سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪريءَ جو سير

باب؛ --

صفحو ؛ 2

 

(2)

ساموئي ۽ شيرازي ساداتن جو مقام

اسان مڪليءَ جي ٽڪري جي اُترئين ڇيڙي وٽ، اوهان کي وٺي وڃون ٿا، جتي هينئر اوهان کي شڪسته حال جهوپڙيون پنهنجي ياد ماضيءَ تي اوساريندي نظر اينديون. هي خطو هاڻي به ساموئيءَ جو ڳوٺ سڏجي ٿو ۽ ديهه شاڪراڻي ميمڻ تعلقي ٺٽي ۾ آهي. هي ڳوٺ، شهر ٺٽي جي اُتر اولهه جي طرف ڏيڍ ڪوهه جي مفاصلي تي آهي. سنڌ جي باشندن لاءِ، جيڪي به شهر مناظرہءِ عبرت آهن، انهن مان هيءُ به هڪ آهي، جو عقل و بصيرت وارن لاءِ قرآن شريف جو هي فرمودو ياد ڏياري ٿو ته  ”فاعتبروا يا اولي الابصار.“

سومرن بادشاهن جي ڏينهن ۾ محمد طور گاديءَ جو هنڌ هو، جنهن جا ڦـِـٽل نشان، هاڻي بدين جي ڏکڻ اولهه ۾ ميرپور بٺوري جي ڏکڻ اوڀر  ”شاهه ڪپور“  جي ڳوٺ وٽ ملن ٿا. هن شهر جي بربادي علاؤالدين خلجيءَ جي گورنر نصرت خان جي هٿان ٿي ۽ اهو شهر 1315ع جو چيو وڃي ٿو. ان بعد سمن حاڪمن جو دؤر دور شروع ٿئي ٿو. هنن وري پنهنجي گاديءَ جي لاءِ، ڪي شهر ٻڌا، جن مان ساموئي اولين ۽ ٺٽو آخري هو. ساموئي درڪ پرڳڻي ۾ واقع هو. مرزا قليچ بيگ مرحوم  ”قديم سنڌ“  132 صفحي تي هن حقيقت کي غلط طور پيش ڪيو آهي، ته  ”سمن جي ڄامن وري ڪلان ڪوٽ وٽ تختگاهه بنايو، جنهن جو نالو  ”تغلق آباد“  رکيائون. ساموئي به ان کي ٿا چون.“  پر ٻئي هنڌ وري ان جو اَزالو پاڻ ئي ڪيو اٿس. ڇو ته ڪلان ڪوٽ، مڪليءَ جي ڏاکڻي حصي ۾ آهي ۽ ساموئي اُتر اولهه ۾. ازان سواءِ هي تاريخي حقيقت آهي ته ڪلان ڪوٽ، اهو مکيه هنڌ آهي، جنهن تي طغرل آباد ۽ تغلق آباد جا نالا پيا تنهنڪري هي ٻه جدا جدا هنڌ آهن.

سڀئي مستند تاريخون، هن ڳالهه تي متفق آهن ته  ”ساموئي پهريائين سمن سردارن جي سڪونت گاهه هئي، پوءِ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندي جي ڏينهن ۾ هن جو شان و شوڪت مٽيءَ ۾ ملجي ويو، جو ڄام نندي، هڪ نئين شهر ٺٽي جو بنياد وڌو.“  باقي هيءَ ڳالهه اڃا تحقيق طلب آهي ته هن شهر جو باني ڪير هو؟ ڪن تاريخ نويسن جو چوڻ آهي ته ڄام انڙ بن بابينہ (752هه) ۾ گادي نشين ٿيو ۽ سندس پيءُ ڄام بابيني اهو شهر ٻڌايو هو. ڪن مؤرخن جو خيال آهي ته اهو شهر ڄام بابيني (ٻانڀيڻو) بن خير الدين جو ٻڌايل آهي ۽ ڪي وري ڄام بابيني بن خير الدين جو ٻڌايل چون ٿا. ساموئي جي برباد ٿيڻ ۽ ٺٽي جي آباد ٿيڻ جو احوال مؤلف  ”لـَُب تاريخ سنڌ“  خان بهادر خداداد خان مفصل طور ڏنو آهي، جنهن ۾ هن صاحب ٺٽي جي شهر جي تعمير جو سال (893 هه/1585ع) ڄاڻايو آهي، جو ابجد جي حساب موجب  ”به بين بسم الله الرحمـٰـن الرحيم“  مان نڪري ٿو. قديم ساموئي شهر جي پکيڙ ڪافي وڏي هئي، جنهن ۾ هاڻوڪو ڳوٺ ۽ هن جون مضافات ڄام نندي جي مقبري تائين اچي ويا ٿي. وري ٽڪريءَ جي هيٺان اوڀر طرف، درياهه وهيو ٿي، جنهن کي ساموئيءَ جو درياهه سڏيندا هئا، جنهن جا چٽا نشان اڃا تائين ملن ٿا. شيرازي مقام ۽ سمن واري سڪونت گاهه جي وچ ۾ هڪ دل لـُـڀائيندڙ ماٿري آهي، جنهن ۾ سبزيءَ جي دلڪشا چادر وڇايل آهي. هن جي اوڀر طرف وڻن جا جهڳٽا آهن، جن مان ٿڌيون هيرون سـُـر سـُـر ڪري دل کي فرحت ۽ دماغ کي تراوت پهچائين ٿيون. وڻن جي ڀرسان اڃا به پاڻي جا چشما نظر چڙهن ٿا.

