(9)
نواب عيسيٰ خان جو مقبرو، ان جو اوڀر، اولهه، ڏکڻ
رستي تائين
ڳنڍيل مضمون ۾ مقبري ديوان شرفا خان جو احوال رهجي
ويو هو، جو نواب عيسيٰ خان ٻئي جي ڀر ۾ اُتر اولهه
واقع آهي. ضروري آهي ته مختصر طرح هن جو احوال
اڄوڪي مضمون ۾ پيش ڪجي نه ته هن جي مقبري جي احوال
کان سواءِ مڪليءَ جي احوال ۾ وڏو خال رهجي ويندو.
ديوان شرفا خان، نواب امير خان جو 1644ع تائين
وزير مال ٿي رهيو. هي صاحب ”ميرزا اليکه ارغون“
جو پوٽو هو. هي قبو شرفا خان جي حياتيءَ ۾ 1638ع ۾
جڙيو هو. هن جي ساخت امير خليل خان جي مقبري جهڙي
آهي. هن تي ڪاشيءَ جو ڪم تعريف جوڳو آهي، ۽ ڪاري ۽
آسماني سرن جي جڙت ٿيل آهي. مسٽر ڪوزنس پنهنجي
مشهور تصنيف ”دي ائنٽيڪئيٽز آف سنڌ“ ۾ ڄاڻايو
آهي ته هي مقبرو مڪليءَ جي سڀني مقبرن کان وڌيڪ
بهترين حفاظت ۾ رکيل آهي، هن جي گنبذ جي دروازي تي
هڪ پٿر جي ڪتبي تي هڪ نظم لکيل آهي، جنهن جا ڪل 6
بيت آهن يعني 12 مصراعون. پر هڪ اخبار ۾ فقط 2
سٽون ڏنل آهن، سي به هيٺ مٿي. ان کان سواءِ اڏاوت
جو سال 1089هه ڏنل آهي، جو غلط آهي. مگر تاريخ
وفات 1049هه آهي، جا هيٺئين طرح ظاهر ٿيندي. مان
هن نظم جا فقط ٻه بيت پهريون ۽ پويون پڙهندڙن لاءِ
پيش ڪريان ٿو:
چون بنا شد چار طاق روضه رضوان پناه
قدسيان گفتند يا رب مرقدش پرنور باد
بهر تاريخ بناي روضئه ديوان سند
گفته شد جاويد يا رب مقبره پر نور باد.
1049هه.
اندر گنبذ ۾ ٽي تربتون آهن. اولهه واري نواب شرفا
خان جي آهي، جنهن تي بهترين چٽسالي ٿيل آهي ۽ هي
ڪتبو لڳل آهي:
آنکس که وزارت يافت صد زيب از راي او
چون قصد سفر کرد در زين خانئه پر محنت
از غيب بگوش آمد زانيکه خوش الحان
تاريخ وفات او جاءِ شرفا جنت.
1049هه
نمبر ٻئي اوڀر واري تربت تي 1052هه ۽ ٽيءَ تي
منظوم تاريخ 1072هه لڳل آهي. اوڀر طرف هڪ ڪالم (Column)
۾ چار تربتون، جي بي تاريخ آهن. اولهه طرف احاطي
اندر سهڻو چٽيل محراب آهي، جنهن تي هيٺيون ڪتبو
اُڪريل آهي:
”بيت تاريخ اين بناي شريف
يا صفا مثل مسجد اقصيٰ.“
1049هه.
هاڻي اچون ٿا مڪليءَ جي نڪ، مرزا عيسيٰ خان ترخان
ٻئي جي رانئڪ تي، جا سڀني مڪليءَ جي مڪانن جي
مهندار آهي. هن لاءِ مير علي شير ”قانع“ ٺٽويءَ
جي ”مقالات الشعراء“
۾ هڪ شاعر متخلص به ”ظاهر“ هڪ عجيب قصيدو لکيو
آهي. ”لب تاريخ جي“ صاحب خانبهادر خدا داد خان
سکر واري، هن جي ساراهه ۾ جو ڪجهه چيو آهي، تنهن
جو ترجمو عرض رکان ٿو:
”18 سالن جي عرصي ۾ رانڪ يا روضو، جو مڪلي ٽڪريءَ
تي آهي پاڻ (مرزا عيسيٰ خان) ٺهرايو هو. زيبائي،
پائيداريءَ ۽ پهنائيءَ ۾ هن جهڙو مثال اڳ اسان کي
نٿو ملي.“
”مسٽر ڪوزنس“ به هن کي سڀني مزارن کان وڏي ۾ وڏي
۽ اهم ترين عمارت شمار ڪئي آهي. مرزا عيسيٰ خان
دوم مرزا جان بابا جو پٽ ۽ مرزا عيسيٰ ترخان اول
جو پوٽو هو. هن 1037هه کان وٺي 1054هه مطابق 1627ع
کان 1644ع تائين جهانگير ۽ شاهجهان جي زماني ۾
ڪرنال ۽ ٺٽي جي گورنري ڪئي. هي صاحب مرزا غازي بيگ
جو سؤٽ هو، ۽ هن 1054هه مطابق 1644ع ۾ وفات ڪئي.
