سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل

باب: --

صفحو :5

 

 

عطا محمد ڀنڀرو                                  [قسط نمبر1]

علڻ ۽ راڪاس

آڳاٽي زماني جي ڳالهه آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ هڪ پوڙهو پوڙهي رهندا هئا، جن کي ٽي پٽ هئا جن مان ننڍي جو نالو علڻ هو.

اهي ٽيئي وڏا محنتي هئا هو پورهئي کي عبادت سمجھندا هئا. ڀيڄ ڀنيءَ کان جھونجھڪڙي تائين پيا ڌرتي سان محنت ڪندا رهندا هئا.

هڪ ڏينهن هڪ بري خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي ته ستيا ناس نالي هڪ راڪاس ملڪ مٿان آفت بنجي ماڻهو ماري کائي ڇڏيندو ڳوٺ ۽ وستيون ويران ڪري ڇڏيندو ۽ باغ بُٺ بڻائي ڇڏيندو. سو پوڙهي ۽ پوڙهيءَ کي اچي ڊڄ جي سياڪڙي ورتو، جو هٿن مان نڪتا وڃن. ٻنهي وڏن پٽن کين دلداري ۽ آٿت ڏئي دل ٻڌرائي.

منهنجي جيجل امڙ، منهنجا بابا سائين ان راڪاس کان نه ڊڄو اسان ان ستيا ناس راڪاس کي ماري مڃ ڪري ڇڏينداسون!

اسان ساڻس اها ويڙهاند ڪنداسون جو موت سندس مقدر هوندو: توهان اڪيلا نه هوندو. علڻ اوهان سان هوندو. اڃا هو وڙهڻ جھڙو به نه آهي.

”نه“ علڻ چيو ،“ ، ”مان هتي ترسڻ نه ٿو چاهيان. مان پاڻ ان ستيا ناس راڪاس سان ويڙهه ڪرڻ ٿو چاهيان.

ڪراڙي ۽ ڪراڙيءَ نه کيس وڃڻ کان روڪيو نه وري ان جي خلاف ڪا ٻڙڪ ئي ٻولي. جھونڙن ٽنهي پٽن جي سفر جي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. ٽنهي ڀائرن وڏا ڏنڊا کنيا هڙن ۾ سادي کاڌي جو سامان وڌو ۽ گھوڙن تي چڙهي هليا ويا.

هنن ڪيترو سفر ڪيو ۽ سا خبر خدا کي. هلندي هلندي واٽ تي کين هڪ جھور پوڙهو مليو.

”ابا ننڍڙوءَ جوانڙَو ڀلي آيو“ ڪراڙي کين ڀليڪار ڪئي.

”ڏاڏاڙا خوش آهيو چڱا ڀلا، ٻيو مڙيئي خير.

”ڀلا ٻچا، ڪيڏانهن پيا وڃو؟“

”اسان ستيا ناس راڪاس سان وڏي ويڙهاند ڪرڻ لاءِ نڪتا آهيون جيئن اسان جي ڌرتي ماتا جو بچاءُ ٿي سگھي. بيشڪ توهان نيڪ مقصد سان نڪتا آهيو، پر ان راڪاس کي مارڻ لاءِ ڏنڊن جي نه بلڪ دمشق جي رُڪَ مان ٺهيل ترارن جي ضرورت آهي.

”ڏاڏا سائين اسان اهي ڪٿان هٿ ڪري سگھنداسون.“

اهو مان اوهان کي ٻڌايان ٿو جوان همت نوجوانو، توهان سڌو هلندا وڃو. تان جو وڃي هڪ جبل وٽ پهچندؤ. ان غار جو منهن وڏي پٿر سان بند آهي. ان وڏي پٿر کي سرڪائي پري غار جي اندر هليا وڃو اوهان کي اهڙيون تلوارون ملي وينديون.

ٽنهي ڀائرن ان پوڙهي جا ٿورا مڃيا ان کان موڪلائي توڪلائي گھوڙن تي سوار ٿي پوڙهي جي ڏنل ڏس تي روانا ٿيا.

هلندي هلندي واقعي کين هڪ اتاهون جبل نظر آيو. جنهنجي پاسي ۾ هڪ وڏو پٿر پيل هو. ٽنهي ڀائرن گڏجي زور لاتو پٿر سيري پري ڪري غار ۾ اندر هليا ويا. انهن اتي رڳو تلوارون ڪونه ڏٺيون بلڪ ڪيترن ئي قسمن جا ٻيا هٿيار به پيا هئا، جن جو ڪو ڪاٿو ڪونه هو. پر فقط هو هڪ هڪ تلوار کڻي غار مان ٻاهر نڪري، پٿر سرڪائي غار جو منهن بند ڪري، گھوڙن تي سوار ٿي هليا ويا.

