سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: مڪلي ٽڪريءَ جو سير

باب؛ --

صفحو ؛ 1

مڪلي ٽڪريءَ جو سير

پروفيسر محبوب علي چنا

 

ڇپائيندڙ پاران

هونئن ته سنڌ جا سمورا يادگار ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان وسيع تاريخي سڃاڻپ رکن ٿا، پر ڪي اهڙا يادگار به آهن، جيڪي اتهاس ۾ هڪ بي مثال ۽ وسيع پسمنظر رکن ٿا. ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“ بظاهر ته هڪ ننڍڙو ڪتاب آهي، پر اهميت جي اعتبار کان هڪ عاليشان موضوع آهي. هن قسم جي موضوع تي تمام گهٽ لکيو ويو آهي. مڪليءَ جي ٽڪريءَ تي واقع قبرستان سنڌ جي تاريخ جو ڪجهه اهڙو ئي بي بها خزانو ۽ يادگار آهي جنهن جي اهميت تي جيترو به لکيو ويو آهي، اهو گهٽ لڳي ٿو. در حقيقت هيءُ موضوع اڃا وڌيڪ انصاف لهڻي ٿو، ڇو ته مڪليءَ ٽڪريءَ جي هن عظيم الشان قبرستان ۾ ڄام نظام الدين ۽ دولهه دريا خان جهڙا سنڌ جا ڪيترا سرموڙ سرويچ بادشاهه ۽ سپاهي دفن ٿيل آهن، جن جي عظمت کان ڪڏهن به انڪار ڪري نه ٿو سگهجي.

جناب پروفيسر محبوب علي چني جا لک احسان ڀانئجن، جنهن ههڙيءَ انمول سوکڙي سنڌي ماڻهن کي آڇي. ٿورا ته جناب ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا به ڳائجن، جنهن وقت ڪڍي هن مواد کي ڇنڊي ڇاڻي سهيڙي سموئي ڪتابي صورت ۾ آڻي بورڊ جي حوالي ڪيو، جنهن کان پوءِ 1987ع ۾ جناب محمد حسين ترڪ تڏهوڪي سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڇپائي پڌرو ڪيو.

مئنيجر ڪتاب گهر جي زوردار گهر تحت ارڙهن سالن جي وقفي کان پوءِ نئون ٻيو ڇاپو پڌري ڪرڻ جي سعادت اسان جي حصي ۾ آئي آهي، پر اسان کي دلي خوشي تڏهن ٿيندي، جڏهن مون پاران بورڊ جي مڙني ڪارڪنن جون محنتون مهربان پڙهندڙن جي آڏو قبول پوندي.

ڄام شورو – سنڌ                                                 انعام الله شيخ

7- ربيع الثاني 1426هه                                               سيڪريٽري

                                                         بمطابق 16 مئي 2005ع


 

 

ٻه اکر

هر هڪ شهر يا ڳوٺ کي پنهنجو قبرستان آهي، جنهن تي ڪو نه ڪو نالو ضرور رکيل آهي. اهڙن ڪن قبرستانن ۾ ته هزارين، بلڪه لکين قبرون، مزارون ۽ مقبرا آهن، جي پنهنجي تاريخي اهميت کان گهڻو مشهور آهن، پر ٺٽي واري مشهور قبرستان  ”مڪلي“  (1) کي، جيڪا تاريخي عظمت ۽ اهميت حاصل آهي، سا ٻئي ڪنهن قبرستان کي شايد ئي حاصل هجي!

ٺٽو، بادشاهي شهر ٿي گذريو آهي، جتي ڏيهي توڙي پرڏيهي حاڪم، امير، علماء، پير، فقير، فقيهه، دانشور وغيره رهيا، ۽ آخر مڪليءَ جي قبرستان ۾ وڃي آرامي ٿيا. چون ٿا ته ڏهه لـَـکَ لوڙَهه لـَـٽـِـيـَـلَ آهن، جن مان ڪن جي مزارن ۽ مقبرن تي، نه رڳو عربي ۽ فارسي ڪتبه لکيل آهن، پر مٿن نقش نگاري جا اهڙا ته نادر نمونا ملن ٿا، جن کي ڏسندي، عقل دَنگ رهجيو وڃي! صدين گذرڻ کان پوءِ به، ڪن هنڌن ائين معلوم ٿئي ٿو، گويا اڄ ڪنهن پـَـٿرَ جي اُڪـَـرَ ڪئي آهي، ۽ ڪاشيءَ جي رنگين سر هنئي آهي  جنهن جو ٻـِـئي هنڌ، مثال ملڻ ئي محال آهي.