اندر مقبري ۾ 9 تربتون آهن، جي هيٺين طرح واقع
آهن:
اولهه جي طرف کان چوٿون نمبر وچين تربت نواب عيسيٰ
خان جي آهي، جنهن جي پيرانديءَ ۾ ڪتبو آهي، مگر
زماني جي گذرڻ ڪري گهڻو ميسارجي ويو آهي. اسان کي
جو گهڻي ڪاوش ۽ ڪوشش کان پوءِ پڙهڻ ۾ آيو سو هي
آهي:
”چو رحلت کرد از دارالفنا آن سرور ترخان
به بستان جنان آسوده شد در منزل اعليٰ
چو پرسيدم بسال رحلت او گفت از فردا
مبوده مرزا عيسيٰ بکام امر او ماويٰ.“
1062هه
ٻي تربت اوڀر واري يعني نمبر 5 تي هي ڪتبو لکيل
هو: ”تاريخ وفات مرزا عنايت الله 1058هه.“ ٽئين
تي ”بتاريخ 20 شوال 1091هه واليون مرزا.“ نمبر
چوٿين خالي. پنجين ”مرزا فتحي“ جي هئي، جنهن تي
منظوم ڪتبو درج ٿيل هو، جنهن مان تاريخ 1093هه
معلوم ٿي. ڇهين اولهه طرف نمبر 3 خالي. ستين تي
تاريخ هئي هيءَ: ”تاريخ وفات مرحومي و مغفوري
بهره ور“ 1077هه. نمبر اٺين ۽ نائين بي ڪتبي
هيون. مقبري جي ٻن ڪنڊن تي ٻه چوڪنڊيون هيون. جي
مستو رات بلي هيون. هڪ اتر اوڀر ۽ ٻي ڏکڻ اولهه.
اتر اوڀر ۾ هاڻي وڃي هڪ تربت رهي آهي جنهن جي مشڪل
سان تاريخ وفات سال 1087هه پڙهڻ ۾ آيو. اولهه ڏکڻ
واري چوڪنڊي ته ڪا مضبوط ٺهيل هئي، مگر هاڻي ته
زبون حال ۾ آهي. هن ۾ به هڪ تربت چڱي چوکي نظر
آئي، جنهن تي هي الفاظ اُڪريل هئا:
”بتاريخ بيست وسويم شهر رمضان 1081هه وفات اين
عصمت پناه مغفور.“
مگر پاڪستان گائيڊ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن چوڪنڊي
۾ ٽي تربتون آهن. باقي ٻن تي جي تاريخون اُڪريل
آهن، سي هي آهن. هڪ تي 6 ذي الحج 1082هه ۽ ٻيءَ تي
15 رجب 1080هه. ”مرزا عيسيٰ خان“ جي سامهون اوڀر
طرف ”مرزا جان بابا“ جو مقبرو آهي ۽ ان تي آثار
قديمه وارن پاران 1556ع لکيل آهي. ”مرزا جان
بابا“ ، مرزا عيسيٰ خان دوم جو والد مرزا عيسيٰ
خان اول جو فرزند هو يعني مرزا محمد باقيءَ جو
ننڍو ڀاءُ. هن جي عجيب شخصيت جو احوال
”بيگلارنامه“ فارسي، ”تحفته الطاهرين“ فارسي،
سنڌ جي تاريخ ارغون ۽ ترخان از محمد صديق
”مسافر“ ۽ مرزا قليچ بيگ جي تاريخ جلد دوم مان
بخوبي معلوم ٿي سگهندو.
مرزا عيسيٰ ترخان اول جو آخرين وقت خيال هو ته
مرزا ”جان بابا“ جاءِ نشين مقرر ڪجي. مگر سندس
زال ”ماه بيگم“ جو خيال هو ته مرزا محمد باقي
راڄڌڻي ٿئي، مگر مرزا عيسيٰ خان پنهنجي ”ماه
بيگم“ کي ورندي ڏني ته مرزا باقي ظالم آهي.