”ويچاري پوڙهي ته اسان تي لک لائق ڪيا آهن“ هنن چيو، اسان جي لاءِ تلوارن سان وڙهڻ ته ڏاڍو سولو ٿيندو.

هلندا ويا هلندا ويا تا جو وڃي هڪ ڳوٺ ۾ پهتا، جتي ڪو بني بشر ڪونه هو. هڪ ننڍي گھر کان سواءِ ٻيو سڀ ڪجھ سڙيو رک لڳو پيو هو. ٽئي ڀائر اندر پيهيءَ ۾ ويا ڏٺائون ته هڪ ٻڍڙي عورت چلهه جي ڀرسان ستي پئي آهي ۽ پئي ٿي ڪِنجھي ڪُڻڪي.

”ڏاڏڙي خوش آهين“ ٽنهي ڀائرن کيس سلام ڪندي چيو.

”شال هجو سلامت هجو ٻچڙا“ ڪراڙي چيو، شل جواني ماڻيو. ڪيڏانهن پيا وڃو.

اسن پنهنجي ملڪ جي سرحد ڏانهن وڃي رهيا آهيو. ٻڌو اٿئون ته ڪو راڪاس اسان جي ملڪ تي هلان ڪري تباهي مچائڻ وارو آهي. اسان ساڻس وڏي ويڙهاند لاءِ اسهيا آهيون.“

”آه! منهنجي ديس جا دلير جوانَو، اوهان جو ته نيڪ مقصد آهي. اهو بي رحم راڪاس جا ٿي به پهچي ٿو تباهي ۽ بربادي ڪري ڇڏي ٿو اسان جي، هن علائقيجي دڙي دڦ ڪري هُو مون اڪيليءَ کي سورن ڪاڻ اڪيلو ڇڏي ويو آهي.

ٽنهي ڀائرن اها رات ان عورت وٽ گذاري، صبح جو ساجھر پنهنجي سفر تي اسهيا.

هلندي هلندي اچي هڪ نديءَ جي پل وٽ پهتا. جتي نديءَ جي ڪناري تي ڀڳل ڪمانيون ۽ انساني لاشا پکڙيا پيا هئا. اتي هڪڙي خالي پيهي هئي. هنن ان پيهيءَ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.

علڻ کين چيو، ”ڀائو اسان پري ۽ ڌاريءَ زمين تي آيا آهيون اسان کي هر آواز کان هوشيار ۽ خبردار رهڻ گھرجي. اچو ته واري تي پهرو ڏيون ته جيئن ستيا ناس راڪاس پل ذريعي ندي ٽپي هيڏانهن نه هليو اچي.

پهرينءَ رات وڏو ڀاءُ پهري تي هيو. هو درياءَ جي ڪناري تي گھمندو رهيو ۽ نديءَ پار به ڏسندو رهيو. سڀ ڪجھ ٺيڪ هو ڪير به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آيو ۽ ڪو آواز به ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو. همراه هڪ ٻوڙي جي اوٽ ڏئي آهلي پيو کيس جلد ئي ننڊ کڻي وئي ۽ ڏاڍيان کونگھرا هڻڻ لڳو.

علڻ سمهيو ته پيهيءَ ۾ هو، پر نه گھري ننڊ ڪيائين نه پنڪيءَ لاءِ اکيون ٻوٽيائين، آڌي رات ٿي ته هو مشق جي رڪ مان ٺهيل تلوار کڻي نديءَ جي ڪناري ڏانهن هليو ويو. هن ڏٺو ته سندس ڀاءُ هڪ ٻوڙي هيٺيان اگھور ننڊ ۾ هو ۽ کونگھرن جو ٺڪاءُ لڳو پيو هو. کيس اٿارڻ بجاءِ پاڻ نديءَ جي پل وٽ لڪي پهرو ڏيڻ لڳو.

اوچتو ئي اوچتو نديءَ جو پاڻي اٻرڻ ۽ کهرا هئڻ لڳو، بڙ جي وڻ تي ويٺل بازن رڙيون ڪيون، ڇهن مٿن واري ستيا نسا راڪاس سواريءَ تي چڙهيو اي رهيو هو. جڏهن هو نديءَ جي وچ پل تي پهتو ته سندس گھوڙي ٿاٻو کاڌو، ڪاري ٽاڪرو ڪانوء پنهنجا پر پکيڙي ڦٽ ڦٽ ڪئي ۽ ڪاري ڪتي جا خوف کان وار اڀا ٿي ويا.

