(7)
عبدالله شاهه کان نواب خليل تائين ۽ ان جي
اُوڀارين پسگردائي
عبدالله شاهه جو ڪجهه ذڪر پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش
ڪيو ويو هو. هينئر وري به عبدالله شاهه جو مڪمل
احوال ۽ نواب خليل جي مقبري واري ايراضيءَ جو
احوال پيش ڪجي ٿو.
عبدالله شاهه گجراتي، جيلاني ۽ حسني آهي. اڳ ۾
ٻڌايو ويو آهي ته هن کي گجراتي ان ڪري سڏجي ٿو، جو
ڪجهه وقت لاءِ، هيءُ بزرگ گجرات ۾ رهيو ۽ خلق الله
کي فيض ڏنو هئائين. ان ڪري اڄ تائين گجرات طرف جا
گهڻا معتقد ڪهي، اچي زيارت ڪندا آهن، هن صاحب جو
احوال ”تحفة الطاهرين“ ۽ ”تحفة الڪرام“ ۾ هن
طرح آيل آهي:
”هيءُ درويش ٺٽي جي ٻين مکيه اوليائن سيد ڪمال ۽
سيد قاضي شڪر الله جي ساٿين مان هو. شاهه بيگ
ارغون جي زماني ۾ گجرات کان ٺٽي آيو ۽ مڪليءَ جي
هڪ ڪـُـنڊ ۾ ٽڪي پيو. مجرد هو. ساري عمر خدا جي
يادگيريءَ ۾ گذاريائين. دفن به اُتي ٿيل آهي، جتي
سندس سڪونت گاهه هئس. گهڻي عرصي ڪري، سندس قبر ڊهي
وئي هئي. گهڻي مـُـدت بعد شاهه حافظ الله گجراتي،
شيخ يعقوب ۽ خليفي ابوالبرڪات مڪليءَ تي اها قبر
ڳولي لڌي ۽ پوءِ ظاهر ڪيائون. ان وقت کان وٺي وڏي
زيارت گاهه ٿي پيئي آهي. قبر ظاهر ٿيڻ جي روايت
مجاور کان هن طرح معلوم ٿي، ته پهريائين مقبري جا
نشان معلوم نٿي ٿيا، پر پوءِ مخدوم نوح (رح) جن
پٿر قائم ڪيا. حضرت پيران پير طرفان يوسف شاهه،
سيد مراد، سيد عالي، پير پٺو،ڇنن بري ۽ يوسف ٽوڙو
ڳاڙهي ٻيلي جن موجود هئا.
اسان عبدالله شاهه جو سلام ڪري، شاهراهه وٺي، ٿورو
اڳڀرو وڌياسين ته اسان کي اولهه ڏکڻ جي ڪنڊ تي هڪ
سنگين قبي وارو مقبرو نظر آيو، جو ”ٻارهن دري“
جي نالي سان مشهور آهي. آثار قديمه وارن طرفان
سورهين صدي لکيل آهي ۽ ٻيو ٿيو خير. مگر مسٽر
ڪوزنس پنهنجي مشهور ڪتاب ”دي ائنٽيڪئيٽز آف سنڌ“
(The
Antiquities of Sindh)
۾ ڄاڻايو آهي ته هي وڏي مرزا جو مزار آهي، جو مرزا
عيسيٰ خان هو. اهو غلط آهي. ڇو جو هن جو احوال
اسان کي ترخاني مقام جي بيان مان معلوم ٿيو هو. ان
حساب سان هي صاحب ڪو ٻيو عيسيٰ خان آهي. ان کان
ٿورو اورتي، رستي جي رند تي، هڪ شڪسته حال مقبرو
ڏسڻ ۾ آيو، جنهن جو صاحب پير آسات هو، تحفته
الڪرام واري لکيو آهي ته هي صاحب سالڪ مجذوب هو ۽
مخدوم عربي دياڻي هاله ڪنڊي واري جو ڀاءُ هو. سيد
ميران محمد مهدي جونپوري وارو طريقو اختيار
ڪيائين، سندس اولاد مان محمد حسين نالي هڪڙو فقير
مشهور ٿي گذريو آهي. انهيءَ جا پٽ احمد ۽ محمد ٺٽي
۾ رهيا. احمد جهان آباد ۾، شاهه غلام محمد صوفيءَ
جي خدمت ڪندو هو ۽ فقيرن جو لنگر هلائيندو هو. پير
آسات جي ٻاهران اوڀر ۾ دروازي جي ڀرسان هڪ تربت
ڀڳل ٽٽل معلوم ٿي، جنهن تي ناقص نالونظر آيو، جو
هيءَ هو: ”عصمت پناهه دنيا ابر رحمت حق پيوست.“
بتاريخ 14 رجب 1079 هه. هن مقبري جي اولهه ۾ ڪي
قبرون ڪتبن سان نظر آيون، جي سڀ يارهين صديءَ جون
هيون. هڪ تي دلچسپ ڪتبو اُڪريل هو، جو پڙهندڙن جي
ڄاڻ لاءِ، هيٺ ڏجي ٿو:
”فاتح بر روح اَنَ معصوم کز لطف اله
يافت فر دوس برين ماويٰ بحسن خاتمه،
سال تاريخ وفاتش از سر ايقان نوشت،
جاو دان بازيب جنت در جوار فاطمه“
سن نڪري ٿو، جو آهي 1090هه. پير آسات جي مقبري کان
ٿورو اڳڀرو ڏکڻ طرف وڌياسين ته اسان کي واٽ تي هڪ
پرديسيءَ جي تربت معلوم ٿي، جنهن تي هي اکر اُڪريل
هئا.
