڻ جو اها سڄڻ جي گهر جي کڏ تي چڙهي اچڻ جي ڪري روشني هئي، جيڪا اصل ۾ سڄڻ جي سونهن جي روشنيءَ جي جهلڪ هئي. هتي مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جي اهڙي غزل خوانيءَ جو چس وٺڻ گهرجي:

شرمائي گلن کي ٿي سندس رخ جي گلابي،

غنچن به سڄڻ کان ئي سکيو ناز نقابي،

شرمندو جنهن اڳيان قمر آهي.

ان جي آڏو شرم سار،

ماهتاب و آفتاب.

منهنجو رشکِ ماهتاب،

اڄ وري ٿئي بي نقاب.

سڄڻ کي ڏٺم ۽ قمر ياد آيو،

نهاريئين ته برق و شرر ياد آيو

سڄڻ جي سونهن جي ساراهه سان گڏ ان جي زلفن تي مخدوم امين ’فهيم‘ به ڪافي قلم فرسائي ڪئي آهي. اهو ڪو ورلي شاعر هوندو جنهن يار جي زلفن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ جڳهه نه ڏني هجي. ان ڏس ۾ مخدوم صاحب به پاڻ ملهايو آهي چئي ٿو:

تو ڦٽي دلڙي مٺا هڪ ئي نظر جي تير سان،

قيد هر دم ٿو ڪرين تون زلف جي زنجير سان.

ڪمندِ زلف ۾ قابو اچي ٿيس ازخود،

اميد آهي ته اهڙي خطا وري به ڪبي.

نگاهِ ناز سان دل آشنا وري به ڪبي،

اسير زلف ٿيو هيءَ خطا وري به ڪبي.

ڪمندِ زلف دوتا جي گلا وري نه ڪبي،

گلا ڪجي نه ڪجي پر ثنا وري نه ڪبي.

سيهه زلف دلبر جاءِ رخ منور،

ڏسڻ ساڻ وقتِ سحر ياد آيو.

ليلي شب جوش مان کولي ڇڏي شايد ’فهيم‘،

ماٺ جي ماحول ۾ زلفِ پريشان عنقريب.

گهڻئي وساريم نه وسري سا رنگين محفل ’فهيم‘ جنهن ۾

ڪمنڊِ زلف دوتائي دلبر وڪوڙي ورتو هو پنهنجي ور ۾.

اهڙيءَ ريت يار جي حسن، زلفن ۽ انهن جي سياهي، وارن ۾ ڦاسڻ، ليل و شب، وقت سحر سان تشبيهه ڏيڻ جهڙي ڪار ڪندي مخدوم صاحب غزل سرائيءَ جو حق ادا ڪيو آهي ۽ تغزل کي اوج تي رسايو آهي، جيڪو هڪ ڪمال آهي.

يار جي ياري ۽ پچار:

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ هونئن ته يارن جو يار رهيو آهي، پر پنهنجي دل گهرئي سان رهاڻ ۽ پور پچائڻ واري زندگي ڪا ٻي شيءِ ٿئي ٿي. هن جي چوڻ موجب جڏهن سندس محبوب جي نظر مٿس پئي ته پوءِ کيس زندگيءَ جو لطف حاصل ٿيو ۽ اهو لطف هن ڪيئن ماڻيو، تنهن جي جهلڪ پيش ڪجي ٿي:

آ سڄڻ سائين فقط تنهنجو رهيو ٿم آسرو،

تو سوا ٻيو ڪير ٿيندو منهنجي آڌر ۽ اَجهو.

سهڻو ٿئي ٿو منهنجو بد مهمان ڪڏهن ڪڏهن،

منهنجي به گهر ٿئي ٿو چراغان ڪڏهن ڪڏهن.

تون فقط هڪ مهربان ٿي، غير جي پوءِ ڪاڻ ناهه،

ڇا ڪندا اغيار مون کي تو اگر پنهنجو ڪيو.

ان هوندي به هو دلبر کي پنهنجي اڳيان هر وقت موجود ٿو ڏسي ۽ محبوب جي عشق ۾ سرشار ٿي دارا ۽ سڪندر کي به گهٽ ٿو سمجهي:

قرب واري جي برابر ڪير آ دنيا اندر،

هيچ آهن اي امين دارا سڪندر مون اڳيان.