”منهنجا جنگي گھوڙا ٿاٻا ڇوٿو کائين؟ ڪارا ٽاڪرو ڪانو پنهنجا پرڇو ٿو ڦڙڪائين؟ ڪارا ٽاڪرو تنهنجا خوف ۾ وار اڀا ڇو ٿي ويا آهن؟ توهان علڻ جي بوءِ کي محسوس ڪيو ٿا ڇا؟ هو ته اڃا ڄائو به ڪونه هوندو. جيڪڏهن ڄائو به هجي ته هو منهنجي آڏو ڪا شيء ناهي. مان کيس هٿ ۾ جھلي ٻئي هٿ سان تباه ڪري ڇڏيندس.“ راڪاس چيو.

اهو ٻڌي هاريءَ جو پٽ علڻ جيڪو پل هيٺان لڪي پهرو ڏئي رهيو هو سو نڪري نروار ٿيو.

”ستيا ناس ڪٺور دل راڪاس ايڏي ٻٽاڪ نه هڻ“ علڻ رڙ ڪري چيو، تون اڃا سفيد شهباز کي ماري نه سگھيو آهين ان جي پرن پٽڻ جي اجائي ڪوشش به نه ڪر. توکي خبر نه آهي ته مان ڀرپور مهانگي پوندي. پنهنجي طاقت کي مون سان آزماءِ پوءِ جيڪو کٽي سو دل کولي ٻٽاڪ هڻين. اچ ته مقابلو ڪرويون.

هو هڪ ٻئي جي ويجھو پوندا ويا. تان جو تلوارون تلوارن سان اٽڪيون ۽ زمين ڌڏڻ لڳي. علڻ پهرين ئي وار سان ستيا ناس راڪاس جا ٽي مٿا اڏائي ڇڏيا. اتي راڪاس هيڻو ٿيو.

”علڻ، هاريءَ جا پٽ ٿورو ترس_ من کي ساه پٽڻ ڏي“ ستيا ناس راڪاس رڙ ڪري چيو

”ساهي پٽڻ جي ڳالهه جوانن جو شان ناهي ستيا ناس راڪاس، اڃا به توکي ۽ مون کي هڪ سِرُ آهي. جڏهن توکي باقي هڪ سر وڃي بچندو ته پوءِ ساهي پٽينداسون.                  

 وري تلوارون ويجھيون آيون، علڻ وري ستيا ناس راڪاس جا هڻي ٻيا به ٽي سر وڍي رکيا، سندس ڌڙ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري درياه ۾ اڇلائي ڇڏيو باقي ڇهن سِرَن کي درياه جي پل هيٺان رکي پيهيءَ ڏانهن موٽي آيو ۽ آرام سان ننڊ پئجي ويو.

صبح جو سويل سندس وڏو ڀاءُ پيهي جي اندر آيو ته علڻ کائنس پڇيو: ڇا تون ڪا شي ڏٺي؟“

”نه“ سندس ڀاءُ ورندي ڏني.“ منهنجي ڀرسان مک به اڏامي ڪانه لنگھي.

ٻيءَ رات تي سندس وچون ڀاءُ پهري تي ويو. هو هيڏي هوڏي گھمندو رهيو. هن چوطرف نهاريو ته مڙئي خير لڳو پيو هو. تنهن ڪري هو ٻوڙن جي گودر ۾ سرڪي سمهي پيو ۽ کيس ننڊ کڻي وئي.

علڻ هن تي به وڏي ڀاءُ وانگي اعتبار نه ڪيو. جڏهن آڌي رات گذري ته هيءُ هڪدم تيار ٿي، پنهنجي تيز ترار هٿ ۾ کڻي نديءَ ڏانهن هليو ويو. هو نديءَ جي پل هيٺان لڪي پهرو ڏيڻ لڳو.

اوچتو ئي اوچتو درياه جو اٻرڻ ۽ کهرا هئڻ لڳو. عقابن بڙ جي وڻن ۾ چيٽون ڪيون. نَونِ سرن سان ستيا ناس راڪاس گھوڙي سوار ٿي اچي رهيو هو. جڏهن هو درياه جي پل تي پهتو ته سندس جنگي گھوڙي ٿاٻو کاڌو. سندس ڪلهن تي ويٺل ڪاري ٽاڪرو ڪانو پنهنجا پر ڦڙڪايا سندس ڪڍ ايندڙ ڪاري ڪتي جا ڀَوَ ۾ وار اڀا ٿي ويا. هن پنهنجو چهبڪ مٿي اڀاريو گھوڙي جي پاسي ۾ ٺڪاءُ ڪرايو. ڪاري ٽاڪرو ڪانو کي به هنيو ته ڪاري ڪتي کي به ٻڙهڪايو.“

”منهنجا جنگي گھوڙا تون ٿاٻا ڇوٿو کائين“ ڪارا ٽاڪرو ڪانؤ تون پنهنجا پَرَ ڊڄ ۾ چوٿو ڦڙڪائين؟ ڪارا ڪتا تنهنجا وارا اڀا ڇو ٿا ٿين؟ ڇا تون علڻ، هاريءَ جي پٽ جي موجودگي محسوس ڪرين ٿو ڇا؟ پر هو ته اها اڃا ڄائو ئي ڪونهي. جيڪڏهن هو ڄائو آهي ته مون ساڻ ويڙهه ڪري پر هو ڪامياب نه ٿي سگھندو. مان کيس پنهنجي هڪ آڱر سان ناس ڪري ڇڏيندس.       

 اهو ٻڌي علڻ نديءَ جي پل هيٺان نڪري آيو.

اتي بيهي رهه بزدل اجائي ٻٽاڪ نه هڻ، ڏسنداسون ته ڪير ٿو ڪنهن کي ختم ڪري. پوءِ علڻ وڃي راڪاس تي ٽُٽو، هن دمشق جي رڪ مان جڙيل تلوار کي سائو ڪيو. هڪ وار، ٻيو وار، ۽ هن پوءِ راڪاس علڻ کي ڌڪ هنيو ته علڻ گوڏن تائين گپي ويو. هن ڇا ڪيو جو واريءَ جو ٻڪ ڀري کڻي راڪاس جي ٻرندڙ اکين ۾ هنيائين، جيستائين راڪاس مهٽي مهٽي اکين مان واري ڪڍي تيستائين علڻ سندس باقي ٽي سر به لُڻي رکيا. راڪاس جي ڌَڙُ کي ڳترا ڳترا ڪري ندي ۾ اڇلائي ڇڏيائين باقي نَوَ سر کڻي پل جي هيٺيان رکيائين پوءِ پيهيءَ ۾ موٽي اچي پنهنجي بستري تي سمهي پيو ڄڻ ٿيو ئي ڪجھ ڪونه صبح جو سويل سندس وچون ڀاءُ آيو.

”تو ڪجھ ساريءَ رات ۾ ڏٺو وائٺو“ علڻ کائنس پڇيو.

نه بلڪل نه، ڪنهن مڇر جو ڀڻڪاٽ به ٻڌڻ ۾ نه آيو. سندس وچين ڀاءُ چيو.

جيڪڏهن اِها ڳالهه آهي ته منهنجا ڀائرو، اچو ته مان اوهان کي مک ۽ مڇر ڏيکاريان. پوءِ علڻ کين نديءَ جي پل هيٺان وٺي آيو ۽ کين ٻنهي راڪاسن جا سَرِ ڏيکاريائين.

”اهي آهن، مک ۽ مڇر جا سر، جيڪي هيڏي هوڏي پکڙيا پيا آهن“

ڀائو اوهان ڪنهن جنگ جي ويڙهاند جي لائق ئي نه آهيو، پر توهان چلهه جي ڀر ۾ ويهي رڳو سيڪڻ ڄاڻو.“

ٻنهي ڀائرن جا سر لڄ کان هيٺ جھڪي ويا.

”اسان مٿان غفلت جي ننڊ غلبو ڪري وئي.“ هنن چيو، ٽينءَ رات علڻ پاڻ تيار ٿي پهري تي ويو.

”مان سمجھان ٿو ته منهنجي لاءِ هڪ خونخوار جنگ تيار آهي ۽ اوهان منهنجا ڀائرو اڄ رات سمجھيو نه پر منهنجي سينڍ ڏي ڪن هجيوَ. جيئن اوهان منهنجيءَ سينڍ جو واڪو ٻڌو ته هڪدم منهنجو گھوڙو ڪاهيو منهنجي سهائتا لاءِ سيڙهه ڪيون اچجو.“

اهو چئي علڻ ندي ڏانهن هليو ويو ۽ پل جي هيٺان لڪي انتظار ۾ ويهي رهيو.

جيئن ئي آڌي رات گذري ته ڌرتيءَ ڌڏڻ لڳي نديءَ جو پاڻي اٿلڻ ۽ اٻرڻ شروع ٿيو. طوفان جا جھوٽا اچڻ لڳا، عقابن بڙن ۾ دانهون ڪيون. ستيا ناس راڪاس جي ٻارهن ئي سرن مان واءُ جا واڪا ۽ باه جا اُلا ٿي اڏاڻا. سندس جنگي گھوڙي جا وار ٽامي جا ۽ بشڪون فولاد جون هيون. ستيا ناس راڪاس پل تي پهتو ته سندس گھوڙي ٿاٻو کاڌو سندس ڪلهن تي ويٺل ٽاڪرو ڪانؤ پر ڦڙڪايا ۽ سندس ڪڍ ڪاري ڪتي ڀَوَ کان وار ڪانڊاريا راڪاس پنهنجي چهبