ڇپائيندڙ پاران
ڪتاب ”ڳالهيون منهنجي سنڌ جون“، سيد حسام الدين راشديءَ جي
مقالن، تقريرن، خطن، انٽرويوز ۽ مختلف ڪتابن تي
لکيل مُهاڳن تي جُڙيل آهي. بورڊ پاران سيّد حسام
الدين راشديءَ جي پنجويهين ورسيءَ (1- اپريل
2007ع) تي هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي پڌرائي، اصل ۾
سنڌ جي هڪ تاريخ دان، عالم ۽ ڏاهي جي اُملهه
پورهئي جي پڌرائي آهي. هن ڪتاب جي مواد جي سهيڙ ۽
نئين مواد حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي ڪم سنڌ جي نامياري
تاريخدان محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو ڪيل آهي،
موجوده ڇاپي ۾ واڌارن ۽ سڌارن سان سموري سُوڌ
سنوار سوڌو ڪتاب لاءِ مهاڳ نئين سر لکي ڏيڻ وارو
اهم ڪم به ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جو ڪيل آهي.
هن ڪتاب جا سمورا موضوع سنڌ جي تاريخ ۽ ادب جو هڪ ڀرپور جائزو
پيش ڪن ٿا. ان لحاظ سان هن ڪتاب جي ٻئي ڇاپي جي
پڌرائي منهنجي ايامڪاري ۾ ٿيڻ تي فخر محسوس ڪريان
ٿو.
اميد آهي ته هي پورهيو سنڌ جي تاريخ ۽ ادب سان چاهه رکندڙن وٽ
مان لهندو.
ڄام شورو سنڌ
اعجاز
احمد منگي
ڇنڇر 4- ربيع الاول 1428هه سيڪريٽري
بمطابق 24- مارچ 2007ع سنڌي ادبي بورڊ
مقدمو
(ٻيو ڇاپو)
سال 1972ع ۾ مون وڌيڪ تعليم لاءِ گورنمينٽ ڪاليج نواب شاهه ۾
داخلا ورتي. اهو سال سنڌ جي جديد تاريخ ۾ وڏي
اهميت رکي ٿو. موري جو عبدالرزاق سومرو حيدرآباد ۾
شهيد ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت نئين دستور
جي تياري ڪئي. سنڌي زبان جو بل سنڌ اسيمبليءَ پاس
ڪيو. سنڌ اندر زبان جي مسئلي تي پهريون ڀيرو
زبردست ڇڪتاڻ پيدا ٿي. ان طرح ڪيئي ٻيا ننڍا ننڍا
مگر اهم واقعا ٿي گذريا. ان صورتحال ۾ سوين رسالا،
مخزنون ۽ ڪتابي سلسلا نڪري نروار ٿيا. سنڌ اندر
موجود ان زبردست بي چيني ۽ پڻ نئين سجاڳيءَ جي پس
منظر ۾، مون پنهنجي دوست غلام علي باگاڻيءَ جي
صحبت ۾ ادب پڙهڻ شروع ڪيو. ان ريت سنڌي ساهت
پڙهندي، رسالا ميڙيندي ۽ ڪتاب گڏ ڪندي، منهنجي ذهن
کي مهميز لڳي ۽ آهستي آهستي سنڌ شناسيءَ
(Sindhological Studies)
طرف توجهه ويو، جو اڄ سوڌو برقرار ۽ جاري آهي!
سنڌ شناسيءَ جي ان ابتدائي مرحلي وقت؛ جن اديبن، عالمن۽ محققن
سان شناسائي پيدا ٿي، بلڪ دلي ۽ روحاني سلسلو قائم
ٿيو، انهن اسڪالرن ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم
جو نالو سرفهرست آهي. تاريخ ڪلهوڙا تي سندس لکيل
مهاڳ، پهرين لکت هئي، جيڪا مون پڙهي. ستت پوءِ
اپريل 1973ع ۾ ”سنڌي پبليڪيشن“ ۾ راشدي صاحب جو
انٽرويو پڙهيم، جيڪو مسٽر خان محمد پنهور جو ورتل
هو. ان بعد هن مثالي سنڌي مؤرخ ۽ اسڪالر جا ڪتاب،
انٽرويو، مقالا ۽ ڪڏهن ڪڏهن اخباري بيان مطلب ته
جو ڪجهه به ڏسبو هو سو خريد ڪري پڙهبو هو. يا وري
ڪاليج ۽ پوءِ جي زماني ۾، يونيورسٽيءَ جي ڪتبخاني
مان هٿ ڪري نظر مان ڪڍبو هو. 1976ع ڌاري خود مون
به لکڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا(1).
تاريخ 27 آگسٽ 1977ع تي 60 الحمرا ڪراچيءَ ۾،
راشدي صاحب سان پهريون ڀيرو مفصل رهاڻ ٿي. سال
1979ع ۾ سندن ڪتاب ”مير محمد معصوم بکري“ ڇپيو ته،
ان تي مون هڪ تنقيدي تبصرو لکيو، جو رسالي ”مهراڻ“
(2/1981ع) ۾ شايع ٿيو، جنهن کي خود مصنف به پسند
ڪيو. ان طرح سنڌ جي هن برک عالم سان منهنجو
باقاعده تعلق پيدا ٿيو. ميل ملاقات ۽ خط و ڪتابت،
سندن زندگيءَ جي آخر تائين جاري رهي. منهنجو هڪ
مضمون سنڌالاجيءَ جي رسالي ۾ ڇپجي نه سگهيو، جو
پاڻ رسالي سه ماهي ”اردو“ (2/1981ع) ۾ ڇپرائي
ڏنائون. سال 1981ع جي پڄاڻيءَ ڌاري مون سندس ڪتاب
”سنڌي ادب“ سنڌي ترجمي حاشين ۽ وضاحتن سان شايع
ڪرايو. هي ڪتاب کين 28 ڊسمبر 1981ع تي پيش ڪيو
ويو. هي اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿي. سيد حسام
الدين راشدي پهرين اپريل 1982ع تي وفات ڪئي ۽
هميشہ همشہ لاءِ وڃي مڪليءَ جي تاريخي قبرستان ۾
آرامي ٿيو!
يارهين صديءَ جي ابتدا ۾ سيد علي موسوي سنڌ ۾ داخل ٿيو. روايتن
موجب هو اچي ”لڪي“ ۾ رهيو. علي ۽ لڪي، گڏجي
”لڪعلوي“ کي جنم ڏنو. سيد صاحب جي شادي دلوراءِ جي
نياڻيءَ سان ٿي، جنهن مان جيڪو اولاد ٿيو. ان کي
”لڪياري“ ساداتن جو نالو مليو. هن سيد جي ويهين
پشت مان سن 1135هه/1722ع ۾، پير محمد بقا ڄائو هو.
هن سنڌيءَ ۾ شعر چيو. سندس ڏوهيڙا اڄ به ملن ٿا.
راهه ويندي سن 1190هه/1776ع ۾، پير صاحب چورن هٿان
شهيد ٿي ويو. کيس هڪ پٽ پير محمد راشد جي نالي سان
هو، جو سن 1170هه/1756ع ۾ ڄائو هو. هن علم ادب جي
خدمت ڪئي ۽ متعدد ڪتاب ترتيب ڏنا. هن پير صاحب جو
اولاد اڳتي هلي ”راشدي“ خاندان جي نالي سان مشهور
ٿيو. محمد راشد سن 1223هه/1808ع ۾ وفات ڪئي. راشدي
خاندان گذريل ٻن صدين کان، سنڌ جي تمدن، سياست ۽
علم ادب جي خدمت ۾ مصروف رهندو پيو اچي.