پنهنجن عزيزن کي به ڏکيو رکندو ۽ توکي به تڪليف
رسائيندو. ٿيو به ائين جو ”جان بابا“ کي قتل
ڪرايائين ۽ ”ماه بيگم“ کي بکون ڏئي جيل ۾
مارايائين. هڪ عجب جي ڳالهه هي آهي ته مڪليءَ جي
قديم نقشي ۾ خواه انگريز سياحن، هن مقبري کي نالي
مرزا عيسيٰ ترخان دوم جي زنانه عالم جو مقبرو
ٻڌايو آهي، مگر ائين نه آهي، ڇو ته هن ۾ ”جان
بابا“ ، مرزا مسڪين ترخان (جو شاهه حسن مرزا جو
سپهه سالار ۽ مرزا محمد باقي جي ڏينهن تائين مکيه
مهندار رهي چڪو هو) وغيره جون تربتون آهن ۽ هن ۾
اُتر اوڀر طرف هڪ حرم سراءِ جي بيبين لاءِ،
ڪـُـنڊڙيءَ ۾ چوڪنڊي آهي ”پاڪستان گائيڊ“ مطابق
ڪل اٺ قبرون آهن. ڇهه ٿـَـلهي تي ۽ ٻه پاسن تي،
مگر اسان جي تحقيق موجب ڏهه تربتون آهن. ست مٿي
ٿـَـلهي تي ۽ صحن جي اُتر پاسي ٻه ۽ ڏاکڻي پاسي
هڪ، مستورات واري گنبذ ۾ ٻه تربتون آهن، قبر نمبر
ٽي، جنهن تي 1017هه اُڪريل آهي. اها ”جان بابا“
ڏي منسوب ڪن ٿا. ان جي ڀرسان نمبر چوٿين تي فقط
سال 978 هه ۽ نمبر پنجين تي سال 964هه ۽ نمبر ڇهين
تي 988 هه ۽ نمبر ستين تي مير مخدوم مسڪين سال
970هه لڳل آهي. بنده جي ناقص راءِ موجب نمبر ٽئين
مرزا ”جان بابا“ جي تربت نه آهي، پر نمبر چوٿين
سندس ٿي سگهي ٿي، ڇو ته سال 977هه ۾ جڏهن مرزا
محمد باقي پنهنجي نياڻيءَ جو سڱ ”ماه بيگم“ ،
”ناهيد بيگم“ ۽ مسڪين ترخان سان گڏ اڪبر بادشاهه
ڏي روانو ڪيو ته لڪيءَ جي جبلن وٽ ”جان بابا“ هن
جو مقابلو ڪيو. ان واقعي کان پوءِ مرزا محمد باقي
هن کي مارائي ڇڏيو، جو لاشبہ 978هه جو سال هو.
نمبر ستين وارو اهو ساڳيو صاحب مرزا محمد مسڪين
آهي. مگر سال وفات 970هه نه هوندي، مگر 977هه يا
ان بعد هوندي. صحن ۾ ڏاکڻي ڇٽيءَ ۾ هڪ تربت آهي،
جنهن تي سن وفات 1005هه لکيل آهي. هن سهڻيءَ عمارت
کي ٽي قبا هئا ۽ هاڻي فقط هڪ آهي. ڏاکڻي طرف هڪ
ڏيڍي ٻارهن پيل پاوَنَ تي بيٺل آهي، مگر پريان
جاني بيگ جي ڍنڍ جو واهه جو دلپذير منظر آهي. محض
ڏسڻ سان تعلق رکي ٿو. مرزا عيسيٰ ترخان جي فلڪ رسا
رانڪ جي ڏکڻ ۾ مرزا باقي بيگ جو مقبرو آهي. چوڪنڊو
آهي. وچ ۾ ٿلهو اٿس. زبون حالت ۾ آهي. ڏسڻ ۾ ائين
پيو اچي ته مٿيون قبو ڊهي ويو آهي. ٽي تربتون
آهن. وچ ۾ مرزا باقي بيگ جي قبر، اولهه ۾ سندس پٽ
جي قبر ۽ اوڀر ۾ هڪ ننڍي تربت. اولهه طرف هڪ محراب
ٺهيل آهي. مرزا باقي بيگ جي تربت جي پٺيان هڪ قطع
اُڪريل آهي:
”زغيب آمدندا تاريخ او گفت
که گوئي مسرور و سردار باقي.“
اولهه واري قبر تي هيٺيون ڪتبو پيرانديءَ ۾ اُڪريل
آهي، جو هڪ پروانه محبت جو موهڻو مخال آهي:
بجستم از خرد تاريخ او گفت
مپرس از من بپرس از داغ دلها.“
مٿين مقبري کي مؤرخن مرزا محمد باقي بن مرزا عيسيٰ
ترخان اول جو مقبرو ڪري لکيو آهي ۽ ”لب تاريخ“
جي مصنف مرزا محمد باقي جي تاريخ وفات جا اصلي
آهي، اها پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻائي اٿس. يعني 8 شوال
993هه مگر اسان کي ٻاهرين دروازي تي شڪسته حال
الفاظ، جي باقي آهن، سي هي معلوم ٿيا. حالانڪ
ڪيترا الفاظ ميسارجي ويا آهن:
”مقبره مرحومي و مغفور ميرزا باقي بيگ وزير (جاني
بيگ) تاريخ ذي الحج 1050هه. هن مان ظاهر آهي ته هي
صاحب مرزا محمد باقي نه آهي، پر مرزا محمد باقي جي
ڏهٽي جاني بيگ سان تعلق رکندڙ ڪا ٻي شخصيت آهي.
ٻيو هي به خيال رکڻ گهرجي ته هن جو نالو مرزا محمد
باقي بيگ آهي نه مرزا محمد باقي. ازانسواءِ مرزا
محمد باقي بن مرزا عيسيٰ خان ترخان اول جي تربت جو
ذڪر اسان اڳ ۾ ئي اوهان جي سامهون گذريل هڪ مضمون
۾ ڪري آيا آهيون.
هن مقبري جي ڏکڻ اولهه ٻارهن ٿنڀن جي کليل رانڪ
مرزا ظفر بيگ جي ڏسڻ ۾ اچي ٿي جا 16 چورس فوٽ
ٿيندي. ”پاڪستاني گائيڊ“ موجب، سندس محراب تي هڪ
فارسي ۾ وفات تاريخ ڄاڻايل آهي، جنهن ۾ 1090هه
مطابق 1679ع سال نڪري ٿو. اسان کي ڪوبه اهڙو ڪتبو
ڏسڻ ۾ نه آيو. فقط آثار قديمه وارن جي هڪ تختي لڳل
آهي، جنهن تي 1099هه (1686ع) لکيل آهي، ۽ نه
1679ع، جو ڪتابچي ۾ آهي. هن صاحب جو وڌيڪ احوال
نٿو ملي. فقط ائين معلوم ٿئي ٿو ته اورنگزيب جي
عهد ۾ نالي وارو سالار هو ۽ ڪلان ڪوٽ به ڪن ڏينهن
۾ هن جي نالي پٺيان ”ظفرل آباد“ سڏيو ويندو هو.
جڏهن اسان ڏکڻ طرف اڳتي هلياسين ته اسان کي اٺ
ڪـُـنڊو قبو ڪاشيءَ جي بهترين زيبائش سان ڏسڻ ۾
آيو. ڪاشيءَ جو ڪم گهري نيري ۽ سفيد ٽـُـڪرين جي
جـُـڙت تي مشتمل آهي. هي قبو مرزا جاني بيگ ۽ سندس
لاڏلي مرزا غازي بيگ جي رانڪ سڏجي ٿو. مرزا جاني
بيگ مرزا محمد باقي جو ڏوهٽو ۽ مرزا پاينده بيگ جو
پٽ هو، ۽ اڪبر جي دلاور جنرل مرزا عبدالرحيم خان
خانان جي ڀاري لشڪر سان 1591ع مطابق 1000هه ۾
مردانه وار مقابلو ڪيو ۽ آخر زور جي آڏو زاري
مڃيائين. غازي بيگ سندس پٽ هو. اڪبر جي ڏينهن ۾
افغانستان جو پهريون گورنر مقرر ٿيو، ۽ آخر قنڌار
۾ هڪ غلام زاده عبداللطيف هٿان شهيد ٿيو. جنهن جي
سال وفات جي مصرح ”لب تاريخ“ واري هيءَ ڄاڻائي
آهي. ”از دست غلام گل برون رفعت دريخ“ وفات
1021هه مطابق 1613ع. هي لا اولاد هو. هن جو لاش
1022هه ۾ کڻائي، اچي مڪليءَ تي مدفون ڪيائون.