ان هوندي به هو هر وقت کي ياد پيو ڪري ۽ پرينءَ جي پور ۾ پيو گذاري:

اسان جي دردِ دل جي حسن وارن کي خبر ڪهڙي،

گل پرمرده جي رنگين بهارن کي خبر ڪهڙي.

دل پريشان، حال ابتر، چشم گريان دربدر،

تو بنا اي دلربا شايد وڃان ٿي مان چريو.

منهنجي دل جي خبر اٿئي سهڻا،

تنهنجي لئي بيقرار ڪافي آ.

رقيبن ٿي وڌا رولا مگر بيسود سڀ ٿي ويا،

امين جو عشق ٿي ويو ڪامياب آهستي آهستي.

اوهان جي اٿم ياد، شب روز جاني،

ڪڏهن ڪا اچڻ جي ڪريو مهرباني.

جيئن مڇي پاڻيءَ بنا ڦٿڪيو ٿي ڦٿڪي دلبر،

تو سوا منهنجي به حالت اها مان ڪيئن رهان.

*

۽ حقيقت اها آهي ته:

هر ڪلي اشڪِ غم سان سينگاريم،

مالهيءَ سمجهو ته ماڪ پئي آهي.

خدا ڄاڻي ته پورو هجر وارو غم ڪڏهن ٿيندو،

سڄڻ هن خانه دل ۾ مڪين هر دم ڪڏهن ٿيندو.

روان اشڪِ مسرت، تومان چشم نم ڪڏهن ٿيندو،

خبر ڪانهي دل مجروح جو مرهم ڪڏهن ٿيندو.

هو آهي مهربان، بخشي سگهي ٿو هر خطا تنهنجي،

مگر اي بوالهوس تون پاڻ بخشائڻ نٿو ڄاڻين.

پڇاڙي وري به هيءَ اٿس:

تنهنجي راهه ۾ نيڻ وڇايان ۽ سر ساهه ڏيان مان نذرانو،

اچ منهنجي اڱڻ تي پير ڀري اي يار سڄڻ انڪار نه ڪر.

آخري دم پڻ نه ڇڏيئي، حيف توکي درد دل،

ان جي هڪ نالي وٺڻ جي واندڪائي ڏين نه ها.

*

مخدوم امين ’فهيم‘ جو غزل، غزل جي جديد روايتن جو آئينه دار هوندي به پراڻي روايت کان پري ڪونهي. ان سلسلي ۾ چند شعر پيش ڪجن ٿا:

نه مٽ سج سندس ۽ نڪي چنڊ همسر،

ڀلا ڪير سهڻي جو ٿي سگهندو ثاني.

عجيب مستي ۽ رنگ سان، هر گهڙي تصور ۾ آئين مون وٽ،

نظر تون هر شيء ۾، هر ستاري ۾ آئين توکي ڏٺم شجر ۾.

هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،

جستجو جا بجا ڪري ڏسبي.

ڀلا سا ڪهڙي محفل جنهن ۾ هو رشڪِ قمر ناهي،

انهيءَ کي هڪ شب تاريڪ چئو جنهن جي سحر ناهي.

سڄڻ پنهنجي لئي هڪڙو نئون جهان دل ۾ بنايو اٿم،

جتي شاخ و شجر ناهي جتي شام و سحر ناهي.

’فهيم‘ آهي محبت جو اثر ميدانِ الفت ۾،

زمين جي خاڪ هوندي گڏ رهون ٿا ماه پارن سان.

همه گير آهين تون اي ناز وارا

بچي توکان نه ڪو نخچير آهي.

راحتِ جسم و جان راحت زندگي تنهنجو مرڪي ملڻ جا نقرا جا نقرا

تنهنجو شيرين تبسم ٿو بخشي سڪون تنهنجون آهن اکيون ڪيف زا ڪيف زا

’فهيم‘ آخر نه ڪجهه وريو وڏائي ۽ اميري مان،

ڇڏي شاهي گدائي ڪوچئه دلدار ٿيڻو پيو.

سڄي دنيا جا واعظ، محتسب سڪندا رهيا هر دم،

۽ ساقي جي رخِ تابان کي ميخوارن ڏسي ورتو.