سنڌ جي هن محسن خاندان ۾ ويهين سيپٽمبر 1911ع تي، اسان جو نامور
عالم ۽ مشهور محقق توڙي مؤرخ پيدا ٿيو، جنهن جو
نالو ”حسام الدين“ رکيو ويو. اڳتي هلي هي اعلى
انسان، ادبي تذڪرن ۽ تاريخن ۾، سيد حسام الدين
راشديءَ جي نالي سان مشهور ٿيو. روايتي ڳوٺاڻي
تعليم بعد ويهن سالن جي عمر ۾، پاڻ سکر پهتو ۽
”سنڌ زميندار“ اخبار سان وابستہ ٿي ويو، جنهن جو
ان وقت ايڊيٽر، سندس وڏو ڀاءُ پير علي محمد راشدي
هو. صحافتي دنيا ۾ رهندي اڳتي هلي ٻنهي ڀائرن
”ستارهه سنڌ“ نالي پنهنجي اخبار پڻ سکر مان جاري
ڪئي، جنهن جو ايڊيٽر سيد حسام الدين راشدي بڻيو.
هت رهندي پاڻ علم ادب جي دنيا ۾ به قدم رکيائون.
پهريان شعر چوڻ جي مشق ڪيائون(1).
بعد ۾ فڪشن ۾ پڻ طبع آزمائي ڪيائون. اهڙام ڪجهه
افسانه ”المنار“ ۾ ڇپيا، جو حافظ عبدالحميد ڀٽي
مرحوم ڪڍندو هو. 1947ع تائين سکر ۽ ڪراچيءَ ۾
صحافت ۾ سرگرم رهيا. سنڌ مسلم ليگ ۾ به ڪم ڪيائون.
زمينداري به ڪيائون ۽ فڪشن سان گڏ ٺوس علمي عنوانن
تي به قلم کنيائون.
قيام پاڪستان کان پوءِ سياست، صحافت ۽ زمينداريءَ جهڙن مشغلن کي
ڇڏي، مستقل طرح ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون. ان
طرح باقاعده تصنيف، تاليف ۽ تحقيق جي دنيا ۾ قدم
رکيائون. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي مرڪز تحقيقات
فارسي اسلام آباد تائين. ڪيترن ئي ادبي، علمي ۽
تحقيقي ادارن لاءِ ڪم ڪيائون. ڪيترن ادارن جا باني
رڪن سڏجن ٿا. متعدد ادارن جي گورننگ باڊيءَ تي
رهيا ۽ ملڪ جي مکيه يونيورسٽين سان پڻ لاڳاپيل
رهيا. راشدي صاحب جو ڪتابي ورثو فارسي، سنڌي ۽
اردو ٻولين ۾ موجود آهي، تنهنجي ٻولين مضمونن ۽
مقالن جو به وڏو تعداد ڇڏيو اٿن. سندن مطالعي جو
خاص مرڪز سنڌ جا فارسي ماخذ، اوليائن ۽ شاعرن جا
تذڪرا، سنڌ جي ادبي تاريخ جا سرچشما ۽ مکيه مکيه
قديم آثار هئا. فارسي مطالعي ۾ سندن دائرو سنڌ کان
ٻاهر هندوستان ۽ ايران تائين پکڙيل ڏسجي ٿو. سنڌ
جي مؤرخ جي حيثيت ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيائون، ۽
هڪ تاريخدان جي حيثيت ۾ نون لکندڙن لاءِ نت نوان
گس گهيڙ ۽ نقطا نروار ڪيائون. سندن تقريرن، تحقيق
۽ لکت ۾ سنڌ دوستيءَ جو عنصر نمايان ڏسجي ٿو.
راشدي صاحب جي ادبي ڪاوشن جو دائرو ۽ خدمتون اڌ
صديءَ تي پکڙيل آهن، سندن سوانح ۽ ساهتي سرمايي
بابت هيل تائين، هي ڪتاب ۽ رسالن جا خاص نمبر ڇپجي
چڪا آهن.
1. پير حسام الدين راشدي نمبر: سنڌي پبليڪيشن ڄام شورو، اپريل
1973ع، مرتب: خان محمد پنهور ۽ اعجاز سنڌي.
2. پير حسام الدين راشدي نمبر: قومي زبان انجمن ترقي اردو ڪراچي
ڊسمبر 1982ع مرتب: جميل الدين عالي ۽ سيد شبير علي
شاهه ڪاظمي.
3. پير حسام الدين راشدي نمبر: سہ ماهي ”مهراڻ“ 1/1983ع، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ايڊيٽر نفيس احمد شيخ.
4. پير حسام الدين راشدي نمبر: سووينئر ٻي ورسي، سنڌالاجي
1984ع، مصنف: مولانا صباح الدين عبدالرحمان هن
ڪتاب جو سنڌي ترجمو امام راشديءَ ڪيو آهي.
5. پير حسام الدين شاهه راشدي نمبر: سووينئر ٻي ورسي، سنڌالاجي
1984ع، مرتبه: مهتاب اڪبر راشدي.
5. پير حسام الدين راشدي اور ان ڪي علمي ڪارنامي: ڪراچي
يونيورسٽي 1984ع، مصنف: مولانا صباح الدين
عبدالرحمان هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو امام راشديءَ
ڪيو آهي.
6. پير حسام الدين شاهه راشدي نمبر: سنڌ ثقافت ۽ سياحت کاتو
ڪراچي سال 1990ع، ليکڪا: فهميده حسين، هن ڪتاب جو
اردو ترجمو: همدرد فائونڊيشن پريس ڪراچي 1994ع ۾
ڇپيو آهي.
7. پير حسام الدين راشدي نمبر: سہ ماهي ”مهراڻ“ 2/1997ع، سنڌي
ادبي بورڊ ڄام شورو، ايڊيٽر نفيس احمد شيخ.
هي ته اهي ڪتاب يا رسالا آهن، جي خاص مرحوم راشدي صاحب بابت
آهن. سنڌ جي هن نامور اسڪالر ۽ اديب جي باري ۾،
اهڙن سوين مضمونن ۽ مقالن جو پڻ پاڻ کي پتو آهي.
جي مختلف رسالن، ڪتابي سلسلن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيا
۽ ٽڙيل پکڙيل حالتن ۾ موجود آهن(1).
ليڪن هي هڪ حقيقت آهي ته سيد صاحب جي سوانح، علمي
خدمتن، ادبي ڪارنامن ۽ فڪري توڙي ساهتي سفر کي
جانچڻ، ڄاڻن ۽ پرکڻ جو بهترين سرمايو، خود اهي
ڪتاب آهن، جي پاڻ ايڊٽ ڪيائون، لکيائون ۽ ترتيب
ڏنائون. هن ڏس ۾ سندن لکيل مضمون ۽ مقالا به وڏي
اهميت رکن ٿا.
*****
سيد حسام الدين راشديءَ جي تحرير، تصنيف ۽ تاليف پنجاهه سالن تي
پکڙيل آهي. سندن پهرين لکت جا اڄ اسان وٽ موجود
آهي، اها ڀيرو مل مهر چند سال 1932ع ۾ پنهنجي
ترتيب ڏنل ڪتاب ”بهار نثر“ ۾ شامل ڪئي هئي. ان جو
عنوان ”ڪچي جو سير“ آهي. هي مختصر مضمون ”ڳالهيون
ڳوٺ وڻن جون“ ۾ شامل آهي(2).
ان طرح سندن آخري تحرير 1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿي هئي.
هن مستند ۽ معتبر عالم جي ڪتابي ورثي بابت جدا جدا
رايا ملن ٿا. راقم الحروف جو ويهه سال اڳ ان بابت
هڪ جائزو شايع ڪيو هو(2). ليڪن پوءِ جي مطالعي، جستجو ۽ تلاش ذريعي، مذڪوره جائزي ۾
مختصر ڦير ڦار بعد، سندن ادبي اثاثي کي هيٺ نروار
ڪجي ٿو. هي اڀياس ڪرانالاجيڪل سلسلي هيٺ مرتب ڪيو
ويو آهي.
1. فڪشن: راشدي صاحب ابتدا ۾ شعر به چيو ۽ پوءِ افسانه به
لکيائون. انهن ۾ ”انار ڪلي“، ”پاڪدامن عورت“، ”گلن
واري ڇوڪري“، ”امانت“ ۽ ”بدنصيب شهزادو“ ڇپيل ۽
شايع ٿيل ملن ٿا. ان کان علاوه هڪ طويل افسانو
”الزليخا“ به لکيائون، جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ناوليٽ
جو نالو به ڏنو ويو آهي. هن جو ٽيون ڇاپو ڪرائون
سائيز ۾ 62 صفحن تي 1951ع ۾ سکر مان نڪتو هو.
افسانه ڪتابڙن جي صورت ۾ به پڌرا ٿيا، جن جا متعدد
ايڊيشن نڪتا. ان زماني ۾ پاڻ ”سيد فدائي الراشدي“
جي قلمي نالي سان لکندا هئا(3). سنڌي ساهت جي هن آڳاٽي ذخيري کي محفوظ ڪرڻ جي گهڻي ضرورت آهي.
طويل افسانو ”الزليخا“ سن 2003ع ۾، ڊاڪٽر قريشي
حامد علي خانائيءَ صاحب، نئين سر مرتب ڪري ڇپرايو
آهي.
2. اسلامي ڪتبخانه: هي مختصر ڪتاب اطالوي خاتون مس اولنگا پنٽو
پنهنجي زبان ۾ لکيو هو. ان جو پوءِ انگريزي ۾،
پوءِ ان تان اردو ترجمو قاضي اختر جهونا ڳڙهيءَ
شايع ڪيو. ان اردو ترجمي تان بعد ۾ ”ستاره سنڌ“
اخبار جي مدير سيد حسام الدين راشديءَ، 7 جون
1937ع تي سنڌي ترجمو مڪمل ڪيو. هي ڪتاب سنڌ مسلم
ادبي سوسائٽي حيدرآباد 1939ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو.
تازو رسالي ”مهراڻ“ 2/1984ع ۾ ان کي دوباره شايع
ڪيو ويو آهي.(1)
3. سنڌي ادب: هي ڪتاب اردو ۾ پاڪستان پبيلڪيشن ڪراچي 1952ع ۾
ڇپيو. بعد ۾ ان جو روسي ترجمو مس ييگوروا رئيسه
(Miss Yegorova Raissa) ماسڪو مان پڌرو ڪيو. مون ”سنڌي ادب“ جو سنڌي ترجمو سال
1981ع ۾، مصنف جي اجازت سان ڪيو ۽ ان کي گرامي
پبليڪيشن دولت پور صفن شايع ڪيو. اردو ۽ روسي
ايڊيشن ذريعي سنڌي ساهت جو اڀياس يورپ ۾ آسان ٿي
پيو. ان کان علاوه سنڌي تذڪرهه نويسن به ان مان
خوب استفادو ڪيو.(2) اپريل – مئي 1983ع جي ماهنامه ”اظهار“ ۾ اصل اردو ڪتاب وري
ڇپيو آهي سنڌي ترجمي 1996ع ۾ ٻيهر حيدرآباد مان
ناز سنائي صاحب ڇپرايو.
4. مهراڻ جون موجون: سيد حسام الدين راشديءَ جي ترتيب سان هن
ڪتاب ۾ ”نئين زندگيءَ“ ڇپيل مضمونن، افسانن ۽ شعرن
جو انتخاب ڏنل آهي. هي ڪتاب پاڪستان پبليڪيشن
ڪراچي 1956ع ۾ ڇپيو. ان جو ٻيو ڇاپو 1964ع ۾ نڪتو.
5. مثنوي چنيسر نامه: ادراڪي بيگلاري سنڌ جي عشقيه داستان ”ليلا
چنيسر“ تي مبني هي فارسي مثنوي 1010هه/1601ع ۾
مڪمل ڪئي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي فارسي
مطبوعات جي پهرين ڪڙيءَ طور 1956ع ۾ ڇپيو هو. سيد
حسام الدين راشدي مرحوم ان تي سنڌي زبان ۾ طويل
مقدمو لکيو ۽ ان کي ايڊٽ ڪيو.(1)
6. مثنوي مظهرالآثار: سيد جهانگير هاشمي هي فارسي مثنوي سن
940هه/1533ع ۾ لکي. شاعر ارغون دور ۾ سنڌ آيو ۽
پوءِ حج تي ويندي ڪيچ مڪران وٽ 946/هه 1539ع ۾
مارجي ويو. مفصل فارسي مقدمي ۽ شاعر جي تصوير سان.
هي مثنوي راشدي صاحب، سنڌي ادبي بورڊ ذريعي 1957ع
۾ شايع ڪئي.
7. مقالات الشعرا: فارسي گو شاعرن جي هي تذڪرو سنڌ جي مشهور
اديب، مؤرخ ۽ شاعر، مير علي شير قانع سن
1174هه/1760ع ۾ لکيو، جنهن ۾ 719 شاعرن جو احوال
ملي ٿو. راشدي صاحب مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو
آهي. ان کان علاوه ڪتاب ۾ مفصل حاشيا ۽ چوٽيهه عدد
ناياب تصويرون به شامل ڪيل آهن. هي تذڪرو سنڌي
ادبي بورڊ 1957ع ۾ شايع ڪيو.
8. تڪمله مقالات الشعرا: مخدوم ابراهيم خليل ٺٽويءَ سنڌي جي
فارسي شاعرن بابت، هي آخري تذڪرو سنڌ 1307هه/1890ع
۾ لکي تيار ڪيو. راشدي مرحوم ڪتاب ايڊٽ ڪندي، ان
تي فارسيءَ ۾ مقدمو لکيو ۽ وڏي تعداد ۾ ناياب
تصويرون، تعليقات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ابتدا ۾
مشهور ايراني اسڪالر آقاي سعيد نفيسيءَ جو پيش لفظ
به هن ڪتاب جو سينگار بنيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ هي
تذڪرو 1958ع ۾ ڇپيو.
9. تذڪرهه امير خاني: سنڌ جي امير خاني سيدن بابت هي تذڪرو،
راشدي صاحب مرحوم سنڌيءَ ۾ لکيو آهي. مغل دور ۾
امير خاني سادات سنڌ جي سياست، تمدن ۽ ادب تي
ڇانيل هئا. هن خاندان ۾ مير ابوالقاسم نمڪين، مير
ابوالبقا امير خاني ۽ ميرڪ يوسف ٿي گذريا، جن
پنهنجي دور ۾ وڏي حيثيت ماڻي. هي منفرد تذڪراتي
ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن بابت معياري معلومات ڏئي
ٿو، جنهن جي آخر ۾ فوٽن جو پڻ وڏو تعداد شامل ڪيل
آهي. سنڌي ادبي بورڊ ”تذڪرهه امير خاني“ سال 1961ع
۾ پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو 2005ع ۾ نڪتو،
جنهن ۾ راقم الحروف پاران لکيل واڌارا پڻ شامل ڪيا
ويا. هن ايڊيشن ۾ پروف ريڊنگ جو احتياط نه ڪرڻ سبب
ڪيئي غلطيون رهجي ويون.