"شيخ شاهه محمد ملازم نواب خانه زاد خان لاهور 27
شعبان 1095هه." هيءُ نواب خانه زاد خان دهليءَ
پاران، ٺٽي جو 17 نمبر گورنر ٿي آيو ۽ 1090هه کان
وٺي، 1095هه تائين گورنر هو.
ڏکڻ اوڀر طرف ٿورو مڙياسين ته هڪ مقام ۾ ٻه
زنانيون تربتون بنا ڪتبي ڏٺيون ويون، جي هن طرح
هيون.
1. وفات يافت مرحومه و مغفوره مهرالنساءِ 965هه.
2. وفات يافت مغفوره مستوره ساجده بيبي (نالو ظاهر
نه هو) ماهه شعبان 965هه.
هن بعد سامهون هڪ شاندار گنبذ نظر آيو، مگر هن جي
ڪاشيءَ جي سرن جي بناوت اُجڙيل نظر آئي ويجهو وڃڻ
سان، هن مقبري جي گذريل شوڪت جو اندازو لڳائي، دل
مان آهه نڪري ويئي. هن مقبري جي احاطي اندر اولهه
اتر واريءَ ڪنڊ ۾ ، هڪ ننڍي پر سهڻي چوڪنڊي ٺهيل
نظر آئي. مقبري جي اوڀر ۾ آثار قديمه وارن طرفان
هڪ تختي لڳل آهي جنهن تي ”مقبري نواب خليل خان“
لکيل آهي. مگر اوهان صاحبن کي هي معلوم ڪري عجب
لڳندو ته اندر مقبري ۾ نواب خليل خان جي تربت نه
آهي. مگر ڪتابن جا ورق ورائيندي، هي معلوم ٿيو ته
هن مقبري جو ٺهرائيندڙ هڪ نواب خليل خان هو. مرزا
قليچ بيگ قديم سنڌ 138 صفحي تي لکي ٿو ته هن (نواب
خليل خان) جي وصيت موجب، هن جو لاش قبي کان ٻاهر
دفن ڪيو ويو، ڇو جو قبي ۾ ست وڏا بزرگ رکيل هئا.“
مرزا صاحب به هن ڳالهه جي تحقيق ڪانه ڪئي آهي ته
نواب خليل خان ڪير هو؟ پاڪستان گائيڊ وارن ڄاڻايو
آهي ته اهڙي نواب جو نالو سنڌ جي تاريخي ڪتابن ۾
ڪٿي نٿو ملي.
اها حقيقت آهي، جيڪي به مغلن پاران سنڌ جا گورنر
مقرر ٿيا آهن، انهن ۾ نواب خليل خان جو نالوڪونهي.
اسان کي نمبر 6 گورنر بنام نواب امير خان ملي ٿو ۽
نمبر 31 نواب خواجه محمد خليل خان ملي ٿو، جنهن جي
مسند گورنريءَ تي ويهڻ جي تاريخ 1124هه آهي، جو
پوين صوبدارن مان ٿي گذريو آهي ۽ اهو ناهي، جنهن
ڏانهن اهو مقبرو منسوب ٿيل آهي. از ان سواءِ مقبري
۾ اندر چار تربتون آهن، ۽ نه ست، جيئن مرزا صاحب
ڄاڻايوآهي. هن مقبري جي احاطي جي اولهه ڏکڻ واري
ڪنڊ تي برابر (ستن حافظن) جون قبرون آهن، ”لب
تاريخ“ ۾ هن نواب بابت ڪوبه احوال ڪونه آيل آهي.
ازانسواءِ نه وري مقبري ٻاهران اسان کي ڪابه اهڙي
تربت ملي جنهن جو ذڪر مرزا مرحوم ڪيو آهي. احاطي
جي اندر هڪ سهڻي چوڪنڊي ۾ امير سلطان محمد بن
حاجيکه جي تربت آهي. هن تربت جو احوال به ”لب
تاريخ“ جي صاحب نه ڏنو آهي. هن تربت تي سڄي عبارت
عربيءَ ۾ آهي. اڳيان الله جو نالو ۽ هي اکر اُڪريل
آهن.
”قال الله تعاليٰ ڪل شيءِ هالڪ الا وجہ لہ الحڪيم
واليه ترجعون. ڪتبه الغقير عبدالرحيم صديقي.“
پٺيان جا عربي عبارت آهي، تنهن جو ترجمو هيءُ
آهي. ”امير مرحوم سلطان محمد بن حاجيکه مغل،
ڏينهن خميس، 963هه ۾ فوت ٿيو. مقبري جي ٻاهران
چوڌاري ڪاشيءَ جي ڪم سان اکر اُڪريل آهن، جن مان
ڪيترا زماني جي بي ثباتي تي اوسر ڪري رهيا آهن.
باقي جي بچيل هئا، سي پيش ڪجن ٿا.
”مقبره سلطان ابراهيم بن عيسيٰ ترخان اول
وغيره،“ ڪاتب احمد انصاري. مقبري ۾ اندر چار
تربتون آهن. اولهه جي طرف کان هيٺين ترتيب موجب
آهن:
1. حضرت سلطان، حضرت ابراهيم مرزا عيسيٰ ترخان 16
ماه ربيع الاول 966هه.
2. تمام ميساريل مشڪل سان پڙهڻ ۾ آيو، ”سلطان
محمد باقي بن محمد عيسيٰ.“
3. وفات مستوره و منظوره شهربانو 15 رمضان 952هه.
4. ننڍي قبر هئي، جنهن تي بهترين بيت اُڪريل آهن.
هن جي اولهه طرف، هي بيت اُڪريل هو:
”نوبهار آمد و گلها همه رستند ز خاک
تو هم از خاک بر آئي گل خندان پدر.“
اوڀر طرف: هزار حيف صد افسوس يا ذکا محمد
که مي برد خان خانان در جان جهان.
مذڪوره مقبري جي اوڀر ڏکڻ جي ڪنڊ تي ٻاهرين احاطي
کان ٽيهارو کن قدمن تي هڪ تربت آهي، جنهن تي هڪ
ڪتبو اُڪريل هو: ”وفات امير عنات بن عبدالعلي
مغل. در تاريخ سنه نہ صدبود.“
هاڻي اچون ٿا نواب خليل جي مقبري جي اوڀارين حصي
تي. طالب الموليٰ جي تحقيق جو مرڪز، سروري خلفا دو
فقرا جي جويندگي هئي. اسان کي معلوم ٿيو ته مخدوم
نوح (رح) جي ٽن وڏن خليفن جي آرامگاهه، هن ٽڪر جي
آس پاس آهي. اسان انهن کي لهڻ جي حتي المقدور ڪوشش
ڪئي، مگر ڪاميابي نصيب نه ٿي. تحفة الطاهرين ۾
فقير بهاوالدين گودڙيي (دلقپوش) جي تربت جو ذڪر هن
طرح ڏنل هو ته پير آسات جي ڏکڻ ۾ ڏاڪڻ ويندي آهي.
ان لاءِ اسان ڪوشش ورتي. آخر قديم نقشي جي هدايتن
موجب، اسان پير آسات جي ڏکڻ وارو پيچرو ڍنڍ جي
طرف، لهوارو ويندڙ ورتوسون. هيٺ اسان کي خليفي
محمد سعيد جي تربت جو نشان معلوم ٿيو. وري اتان
ڏکڻ اولهه جو طرف وٺي اڳتي هلياسين ته ٿوهرن جي
ميڙ ۾ اندر اسان کي هڪ پٿر جو آکرو پسڻ ۾ آيو.
ڪتابن جي روشنيءَ ۾ جو احوال معلوم ٿيو، سو هي
آهي: وچ ۾ ڊٺل قبر ميان مٺوءَ جي ۽ هن جي ساڄي
پاسي بهاوالدين گودڙيو ۽ کاٻي پاسي سلطان کمر، هن
جي پٺيان ٻه ننڍڙيون قبرون ۽ ٻه وڏيون قبرون آهن.
هي هنڌ نواب خليل جي مقبري جي هيٺان اُڀرندي طرف
آهي. پارسي خط موجب ”مٺو“ بدران ”مهتو“ لکيل
آهي: سو مرزا قليچ بيگ به اهو ساڳيو اُچار برقرار
رکيو آهي ۽ ميان مهتيو فقير لکيو اٿس، جو درست نه
آهي. هي صاحب مخدوم نوح (رح) جي مان وارن مريدن
مان هو ۽ ڪامل فقير هو. اڪثر فرخ مير جي جامع مسجد
۾ گذاريندو هو. سندس قبر آکري ۾ آهي. زيارتي
ماڻهو، سيد علي شيرازي جي زيارت ڪري، پوءِ مٿس
ايندا آهن. فقير بهاولدين دلقپوش (گودڙيو) مخدوم
صاحب جي خليفن مان هو، ۽ صاحب ڪرامت هو. مخدوم
صاحب جي قرآن شريف جو تفسير، جو هاڻي به محفوظ
رکيل، اهو ”دلق پوش“ جي محبت ۽ محنت جو مظاهرو
آهي، اهي اکر جنسي دلقپوش صاحب جا آهن. سلطان کمر
به مخدوم صاحب جي خليفن مان هو. انهيءَ تي به
ماڻهو سيد علي شيرازيءَ جي زيارت بعد ايندا آهن.
اهو به پنهنجي هم مشر بن سان گڏ دفن ٿيل آهي.
__________
(8)
نواب خليل خان جي مقبري جا اولهندا ڀاڱا ۽ سندس
ڏاکڻيون
حصو، نواب عيسيٰ خان تائين
گذريل مضمون ۾ پڙهندڙن، نواب خليل خان جي مقبري ۽
ان جي اوڀرندي ۽ ڪجهه حصي ڏاکڻين جو احوال پڙهيو
هو. هتي ان جي ٻين ڀاڱن جو احوال پيش ڪجي ٿو.
خليل خان جي مقبري جي اُتر اولهه ۾ هڪ ٿـَـلهو
آهي، جنهن ۾ امير قاسم طوغاني ۽ امير محمد بيگ
ارغون جي خاندان جا بزرگ دفن ٿيل آهن. هن ٿـَـلهي
تي ڇهه قبرون آهن، جي هن ريت ترتيب وار واقع آهن.
پهرين بنا نالي، مهينو ذوالقعد 972هه. 2. مهينو
ذوالحج 927هه. 3. مير قاسم بن حضرت امير محمد
طوغاني، آچر 12 رجب 965هه. 4. امير محمد شهاب ابن
امير سيد قنبر بيگ. 5. امير فرخ ابن امير محمد بيگ
ارغون (بي تاريخ). 6. ابوالفتح بن امير قاسم
طوغاني 955هه.
هيءَ ڳالهه معلوم هجي ته امير قاسم طغائي شاهه
حسين مرزا ارغون جو امير هو. جڏهن همايون بادشاهه
28 رمضان 947هه ۾ روهڙيءَ ۾ اچي منزل انداز ٿيو،
تڏهن شاهه حسين جي طرفان امير قاسم طغائي ۽ شيخ
ميرڪ پوراني، همايون بادشاهه ڏي خير سگاليءَ جو
پيغام کڻي ويا.
ڏکڻ طرف ٿورو اڳڀرو وري ٻيو ٿـَـلهو آهي، جنهن ۾
به امير قاسم ”طغائي“ جا مـِـٽ مائٽ دفن ٿيل
هئا.
هڪ ڳالهه ياد رهي ته قبر تي امير قاسم کي طوغاني
لکيو ويو آهي. مگر تحفة الڪرام واري ”طغائي“
لکيو آهي. انهيءَ ٿلهي تي ٻه قبرون آهن:
1. وفات
يافت مرحومه و مغفوره سيده بيرم سلطانه بنت سعادت بناهي مرحومي مير
قاسم ”طغائي“ 6 صفر 972هه.
2. امير الاعظم مير شافي ابن مرحوم ترسون محمد
ارغون اربع ذوالقعده 968هه.
اولهه طرف هڪ مقبرو هو، جو شاهه قادريءَ جو مقبرو
آهي ۽ سن 999هه لڳل اٿس.
نواب خليل خان جي اولهه طرف پيچرو وڃي ٿو. اهو وٺي
اڳتي وڃبو ته هڪ وڏي قبر ڏسڻ ۾ ايندي، جنهن تي هڪ
ڪتبو لڳل هو. ائين پئي خيال ۾ آيو ته هن کي چوڌاري
وڏو ڪمپائونڊ هو. هاڻي فقط دروازي جا نشان آهن،
مگر ٻيو مڙئي خير. وڏي قبر تي هڪ ڪتبو هو:
”وزير سنڌ بائيخان (ڀائي خان).“
”چو مشير بسوي فلک بقا زيب دارخاني“
بسي تاريخ خود گفتا خدايا- مقامم ده بهشت جاوداني
25 ربيع الاول 1012هه.
هن جي ڀرسان رانڪ ۾ ٽي قبرون آهن. وچ ۾ ننڍي ۽
پاسي کان وڏيون آهن. اولهه واري وڏيءَ تي هي ڪتبو
اُڪريل آهي.
”والد برحق ڀائيخان است تاريخ روز عشورا 1002هه.“
ٻي قبر ننڍڙي هئي، مگر ڪتبو سهڻو هو جو هن طرح هو:
”نور بصري امير خان- اسماعيلم قدم بفردوس نهاد.“
تاريخ وفات اوچنين گفت- آن باغ محمد علي شاد.
1002هه
ٽين قبر بي ڪتبي آهي. شايد ڪنهن مستوره جي آهي.
پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته مرزا عبدالرحيم خان
خانان سر زمين سنڌ تي فتح جو جهنڊو هڪ هزار هجريءَ
۾ کڙو ڪيو. اڪبر اعظم جي مرضي هئي ته ترخانن جي
پوئين تاجدار ميرزا جاني بيگ کي وري سنڌ جو نواب
ڪري موڪلجي، مگر هن صاحب قبول نه ڪيو ۽ معافي
ورتائين. پنهنجي عيوض، اڪبر اعظم کي مشورو ڏنائين
ته سندس پٽ ميرزا غازي بيگ نالي تي ٺٽي جي گورنري
جو فرمان ڪڍي. هن 1001هه ۾ اهو فرمان موڪليو. ان
وقت جيئن ته غازي بيگ صغير سن هو، تيئن ان جي
سنڀال لاءِ مرزا جاني بيگ جي اميرن کي، جي ساڻس گڏ
اڪبري درٻار ۾ موجود هئا، مرزا غازي بيگ جو
صلاحڪار مقرر ڪيو:
1. شاهه قاسم ارغون بيگلاره. 2. خسرو خان چرڪس. 3.
ڀائي خان. 4. عرب ڪوڪہ. 5. جمال الدين ديوان.
مرزا قليچ بيگ تاريخ معصومي جي ذريعي ”ڀائي خان
عرب ڪوڪہ“ ڄاڻايو يعني هڪ نالو ڄاڻايو ويو آهي ۽
صلاحڪار پنجن جي بدران چار ڄاڻايا آهن، مگر ماستر
محمد صديق مسافر سنڌ جي تاريخ (ڀاڱو پنجون) ”سنڌ
۾ مغلن جا نواب“ ۾ عرب ڪوڪہ ۽ ڀائي خان کي ٻه جدا
شخصيتون ڪري پيش ڪيو آهي. اسان کي ڀائي خان جو
نالو ارغونن (ترخانن) جي زماني ۾ ٻه دفعا ملي ٿو.
هڪ هاڻي معلوم ٿيو ٻيو خسرو خان چرڪس جو پٽ. اسان
ڀائي خان جي وفات 1012 هه ۾ ڏني آهي. خسرو خان جو
پٽ مرزا غازيّ بيگ سان 1015هه ۾ قنڌار گڏجي ويو
هو، ان مان ظاهر آهي. ته مذڪوره تربت
وارو
ڀائي
خان، خسرو
خان
چرڪس جو پٽ نه آهي، مگر اُهوئي آهي جو غازيءَ بيگ
جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو هو، تنهنڪري هن کي "وزير
سنڌ" لکيو ويو آهي. ڀائي خان جي اولهه ڏکڻ هڪ تربت
هئي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل هو:
”تاريخ شهادت مرحومي و مغفوري مولانا صالح
1071هه“ .
ڀائي خان جي ڏکڻ ۾ هڪ پيچرو وڃي ٿو. اهو وٺي اسان
تمام هڪ وڏي قبر تي پهتاسين، جا مخدوم جمعي جي
تربت هئي.
اوچائي ۽ چؤڙائيءَ ۾ هن جهڙي تربت ساري مڪليءَ تي
ٻي مشڪل ٿي نظر آئي. مگر بي ڪتبي هئي. مان اڳ
ڄاڻائي آيو آهيان ته سواءِ نقشبندي بزرگن جي ڪنهن
به بزرگ جي تربت تي ڪتبو نه آهي، ان ڪري انهن کي
ڳولڻ ۾ ڪافي وقت صرف ٿئي ٿو. تحفة الڪرام ۾ آيل
آهي ته مخدوم جمعو به وڏي حال ۽ قال وارو فقير هو
۽ سيد علي شيرازي ثانيءَ جو همعصر هو. مخدوم جمعي
جي تربت جي ڏکڻ ۾ هڪ ٿلهو هو، جنهن تي 5 قبرون
هيون. اوڀر کان وٺي، قبرن جي ترتيب هن طرح آهي:
پهرين تربت تي منظوم ڪتبو هو، جو هيئن آهي:
”چون خواجه فطرت ازين دارفنا+ ملڪ بقا گرفته
آرام،
رضوان تاريخ وفاتش گفت- فطرت داده مرا عالي
مقام.“
1091هه
2. بتاريخ هفتم شهر محرم مرحوم غياث الدين عرف
سعيد خان بگلگونه شهادت رحلت بود 1126هه.
3. مرحوم مرزا محمد نعيم بجوار رحمت شد 28 صفر
1126هه.
4. ڊٺل.
5. غلام حسن 3 ربيع الثاني 1172هه.
مخدوم جمعي جي اُتر اولهه جي ڪنڊ تي، هڪ قبرستان
هو، جنهن ۾ هڪ قبر باڪتبي هئي، جنهن تي هي ڪتبو
اُڪريل هو:
”بسوي باغ بهشت شد تازان،
اينست حاجي قانع مرازان.“
1094هه
مخدوم جمعي جي صفا اولهه ۾ هڪ سؤ قدمن تي هڪ پٿر
جي ٺهيل قبر، ڊٺل صورت ۾ هئي. ڪنهن به تاريخ يا
شخصيت جو پتو پئجي نه سگهيو. ڏکڻ اولهه جي طرف
ٿورو اڳڀرو هلياسين ته پريان مٿانهين عمارت ڏسڻ ۾
آئي، جيڪو ”شاهه پرين“ جو مقام سڏجي ٿو. ڏکڻ جي
طرف ٿورو اڳڀرو هلياسين ته اسان کي هڪ وڏو مقام
نظر چڙهيو، جيڪو امير خاني مقام سڏجي ٿو. امير
خاني سادات نواب امير خان عرف ابوالبقا ولد نواب
قاسم خان نمڪين بن ملا مير سبز واري جي اولاد مان
آهن. اهو نواب مغلن پاران ٺٽي جو اٺون نمبر گورنر
هو. انهن ڏينهن ۾ دهليءَ جي تخت تي شاهجهان
بادشاهه جو دور دوره هو. هي صاحب 1054هه مطابق
1614ع ۾ گورنر مقرر ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ جي تعميرات
جا ڪارناما ٿيا آهن.
جامع مسجد ٺٽو، مسجد شريف محلا ڀائي خان ٺٽو ۽
امير خان جو مقبرو مڪليءَ تي، جيڪي به سنڌ ۾ امير
خاني سادات آهن، سي هن صاحب جي اولاد مان آهن. هو
فرقي جا شيعا هئا، جيئن سندن مقام جي ڪتبن مان
ظاهر آهي. مسجد نما جڳهه اندر وڏو مقام آهي. ان جي
اوڀر ۾ هڪ ٿـَـلهو نظر آيو، جنهن تي ٽي قبرون
هيون، جن تي ڪتبا هن طرح اُڪريل هئا:
پهرين قبر:
خان با نمڪين امين الدين امير
حالي از حسن عمل درجات او
چون سفر کرد از جهان بي ثبات
سالِ فوتش داخل الجنات او
1137هه
ٻي قبر:
چو حسب آل موليٰ جان خان بود
روانش برد حورالعين بجنت
بدل سال وصالش گفت رضوان
بگو منزل متين الدين بجنت
1137هه
ٽي قبر:
ڪتبو هن تي چٽو نه هو. جو معلوم ڪيو ويو، سو درج
ڪجي ٿو.
”مير محمد غوث“ از دنيا بدر رفت
جنة الماويٰ گشتم جاي او
هاتفم گفتا که سال رحلتش.
مير ابوالمڪارم جو پٽ مير امير الدين 26 نمبر مغلن
پاران ٺٽي جو گورنر هو. اِنهيءَ جو پٽ مير متين
الدين خان پيءُ جي حياتيءَ ۾ حاڪم ٿيو. انهيءَ جي
پٽن مان مير محمد غوث نواب خدا يار خان عباسي يعني
نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ بخشي هو. مٿين ٿـَـلهي
جي هيٺان ٻئي ٿلهي تي اُتر اولهه جي ڪنڊ تي هڪ قبر
هئي، جنهن تي ٻارهن امامن جا اسماء گرامي هئا.
وفات جو سال چٽو نه هو. هن سان گڏ هڪ ٻي قبر معصوم
ٻار جي هئي، جنهن تي 1178هه لڳل هو. هن جي پٺيان
هڪ ننڍي قبر هئي، جنهن تي هي ڪتبو اُڪريل هو:
دريغا! از گل که نومي شگفت
زمانه ز بادِ مخالف نهفت
خرد سال معصوم حافظ عالي
عطاني علي حافظ وي بگفت
1306هه
اُتر اوڀر جي ڪنڊ تي هڪ رانڪ نظر آئي، جا نظام
الدين جي رانڪ سان مشهور آهي. هيءَ رانڪ درديلي
بيتن سان سينگاريل آهي. ان جو هڪ بيت مڪلي ٽڪريءَ
جي پهرئين مضمون ۾ ڄاڻايو ويو هو. هن مان ڪي بيت
نموني خاطر ڏجن ٿا:
قبر جي اڳيان جا لفظ ميساريل هئا، انهن مان اسان
هيٺيان ڪوشش ڪري زير مطالعه آندا:
”مرحومي نظام در سال چهل نہ وداع کرد.“
اولهه ۽ اوڀر کان:
زير اين زهره و ماه است
يوسف در نشيب اين چاه است.
اُتر وارن ٻن دروَازن تي:
اي چرخ کز تويک دل غمدده شاد کو
آن نو رسيده غنچه نيک و نهاد تو.
اولهه وارن دروازن تي:
فرياد که مونس دلم رفت بخاک
فرزند عزيز قابح رفت بخاک.
ڏکڻ وارن دروازن تي:
تاريخ سال روضه رضوان مثال او
جستم زبهر گفت ”بود گوشئه
بهشت.“
امير خاني مسجد جي اُتر ۾ ديوار جي ٻاهر ٿلهي تي
چار قبرون خواهه اولهه طرف پڪي ٿلهي تي ٻه تربتون
هيون. امير خاني مسجد جي اولهه طرف رستي جي ٻئي
طرف، جي تربتون هيون، تن مان مکيه هي آهن:
1. وفات يافت ماه بيگم بنت مرحوم امير شمس الدين
محمد بتاريخ 984هه.
2. داروغہ اعي خان ربيع الثاني 1024هه.
3. اسد بيگ بن حيدر و فخر- ايران. (بنا تاريخ.)
4. هتي جي ڏکڻ ۾ هڪ حڪيم، نالي محمد تقي جي تربت
هئي، جنهن تي بهترين ڊگهو ڪتبو هو. نموني خاطر ان
مان پهرين ۽ پوئين سٽ پيش ڪجي ٿي:
خلف دودهان فضل و هنر،
کز جهان همچو او ندارد يار
سال تاريخش از خرد جسم،
گفتم اي از تو خاطر من شاد
جز بگويم دين فقير بخير،
همنشين حسين بجنت باد.
1040هه |