جيتوڻيڪ مخدوم امين ’فهيم‘ جي شاعري وڏي هاڪ رکي ٿي، پر تنهن هوندي به ڏسبو ته ان ۾ فارسي ٻوليءَ جو اثر، صاف نظر ايندو، هيٺ ڏنل شعرن تي نظر ڪبي ته اها ڳالهه صاف نظر ايندي:

دل، رشڪِ لالہ زار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم،

هڪ راز آشڪار ڪيم، هاءِ ڇا ڪيم.

نگاه ناز سان دل آشنا وري به ڪبي،

اسيرِ زلف ٿيو هيءَ خطا وري به ڪبي.

داغ دل داغِ   جگر،

هجر ۾ ٿيا ديده ور.

ڪئين مهميز ماريا دلربا تلوار ابرو سان،

جو آيو عشق جي مقتل ۾، ان جو سر قلم ٿي ويو.

محاوره بندي:

هر ڪنهن ٻوليءَ ۾ پنهنجا پنهنجا محاورا، اصطلاح ۽ پهاڪا آهن، جيڪي ٻوليءَ جي سونهن ۽ سوڀيا، اشاري ۽ ڪنايي سان ٿوري ۾ گهڻو ڪجهه سمجهائي ڇڏيندا آهن. ادب ۽ عام ڳالهه ٻولهه ۾ انهن کان ڪافي ڪم ورتو وڃي ٿو. مخدوم محمد امين ’فهيم‘ جو ڪلام پڻ اهڙي محاوره بندي کان وانجهيل ڪونهي. چند مثال پيش ڪجن ٿا:

ڏينهن راتيون موسمون بدليون، فضا بدلي مگر،

ڪجهه تفاوت ناهي آيو، تو ۾ ڪو تر جيترو.

ڇو ٿو تيغ و تبر تون ڪم آڻين،

تنهنجي ابرو جو وار ڪافي آ.

آءٌ تنهنجي تار ۾ ڦاسي پيس،

عشق جي آزار ۾ ڦاسي پيس.

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي،

پرهه جي باهين اڳيان پرجوش پروانا هجن.

اڌ رات ڏکي گذري اڌ رات چڱي گذري،

دلبر جي اڳيان ساعت هيهات چڱي گذري.

اک پٽڻ کان اڳ به آهين منهنجا دلبر مون اڳيان،

هر گهڙي هر وقت ۾ موجود هر هر مون اڳيان.

ٻئي نيٺ جهٽ پٽ ۾ ٿي وينديون فاني،

عجب آهي دنيا عجب زندگاني.

نه ڪنهن تي ڪجئين يار! تون ڀروسو ڪو،

زمانو به فاني، جواني به فاني.

مون ڏي سهڻا منهن ڪري گهورن ڏئي گهائي وڌئي،

دل کسي بي دل ڪيئي پوءِ دلربا! مان ڪيئن رهان.

تون پاڻ نڀائيندو اچجان هو پنهنجي رضا جو مالڪ آ،

تون هار ۽ جيت جو ان سان ڪڏهن وهنوار نه ڪر واپار نه ڪر.

رهيا نه مون سان جدائي ۾ همدم و غمخوار،

سحر ٿي ويئي ستارن وڏو فريب ڏنو.

مون بيقرار کي خالي ڏنائون دلداري،

وري به پنهنجي ئي يارن وڏو فريب ڏنو.

غمن ۾ کلندو رهيس پر خوشين رئاري ڇڏيو،

هميشه آهي بهارن وڏو فريب ڏنو.

حياتي ساري بتن جي ئي پيار ۾ گذري،

’فهيم‘ نقش و نگارن وڏو فريب ڏنو.

هت ڏنل شعرن ۾ فضا جو بدلجڻ، تر جيترو تفاوت، ابرو جو وار، عشق جو آزار، برهه جي باهه، تار ۾ ڦاسڻ، اک پٽڻ، جهٽ پٽ، عجب دنيا عجب زندگي، زمانو به فاني جواني به فاني، دل کسڻ، بيدل ڪرڻ، وهنوار نه ڪرڻ، واپار نه ڪرڻ، خالي وار ڪرڻ ۽ فريب ڏيڻ جهڙن محاورن، شعر جي معنيٰ ۽ ٻوليءَ جي سونهن کي وڌيڪ اجاگر ڪيو آهي، اها مخدوم امين ’فهيم‘ جي ٻوليءَ بابت ڄاڻ ۽ زبان داني ليکبي.

ڪافي جو رنگ:

مخدوم امين ’فهيم‘ لکيو ته غزل آهي، پر ڪٿي ڪٿي سندس غزلن ۾ رنگ، ڪافيءَ جو اختيار ڪيو اٿس، مطلب ته هن غزل ۾ ڪافي کي ڄڻڪه ملائي ڇڏيو آهي. هتي هڪ غزل جا شعر مثال طور پيش ڪجن ٿا:

سڄڻ توسان دلڙي ملائي چڪس،

اکين کي به توسان اڙائي چڪس.

ڌتارين، ڌڪارين مڙئي تنهنجي وس،

مگر توکي پنهنجو بنائي چڪس

تون منهنجو ٿئين ڪين سهڻا سڄڻ!

خدا وٽ به ڪل زور لائي چڪس

سندءِ واٽ تي مان نهاريان پيو

ٻيا پيچرا پنڌ پڇائي چڪس

الف، ميم، يي، نون، جي ٻڌ  صدا،

مٺا جان جندڙي جلائي چڪس.

نظم نمائي:

        مخدوم امين ’فهيم‘ جا ڪيترا غزل، نظم جو تاثر ڏين ٿا، جهڙوڪ هي غزل ملاحظه ڪجي:

محفل جو مير مرتبت اعليٰ اچي پيو،

اڄ باادب تي بيهو معليٰ اچي پيو،

بيشڪ ٿيا ڀاڳ پنهنجا ڀلارا اچي پيو.

گلشن کي حڪم ٿيو ته سڀئي گل ٽڙي پون،

مولا ڏٺو ته طالبِ مولا اچي پيو.

ٿي دست بستءِ سر تسليم خم ڪري،

خادم اوهان جي حڪم تي قبله اچي پيو.

گهر منهنجو رشڪِ جنت فردوس ٿو لڳي،

مون وٽ رهڻ لئي طالبِ مولا اچي پيو.

جنت منجهان شراب طهورا کڻي اچو،

اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو.

هي آهي رشڪ ديرو حرم ٿي ويو ’فهيم‘،

اڄ ميڪده ۾ طالبِ مولا اچي پيو.

صنعتون:

صنعت، شاعريءَ جي سونهن کي وڌيڪ جرڪائي ٿي ڇڏي. اها صنعت جيڪا پاڻمرادو اچي ويندي آهي، سا ته ڪلام کي جرڪائيندي آهي، پر جيڪا صنعت، خيال ۾ رکي ڪلام ۾ آندي ويندي آهي سا سونهن کي جرڪائي نه سگهندي، ويتر ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڪُجسو ۽ ٻُسو ڪري ڇڏيندي آهي. شاعريءَ ۾ اهڙي اهڙي رَوَشِ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هت مخدوم امين ’فهيم‘ جي چند شعرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن ۾ آيل صنعتن جي ڪري شعر جي معنويت ۾ واڌارو اچي ٿو ۽ شاعريءَ جي لطف ۽ ٻوليءَ جي نزاڪت ۽ سونهن ۾ واڌارو آيو آهي.

تشبيهه:

قيمتي شيء فقط محبت آ،

ٻي ته هر چيز ڄڻڪ رئي آهي.

استعارو:

پڇو ڇا ٿا اي يارو پنهنجي گل جو خار آهيان مان،

انهيءَ سان منهن جو ڇا؟ جيڪر ٻين تي بار آهيان مان.

ڪنايو:

ماٺ جي ميدان ۾ اهڙو ڪو هنگامو ڪجي،

برهه جي باهين اڳيان پر جو پروانا هجن.

مجازِ مرسل:

بيوفا دنيا سان ناتو نيٺ مشڪل ٿي ويو،

جنهن کي مون آسان ڄاتو نيٺ مشڪل ٿي ويو.