انگريزن آئي  ”محڪمه آثار قديمه“  قائم ٿيو، جنهنڪري ڪيترين پراڻين تاريخي جاين، مقبرن ۽ آثارن جي نه رڳو چڱي مرمت ٿي، پر سندن تاريخي احوال سان گڏ فوٽو به ڪتابن ۾ آيا. انگريزن کان اڳ حڪومت طرفان اهڙو ڪو کاتو ئي ڪونه هو، جو تاريخي جاين ۽ مقبرن جي سنڀال لهي ها. انهن تاريخي يادگارن کي زندهه رکڻ لاءِ، سنڌ جي مورخن وڏو ڪم ڪيو آهي. مير علي شير قانع ٺٽوي جا ٻه ڪتاب: تحفة الڪرام ۽ مڪلي نامه، ۽ شيخ اعظم ٺٽوي جو تحفة الطاهرين، سنڌ جي تاريخ جا بهترين ماخذ آهن، جن ۾ مڪليءَ جي قبرستان جي نشاندهي ڪيل آهي. جيتوڻيڪ انهن نشاندهي ڪيل مقبرن ۽ مزارن مان ڪي ته هينئر بنهه تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ڪي تباهه ٿيڻ تي آهن، پر تڏهن به ٺٽوي مؤرخن جي ڏنل ڏَسَ پتي مان، اصلوڪا آثار ڳولي سگهجن ٿا. هينئر تازو ويجهڙائي ۾، سنڌ جي عظيم مؤرخ پير حسام الدين شاهه راشدي  ”مڪلي نامه“  عرف  ”بوستان بهار“  تي تحقيق ڪندي هن ننڍڙي ڪتاب کي اٽڪل روءِ نوَ سؤ صفحن تي پهچايو آهي. هن ڪتاب جي پڇاڙيءَ ۾ مڪليءَ جي معروف هستين جا شجرا به ڏنا ويا آهن ۽ ان سان گڏ، وڏي جاکوڙ ڪري، ڪيترن مقبرن جا ڪتبا ۽ فوٽو پڻ ڏنا آهن، جي جديد تحقيق جي نقطه نظر کان وڏو معلوماتي ۽ تحقيقي ڪارنامو آهي.

مرحوم پروفيسر محبوب علي چنا (وفات 24 نومبر 1977ع)، هڪ مڃيل اديب ۽ مؤرخ ٿي گذريو آهي، جنهن مڪلي ٽڪريءَ جو سير ڪري، عمدي معلومات فراهم ڪري  ”نئين زندگي“  (55 ۽ 1956ع) جي ڏهن قسطن ۾ سمورو مواد ڏنو آهي، جنهن کي سنڌي ادبي بورڊ ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. هـُـن، مڪليءَ جو چـَـپو چـَـپو ڪري ڏٺو، عربي فارسي ڪتبه پڙهيا، ۽ تاريخي روشنيءَ ۾ بحث ڪيو. جيتوڻيڪ ڪي ڪتبه گهڻي وقت گذرڻ ڪري، پڙهڻ کان چڙهي ويا هئا، پر تڏهن به چنا صاحب، ٽـُـڪي ٽـُـڪي، مطلب ۽ مقصد ڀيڙو وڃي ٿيو.