10، 11، 12، 13 – مثنويات وقصائد قانع: هڪ جلد ۾ مير علي شير
قانع جون چار تصنيفون: مثنوي قضا وقدر، ا جو
سينگار بنيو آهي. قات ۽ فوٽ نوٽس شامل ڪيا. ۾ لکي
تيار ڪيو. رجمو مثنوي محبت نامه، مثنوي قصاب نامه
۽ قصيدا منقبت شامل آهن. ابتدا ۾ راشدي صاحب طويل
سنڌي مقدمو شامل ڪيو آهي ۽ بورڊ ان کي 1961ع ۾
شايع ڪيو.
14. تاريخ مظهر شاهجهاني: ميرڪ يوسف سنڌ جي تاريخ تي هي ڪتاب سن
1044هه/1634ع ۾ لکيو، جنهن ۾ مغل دور بابت قيمتي
معلومات ملي ٿي. سيد حسام الدين راشدي هن ڪتاب کي
دريافت ڪيو ۽ ايڊٽ ڪندي، ان تي اردو ۾ تفصيلي
مقدمو لکيو ۽ آخر ۾ معلومات تعليقات شامل ڪيا.
سنڌي ادبي بورڊ، تاريخ جو هي منفرد ڪتاب سال 1962ع
۾ ڇپيو. اداري ان جو سنڌي ترجمو پڻ 1979ع ۾ شايع
ڪيو، جو نياز همايونيءَ جو ڪيل آهي(1).
15. هشت بهشت: هن ڪتاب ۾ مغل دور جي مشهور شاعر عطا جون اٺ
فارسي مثنويون ڏنل آهن. مثنوين تي تاريخي توڙي
ادبي نوعيت جو طويل سنڌي مقدمو سيد صاحب لکيو آهي،
جو پڙهڻ وٽان آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1963ع ۾
ڇاپي نروار ڪيو.(1)
16. منشورالوصيت و دستور الحڪومت: والي سنڌ ميان نور محمد
ڪلهوڙي هي مختصر رسالو سن 1163هه/1749ع ۾ لکيو.
اٺن تاريخي ضميمن، وضاحتي سنڌي مقدمي ۽ ڪجهه
تصويرن سان سينگاري، هي ڪتاب راشدي مرحوم سنڌي
ادبي بورڊ لاءِ ايڊٽ ڪيو ۽ سال 1964ع ۾ ڇپجي پڌرو
ٿيو. سال 1996ع ۾ هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو پڻ ڇپيو،
جو عبدالرسول قادري صاحب ڪيو. سنڌي ترجمو ٻيو ڀيرو
2005ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇاپي پڌرو ڪيو آهي.
17. ترخان نامه: ڪتاب سنڌ جي ترخان دور بابت آهي، جو ٺٽي جي سيد
مير محمد سن 1065هه/1654ع ۾ مڪمل ڪيو. راشدي صاحب
ابتدا ۾ مفصل مقدمو فارسيءَ ۾ لکيو آهي ۽ آخر ۾
تاريخي نسب نامن ذريعي ڪتاب جي اهميت کي وڌايو
آهي. سنڌي ادبي بورڊ ان کي 1964ع ۾ شايع ڪيو. مرزا
عباس علي بيگ مرحوم جو ڪيل سنڌي ترجمو، سنڌي ادبي
بورڊ 1994ع ۾ ڇپرايو.
18. ماڪ ڀنا رابيل: نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل مضمونن ۽ مقالن جو
انتخاب آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ زبان بابت
مستند معلومات ملي ٿي. پاڪستان پبليڪيشن لاءِ
راشدي مرحوم هي ٻيو انتخاب ترتيب ڏنو، جيڪو سال
1965ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.
19. مڪلي نامه: تاريخي قبرستان مڪليءَ تي مدفون نامور اميرن،
بادشاهن ۽ وزيرن بابت، هي مختصر ڪتاب مير علي شير
قانع، سن 1174هه/1760ع ۾ فارسي نثر توڙي نظم ۾ لکي
پورو ڪيو. ابتدا ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم ان
کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪيو. بعد ۾ ڪتابي ايڊيشن
تيار ڪندي، مٿس قيمتي حاشيا، تعليقات ۽ ضميما
لکندي، فاضل ايڊيٽر ”مڪلي نامه“ کي هڪ هزار صفحن
تي شايع ڪيو. ان طرح هي ڪتاب ٺوس تاريخي اهميت
حاصل ڪري ويو، جنهن ۾ سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغلن
بابت وڏي معلومات ملي ٿي. هي سمورو ڪم سنڌي زبان ۾
ٿيل آهي. آخر ۾ تصويرن ۽ فوٽن جو وڏو تعداد به
شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾
ڇاپي نروار ڪيو.
20. عيسى خان ترخان: مڪلي نامه ۾ مرزا عيسى ترخان ثانيءَ بابت
آيل مواد کي جداگانه ترتيب ڏئي، سال 1967ع ۾ راشدي
مرحوم پاڻ ڇپرايو. هن ڪتاب جو انتساب سنڌ جي سپهه
سالار دولهه دريا خان ڏي ڪيل آهي.
21. هفت مقاله: سه ماهي اردو ۾ فارسي ادبيات متعلق ڇپيل مقالن
جو هي انتخاب، انجمن ترقي اردو پاڪستان سال 1967ع
۾ شايع ڪيو. راشدي صاحب جي ترتيب ۽ پيش لفظ سان هي
ڪتاب شايع ٿيو.
22. حديقة الاوليا: سنڌ جي اوليائن جو هي تذڪرو ٺٽي جي سيد
عبدالقادر سن 1016هه/1607ع ۾ لکيو هو. پير صاحب
ايڊٽ ڪندي، مٿس سنڌيءَ ۾ طويل مقدمو لکيو آهي. هن
تذڪري کي سنڌي ادبي بورڊ 1967ع ۾ شايع ڪيو.
23. تذڪرهه شعراي ڪشمير: انهن فارسي گو شاعرن جو تذڪرو آهي، جي
ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ ڪشمير سان لاڳاپيل هئا. هي
ڪتاب مرزا اصلح سن 1161هه/1747ع ۾ تيار ڪيو. اقبال
اڪيڊمي 1967ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن جو ٻيو ايڊيشن
1983ع ۾ ڇپيو آهي.
24. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد اول: مٿئين تذڪري کي ايڊٽ ڪندي سيد
حسام الدين کي هڪ وڌيڪ ڪتاب تيار ڪرڻ جو خيال آيو.
سندن هن ڪاوش کي مرزا اصلح جو تڪملو سڏڻ بهتر
ٿيندو. جلد اول اقبال اڪيڊمي 1967ع ۾ شايع ڪيو،
جنهن ۾ 120 شاعرن (الف – ش) جو احوال ملي ٿو.
1983ع ۾ هي جلد وري ڇپيو آهي.
25. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد دوم: هي ٻيو جلد آهي، جنهن ۾ وڌيڪ
54 شاعرن (ص – غ) جو ذڪر ٿيو آهي. اقبال اڪيڊمي ان
کي 1968ع ۾ ڇپيو. هي جلد ٻيهر 1982ع ۾ شايع ٿيو
آهي.
26. تذڪرهه شعراي ڪشمير جلد سوم: هن ٽئين جلد ۾ ڪشمير جي وڌيڪ
69 شاعرن جو (ف – م) تذڪرو ٿيو آهي. پهريون ڇاپو
1968ع ۾، ۽ ٻيو ڇاپو 1982ع ۾ نروار ٿيو آهي.