تجنيس تام:

هن جهان ۾ ’فهيم‘ ٿي نه ’فهيم‘،

فهم اڄڪلهه وڏو ضرور آهي.

تجنيس لاحق:

مون کي پر مار جي خدمت ۾ پهچڻ لاءِ هڪواري،

پرائي ڄار ۾ ڦاسي پرايو مار ٿيڻو پيو.

تجنيس حرفي:

اڃا ان جي اڳيان اي يار ليلائڻ نٿو ڄاڻين،

رٺل کي رمز سان ريبي تون ريجهائڻ نٿو ڄاڻين.

قطار البعرين:

دار کي منصور بخشي آبرو،

آبرو منصور بخشي دار کي.

سياقت الاعداد:

ڀڄي نوڪ قلم افسوس مان پَٽَ تي ڪري پيئي،

اڃا ”ٻاٽي“ اکر لکڻا هئم پنهنجي فساني ۾.

صنعتِ موقوف:

سڄڻ تنهنجي اها ئي مهرباني آهي ڪافي جو،

تون خود ماري سگهين ٿو ڪنهن کان مارائڻ نٿو ڄاڻين!

صنعتِ توشيح:

الف، ميم، يي، نون جي سڻ صدا،

مٺا جان جندڙي جلائي چڪس.

صنعتِ ايهام:

هو مڙني کان مٿاهون آ سندءِ رهبر، امين،

خود خدا جنهن جو ٿيو آهي ثناخوان، غم نه ڪر.

صفتِ تضاد:

وساري تون به ويٺين دلربا! دنيا ته مٽجي وئي،

”جفا“ سڀ ڪنهن ڪئي ڪنهن کان وفا ٿئي ها ته بهتر هو.

مراعات النظير:

امين جو سائين تو رهبر به تون ۽ آسرو پڻ تون،

قدم پنهنجا ڪڏهن وٽ گهمائج يا رسول الله.

حسن التعليل:

جت خرد جو ٿيو ڪمال ات عشق ۾ رکيم قدم،

ٿي جڏهن هڪ انتها، ٻي ابتدا حاصل ڪيم.

صنعتِ سوال و جواب:

اچي ٿيو تنگ منهنجي شاعرانه عرض کان سهڻو،

چيائين: وڃ هتان فوراً! چيم: دلبر خدا حافظ!

مبالغو:

گردش ايام کي روڪي ڇڏيو اي دوستو،

فڪر فردا ۾ جڏهن مصروف ستانا هجن.

صنعتِ تعجب:

’فهيم‘ آهي تعجب هن جو مون کي!

اهو ٿي ويو نه هو جيڪي گمان ۾!!

تجاهل عارفانه:

تنهن جي هوندي به دل جي ڦٿڪڻ کي،

بيقراري، قرار، ڇا چئجي.

واسوخت:

محبوب بنا هي روشن راتيون چنڊ ۽ تارا ڪين کپن،

جي پيار ڏئي پوءِ ڌار ڪنداسي سهڻا سهارا ڪين کپن.

شهرِ آشوب:

اسان جي شهر هالا کي پچائج يا رسول الله،

سڀئي مشڪل غريبن تان هٽائج يا رسول الله.

قافيه پيمائي:

سنڌ جي هن قادرالڪلام شاعر جي ڪلام ۾ جتي ٻيون انيڪ ادبي خوبيون نظر اچن ٿيون، اتي محض قافيه پيمائي جا به مثال ملن ٿا جيڪا شاعريءَ ۾ بسيار نويسيءَ جي هڪ عام ڳالهه آهي.

مخدوم محمد امين ’فهيم‘ پنهنجي غزلن ۾، غزل جا جيڪي به  لوازمات آهن، انهن کي نهايت سهڻي انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان غزل جي صنف کي سمجهڻ وارا سندس شعرن مان لطف ماڻي ۽ حظ حاصل ڪري سگهندا ۽ ٻيا وري ان جي مٿاڇري معنيٰ ڪڍي پورائو ڪندا.

بهرحال هتي ائين چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو ته، مخدوم محمد امين ’فهيم‘ کي سنڌ جي قادر ڪلام غزل گو شاعرن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته هُو ان حيثيت جو بااليقين صحيح حقدار به آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org