 ”مڪلي ٽڪريءَ جو سير“  ۾ مزارن، مقبرن ۽ ڪتبن جي ڪافي وضاحت ڪيل آهي، پر تڏهن به اڃا، تحقيق جي گنجائش باقي آهي. پاڻ به اهڙو اقرار ڪري ٿو مثلاً:

 ”هن مقبري جي ڪتبي مان، اسان کي شجرو ته ناياب مليو، مگر سـَـن نه هئڻ ڪري خبر نٿي پوي ته ڄام نندي جي پٽ ڄام فيروز جي اولاد جو آهي يا سندن وڏي ڏاڏي فيروز جو، جنهن جو نالو ڄام ننده واري عمارت جي شجره ۾ آهي. مگر ان شجري سان، هي موجوده شجرو لاڳاپو نٿو ڏيکاري، تنهنڪري اڃا به سمن جي تاريخ جو باب اونداهو آهي. جو تحقيق طلب آهي.“

(نئين زندگي آڪٽوبر 1955ع)

وري ٻئي هنڌ لکي ٿو:

ڪتبي جي عبارت فارسيءَ ۾ لکيل آهي، مگر گهڻي ڀاڱي ميساريل آهي. اسان ڪوشش ڪري، جو مطلب ان مان ڪڍي سگهياسين، سو هي آهي:

”شاڪر دلير عمارت، راهو بن محمد،
در عهد جام تغلق سڪندر شاهه بتاريخ.“
(نئين زندگي آڪٽوبر 1955ع).

مڪليءَ جي شاهي قبرستان ۾، مرزا جاني بيگ، مرزا غازي بيگ، مرزا عيسيٰ ترخان، مرزا تغرل بيگ، نواب امير خليل خان، ڄام نظام الدين، جيئو شيخ، مخدوم محمد هاشم وغيره هستيون مدفون آهن. تنهنڪري گهرجي ته اڃا تحقيق جاري رکي، باقي رهيل ڪم به سـُـتڙ ڪجي ته جيئن سنڌ جي تاريخ تي نئين روشني اچي وڃي.

بهرحال ايترو چئي سگهبو ته  ”مڪليءَ جو قبرستان“  تاريخي دستاويز آهي، جنهن مان ٺٽي جي گذريل حالات جو بخوبي پتو پئجي سگهي ٿو. يا ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته  ”مڪليءَ“  ۾ تاريخي مواد جو اڻ کٽ خزانو سمايل آهي ته ڪو مبالغو نه آهي، ۽ سياحن لاءِ، مڪليءَ جو هي مختصر جائزو، وڏو مفيد ثابت ٿيندو.

عبدالڪريم سنديلو


 

(1)

مڪليءَ جي ٽڪري

.

تاريخ جي روشنيءَ ۾

 

گوهري درميان اين سنگ است،
پس اين کوه قرص خورشيد است.
       
            ــــــــــــــــــــ

از نقش و نگار در و ديوار شکسته،
آثار بديد است ضناديد عجب را.

 

عوام شايد ائين سمجهي ته مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي پٿرن ۾ ڇا رکيو آهي، جنهن تي اڄ خيال آرائي ٿي رهي آهي! مگر مذڪوره بيت مان اهو معلوم ٿيندو ته هڪ صبر آزما پيءُ جو لخت جگر جڏهن انهن پٿرن ۾ پورجي ٿو ته ان کي سج جي قرص سان مشابهت ڏني وڃي ٿي. مگر هت ته اهڙا هزارين گوهر ۽ لاله و گل جهڙيون لعلون مدفون ٿيل آهن، جن جا آثار هڪ اهل نظر کي مير معصوم "نامي" جي لفظن ۾ ضرور مدعو ڪندا:

برخيز تا بخاک، عزيزان گذر کنيم
زان پيش تر که ديده شود خاک راهگذر.