27. احوال و آثار ملڪ الشعراءِ ابوالفيض فيضي: راشدي صاحب شعراي
ڪشمير جي ٽئين جلد ۾ فيضيءَ بابت نهايت مفصل
معلومات ڏني آهي. اهو سمورو مواد جداگانه ڪتابي
صورت ۾ ترتيب ڏئي. پاڻ سال 1968ع ۾ مٿئين عنوان
سان شايع ڪيو اٿن. ڪتاب فارسي زبان ۾ آهي.
28. تذڪرهه روضة السلاطين: هي فارسي ڪتاب انهن اميرن، وزيرن ۽
بادشاهن بابت آهي، جي شاعر هئا. هن تذڪري کي فخري
هرويءَ سن 958هه/1551ع ۾ ترتيب ڏنو ۽ شاهه حسن
ارغون ڏانهن منسوب ڪيو. راشدي صاحب جي ايڊيٽنگ سان
1968ع ۾ شايع ٿيو. ان کان ٻه سال اڳ راشدي صاحب جي
ايڊيٽنگ سان 1968ع ۾ شايع ٿيو. ان کان ٻه سال اڳ
”روضة السلاطين“ تبريز مان ڊاڪٽر عبدالرسول
خيامپور پڻ ڇپيو هو، ليڪن اسان جي هن مانائتي عالم
ان کي ناقص ايڊيشن سڏيو آهي.
29. جواهر العجائب: سن 962هه/1554ع ۾ فخري هرويءَ ترتيب ڏنو ۽
مرزا عيسى ترخان جي زال ماهه بيگم
کي منسوب ڪيو. هن ۾ اهڙين عورتن جو ذڪر ملي ٿو، جن
شعر و شاعريءَ ۾ حصو ورتو. سال 1968ع ۾ ايڊٽ ڪري
راشدي مرحوم ان کي ڇپرايو. ان کان اڳ به هن ٽذڪري
جا ڪجهه ايڊيشن نڪتا هئا، جن کي ناقدين ناقص سڏيو
آهي.
30. ديوان فخري: هي فارسي ديوان آهي، جو پڻ 1968ع ۾ پڌرو ٿيو.
فخري هرويءَ جا هي ٽئي ڪتاب هڪ جلد ۾ مرتب ٿي ڇپيا
آهن. فاضل ايڊيٽر نهايت قيمتي مقدمو اردو ۾ لکيو
آهي ۽ آخر ۾ تعليقات ذريعي مفيد واڌارا پڻ ڪيا آهن
جي فارسي زبان ۾ آهن. فخريءَ جا ٽئي ڪتاب سنڌي
ادبي بورڊ ڇپيا آهن(1).
31. دود چراغ محفل: اهڙن پنج شاعرن جو تذڪرو آهي، جي ڪنهن نه
ڪنهن ريت مرزا غالب سان وابستہ هئا. هي اردو ڪتاب
غالب جي صد ساله جشن پيدائش تي 1969ع ۾ ڪراچيءَ
مان ڇپيو آهي.
32. تذڪرهه شعراي ڪشمير، جلد چهارم: ڪشميري شاعرن بابت راشدي
صاحب جي رٿيل تذڪري جو هي آخري جلد آهي، جنهن ۾ ڪل
130 شاعرن (ن – ي) جو احوال ملي ٿو. هي جلد اقبال
اڪيڊمي 1969ع ۾ شايع ڪيو. مجموعي طرح سان چئن جلدن
۾ 373 شاعرن جو ذڪر ٿيو آهي. چارئي جلد ٻه هزار
صفحن تي مشتمل آهن، جن ۾ لاتعداد تصويرون، عڪس ۽
آخر ۾ فهرستون به ڏنل آهن.
33. مرزا غازي بيگ ترخان اور اس کي بزم ادب: سنڌ جي آخري ترخان
حاڪم بابت هي ڪتاب راشدي صاحب اردو ۾ لکيو آهي،
جنهن کي انجمن ترقي اردو ڪراچي 1970ع ۾ ڇپيو.
پهرئين حصي ۾ مرزا بابت احوال ملي ٿو ۽ ٻئين حصي ۾
اهڙن 35 شاعرن جو ذڪر ۽ شعر ملي ٿو، جي مرزا سان
وابستہ هئا.
34. ديوان بيرم خان: مشهور سپهه سالار عبدالرحيم خانخانان جو
والد بيرم خان نه رڳو نامور امير هو، پر پنهنجي
دور جو اعلى پايي جو فارسي ۽ ترڪي ٻولين جو شاعر
پڻ هو. فارسي شعر راشدي صاحب ايڊٽ ڪيو ۽ ڊاڪٽر
محمد صابر ترڪي شاعري ترتيب ڏني، جنهن کي ڪراچي
يونيورسٽيءَ ۾ قائم انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ
ايشين اسٽڊيز، سال 1971ع ۾ ڇاپيو. هن ديوان تي
مقدمو ڊاڪٽر ايم ايڇ صديقيءَ لکيو جو انگريزي زبان
۾ آهي.
35. تحفة الڪرام: مير علي شير قانع جو هي چوٿون ڪتاب آهي، جو
سيد حسام الدين راشديءَ ايڊٽ ڪيو. قانع ”تحفته
الڪرام“ سن 1181هه/1768ع ۾ مڪمل ڪيو. ڪتاب جو ٽيون
جلد سنڌ جي تاريخ، مشاهيرن ۽ شهرن بابت آهي. فاضل
ايڊيٽر هن جلد جو به تاريخ وارو حصو ايڊٽ ڪيو ۽ ان
۾ نهايت مستند ۽ معتبر تاريخي حاشيا، ضميما،
تعليقات ۽ نسب ناما شامل ڪيا. گڏوگڏ تصويرن جو
سهڻو سيٽ به شامل ڪيل آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ
1971ع ۾ ڇاپيو. رٿا موجب ڪتاب جي ٽئين جلد جا ٻه
ڀاڱا شايع ٿيڻا هئا، پر اهي آخر تائين منظر تي نه
آيا.
36. تذڪرهه مشايخ سيوستان: هي مختصر تذڪرو سيوهڻ جي صوفين بابت
آهي، جو عبدالغفور بن حيدر سيوستانيءَ سن
1039هه/1629ع ۾ مڪمل ڪيو. ان جي اڪيلي ڪاپي رايل
ايشياٽڪ سوسائٽيءَ ۾ موجود آهي، جتان راشدي صاحب
فوٽو حاصل ڪري، ان کي رسالي ”مهراڻ“ ۾ شايع ڪرايو
(3-4/1974ع)
37. مثنوي مهر و ماهه: هندوستان جي مشهور شاعر جمالي دهلويءَ،
هي مثنوي سن 905هه/1499ع ۾ مڪمل ڪئي. سنڌ جي هن
مانائتي عالم جي سعيي ۽ مقدمي سان، هي مثنوي مرڪز
تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام آباد 1974ع ۾
ڇپي آهي. مفصل مقدمو فارسي زبان ۾ آهي(1).
38. تذڪرهه مشاهير سنڌ، جلد اول: مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ
جو لکيل هي ڪتاب سنڌ جي اڀياس ۾ وڏي اهميت رکي ٿو.
راشدي صاحب جلد اول ترتيب ڏنو، ان تي مقدمو لکيو ۽
وضاحتي حاشيا لکيا. هي جلد سنڌي ادبي بورڊ سال
1974ع ۾ ڇاپيو(2).