اندر قبي ۾ 3 قبرون آهن. وچ ۾ وڏي قبر مرزا جاني
بيگ جي آهي، ۽ اوڀر واري سندس نورچشم غازي بيگ جي،
۽ اولهه واري سندس ڪنهن ٻئي فرزند يا ڪنهن ويجهي
عزيز جي آهي. اتر پاسي هڪ قبر احاطي اندر آهي، مگر
بي نام آهي. از انسواءِ ٻيون به ٽي قبرون آهن جي
پونيرن جون معلوم ٿين ٿيون. اولهه پاسي محراب آهي،
جنهن تي پٿر جي ٽُڪ جو ڪم بهترين ٿيل آهي. ان تي
ئي مرزا جاني بيگ جي تاريخ وفات قرآن شريف جي هن
آيت بعد اُڪريل آهي. ”فتادتہ الملائکتہ وهم قائم
يصلي في المحراب.“ ان بعد تاريخ مرزا جاني بيگ 27
رجب 1009هه. ان کان پوءِ عجيب و غريب کوهه پسي، ۽
سيد ڇٽن شاهه جي زيارت ڪري، رستي تي پهچبو.
___________
(10)
رستي جو ڏاکڻيون پاسو
ٺٽي کان ڪراچيءَ ويندڙ رستي تي ڊاڪ بنگلي کان
اورتي، لوڪلبورڊ جي مسافر خاني وٽ اچي بيهبو ته
پريان ڏکڻ طرف، هوا جي چرخيءَ وارو بنگلو ڏسڻ ۾
ايندو، جو مرحوم حاجي عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ جو
ٺهرايل آهي. هن ڏانهن وڃڻ لاءِ، وڏي رستي تان هڪ
پيچرو نڪري ٿو. جيڪڏهن ڪوبه پانڌيڙو، اهو پيچرو
وٺي، شاهه صاحب واري بنگلي ڏانهن رخ رکندو ته هن
کي ٻنهي طرفن اٿاهه مها ساگر وانگر ”مقام“ ، زمين
جي سطح تي ڇانيل نظر ايندو، جنهن ۾ سنڌ جا ڪيئي
ڪونڌر آرامي آهن. هن اُڀرندي پاسي جا موتي، پنهنجي
غيرفاني جوت سان، اسان کي پاڻ ڏي جاذب ڪن ٿا، سي
هي آهن نقشبندي حضرات، جن مان مخدوم آدم ۽ مخدوم
ابوالقاسم جون چوڪنڊيون مشهور آهن.
هت لازم آهي ته هنن بزرگن جي طريقي جوڪجهه بيان
ڪجي، جنهن ڪري هو هن ناسوتي مڪان ۾ مشهور آهن.
نقشبندي طريقي جو باني بهاءُالدين محمد بـِـن محمد
البخاري (717هه-719هه) هو. پاڻ نقشبندي جي نالي
سان اِنهيءَ ڪري مشهور هو، جو هو، الله جي لفظ جي
صورت پنهنجي اڻ پڙهيل مريدن آڏو، اهڙيءَ طرح پيش
ڪندو هو، جو هو هن کي بخوبي پروڙي سگهندا هئا ۽
محويت جي عالم ۾ سندن زبان تي هن پاڪ ۽ اعظم نالي
جو وِرد هوندو هو. مريدن کي ارشاد ڪندو هو ته "هٿ
سان الله جو نالو نقش ڪريو، اک سان ان نقش ڏي نه
نهاريو، ۽ دل ۾ به الله پاڪ جو ڌيان ڌريو."
هندستان ۾ هن طريقي جي شروعات هندستان جي مجدد
امام رباني شيخ احمد سرهندي (970هه-1034هه)
جهانگير جي دور ۾ ڪئي. هن جا ٽي فرزند به وڏي پايي
جا بزرگ ٿي گذريا آهن. پاڻ پنهنجي ٽين نمبر فرزند
عروهِ الوثقيٰ محمد معصوم (1007هه-1089هه) کي
پنهنجو روحاني خليفو مقرر ڪيائون. هن جو اثر،
مخدوم آدم ٺٽوي تي پيو، جو پهريون ئي شخص هو، جنهن
سنڌ ۾ نقشبندي طريقي جو بنياد وڌو، پنهنجي مرشد
عروهِ الوثقيٰ جي ارشاد مطابق، ٺٽي ۾ اچي منزل
انداز ٿيو. وڏو ڪامل شخص ٿي گذريو. جيئن ته ان
زماني ۾ هڪ ٻيو مخدوم بنام ”آدم“ بن مخدوم رحمته
الله مشهور هو، تيئن هن صاحب پاڻ کي ”آدو“ سڏايو
آهي. انهيءَ زماني جا بزرگ جهڙوڪ شيخ ابوالقاسم ۽
مخدوم ابراهيم نقشبندي لاهري بندري به سندس مريد
ٿي گذريا آهن. سندس فرزند مخدوم محمد اشرف خواه
مخدوم فيض الله به بلند منزل جا بزرگ ٿي گذريا
آهن. شاهه لطيف جو فضل مريد ۽ مخدوم محمد زمان
لنواريءَ واري جو استاد، مخدوم محمد صادق نقشبندي
به مخدوم محمد اشرف جو ناٺي هو. شيخ فيض الله کان
مخدوم محمد زمان لنواريءَ واري جي والد بزرگوار
شيخ حاجي عبداللطيف نقشبندي طريقي لاءِ اجازت ورتي
هئي. مخدوم محمد زمان صاحب وري مخدوم محمد اشرف جي
فرزند شيخ محمد، جو ابو المسڪين جي ڪنيت سان مشهور
هو، جي هٿ تي بيعت ڪئي. مخدوم محمد اشرف جي سجع هي
هئي. ”محمد اشرف اولاد آدم“ .