مڪليءَ جي ٽڪري، پٻ ۽ هاڙهي جبل جي شاخ آهي ۽ رنيءَ جي ڪوٽ وارين ٽڪرين جي قطار مان شمار ڪئي وڃي ٿي. اها پير پٺي کان نڪري، اُتر ڏي برابر پنج ڪوهه وڃي، ٺٽي کي ويجهو اُلهندي ڏي بيهي ٿي. ساموئيءَ جو ڳوٺ پنهنجي شاندار ماضيءَ تي، اُتر واري ڇيڙي جي هيٺان، حسرت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، ته ڏکڻ جي پاسي وري، بکر جي ڍنڍ پنهنجين مـَـر مرين موجن سان ناظرن جي دل لڀائي رهي آهي. هن ساري مفاصلي لاءِ، ڌار ڌار روايتون آهن، جي هيٺ درج ڪجن ٿيون:

(1) ايڊورڊ ٿارنٽن، پنهنجي گزيٽيئر ۾، جنهن جو احوال هيٺ آڻيون ٿا، مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي ڊيگهه ويهه ميل ڄاڻائي آهي.

(2) پروفيسر محمود بريلوي پنهنجي اردو تصنيف  ”تاريخ اسلامي سنده“  ۾ چئن کان پنجن ميلن تائين ڏيکاري آهي.

(3) مسٽر ڀيرو مل پنهنجي سيرن جي ڪتاب  ”سنڌ جو سيلاني“  ۾ لکي ٿو ته  ”مڪليءَ جي ٽڪري ڪا ننڍي ڪانهي. ڊيگهه ۾ ڏهن ميلن کان به مٿي آهي ۽ پير پٺي وٽ بگهاڙ واهه جي وچ ۾ هئڻ سبب، اتي جي ٽڪريءَ کان ڇڄي، ڌار ٿي پئي آهي، ٽڪريءَ جي اُتاهين، ڪٿي مـُـنو سؤ کن فوٽ، ته ڪٿي ڏيڍ سؤ کن فوٽ آهي.“

(4) مسٽر ظفر قريشي نئين زندگي فيبروري 1950ع جي صفحي 39-40 تي رقمطراز آهي:  ”ٺٽي شهر کان ٻن ميلن جي مفاصلي تي مڪليءَ جو قبرستان آهي. هي هڪ اڌ پٿريلو دڙو آهي. هن جي پکيڙ ڇهه چورس ميلن ۾ ٿيندي.“

مٿين روايتن کي جيڪڏهن تحقيق جي نظر سان ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته اهي صحيح نه آهن. مسٽر ڀيرومل جي ڪٿ ته ٽڪري ڏهه ميلن کان مٿي آهي، ڪجهه درست آهي. مخدوم محمد زمان  ”طالب الموليٰ“  سائين کي، ٺٽي مان 1916-1917ع جو نڪتل مڪليءَ جو جهونو نقشو هٿ آيو، جنهن جي ماپن مطابق مڪليءَ ٽڪريءَ جي ڊيگهه ساڍا تيرهن ميل آهي، جا بلڪل صحيح ۽ محقق آهي. ايڊورڊ ٿارنٽن پنهنجي تاليف  ”هندوستان جي اُتر اولهه واري گزيٽيئر“  (مطبوع سال 1844ع) ۾ ڪئپٽن ووڊ ڪينبري، برنس ۽ آئوٽرام جي حوالن سان، جو مڪليءَ جو احوال ڏنو آهي، سو ترجمو ڪري  هيٺ پيش ڪجي ٿو:

 ”سنڌ جي دوآبي ۾ ننڍين ٽڪرين جي قطار ويهه ميل ڊگهي آهي، جا اُتر طرف ٺٽي جي نزديڪ ۽ ڏکڻ طرف پير پٺي تائين آهي. هنن ٽڪرين جي اوچائي هڪ سؤ فوٽن کان مٿي نه آهي. هنن ۾ ڪورل ۽ چني جو پٿر سمايل آهي، هن کي کهرو مٿاڇرو آهي، جنهن تي سواءِ ڪن ننڍن ٻوٽن جي، ٻيو ڪجهه به نٿو اُڀري. هن جي ويڪرائي ڦاڪ چوويهه ڊگريون ۽ چاليهه آهي، ۽ ڊگهائي ڦاڪ اٺهٺ ڊگريون ۽ پنجونجاهه آهي.“

هاڻي ڏسون ته مڪلي ٽڪريءَ تي اهو نالو ڪيئن پيو.