ان جو اردو ترجمو به هن اداري سال 1991ع ۾ ڇيپو
آهي، جو ڊاڪٽر عزيز انصاري ۽ عبدالله ورياهه جو
ڪيل آهي.
39. هو ڏوٿي هو ڏينهن: راشدي مرحوم جي يادگيرين تي مشتمل هي
ڪتاب، سنڌي ادبي بورڊ سال 1977ع ۾ ڇپيو آهي. هي
ڪتاب ٻولي، مواد ۽ پيشڪش جي لحاظ کان وڏي اهميت
رکي ٿو.
40. تذڪرهه رياض العارفين، جلد اول: سن 1300هه/1888ع ۾ آفتاب
راءِ لکنويءَ هي تذڪرو پورو ڪيو، جو فارسي گو
شاعرن بابت آهي. مختصر اردو مهاڳ سان راشدي مرحوم
ان کي، مرڪز تحقيقات فارسي ايران و پاڪستان اسلام
آباد ذريعي 1977ع ۾ شايع ڪيو.
41. مير محمد معصوم بکري: سنڌ جي مشهور تاريخدان ”مير محمد
معصوم بکري“ جي مفصل سوانح حيات، خدمتن، آثارن ۽
علمي ورثي بابت، هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ 1979ع ۾
شايع ڪيو. راشدي صاحب هي ڪتاب لکندي وڏي محنت ڪئي
آهي. هن ڪتاب ذريعي پاڻ سنڌ جي تاريخ نويسيءَ کي
بلڪل نئون موڙ ڏيندي، نون لکندڙن لاءِ هڪ راهه
هموار ڪيائون. ڪتاب جي آخر ۾ تصويرن جو عمدو سيٽ
پڻ ڏنو ويو آهي.
42. ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون: هي ڪتاب راشدي صاحب جي 43 مضمونن ۽
مقالن تي مشتمل آهي، جو انجمن تاريخ سنڌ 1981ع ۾
ڇاپي پڌرو ڪيو.
43. تذڪرهه رياض العارفين، جلد دوم: هي جلد سيد صاحب جي وفات
کان پوءِ، مرڪز تحقيقات فارسي اسلام آباد سال
1982ع ۾ ڇپيو آهي. هن جلد تي فارسي زبان ۾ سيد
عارف نوشاهيءَ مهاڳ لکيو، جنهن ۾ راشدي صاحب جي
ايڊٽ ڪيل فارسي ڪتابن جو احاطو ڪيل آهي.
44. مراة الجمال: راشدي مرحوم جي پسنديدهه فارسي، سنڌي ۽ اردو
شعرن جو انتخاب آهي، جو سنڌالاجيءَ سندن ٻين
ورسيءَ جي موقعي تي 1984ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو، جنهن
کي راقم الحروف مرتب ڪيو.
45. ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي صاحب جي مضمونن ۽ مقالن جو
هي ٻيو مجموعو آهي. هن ۾ پندرهن مضمون ۽ مقالا،
چار عدد خط، چار انٽرويوز ۽ مختصر ڪتاب ”تذڪرهه
مشائخ سيوستان“ جو سنڌي ترجمو پڻ ڏنو ويو آهي. هي
ڪتاب 1992ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو.
46. مقالات راشدي: هن ۾ راشدي صاحب جا ايڪيهه اردو مقالا ۽
مضمون شامل آهن. هي ڪتاب ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾
قائم، انسٽيٽيوٽ آف سينٽرل اينڊ ويسٽ ايشين
اسٽڊيز، سال 2002ع ۾ ڇاپي پڌرو ڪيو. هي ڪتاب راقم
الحروف ترتيب ڏنو ۽ راشدي صاحب جي اردو قلمي ڪاوشن
جو مقدمي ۾ اختصار سان مگر جامع طور تي احاطو ڪيو
ويو.
******
مٿي ذڪر ڪيل ڪتابن کان سواءِ راشدي صاحب جي ڪجهه وڌيڪ ڪتابن جو
پاڻ کي پتو پيو آهي. انهن ۾ ٻه درسي ڪتاب آهن. ٻين
ڪتابن ۾ راشدي صاحب ساٿي مصنف
(Co-Author)،
يا ايڊيٽر جي حيثيت ۾ نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهن
ڪتابن جو چور هيٺ ڏجي ٿو:
47. بنيادي اردو: اردو زبان ۾ لغت جو هي مختصر ڪتاب ڊاڪٽر
ابوالليث صديقي صاحب لکيو. هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو
جمال رند ڪيو ۽ نظرثاني توڙي نگراني، سيد حسام
الدين راشدي صاحب ڪئي. هي ڪتاب مرڪزي اردو بورڊ
لاهور 1968ع ۾ ڇاپي نروار ڪيو.
48. توزڪ جهانگيري: مغل شهنشهاهه جهانگير (وفات: 1627ع) جي
فارسي زبان ۾ خود نوشتہ سوانح عمري آهي. سڀ کان
اول سر سيد احمد خان هن ڪتاب کي ڇپرايو. بعد ۾ هن
ڪتاب جا ترجما ٿيندا رهيا. ان هوندي به اردو زبان
۾ هڪ مستند ۽ معياري ترجمي جي ضرورت محسوس ڪئي
وئي. ان پس منظر ۾ ترجمي جو ڪم مولانا اعجازالحق
قدوسي صاحب جي حوالي ڪيو ويو. ان ڪم جي نگراني
راشدي صاحب ڪئي. ان سان گڏ نظرثاني ۽ حاشيا پڻ
راشدي مرحوم لکيا. هي ترجمو ٻن جلدن ۾، جلد اول
1968ع ۽ جلد ٻيو 1970ع ۾، مجلس ترقي ادب لاهور
ڇپرايو.
49. سماجي اڀياس: هي هڪ نصابي ڪتاب آهي جو اٺين جماعت لاءِ لکيو
ويو، جنهن ۾ تاريخ، جاگرافي ۽ شهريت شامل آهن.
ڪرائون سائيز جي 228 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، اولهه
پاڪستان ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور 1969ع ۾ ڇپرايو.
50. سماجي اڀياس: هي ڪتاب پڻ درسي آهي جو شايد اولهه پاڪستان
ٽيڪسٽ بڪ بورڊ لاهور لاءِ لکيو ويو. ڪرائون سائيز
جو هي ڪتاب 134 صفحن تي آهي، جنهن کي اردو اڪيڊمي
سنڌ 1969ع ۾ ڇپرايو.
51. هفت زباني لغت: بنيادي طرح هي هڪ اردو لغت آهي، جا اشفاق
احمد، محمد اڪرام چغتائي ۽ فضل قادر فضلي تيار
ڪئي. اردو سان گڏ وڌيڪ ڇهن ٻولين: بنگالي، بلوچي،
پشتو، پنجابي، سنڌي ۽ ڪشميري ٻولين جي مترادف لفظن
تي مشتمل هي لغت، مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1974ع ۾
ڇپرائي.
سنڌي لفظن (لغت) لاءِ، سيد حسام الدين راشدي، نياز همايوني ۽
محمد انور بلوچ ڪم ڪيو.
52. طبقات ناصري: منهاج سراج هي تاريخي ڪتاب فارسي زبان ۾
658هه/1260ع ۾ لکيو. فارسي ايڊيشن افغان دانشمند
عبدالحي حبيبي افغاني، مرتب ڪري ٻن جلدن ۾ ڇپرايو.
اڳتي هلي هن ڪتاب جو اردو ترجمو مولانا غلام رسول
مهر ڪيو. مهر صاحب 1971ع ۾ فوت ٿيو: بعد ۾ سيد
حسام الدين راشدي صاحب، پنهنجي نگراني ۽ نظرثانيءَ
سان اردو ترجمي کي ڪامل بنايو. هي ڪتاب ٻن جلدن ۾
مرڪزي اردو بورڊ لاهور 1975ع ۾ ڇپرايو. هن ڏس ۾
مولانا اعجازالحق قدوسي ۽ ڊاڪٽر محمد ايوب قادريءَ
کان پڻ مدد ورتي وئي.
53. سنڌي زبان جي بنيادي لغت: هي ٽن مختصر ترين لغتن جو هڪ
مجموعو آهي. هي ڪم سنڌي زبان جي نامور عالمن جي هڪ
ڪميٽيءَ مڪمل ڪيو، جن ۾ سيد حسام الدين راشدي صاحب
جو نالو نمايان ڏسجي ٿو. هي لغت وزارت تعليم حڪومت
پاڪستان پاران، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع ۾ ڇپرائي
پڌري ڪئي.
54. تذڪرة الشعرا: فارسي شاعرن بابت هي مختصر تذڪرو شهنشاهه
جهانگير ڏي منسوب آهي. هي تذڪرو تاجڪستان جي
اسڪالر پروفيسر عبدالغني ميرزايوف مرتب ڪيو. بعد ۾
راشدي صاحب، ميرزا يوف جي تحقيق تي نظرثاني ڪئي،
مفصل حاشيا لکا ۽ پيش لفظ به لکيو. ان ريت هي
تذڪرو ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم، انسٽيٽيوٽ آف
سينٽرل ايند ويسٽ ايشين اسٽڊيز سال 1976ع ۾ شايع
ڪيو.(1)
فهرست نگارن پير صاحب جي ”ڪتابن جي سروي ڪندي ڪجهه مضمونن ۽
مقالن کي به سندن ڪتابي ورثي ۾ شمار ڪيو آهي. هن
ڏس ۾ ”ڏهين صدي هجريءَ سنڌ“ (سدي علي رئيس) ۽ ”ٺٽي
جي تاريخي جاگرافي“ جو ذڪر اڪثر ٿيندو رهي ٿو.
حقيقت ۾ هي ٻئي مقالا رسالي ”مهراڻ“ ۾ ڇپيا، پوءِ
سندن مقالن ۽ مضمونن جي ڪتاب ۾ به شامل ٿيا(2). ڊاڪٽر محمد ايوب قادري صاحب ”مولانا محب علي سنڌي“ کي سندن هڪ
اردو ڪتاب لکيو آهي(3).
حقيقت ۾ هي هڪ طويل اردو مقالو آهي، جو سه ماهي
”اردو“ جي آڪٽوبر 1950ع واري پرچي ۾ شايع ٿيو هو(4).
ان دور ۾ قاضي احمد ميان اختر جي تقريب (ٻه اکر)
سان، هن مقالي جا ڪجهه آف پرنٽس به نڪتا. اسان مٿي
راشدي صاحب جي لکيل، ايڊٽ ڪيل ۽ مرتب ڪيل ڪتابن جي
فهرست ڏني آهي. ان هوندي به هي امڪان آهي ته ڪن
شين جو پاڻ کي پتو نه هجي يا وري ڪي ڪتاب اڌورا ۽
اڻ ڇپيل حالت ۾ رهجي ويا هجن.
******
ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: راشدي مرحوم جي مضمونن، مقالن، تقريرن،
انٽرويوز ۽ ٻئي متفرقہ مواد جو ٻيو مجموعو آهي. هن
کان اڳ سندن حياتيءَ جي بنهه آخر ۾، ان نوعيت جو
پهريون مجموعو ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“ نالي سان
1981ع ۾ ڇپجي ظاهر ٿيو، جنهن ۾ ڪل ٽيتاليهه مضمون،
مقالا ۽ تقريرون شامل آهن.
هن مجموعي جا ٽي حصا ڪيا ويا آهن. پهرئين حصي ۾ ويهه مضمون،
مقالا ۽ تقريرون اچن ٿيون ۽ چار يادگار خط به ڏجن
ٿا، جي مرحوم پير صاحب، هن مجموعي جي مرتب ڏانهن
1980ع ۽ 1981ع ۾ لکيا هئا. ٻئي حصي ۾ اٺن ڪتابن تي
پير صاحب جا لکيل مهاڳ ۽ پيش لفظ ڏنا ويا آهن، جي
پهريون ڀيرو سهيڙجي شايع ٿي رهيا آهن. ڪي لکتون
مختصر آهن ته ڪجهه تحريرون جامع ۽ مفصل آهن. ڪتاب
جي ٽئين حصي ۾ پنج انٽرويو شامل ڪيا ويا آهن. هن
جلد ۾ شامل پهريون مضمون 1937ع جو آهي، جڏهن ته
آخري انٽرويو ۽ تقرير 1981ع جي ڏسجي ٿي. ان جو
مطلب ته هن ڪتاب ۾ شامل مواد، مصنف جي چوئيتاليهن
سالن جي ذهني توڙي قلمي پورهئي جو احاطو ڪري ٿو.
هن ڪتاب جي ترتيب وقت هرهڪ مقالي يا مضمون جو ذريعو مهڙ ۾
ڄاڻايو ويو آهي: ته ٻئي طرف ان جو سٽاءُ
ڪرانالجيڪل سلسلي تحت رکيو ويو آهي. ڪجهه مضمون
پراڻي ۽ روايتي طرز تحرير جي عڪاسي ڪن ٿا. انهن ۾:
مغل شاهي زماني ۾ هندن جي فارسي تعليم؛ غلام شاهه
راشدي؛ فتاوي عالمگيريءَ جا ٻه سنڌي مؤلف؛ مرزا
شاهه حسين ارغون؛ ۽ مير علي شير قانع – جهڙا مضمون
اچن ٿا. ان بعد ٻه مضمون: سنڌ جا تاريخي ۽ سياسي
خط؛ ۽ سنڌ جي تاريخ جا ماخذ – سنڌالاجيڪل اسٽڊيز ۾
وڏي اهميت رکن ٿا ۽ هن مجموعي ۾ شامل آهن. آخري
مضمون ۾ سنڌ بابت عربي ڪتابن جي باري ۾ گفتگو ڪيل
آهي(1).
سنڌي ساهت ۽ سماج توڙي فن ۽ فڪر جي اڀياس ۾: سنڌي
ٻوليءَ کي للڪار؛ فقير عبدالغفور؛ سچل سارو سچ؛ هڪ
ديادگار تقرير؛ ۽ سچل کان پوءِ – جهڙا مضمون اسان
جي رهنمائي ته ڪن ٿا، ليڪن حقيقت ۾ انهن جي مطالعي
ذريعي، راشدي صاحب جو هڪ سنڌ دوست دانشور ۽ اديب
وارو روپ پڻ اجاگير ٿئي ٿو. سندن ادبي سفر ۽ سوانح
جي ڪجهه وڌي رُخن تي، هن ڪتاب ۾ ڏنل خطن ۽ پڻ
”منهنجو علمي ۽ فڪري سفر“ عنوان واري تقرير،
ڪارائتي روشني وجهن ٿا. سنڌ ۽ ايران جو تعلق
هزارين سالن تي پکڙيل آهي. عنوان تي سنڌ جي هن
قابل صد احترام مؤرخ پهريون ڀيرو سنجيده تحقيق
ڪئي. هن جلد ۾ شامل ٽي مقالا: سنڌ ۾ ايران جا
لاڳاپا؛ سلطان محمود بکري ۽ شاهه طهماسپ صفويءَ جا
لاڳاپا؛ فردوسي ۽ شاهنامي جو سنڌ تي اثر – ڏنا وڃن
ٿا. جن ذريعي ڪيئي مکيه تاريخي ۽ ادبي واقعن تي
روشني پوي ٿي. اصل ۾ اهي مقالا پاڻ ايران ولايت ۾
مختلف ڪانگريسن ۾ پڙهيا هئائون(1).
جيتوڻيڪ ”اصفهان جي هڪ يادگار شام“ عنوان واري
مضمون جو سنڌ سان ڪو خاص تعلق نه ٿو ڏسجي. ان
هوندي به راشدي صاحب جي ايران جي تاريخ ۽ قديم
آثارن ۾ دلچسپي ۽ احساسن کي ٺيڪ طرح سان، هن مضمون
ذريعي محسوس ڪري سگهجي ٿو(2).
هونئن ته ايران ۽ سنڌ جي تعلق تي، گهڻي ڪم ڪرڻ جي
گنجائش آهي، ليڪن ”سيد حسام الدين راشدي ۽ ايران
جو تعلق“ به هڪ اهم عنوان آهي، جنهن تي پڻ توجہ
ڏيڻ جي ضرورت آهي. راشدي صاحب جا ٻه مضمون: قاهرهه
ميوزم ۾ چند گهڙيون: ۽ مولانا محمد شفيد لاهوري –
نهايت دلچسپ ۽ معلوماتي آهن. هي ٻه مضمون اسان جي
هن مانائتي عالم جي اسڪالرن، ڪتبخانن ۽ ڪتابن سان
محبت، عقيدت ۽ پروقار روين جي خوب عڪاسي ڪن ٿا.
هن جلد جي ٻئي حصي ۾ اٺن ڪتابن تي، راشدي صاحب جي لکيل پيش لفظن
۽ مهاڳن کي پهريون ڀيرو گڏ ڪري شايع ڪيو پيو وڃي.
ممڪن آهي ته ان ڏس ۾ اڃا به وڌيڪ مواد هجي، جنهن
جو پاڻ کي پتو نه هجي. مولانا دين محمد وفائي
مرحوم جي ڪتاب ”شاهه جي رسالي جو مطالعو“ تي لکيل،
سندن پيش لفظ جي لطيفيات ۾ خاص اهميت آهي. هي لکت
بار بار ۽ مختلف عنوانن سان ڇپجندي رهي آهي.
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سيد حسام الدين راشدي مرحوم جا پنج انٽرويو
ڏجن ٿا. ادبي دنيا ۾ انٽرويوز جي وڏي اهميت آهي.
انٽرويو ڏيندڙ جي ذاتي سوانح، ادبي سفر، ڪتابي
ذخيري، ساهتي لڳ لاڳاپن، همعصر ليکڪن ۾ مليل مان
مرتبي؛ ۽ وڏي ڳالهه ته متعلقه شخصيت جي علمي ادبي
سوچ ۽ فڪر جي اڀياس ۾ انٽرويوز تمام گهڻي مدد ڪن
ٿا. انهن ذريعي اصل ۾ ڪيئي گم ٿيل تاريخي ڪڙيون ۽
اُلجهيل مسئلا نبرن ٿا. پر هڪ محقق جڏهن انٽرويو
ڏيندڙ جي سوانح بابت ڪم ڪري ٿو ته، هو پنهنجي
تحقيق لاءِ به انهن مان گهڻي مدد وٺي ٿو. هت ڏنل
انٽرويوز مان پهريون، ٻيو، ۽ پنجون مختصر آهن؛ ۽
ٽيون توڙي چوٿون طويل ۽ مفصل آهن. اميد ته انهن جو
اڀياس پير صاحب جي ذاتي ۽ علمي زندگيءَ کان علاوه،
خود سنڌ متعلق پڻ مطالعي جي ڪيئي پهلوئن ۾ مددگار
ثابت ٿيندو.
سيد حسام الدين راشدي مرحوم تي ڪم ڪندڙ ڪجهه اديبن، سندن 300
سنڌي، 20 اردو ۽ 5 عدد فارسي مقالن جو ذڪر ڪيو
آهي. منهنجو خيال آهي ته سنڌيءَ جي حد تائين اهو
اندازو درست ڪونهي. هن جلد ترتيب ڏيندي هڪ ته
منتشر سنڌي مواد جمع ڪيو ويو آهي، ۽ ٻئي طرف سنڌ
بابت فارسي يا اردو مقالن کي به، ترجمن ذريعي گڏ
ڪيو ويو آهي. انهن مضمون ۽ مقالن جا حوالا اڪثر
ڪري، راشدي صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ ڏيندو رهندو هو.
تاهم ٻه مقالا: بلگرامي ساداتن جو سنڌ تي اثر، ۽
پوراني سادات – هن جلد ۾ اچڻ کپن ها، پر باوجود
تلاش جي اهي هٿ نه اچي سگهيا. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي
ته مذڪورهه مقالا يا ته لکجي نه سگهيا، يا وري ڪٿي
ڇپجي سگهيا. مون هر ممڪن طرح ڪوشش ڪئي آهي ته
تحريرن ۽ تقريرن جي هن جلد کي مڪمل بنايو وڃي.
چوويهن سالن جي تلاش بعد جو ڪجهه ملي سگهيو، ان کي
پڙهندڙن جي خدمت ۾ پيش ڪجي ٿو. اميد ته هي مواد هڪ
طرف سنڌ، ته ٻئي طرف خود اسان جي هن سدا بهار عالم
جي، سوانح ۽ ادبي اثاثي جي اڀياس ۾ مددگار ثابت
ٿيندو!
******
ڳالهيون منهنجي سنڌ جون: پهريون ڀيرو 1992ع ۾ ڇپيو هو. ڪمپوزنگ،
پروف ريڊنگ ۽ اشاعت جو ڪم ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جنهن تي
منهنجو ڪو به اختيار نه هو. ان پس منظر ۾ ڪتاب ۾
لاتعداد غلطيون رهجي ويون. سورنهن – سترهن سالن
کان پوءِ، هي ڪتاب ٻيهر ڇپجي رهيو آهي. ان وچ ۾
وڌيڪ مليل مواد کي به هن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان
ريت هن ڪتاب جو هي ڇاپو وڌيڪ وسعت سان نروار ٿي
رهيو آهي. ان ريت هن ڪتاب جو هي ڇاپو وڌيڪ وسعت
سان نروار ٿي رهيو آهي. ان پس منظر ۾ ”مقدمو“ پڻ
نئين سري سان لکيو ويو آهي. پهرئين ڇاپي ۾ مشايخ
سيوستان“ جو سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو هو. هن
ايڊيشن مان ان کي خارج ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب تي
(مشايخ سيوستان) جداگانه ڪم ٿي رهيو آهي. اميد آهي
ته ان کي به ٿوري عرصي ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويندو.
جناب حسين شاهه راشديءَ جو آءٌ خاص طرح ذڪر ڪندس.
سائين حسام الدين راشدي صاحب جي علمي ڪمن جي تڪميل
۽ سهيڙجڻ واري ڪم ۾، مون کي هميشه حسين شاهه راشدي
صاحب جي تائيد حاصل رهي. ڪتاب جي هن ٻئي ايڊيشن جي
طباعت ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري اعجاز احمد
منگي صاحب خاص دلچسپي ورتي. بورڊ جي ٻين اهلڪارن
به هن ڪم ۾ مون سان دلي تعاون ڪيو. ان لاءِ آءٌ
سڀني دوستن جو شڪر گذار آهيان.
مارچ 2007ع
پروفيسر
غلام محمد لاکو
ڄام شورو
سنڌ
يونيورسٽي
|