هن پس منظر ڏيڻ بعد اچون ٿا، مخدوم آدم جي چوڪنڊي
جي احوال تي. سڃاڻپ لاءِ چوديواري کڄي وئي آهي.
اندر هڪ ٿـُـلهي تي پٿر جون ٽي قبرون نظر آيون.
پهرين اورين تربت مخدوم آدم جي هئي، جنهن تي
”مقبره منوره حضرت مخدوم آدم“ اُڪريل هو. هن جي
اوڀر وري سندس لاڏلي شيخ محمد اشرف جي تربت هئي،
جنهن تي هي الفاظ هئا: ”شيخ محمد اشرف ولد مرحوم
مخدوم آدم 1223هه.“ ٽين اوڀر طرف وري مخدوم محمد
اشرف جي ڀاءُ جي تربت هئي، جنهن تي لکيل هو ”شيخ
فيض الله ولد مخدوم آدم“ . سال لڳل نه هو. انهيءَ
چوڪنڊيءَ ۾ ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ڌاري قبر ڏٺي وئي،
جنهن تي لکيل هو: ”شهر وي بنت افغان بوستان
1152هه“ . هن جي ڀرسان هڪ قبر ڊٺل معلوم ٿي. وري
ڏکڻ طرف ان جي چوڪنڊي ڏسڻ ۾ آئي. جنهن ۾ مخدوم
ابوالقاسم نقشبندي ۽ هن جي فرزند جون تربتون آهن.
وچ ۾ مخدوم ابو القاسم جي تربت آهي ۽ اوڀر طرف
سندس صاحبزاده مخدوم ابراهيم جي ۽ اولهه طرف سندس
ٻئي پٽ فيض احمد ولد ابوالقاسم جي. مخدوم ابو
القاسم نقشبندي درس قوم جو هو. سندس والد صاحب درس
ابراهيم، شيخ بهاؤالدين ذڪريا ملتاني وارن جو مريد
هو ۽ پوءِ اچي ٺٽي ۾ رهيو. ڏاڍي حال ۽ قال وارو
هو. وقت جو ٻيو مشهور علامه مخدوم محمد معين عرف
مخدوم ٺارو، جو شاهه ولي الله دهلوي جو سهيوڳي ۽
شاهه ڀٽائي جو صحبتي هو، سو مذڪوره مخدوم صاحب جو
مريد هو. هن صاحب جي التفات جي نظر مخدوم ابو
المسڪين تي هوندي هئي.
ان جي ڏکڻ اولهه مخدوم حمزه جي تربت آهي، جنهن کي
”واعظ“ ڪري سڏيندا آهن. بلند روحاني منزل تي پهتل
هو. ”تحفة الڪرام“ واري ڄاڻايو آهي ته روز رات
جي نماز وڃي ڪعبة الله شريف ۾ پڙهندو هو. وڌيڪ ڏکڻ
ڏي هلبو ۽ پيچرو، جو عيد گاهه ڏي وڃي ٿو، اهو ٽپي
ٻئي پاسي ٿبو ته مخدوم هاشم ٺٽوي جي تربت ڏسڻ ۾
ايندي، جا اصل ته مقام ۾ رواجي طرح هئي مگر هاڻي
سندس عقيدتمندن هن جي مٿان ڄاريءَ سان گچ جي پڪي
قبر ٺهرائي ڇڏي آهي. ازانسواءِ چوديواري ڏئي،
عاليشان سينگاريل دروازو ٺاهي ڇڏيو آهي. ڀرسان هڪ
مسجد به ٺهيل آهي.