مسٽر ڀيرو مل کي سير و سفر ڪندي، جهونڙن کان جيڪي معلوم ٿيو آهي، سو هن صاحب هيٺئين طرح لکيوآهي:

 ”سنڌ ۾ هن وقت، جيڪي آڳاٽا شهر آهن، انهن مان هڪڙو ٺٽو آهي، ۽ مڪليءَ جي ٽڪري، جا ان جي نزديڪ آهي، سا ان جو سينگار آهي. انهيءَ ٽڪري تي مائي مڪليءَ جي تربت آهي، جنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس. چون ٿا ته سنڌ جا هاڪارا ماموئي فقير، جي اڳڪٿيون ڪري ويا آهن، ته  ”جڏهن ڪڏهن سنڌڙي توکي قنڌارئون جوکو“  وغيره، سي ڳچ وقت ٺٽي ۾ رهيا هئا ۽ کين ٻه ڀينرون هيون، هڪ مائي مڪلي ۽ ٻي قـُـّلڙي. بلڙيءَ جو ڳوٺ ٽنڊي محمد خان تعلقي ۾ آهي، جنهن جو پوءِ ذڪر ڪبو. ٻنهي ڀينرن جي نالي چون ٿا ته ڪماليت کي پهتل هيون. مائي مڪليءَ جي تربت، هن ٽڪريءَ تي هئڻ ڪري، هي سڳورو مڪان ليکيو ويو آهي، تنهنڪري آسپاس جا مسلمان، پنهنجا ماڻهو هتي پورين ٿا ۽ ذات ذات جي مسلمانن لاءِ جدا جدا مقام آهن. هن ٽڪريءَ تي سرڪاري جايون ٺهيل آهن ۽ گشتي عملدار هتي اچي رهندا آهن.“

Text Box: 4

مسٽر ڀيرو مل جي مٿئين احوال مان، هيءَ ڳالهه نئين معلوم ٿئي ٿي ته مائي مڪلي، ماموئي فقيرن جي ڀيڻ هئي. اهڙو اشارو، اڳ ڪنهن به ڪتاب ۾ ڏنل نه آهي، تنهنڪري هن کي ڪهاوت جو درجو ڏبو ۽ بس. تحفة الڪرام ۽ تحفة الطاهرين ۾ مڪليءَ جي نالي جي باري ۾ ٻه روايتون موجود آهن، جي هيٺ پيش ڪجن ٿيون:

1- قديم وقت ۾ هڪڙو وڏو بزرگ حج ڪرڻ ٿي ويو. مڪليءَ تي اچي لٿو. رات جو خواب ۾ ڏٺائين ته ڪعبو شريف سندس قيام جي هنڌ واقع آهي. بزرگ هن خواب کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو بار بار چوڻ لڳو، ته  ”هذا مڪة لي“ !! يعني هي منهنجي لاءِ مڪو آهي. هي منهنجي لاءِ مڪو آهي. اهڙيءَ طرح هن هنڌ "مڪة لي" مان نالو مڪلي پئجي ويو.

2- ٻي روايت آهي، ته هڪڙي بي بي، مڪليءَ واري مسجد جي محراب جي پٺيان دفن ٿيل آهي. اِنهيءَ مسجد تي شيخ حماد جماليءَ  ”مڪلي“  يا  ”ننڍي مڪلي“  جو نالو رکيو. پوءِ انهيءَ مسجد تان ساري ٽڪريءَ تي نالو پيو. ياد رهي ته اها مسجد شيخ حماد جي حڪم تي ڄام تماچيءَ ٺهرائي هئي، جنهن کي هن جي دعا جي طفيل ، ڄام جوڻي کان تخت مليو.

مائي مڪليءَ جي تربت به باعث بحث آهي. هڪ ننڍي قبر، مسجد جي محراب جي بلڪل لڳ، ٻاهرين پاسي ٺهيل آهي، جنهن جي ڀرسان ماڻهن،  ”مائي مڪلي“  لکي ڇڏيو آهي. منهنجي ناقص سمجهه موجب، اها قبر مائي مڪليءَ جي نه آهي. مخدوم محمد زمان  ”طالب الموليٰ“  سائين جي نقشي مطابق، مائي مڪليءَ جي تربت مسجد جي اولهه طرف واري رانڪ ۾ آهي، جا اڳ ۾ تمام سهڻي هئي، مگر هاڻي ته شڪسته حال آهي. هن ۾ چند قبرون آهن ۽ چوڌاري بند آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته اتي ضرور ڪي زنانا عالم جون تربتون هونديون. اهڙي نموني، هن ٽڪريءَ تي  ”مڪلي“  ٽڪري نالو پيو.

جيئن ته ٺٽو ۽ ان جي ويجهڙائيءَ وارا مقام، ساموئي، ڪلان ڪوٽ وغيره سمن جي حاڪمن کان وٺي، گاديءَ جا هنڌ ٿي رهيا آهن، تيئن انهن حاڪمن مان گهڻن جون قبرون ۽ قبا، مڪليءَ تي آهن، جنهن مذڪور سڀني شهرن لاءِ، مرڪزي مقام جو ڪم ڏنو ٿي، انهن کان سواءِ، مڪليءَ تي تمام گهڻن اوليائن ۽ بزرگن جا مقبرا به آهن. مسٽر ظفر قريشيءَ پنهنجي مضمون  ”ٺٽي“  ۾، جنهن جو ذڪر اسان مٿي ڪري آيا آهيون، ڄاڻايو آهي ته، چوندا آهن ته:  ”هتي ڏهن لکن کان وڌيڪ قبرون آهن، جنهن ۾ وڏا وڏا مقبرا ۽ مسجدون آهن. انهيءَ قبرستان ۾، ٺٽي جا پراڻا حاڪم، عالم، درويش ۽ امير وزير دفن ٿيل آهن. انهن قبرن جي مصلن تان وفات جي تاريخن جا حال معلوم ٿين ٿا.“

مسٽر ظفر قبرن جو اندازو ڄاڻايو آهي، تنهن ۾ ڪجهه وڌاءُ آهي. مگر  ”قديم سنڌ“  ۾ مرزا قليچ بيگ تحفة الڪرام تان، هن طرح اخذ ڪيو آهي ته:  ”مشهور آهي ته سوا لک اولياءَ اتي آهن“

خواهه مسٽر ڀيرو مل، هن حقيقت کي اهڙيءَ طرح واضح ڪيو آهي ته،  ”ٽڪري تي قبرن جو ڪاٿوئي ڪونهي. چوندا آهن ته، ٺٽي ۾ سوا لک پير ٿي گذريا آهن.“

جيئن ته هيءَ ٽڪري پنهنجن مقبرن، مرقدن، رانڪن ۽ مسجدن سان سينگاريل، مسافرن جي رندن ۾ رونما آهي، تيئن هرڪو سيلاني هن جي زيارت کان سواءِ رهي نه ٿو سگهي. جيڪي به انگريز مستشرق عالم (orientalists) يا سيلاني، سنڌ سونهاري ۾ آيا آهن، تن هن عبرت خاني جي ضرور زيارت ڪئي آهي. هت اسين هڪ وڏي انگريز مستشرق عالم سياح  ”سر رچرڊ فرئنسز برٽن جي“  احوال مان ڪجهه حصو ترجمو ڪري، اوهان صاحبن جي خط خاطر پيش ڪيون ٿا، جو هن صاحب  ”سنڌ ري وزيٽيڊ“  جلد پهرين 142 صفحي کان 145 تائين ڄاڻايوآهي. هيءُ صاحب فرمائي ٿو ته  ”عيدگاهه جي پٺيان، قبن  ۽ مقبرن جا گونا گون قسم پسجن ٿا، جن مان گهڻا ڌرتيءَ جي زلزلي ڪري نابود ٿي ويا آهن ۽ ٻيا  ”وقت جي وائريندڙ پرن“  جي وسيلي، ناس ٿيڻ وارا آهن. هنن مان ٿورا ۽ تمام ٿورا آهن، جن کي هنن جي مجاورن ۽ پونيرن حفاظت ۾ رکيو آهي. گول گنبذ، ڪمانون، منارا، ڏيڍيون، دروازا ۽ ٿنڀن جون قطارون بي ڊول دڙن تي بيٺل آهن. پٿرن جا ڍير عريان ۽ برباد ڏسڻ ۾ اچن ٿا“.

"هتي هُتي جي گاهه جا ننڍا ٽڪر ۽ هوائن جي زور ڪري ٿوهرن جا وانڍا وَڻَ، ويراني جي ويرانيءَ ۾ پڻ اضافو ڪن ٿا. محلاتن، اميرن، ڄامن ۽ سيدن جي مقبرن جي ساخت تي ضرور سالن جا سال لڳا هوندا. ڪن ۾ وڏي گنبذ جي چوڌاري، ننڍڙن قبن جي قطار آهي، جي هيڪوٽي يا ٻٽي ستون بنديءَ تي بيٺل آهن. ٻيا وري وڏن پٿرن جي ديوارن اندر آهن، جن ۾ چورس صحن آهن ۽ ڌار ڌار رستن لاءِ دروازا آهن. ڪن ۾ وڏا مر مرين گنبذ آهن، جيڪي وري سـَـنهن سلوڻن ٿنڀن تي بيٺل آهن ۽ انهن مان گهڻا وري رنگين چمڪندڙ هالنڊ جهڙن سرن مان ٺهيل آهن، جي پراڻي روم جي سـِـرن سان شايد وڃي ڪلهو هڻندا."

مٿئين احوال مان اوهان کي چڱيءَ طرح اها پروڙ پئي هوندي ته ڪيئن نه مڪلي خسته دلين لاءِ، آماجگاهه ۽ پريشان روحن لاءِ، ورنهن آهي ۽ هن جو ثبوت اسان کي هڪ رانڪ تي اُڪريل بيت مان مليو جو هن طرح آهي:

زدست چرخ کج رفتار غدار
دلا تا چند از غم خسته کردي
بکوهستان بکلي شو دل زار
که از دنياي دون وا رسته کردي.

_________


(1) ”مڪليءَ“  تي نالي جو سبب هيءُ آهي ته الله وارن مان، هڪ بزرگ حرمين شريفين جو ارادو رکي، اچي هتي لٿو، ۽ اهڙي حالت پيدا ٿيس، جو هڪدم وجد ۾ اچي، سماع شروع ڪري ڏنائين، ۽ وجد جي جوش ۾ چوڻ لڳو ته:  ”هـــٰـذه مکته لي“  (هي ٽـَـڪري، منهنجي لاءِ مـَـڪـہ آهي). جنهن صورت ۾ هي لفظ بار بار دهرايائين، ۽ سندس زبان ۾ تاثير هو، تنهنڪري عام ماڻهن جي زبان تي، هن ٽـَـڪريءَ جو نالو تخفيف سان مڪلي (بجاءِ مڪته لي) رهجي ويو.

ڪن جي چوڻ موجب، انهيءَ نالي سان هڪ پاڪدامن، الله واري عورت، اتي مڪلي واري مسجد جي محراب جي پويان دفن ٿيل آهي. هيءُ نالو مٿئين شيخ حماد جي اشاري سان پهرين مسجد تي پيو، ۽ پوءِ سڄي ٽڪري، انهيءَ نالي سڏجڻ ۾ آئي.

                                                                                         (تحفة الڪرام - سنڌي ڇاپو. صفحو 462

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو).

محترم پير حسام الدين شاهه راشدي،  ”مڪلي نامه“  جي حاشيه آرائي ڪندي، سائين جي. ايم سيد جي روايت هن طرح بيان ڪري ٿو:

ڊيگامبر فرقي جي باني منڪلي جي نالي پٺيان، انهيءَ ٽـَـڪريءَ تي، مڪلي نالو پيو. اهو لفظ پالي آهي، جنهن جي معنيٰ آهي: يو گي يا نانگو فقير.

(مڪلي نامه - سنڌي ڇاپو. صفحو 732

سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org