موجوده ڳوٺ جي عمارتن جو بنياد، پٿرن تي بيٺل آهي، جي پٿر اصل قديم شهر مان کوٽي هٿ  ڪيا ويا آهن. شاهه مراد جي هڪ مجاور،غلام محمد سمي کان معلوم ٿيو آهي ته ساموئيءَ ڳوٺ جي آسپاس، جيڪڏهن زمين کوٽبي ته اڃا به هيٺان زمين مان پٿر نڪرندا. موجوده ڳوٺ ۾ جهنڊي پاتڻيءَ خواه سـَـتين جي آستان جا مجاور رهن ٿا، جن ۾ درس شيخ ۽ سهر آهي. انهن جي مکيه آمدني خيرات ۽ زمين جي پوک آهي.

تحفة الڪرام ۽ تحفة الطاهرين جي راءِ موجب، جي به مقبرا ساموئيءَ جي حد ۾ اچي وڃن ٿا، سي هي آهن:

(1) سـَـتين جو آستان (2) شيخ حماد (3) شيخ عيسيٰ (4) ملا عبدالرحمان (5) شيخ جهنڊو پاتڻي.

اسان هنن جو مختصر تعارف ناظرين ڪرام لاءِ پيش ڪريون ٿا.

(1) سـَـتين جو آستان: روايت آهي ته سـَـتيون سورميون هيون، جي ظالم زميندارن کان دور رهي، حق بخشي، ڌڻي تعاليٰ جي عبادت و رياضت ۾ گذارينديون هيون. هڪ دفعي جيئن دستور موافق، هو ساموئي جي درياهه تي وهنجڻ ويون ته اُهي ظالم، انهن جي پٺيان لڳا. انهن کي جهنڊي پاتڻيءَ ٻئي پار پهچايو، مگر انهن نفس پرستن انهن جو پيڇو نه ڇڏيو. آخر ٻي ڪا واهه نه ڏسي، ڌڻي تعاليٰ کي ٻاڏايائون ته اسان جو سـَـتر ڪر زمين کـُـلي پئي ۽ هي زمين دوز ٿي ويون. هن هنڌ هاڻي سندن ستن قبرن جا نشان آهن. هي آستان پراڻي عمارت جو جڙيل آهي، مگر هن جي ڇت تازي ٺهيل آهي. سامهون کجيءَ جو وڻ ڏاڍي لـَـئـَـي لڳايو بيٺو آهي.

2) شيخ حماد بن شيخ رشيد الدين جمالي: هن جو تذڪره جيڪر سمن حاڪمن جي سڪونت گاهه جي احوال ۾ اچڻ گهرجي. هن جو مقبرو ڄام نندي جي اُتر ۾ مسجد جي نزديڪ تمام ڊٺل حالت ۾ واقع آهي. مگر جيئن ته هي بزرگ ساموئي جي بزرگن ۾ شمار ڪجي ٿو، تيئن هن جو احوال هت ڏيون ٿا. شيخ حماد، شيخ جمال اُچ واري جو ڏوهٽو هو، تنهنڪري جمالي سڏجي ٿو. ڄام جوڻي جي ڏينهن ۾ ڄام تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين سندس گهڻا معتقد هئا. ڄام جوڻي، شيخ جي ڪرامت جي ڊپ ڪري، هنن کي دهليءَ ڏي قيد ڪري موڪلي ڏنو. شيخ صاحب کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي. وجد جي حالت ۾ هڪ سنڌي بيت پڙهيائين، جنهن ۾ انهن لاءِ دعا هئي. اُن ڪري شيخ صاحب کي سنڌي ادب جي پهرين شاعرن مان شمار ڪجي ٿو. آخرڪار فقير جي دعا سان ڄام تماچي ۽ سندس پٽ کي حڪومت ملي. انهيءَ فقير صاحب جي حڪم تي هڪ وڏي مسجد ٺهرائي، جا اڃا تائين سندس تربت جي اولهه ۾ موجود آهي. مسجد شريف جي ساخت مان معلوم ٿئي ٿو ته مسجد شريف جوڀن ۾ ته لاجواب هئي.

(3) شيخ عيسيٰ لانگوٽي: هن جو ذڪر وري شيرازي ساداتن جي ضمن ۾ اچي ها، پر اسان سندس احوال "ساموئي جي سامين" ۾ ڏيون ٿا. هن جو قبو سيد عالي ثاني  شيرازيءَ جي قبي جي اُتر اوڀر جي ڪـُـنڊ تي جبل جي لاهيءَ وٽ آهي. هي صاحب، لانگوٽو ٻڌي پيو هلندو هو، جنهنڪري کيس  ”لانگوٽيا“  يا  ”لانگوٽيو“  ڪري سڏجي ٿو. شيخ حماد جو هم صحبتي هو. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ سيد محمد حسين شيرازي عرف سيد مراد جي تولد جي پيشن گوئي ڪيائين ۽ هن جي ڄمڻ وقت اتي حاضر ٿيو. ٻار جي بيعت ورتائين. اهو واقعو 831 هه جو آهي، جو سيد مراد جي تولد جي تاريخ "قرة العين" مان نڪري ٿي، جنهن جو حساب 831 هه ٿيندو. ٽن ڏينهن کان پوءِ هي هن دنيا مان اُسريو.

(4) ملا عبدالرحمان عرف ملا لـُـٽر: هيءُ عباسي خاندان مان هو. وڏو ڪامل ولي هو. مگر پاڻ چرچائي به هڪ هو. ڄامن جو منجهس گهڻو اعتماد هو. سندس تربت، سيد مراد جي مقبري جي اُتر اولهه طرف 300-400 والن جي مفاصلي تي آهي. تربت جي اوڀر ۾ جاکرن جو قيام آهي.

(5) شيخ جهنڊو پاتڻي: شيرازي ساداتن واري ٽڪريءَ تي سمجهو ته اتر طرف، پريان هڪ اڇو گنبذ چـِـٽو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو ساموئي جي اوڀر طرف واري مقام ۾ سـَـتـَـين جي آستان جي سامهون آهي. هيءُ صاحب، سيد ميران محمد  جونپوريءَ جو مريد هو. جڏهن جونپوري صاحب ڄام نندي جي وقت ۾ ٺٽي آيو، ته عالمن جي چوڻ تي ڄام، هن ڏي توجهه نه ڪيو ۽ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ٻئي پار روانيو ڪيائينس. ٻيڙي هڪ هنڌ وڃي گـَـتيِ، جنهن کي جهنڊي پاتڻيءَ اچي ڪڍيو، پوءِ ته مهدوي رنگ ۾ رڱجي ويو. سـَـتيـَـن جي به هن صاحب مدد ڪئي. ماموئيءَ جي هڪ پريي مڙس کان معلوم ٿيو ته جهنڊو پاتڻي، شاهه آهي ۽ لڪياري ساداتن مان آهي، مگر اها روايت محقق نه آهي. هاڻي هلون ٿا ڏکڻ طرف ساموئيءَ جي ڳوٺ واري پـُـل لنگهي، اورتي اچبو ته ٽڪريءَ جي هيٺان هڪ وڏي قبر آهي، جنهن کي ماموئي به سڏيندا آهن. غلام محمد سمي مجاور کان معلوم ٿيو آهي ته قبر، فقير ساجن جي آهي، پر هاڻي هن کي ميگهواڙ، پير ڪري پوڄين ٿا. اهڙيءَ طرح اسان کي ماموئي جي هفت تن بزرگن جي ياد آئي، جن جون پيشن گويون مشهور آهن. انهن مان پهرين جي پيشن گوئي هيءَ آهي ته:

 ”هاڪ وهندو هاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بـِـهه، مڇي ۽ لوڙهه سمي ويندا سوکڙي“ .

اورتي ايندي ايندي، اسان کي هڪ وڏو اڇو مقبرو مٿاهين ٿلهي  تي پسڻ ۾ آيو ، جنهن کي هڪ وڏو قبو ۽ ٻه ننڍا قبا هئا. مسٽر ڪوزنس مؤلف  ”دي ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“  The Antiquities of Sindh جي لکيت موجب، هن جي پکيڙ ساڍا 48x33 فوٽ آهي. هي مقبرو شيرازي ساداتن جي هڪ فرد سيد عالي ثاني ولد سيد جلال ولد سيد احمد ولد سيد محمد شيرازي جو آهي، جنهن جو وڏو ڏاڏو، سيد محمد، شيراز مان لڏي اچي ٺٽي ۾ ساڪن ٿيو، ۽ جنهن جي نعش کي سيد عالي ٻئي، مراد اوٺي جي ڳوٺ مان کڻائي، اچي هن قبي ۾ رکيو. هن بزرگ جي قبر، قبي ۾ اولهه طرف آهي ۽ ان جي ڀرسان سيد عالي ثاني جي ، ٻيون قبرون سندن عزيزن جون آهن. سيد عاليءَ کي اسان ادبي طرف کان به ياد ڪري سگهون ٿا، جو هڪ بيت سنڌي، اسان کي رسالي شاهه مراد مان معلوم ٿئي ٿو. هڪ دفعي شاهه صاحب حج جو ارادو ڪيو، مقربن ۽ متعلقن کين روڪيو. پاڻ هيٺيون بيت چئي، اچي وجد ۾ پيا 971هه ۾ راهه رباني اختيار ڪيائون. اهو بيت هيٺيون آهي، جو اڳ ڪنهن به ادبي تاريخ يا ڪتاب ۾ آيل نه آهي.

سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي هلان هوت ڏي، تان هوتي واريو وهارين،
وَرتيون وَرن سين، ويٺيـُـون گهر گهارين،
تپندا ٿيون کارين، ڪانه هـُـلائي ڪيچ ڏي.“

سيد عالي جي مقبري جي ٻاهران در تي ڇٽيءَ ۾ سندس فرزند سيد جلال جي تربت آهي، جو مرزا صالح شهيد ترخان جو ناٺي هو. ان جي تربت جي پٺيان، سندس ٽن فرزندن جون تربتون آهن. مقبري جي اولهه ۾ چاند مير جي تربت آهي، جنهن جو سن وفات 1122هه آهي. مقبري جي اردگرد تمام گهڻيون تربتون آهن. پر جي قابل ذڪر آهن، سي هي آهن: اوڀر ۾ درس ڀنڀو، ڀرسان مراد بيليجو، ڏکڻ ۾ ننڍي مسجد جي ڀرسان شيخ حماد نيرون ڪوٽي، جنهن جي قبر پٿر جي آکري ۾ آهي. ان هيٺان ڏکڻ اولهه هڪ ديوار جي اندر اڪيلي تربت آهي، جا مخدوم نوح رحه هالائي جي پـُـٽ يا پوٽي جي آهي. هن خاندان سان شيرازي ساداتن جو گهرو تعلق رهيو آهي، جو سيد عالي ثاني مصنف  ”آداب المريدين“  مخدوم نوح جو مريد هو. هن ڳالهه جي تصديق  ”تحفة الطاهرين“  ۽  ”تحفة الڪرام“  مان ملي ٿي. مذڪوره مقبري جي اُتر ۾ جوکين فقيرن جون تربتون آهن، جي ڪتابن جي لکيي موجب، هن مقبري جا ٺهرائيندڙ هئا.

سيد عالي جي مقبري جي اُتر اوڀر سؤ ڏيڍ قدمن تي پريان، هڪ قبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جو شيخ عيسيٰ لنگوٽيي جو آهي، جنهن جو احوال اسان مٿي ڏئي آيا آهيون. ان جي اولهه ۾ شوالي جهڙي هڪ عمارت آهي. ڏکڻ ۾ هڪ سنگين ڇـَـٽـِـي آهي، جا پيل پاون تي بيٺل آهي. چيو وڃي ٿو ته هن ۾ بـُـوبـَـنا جـَـرار ميهار رکيل آهي، جنهن بابت ٻهراڙيءَ وارا عجيب و غريب قصا راتين جون راتيون جاڳي، ويهي کڻندا آهن. هن مقبري جي اوڀر ۾ هڪ ٻي پٿر جي ڇٽي آهي، جنهن ۾ نئين تيار ٿيل قبر موجود آهي، جنهن تي هي اکر اُڪريل آهن:  ”مزار پير هالا شريف“  نيئن مرامت مائي عاصيان بنت الله رکيو ذات قصاب پنجابي ڪرائي آهي. مگر مجاور سيد مراد کان معلوم ٿيو ته هي تربت  ”تاجو دل“  جي آهي، جو ڄام نندي جو وزير هو. هن جي ڀرسان هڪ ڊٺل ٿـَـلهو آهي، جتان مخدوم نوح رحه هالائيءَ کي ختمو ڏبو آهي. هنن عمارتن خواهه ڇٽين تي، هندن جي تعميري هنر جو اثر نمايان آهي. هن بابت انگريز سياحن گهڻو ڪجهه لکيو آهي.

هاڻي اچون ٿا سيد محمد حسن عرف سيد مراد واري مقام تي. سيد مراد ڄمندي ئي ڄام هو، جيئن سندس احوال شيخ عيسيٰ واري حصي ۾ ڏئي آيا آهيون. هن صاحب جي ڪرامات جو سمورو احوال  ”رساله مراد“  فارسي ۽  ”تذڪرهِ المراد“  عربيءَ ۾ آيل آهي. سيد مراد جي تربت ڪاٺ جي ڇٽيءَ جي هيٺان آهي. هن جي چوڌاري سندس عزيزن، ناناڻن ۽ معتقدن جون تربتون آهن. سيد مراد جي لڳ، سندس والدين ۽ ڀائرن جون تربتون آهن. هن جي تربت جي اُتر اوڀر، مسجد شريف آهي، ۽ سـَـر اُتر مڪتب آهي،جو سيد صاحب جي علم جي ڪمال جو بين  ثبوت آهي. اُتر ۾ ٻئي طرف سيد عبدالصمد جي تربت آهي، جو به ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. سيد صاحب جي مقبري جي ٻاهران ڏکڻ ۾ سيد عبدالخالق شيرازيءَ جي تربت آهي، جنهن تي سن وفات 1295هه لڳل آهي. اوڀر ۾ هڪ تربت آهي، جنهن تي هي الفاظ اُڪريل آهن.  ”مقبره منوره محمد قاسم جوهري تاريخ 26 ماه ذي القعد 1251هه.“  سيد مراد جي ڏکڻ اوڀر ۾ سندس ناني قاضي نعمت الله جي تربت آهي، ۽ اتي ٻيو، قاضي صاحب جي متعلقن جو مقام آهي. هت اسان ساموئي ۽ شيرازي سادات جو احوال ختم ڪريون ٿا.

 

(3)

سمن جي سڪونت گاهه

سيد مراد جي مقبري کان ڏکڻ طرف پيچرو وٺي هلنداسين ته اسان کي واٽ تي، تلاءَ جي مٿان شاهه ڪامل جو قبو ڏسڻ ۾ ايندو. ان کان اورتي اچبو ته مائي سائيءَ جي تربت آهي. انهن ٻنهي جو احوال تحقيق طلب آهي. انهن کان اوري ڏکڻ طرف، پيچري جو پهه پڄائبو ته اسان کي ڪاري گچ سان، مشهور قاضي عبدالله جي قبر ڏسڻ ۾ ايندي، جو ڄام نظام الدين عرف "نندو" جي ڏينهن ۾، بلند پايي جو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جي تقويٰ ۽ تعميل، احڪام رباني ضرب المثل هيون. ان جي مٿان معروف بزرگ حماد جماليءَ جو قبو آهي، جو هاڻي شڪسته حال آهي، جنهن جو مفصل احوال اڳ ۾ ڏيئي آيا آهيون. سمن بادشاهن جي محلي ڏي، ٺٽي جنگشاهي واري رستي مان، هڪ پيچرو ڦـُـٽي ٿو. گهڻو ڪري سيلاني، ان رستي جي وسيلي، سمن جي سڪونت گاهه تائين پهچن ٿا، ۽ جهڙي نموني قبرون هنن کي نظر چڙهن ٿيون، ان طرح مان هنن مرقدن جو ذڪر ڪريان ٿو، جيئن مڪليءَ جي مشتاقن کي تڪليف نه ٿئي.

سمن بادشاهن جي تخت گاهه بابت پڻ وڌيڪ تاريخي احوال اڳ ۾ اچي چڪو آهي. انهيءَ ڏس ۾ اهو پڙهندڙن لاءِ ڪافي ٿيندو ته "سما قوم" سنڌ جي اصل باشندن جي هئي. سومرن جي اڻبڻت ڪري، ڪيترا سما، سنڌ ڇڏي وڃي ڪڇ جا رهواسي ٿيا. سومرن جي مڪمل شڪست کان پوءِ، ڄام انڙ بن ڄام بابينو (752هه/1351ع) ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو.  ”چچ نامي“  موجب، سمن حاڪمن جو تعداد (پندرهن) آهي، تاريخ معصومي جي مصنف سترهن ڄاڻايو آهي. مگر تاريخي تحقيق موجب اهي انگ اکر غلط آهن. در حقيقت سما بادشاهه ڪل (ارڙهن) ٿي گذريا آهن، ۽ هنن جو آخرين تاجدار ڄام فيروز بن ڄام نندو آهي، جنهن کي شاهه بيگ ارغون سن 926هه/1519ع ۾ شڪست ڏيئي، سمن جي حڪومت جو خاتمو آندو. هاڻي اچون ٿا، سندن قبرستان جي احوال تي.

اسان اوهان کي  ”سمن جي سڪونت گاهه“  جي ڏکڻ اولهه واري ڪـُـنڊ تي وٺي وڃون ٿا، جتي مبارڪ خان جي سهڻي چوڪنڊي آهي، جنهن کي ٻه دروازا آهن. هڪ ڏکڻ کان ۽ ٻيو اوڀر کان. پهرين ڏسون ته هي مبارڪ خان ڪير هو؟ مقبري جي ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته مبارڪ خان، سلطان نظام الدين جو پٽ هو. مگر مڪليءَ جي قديم نقشي وارن، هن مقبري جو نالو  ”سلطان مبارڪ خان“  عرف  ”دولو دريا خان“  ڄاڻايو آهي، جا حقيقت، صحيح آهي. احمد بن دريا خان جو نالو به نقشي ۾ ڄاڻايل آهي، جنهن جو نالو ڏاکڻي دروازي جي ڪـُـنڊ تي اُڪريل آهي ۽ تاريخي تحقيق مطابق، ڄام نظام الدين عرف  ”ڄام نندو“  کي فقط هڪ فرزند هو، جنهن جو نالو ڄام فيروز هو، ۽ لقب فتح شاهه، پوءِ هي مبارڪ خان ڪٿان آيو؟ جنهن کي ابن نظام الدين ڄاڻايو ويو آهي. اچون ٿا هن منجهيل مسئلي جي صفائي تي. هي مقبرو مبارڪ خان بمعروف دريا خان جو آهي. هن جو پهريون نالو قبوليو هو، ۽ ڄام نندي جي ديوان "لکمير" جو غلام هو. هن جي سٺن لڇڻن ڪري، ڄام نظام الدين هن تي مفتون ٿي پيو، ۽ کيس مبارڪ خان جو لقب ڏيئي، پنهنجو مدارالمهام ۽ اميرالارم ڪيائينس. سيد محمد مهدي جونپوري، جڏهن سنڌ ۾آيو، تڏهن دريا خان وڃي، هن جو مريد ٿيو، ۽ ان جي دعا سان، بادشاهه جو ايترو راضپو ٿيس، جو هن کي غلام ڪري نه سمجهندو هو، مگر پنهنجو پٽيلو. ايترو ته معتمد هو، جو بادشاهه سلامت گذارڻ وقت، پنهنجي صغير پٽ ڄام فيروز جي ٻانهن، ان جي حوالي ڪئي. هن صاحب پنهنجي آقا جي پوري پرگهور لڌي، ۽ نمڪ حلاليءَ جو ثبوت ڏيندي، 927 هه ۾ شاهه بيگ سان لڙندي شهيد ٿيو. تنهنڪري هن جي نالي پٺيان ابن نظام الدين شاهه لکيل آهي. ڏاکڻي دروازي تي احمد بن دريا خان جو نالو اُڪريل آهي، جو دريا خان جي پٽن مان هڪ هو. ان جي تربت به اندر احاطي ۾ آهي. ڏاکڻي دروازي تي عربي عبارت اُڪريل آهي، جنهن جي معنيٰ هيءَ آهي: "هي عزت واري تربت  مبارڪ خان اعظم شهيد جي آهي““ احاطي اندر سترنهن تربتون آهن. محراب جي طرف مبارڪ خان جي تربت آهي. تربت تي عربي ڪتبو لڳل آهي، جنهن جي عبارت مذڪور عبارت جهڙي آهي. اوڀر واري دروازي تي، عربي ۾ اکر اُڪريل آهن، جنهن جي معنيٰ آهي:  ”هي مقام خان اعظم ميان مبارڪ خان بن سلطان نظام الدين شاهه جي ڏينهن ۾ ٺهيو. تعمير جو آغاز جمادي الاول سن 895هه مطابق 1490ع ۾ ٿيو.“

هن مان ظاهر آهي ته هي سهڻي عمارت دريا خان پنهنجي حياتيءَ ۾، ڄام نندي جي حڪومت ۾ جوڙائي.

مبارڪ خان جي مرقد جي اُتر اوڀر ۾، هڪ مقبرو بنا قبي جي شڪسته حالت ۾ آهي، جنهن ۾ ڏهه قبرون آهن،. اوڀر طرف ٻه وڏيون قبرون آهن، ۽ ٻيون ڪچيون زمين کان ٿورو مٿانهينءَ تي آهن، سي زنانيون آهن. اندر اولهه طرف، ڀت ۾ هڪ ڪتبو عربي عبارت ۾ نظر آيو، جنهن جا ڪيترا اکر ميساريل هئا. عبارت جو سنڌي ۾ ترجمو هي آهي،  ”هي آرامگاهه الله تعاليٰ جي رحمت جي طالب واسطي آهي. هن عمارت جو ٺاهيندڙ ميان تاج الدين آهي، ۽ هي ميان فتح خان بن سلطان نظام الدين شاهه (جنهن جو ڌڻي تعاليٰ ملڪ ۽ سلطنت وڌائي) جي ڀيڻ لاءِ، 898هه ۾ تيار ٿيو.“

ڄام فيروز جو لقب فتح شاهه هو، جنهن جو اشارو اسان کي ڄام نندي جي مقبري جي اُترئين پاسي واري ٻاهرين ڪتبي مان ملي ٿو. هي مقبرو به ڄام نندي جي ڏينهن ۾ ٺهيو. ان مقبري کان ٻاهر نڪتاسين ته اسان جي توجهه اوڀر پاسي جي هڪ مقبري ڇڪيو. اندر ڪابه تربت معلوم نه ٿي. سمجهوسين ته فرحت لاءِ بنايو ويو آهي. مگر پوءِ هڪ ڪتبو عربي عبارت ۾ لکيل ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو سنڌي ترجمو هي آهي:  ”هي آرامگاهه، الله جي رحمت جي اميدوار جي آهي. عمارت جو جوڙيندڙ ملڪ راجپال پٽ ملڪ اُنڙ پٽ ملڪ راهو پٽ ملڪ رانڌن پٽ ملڪ راهو پٽ فيروز شاهه سلطان آهي. يا الله هن جي آرامگاهه ٿڌي رک. هن جي قبر روشن ڪر. ۽ هن جي اڪيلائي کي راحت وارو ڪر.“

هن مقبري جي ڪتبي مان اسان کي شجرو ته ناياب مليو، مگر سن نه هئڻ ڪري خبر نه ٿي پوي ته ڄام نندو جي پٽ ڄام فيروز جي اولاد جو آهي يا سندن وڏي ڏاڏي فيروز جو، جنهن جو نالو ڄام نندي واري عمارت جي شجري ۾ آهي. مگر ان شجري سان هي موجود شجرو لاڳاپو نه ٿو ڏيکاري، تنهن ڪري سمن جي تاريخ جو باب اونداهو آهي، جو تحقيق طلب آهي. هن مقبري جي ڏکڻ ۾ ٻه قبرون ٻاهر واقع آهن. هڪ خالي آهي ۽ ٻيءَ تي هي عبارت اُڪريل آهي:  ”هـــٰـذالقبر جبير بن مراد“

هن ٽڪر ۾ ٻه رانڪون، اٺن ٿنڀن جون جڙيل ملن ٿيون. هڪ اترئين طرف ۽ ٻي ڏکڻ اولهه طرف، اُتر واري رانڪ جي اولهه پاسي وارو حصو ڊٺل آهي ڪتبي جي عبارت فارسي ۾ لکيل آهي، مگر گهڻي ميساريل آهي. اسان ڪوشش ڪري، جو مطلب ان مان ڪڍي سگهياسين، سو هي آهي:

 ”شاڪر دلير عمارت، راهو بن محمد در عهد
ڄام تغلق سڪندر شاه بتاريخ.“

ڏکڻ اولهه واري رانڪ جي اولهه پاسي، جو ڪجهه لکيل هو، سو هي آهي:

 ”بسم الله الرحمان الرحيم، حصار کردم بقول لا اِلـہ الا الله، مهر زدم بنام محمد رسول الله.“

هن جي ڏکڻ ۾، هڪ تربت قبي اندر آهي ۽ ٻي قبي کان ٻاهر، اُڀرندي طرف آهي. رانڪ نمبر پهرين جي اتر اولهه جي ڪنڊ ۾، هڪ وڏو پٿرن جو ڍير آهي، مگر ان بابت ڪوبه خاطر خواه نشان نه ٿو ملي. اهڙيون گهڻيون ئي تربتون مليون، جن تي ڪتبا لڳل نه هئا. هاڻي رڙهون ٿا اُتر جي پاسي، جتي ڄام نظام الدين جو عاليشان منقش مقبروآهي. بهتر آهي ته پهرين هن مقبره جي مضافات جو احوال ڏجي. مقبري جي اُترئين پاسي واريءَ ڀت تي، هڪ عبارت لکيل آهي، جا پڻ سلطان نظام الدين بابت آهي. مگر وڏو مزو هي آهي، جوهن عبارت ۾ تاريخي خزانو آهي، ۽ نظام الدين جي نسب جو پورو آئينو آهي. هي ڪتبو، سڀني تاريخ جي ڪتابن کان وڌيڪ محقق آهي. سچ ته اهو آهي،  ته ان مطابق ڄام نندي جو نسب سمجهڻ گهرجي. اڳوڻن صحيح تاريخن جي مدنظر ڄام نظام الدين جو شجرو هن طرح آهي:

 ”ڄام نظام الدين بن ڄام بابينہ بن ڄام انڙ بن ڄام صلاح الدين بن ڄام تماچي بن ڄام خير الدين بن ڄام تماچي بن ڄام انڙ.“

مگر هن ڪتبي ۾، شجرو حسب ذيل طرح ڄاڻايو ويوآهي:

 ”ابوالفتح سلطان فيروز شاهه، سلطان نظام الدين بن سلطان صدرالدين شاهه بن سلطان صلاح الدين شاهه بن سلطان رڪن الدين بن شاهه فيروز الدين.“

ٿي سگهي ٿو ته ڄام بابيني جو لقب صدرالدين شاهه هجي، مگر ڄام بابينہ پٽ ڄام انڙ جو ۽ پوٽو ڄام صلاح الدين جو ڏيکاريو ويو آهي. مگر موجوده ڪتبي موجب صدرالدين، ڄام صلاح الدين جو پٽ آهي. هن حقيقت ڏي اڄ ڏينهن تائين مؤرخن جو ڪوبه توجهه نه ويو آهي. هي بندو تاريخ جي هڪ طالب العلم جي حيثيت سان سڀني معزز مورخن جو ڌيان هن طرف ڇڪائي ٿو. ڄام نندي جي مقبري جي اُترئين پاسي، هڪ تربت آهي. ان جي اُتر اولهه واري ڀر ۾، هڪ رانئڪ آهي، جنهن ۾ ٻه تربتون وڏيون آهن، ۽ هڪ ننڍي  ”تحفة الڪرام“  ۽  ”تحفة الطاهرين“  جي لکيتن موجب ڄام تماچي ثاني، مائي گندريءَ جون تربتون حضرت شيخ حماد جماليءَ جي پويان آهن. مگر الوحيد آزاد نمبر 1935ع واري لکيو آهي ته هاڻي نام و نشان ڪونهي. بندي جي ناقص راءِ مطابق هن رانڪ ۾، سنڌ جي سدا سونهاري سچي عاشق ڄام تماچي ثاني، ۽ سندس پياري پٽ راڻي گندريءَ جون تربتون آهن. وچ ۾ هڪ ننڍي قبر آهي، جا انهن ٻنهي عاشقن جي راس جو وياج آهي. هن جي اُتر ۾ شيخ حماد جماليءَ سونهاري وليءَ جي ڊٺل مقبري جا آثار آهن. انهيءَ جي اولهه ۾ وڏي مسجد آهي. هن مسجد جي لڳ، اولهه ۾، هڪ سرن جي ٺهيل قبر آهي، جنهن جي ڀرسان، مسجد جي اولاهين ڀت تي، هٿ سان  ”مائي مڪلي“  لکيل آهي. مگر هيءَ تربت  ”مائي مڪلي“  جي نه آهي. مسجد جي اُتر اولهه طرف هڪ خوبصورت پٿر جي چوڪنڊي آهي، جنهن جي اندر هن نامور خاتون  ”مائي مڪلي“  جي تربت آهي. نقشي ۾ به ائين ڄاڻايل آهي. ان چوڪنڊي جي اولهه ۾، وري ساڳي نموني جي ٻي چوڪنڊي آهي، جا شڪسته حالت ۾ آهي. مذڪوره مسجد ۽ ڄام نندي جي مقبري جي وچ ۾ به ٻين ٽن شڪسته حال رانئڪن جا آثار ملن ٿا. انهن سڀني رانئڪن جا فوٽا ۽ ذڪر مسٽر ڪوزنس پنهنجي مشهور تصنيف "دي آئنٽيڪئٽيز آف سنڌ" (The Antiquities of Sindh) ۾ ڏنا آهن. هاڻي اچون ٿا ڄام نظام الدين جي مقبري تي. ڄام نندي جي مقبري، هر انگريز سيلانيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي. هي مقبرو چوڪنڊو آهي. هن جي اولهه پاسي تي پٿر جو لافاني نقش اُڪريل آهي، جو هندن جي مصوريءَ جو بين ثبوت آهي. مقبرو اڃا ناقص آهي. مٿانئس ڇت نه آهي. ٻيو ته ديوارن جي مٿان تعمير جو جيڪو نمونو معلوم ٿئي ٿو، تنهن مان ظاهر آهي ته معمارن کي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪرڻو هو. شايد ڄام فيروز جي ڏينهن ۾، جي سياسي بي اعتداليو ٿيون، تن هن نوخيز ڄام خواهه هن جي معتمدن کي انهن ۾ رڌل رکيو ۽ انهن جو توجهه ڄام نندي جي مقبري تي مڪمل نه رهيو. سڄي قبي جي چوڌاري آيات قرآني اُڪريل آهن. هندو نموني جي مصوري، ۽ ٺٺ کي ڏسي، انگريز سياحن. برٽن، پاٽنجر ۽ جيمس وغيره جو اهو خيال آهي ته اولهه واري  پاسي جا پٿر، ڪنهن مندر يا شوالي کي ڊاهي، ان مان ڪڍي، استعمال ڪيا ويا آهن. مگر بندو هن خيال سان متفق نه آهي. ان لاءِ هي سبب پيش ڪجي ٿو:

سومرن ۽ سمن جي ڏينهن ۾ ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان جي ملڪن جو تعلق، اسان جي سنڌ سڳوريءَ سان تمام گهرو رهيو آهي، يا کڻي ائين چئجي ته پياري سنڌڙيءَ جا اهي مضافات هئا. انهن ملڪن جي ثقافت، تمدن ۽ تهذيب جو مرڪز سنڌ هو. هڪ ڳالهه جو مسٽر ڪوزنس اعتراف ڪيو آهي، ته ڄام نندي جي مقبري جي محراب جو نمونو بنهه گجرات جي مسجدن جي محراب وانگر مزين ٿيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته معمارن جو گهڻو حصو هندو يا ڪڇ ۽ گجرات جي پاسي جا هئا يا انهن ڏينهن جي فن تعمير جو نمونو اهو هو. انهيءَ زماني جي تعمير جا ٻيا مثال اسان کي شيخ عيسيٰ لنگوٽيي جي مزار جي ارد گرد نظر اچن ٿا جيڪي به رانڪون ٺهيل آهن، انهن جي ساخت، بيان ٿيل اثر جي هيٺ آهي. اهو به هڪ سنڌي مصوريءَ جو نئون باب آهي. جي اصحاب، سنڌي مصوريءَ جي تفتيش ۾ مشغول آهن، تن جو ڌيان هن طرف ڇڪائجي ٿو. ڄام نندي جي مقبري اندر ٿلهي تي چار تربتون آهن، ۽ ٻه ڪنڊن ۾ آهن. وچين تربت ڄام صاحب جي تصور ڪجي ٿي. جيئن ته مقبري جي ڇت کليل آهي، تيئن بارش جي وقت، هنن تربتن جي چوڌاري سلا اُڀرندا آهن، ۽ ان وقت بيبي جهان آرا بنت شاهه جهان جو هيٺيون بيت، دل تي تري ايندو آهي:

 ”بغير سبزه نه پوشد کسي مزار مرا،
که قبر پوش غريبان همين گياه بس است.“

اولهه جي طرف، ڪنڊ تي ننڍو دروازو آهي، مٿان سيڙهي. دروازي جي مٿين سرائيءَ تي عربيءَ ۾ ڪتبو  اُڪريل آهي، مگر هاڻي هن جو کاٻو پاسو ڀڄي پيو آهي. بنده جڏهن 1943ع ۾ مڪليءَ جو سير ڪيو هو ته سارو ڪتبو سالم هو، مگر افسوس ته زماني جي ظالم هٿن، هن ڪتبي کي به نه ڇڏيو. جيڪي لفظ بيٺل آهن، تن جو ترجمو هي آهي:

 ”يا الله، تنهنجي رحمت ۾ اميدوار سلطان جو هي مقام مغفور و مرحوم سلطان نظام الدين پٽ سلطان صدر الدين.“

هتي هي به ظاهر ٿيندو ته سلطان جي والد جو نالو صدرالدين لکيو ويو آهي ۽ نه ڄام بابينو جيئن تاريخن ۾ مذڪور آهي. مان مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته صدرالدين  ڄام بابيني جو لقب هو، جيئن مغل حاڪمن جا لقب، سندن نالن کان ڌار هئا. مثلاً: بابر جو ظهير الدين، ۽ همايون جو نصير الدين وغيره.

سمن جي آرام گاهه ڏي ايندي، رستي ۾ پريان هڪ قبو اسان کي ڏسڻ ۾ آيو، جو اڪيلو هو. هن کي سڏيندائي آهن "سـُـڃو قبو"، نقشي ۾ به ائين لکيل آهي. پهرين ته اسان هن کي سچي پچي سـُـڃو سمجهي، ڇڏي ڏيڻ جو خيال ڪيو، مگر دوستن جي اصرار ڪري، اسين هن طرف وياسين. وڃون ته سبحان الله! هي مقبرو پنهنجي اندر، زماني جي مهمير لڪائي ويٺو آهي، ان ۾ ڪي زنانيون ۽ ڪي مردانيون قبرون هيون. مان شايد پڙهندڙن کي نه ڄاڻايو آهي ته ان زماني جا مردانه ۽ زنانه قبرن ۾ تفاوت آهي. مردانه وڏيون آهن ۽ زنانه ڌرتيءَ جي سطح کان تمام ٿورو مٿي آهن. دروازي تي بهترين ڪتبو لڳل هو، جو گهڻي وقت گذرڻ ڪري، گهڻو ميسارجي ويو آهي. باقي جيڪو ڪجهه اسان کي معلوم ٿيو، تنهن مان هي اخذ ڪري سگهجي  ٿو ته هي مقبرو ڪنهن معزز خاتون سمياڻي بنام اَسامه جو آهي. سن 908هه ڏيکاريل آهي، جو ڄام نندي جي حڪومت جو وقت آهي، ڇاڪاڻ  ته ڄام صاحب جي فوت ٿيڻ جو سن 914هه (مطابق 1508ع) تحقيق طرح ڄاڻايو ويو آهي، نه ته سندس حڪومت بابت گهڻيئي روايتون آهن. ڪن مورخن جو خيال آهي 43 سال، ڪن جو 63 سال ۽ ڪن جو 73 سال، مگر تحقيق مطابق 43 ۽ 50 جي وچ ۾ آهي.

آخر قارئين ڪرام جو خيال هن حقيقت ڏي ورائڻ چاهيان ٿو ته سمن جي ڏينهن ۾، عربي زبان عروج جي چوٽيءَ تي پهتل هئي. سمن جي سمي ۾، اسان کي ڪيترا عالم متبحر معلوم ٿين ٿا، جن عربي زبان جي ترويج لاءِ، هزارين تصانيف زيب قلم ڪيون. هن ڪري عربي زبان جو اهڙو زور هو، جو گهڻو ڪري سمن جي مرقدن جا ڪتبا، عربي عبارت ۾ اُڪريل آهن. مگر ڪن ڪتبن ۾، اهڙا عربي الفاظ ڪم آندل آهن، جي ڏاڍا فصيح ۽ بليغ آهن. قبر جي بدران هڪ لفظ "مضجع" ڪم آندو ويو آهي، جو استاد محترم پروفيسر جلباڻي صاحب جي راءِ مطابق تمام فصيح آهي.

___________

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org