مخدوم حاجي محمد هاشم ٺٽوي سنڌي عبدالغفور بزرگ جو
فرزند آهي، جو صاحب بٺوري جو باشندو هو.
مخدوم صاحب 1104هه مطابق 1613ع ۾ تولد ٿيو. شروعاتي تعليم جون منزلون پنهنجي
والد صاحب وٽ طئه ڪيائين. ان بعد ٺٽي جهڙي هڪ علم
و فضل جي گهواري ۾ اچي لڏيو ۽ مخدوم سعيد صاحب،
مخدوم ضياءُ الدين جهڙن ڀلارن جي استاديءَ جو شرف
مليس. ”تحفة الڪرام“ جي روايت موجب پاڻ مخدوم
معين ۽ ٻين ڪن ٺٽي جي عالمن سان علمي بحث ڪندو هو،
جو اهي هن جي نظريي جي خلاف هئا. هي صاحب شريعت تي
بلڪل مستقل هو ۽ اسلام جي ديني ڪمن ۾ تمام گهڻي
مدد ڪندو هو ۽ دين جي برخلاف ڳالهائيندڙ سان خوب
چوٽون کائيندو هو. سندس ڏينهن ۾ سوين ماڻهو اسلام
جي دائري ۾ داخل ٿيا.
نادر شاهه، احمد شاهه ۽ ٻين بادشاهن سان سندس خط و
ڪتابت جو رستو جاري هوندو هو ۽ جيڪي چوندو هو، سو
هو ڪندا هئا. وقت جي حاڪم غلام شاهه ڪلهوڙي به هن
کي قاضي القضاة جي عالي منصب تي مامور ڪيو. سندس
ڪتاب لڳ ڀڳ 150 جي انداز تائين آهن، جن مان ڪي
ٿورا ڇپيل آهن. باقي اسان جي بي قدري ۽ سرد مهريءَ
تي نوحو ڪندا ۽ زماني جي بي درد هٿن سان مٽبا
نابود ٿيندا ويا آهن. هن صاحب 1174هه مطابق 1760ع
۾ وفات ڪئي. سندس هڪ پٽ مخدوم حاجي عبدالرحمان
جهونا ڳڙهه ويو ۽ اتي ئي گذاري ويو ۽ ٻيو مخدوم
عبداللطيف پيءُ جو جاءِ نشين ٿيو، جو پنهنجي والد
وانگر وعظ و نصيحت ۾ مصروف هوندو هو. مرحوم سيد
عبدالرحيم شاهه جي بنگلي جي اولهه پاسي پريان هڪ
مسجد شريف آهي، جتي ڪي قديم پٿر به آهن، جن کي
حضرت عليءَ جا قدم چيا وڃن ٿا. اتي شيعا حضرات
تازيه ٺاهي، اچي رکندا آهن. ان کي امام حسين جو
جلوه گاه سڏين ٿا. انهن مان چند مکيه تربتن جا
نشان، جي اسان کي مليا، انهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
1 - مرحوم مير وراقامه ابن مشهدي بنام بنده علي ذي
الحج 1027هه.
2 - محمد ڪريم ابن حاجي اصغر اصفهاني 1155هه.
3 - محمد اسماعيل بن حاجي محمد شريف اصفهاني تارخ
8 ربيع الاول (سال صاف نه هو). مسجد شريف تي سال
1140 لکيل هو.
بنگلي ّکان هڪ پيچرو اوڀر طرف وڃي ٿو، جو هڪ
دلپذير ڍنڍ جي طرف وٺي وڃي ٿو. هن ڍنڍ کي ”شلنگ
ڍنڍ“ ڪري سڏين ٿا. پريان ”ڪنڊڙيءَ ۾ هڪ مندر
ڏيکائي پيو ڏئي، جنهن کي ”منڇا ديويءَ“ جو مندر
ڪري سڏجي ٿو. انهيءَ مندر جو نظارو اهڙو پيو دل کي
ڀاسي، جهڙو ڪنهن هردوار جي دُواريءَ جو عڪس آهي يا
بنارس جي مندر جي مورتي آهي. واقعي نظارو قابل ديد
آهي. هن بنگلي کان ٻيو پيچرو وري عيد گاهه، خليفي
ڇتن ۽ سيد يوسف شاهه رضوي مهدي ۽ لوٽو فقير سلطان
سامونڊيءَ جي آستانن ڏي وڃي ٿو. هاڻي اچون ٿا هر
هڪ جي احوال تي. عيد گاهه شاهه جهان جي عهد زرين ۽
يوسف خان جي نوابيءَ جي زماني جي يادگار آهي. اها
معلومات مغربي طرف واري ديوار جي ڪتبي مان ظاهر
آهي. ڪتبي جا لفظ هي آهن.
”خان مالڪ رقاب يوسف خان، ساخت، طاعت گهيزب ختبلند
قدسيان بهر سال اتمامش، کعبه اصل فضل يافته
اندر.“
1043هه
نواب يوسف خان وڏو علم پرور ۽ علم دوست حاڪم هو.
مخدوم محمد ابراهيم ٺٽوي شرح ”محزن الاسرار“
سندس نالي منسوب ڪئي آهي ۽ سندس بي حد واکاڻ ڪئي
آهي. ٻيو هڪ ڪتبو لڳل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته
ٽالپرن جي حڪومت جي ڏينهن ۾ الله بخش نالي عباسي،
عيد گاهه جي مرمت ڪرائي آهي. ڪتبي جا لفظ هي آهن:
”غفار 1281هه.“
”چون الله بخش شہ آل عباس، زيب ترميم اين مصليٰ
کرد
بي سرو جدوجهد خوان سالش، کعبه اهل فضل زيبا
کرد.“
1281هه.
خليفي ڇتن ۽ لوٽو فقير جو مستند احوال نه ٿو ملي.
انهن ٻنهي جو احوال اڃا تحقيق طلب آهي. باقي سيد
يوسف شاهه رضوي ساداتن مان هو. هن جو وڏو ڀاءُ سيد
عبدالرزاق ولد سيد جادم پهريائين ٺٽي آيو، جنهن جي
قبر شيخ حمادي جمالي جي مقبري جي پٺيان آهي. سيد
محمد يوسف، سيد مبارڪ شاهه ۽ شيخ دانيال جو مريد
هو. هن صاحب پنهنجن مائٽن مٽن کي ڇڏي، اچي مڪليءَ
تي پنهنجو مڪان ڪيو ۽ ميران سيد محمدي مهدي
جونپوريءَ جي آستاني تي رهڻ لڳو، جنهن ڪري هاڻي
کيس سيد يوسف شاهه مهدي به سڏيندا آهن. عباسي
قاضين جي خاندان مان شادي ڪيائين. نياڻي ڄايس،
جنهن سان پنهنجي ڀائٽي سيد اسحاق ولد مير ڪمال
الدين کي بکر مان گهرائي، شادي ڪرايائينس، جو پوءِ
ساڻس گڏ رهڻ لڳو. انهيءَ جو اولاد ٿيو، جنهن مان
سيد محمد جعفر سجاده نشين ٿيو ۽ اهو صاحب سيد
عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو خليفو هو ۽ ان جي مريدن
جي مهمانداري جو ڪم سندس ذمي هو.
لوٽو فقير جي مقام جي هيٺان وري هڪ من موهڻي ڍنڍ
نظر اچي ٿي، جنهن کي بکري ڍنڍ ڪري ٿا سڏين. اهو هن
ڪري جو بکر جا بانڪا سادات رضوي سندس پاسي ۾ آرامي
آهن.
هت اسان جي مڪليءَ جو سير ختم ٿيو. اسان ساموئي جي
ڳوٺ کان وٺي بکر تائين ساڍن تيرهن ميلن جو وڏو
مفاصلو عجيب و غريب حالات سان ڀريل محض ڏهن ڪاغذي
قسطن ۾ اوهان تائين پهچايو. مان وري به پنهنجي
پهرين مضمون جا لفظ دهرائيندي، مڪلي جي من موهيندڙ
سلسلي کي هت ختم ڪريان ٿو:
”مڪلي جي ٽڪري، پٻ ۽ هاڙهي جبلن جي شاخ آهي ۽
”رني ڪوٽ“ واري ٽڪرين جي قطار مان شمار ڪئي وڃي
ٿي. اها پير پٺي کان نڪري، اُتر ڏي برابر پنج ڪوهه
وڃي، ٺٽي کي ويجهو اُلهندي طرف بيهي ٿي. ساموئي جو
ڳوٺ پنهنجي شاندار ماضي تي اُتر واري ڇيڙي جي
پٺيان حسرت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي. ته ڏکڻ جي
پاسي واري بکر جي ڍنڍ، پنهنجي مرمرين موجن سان
ناظرينن جي دل لڀائي رهي آهي.“
ــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــــ |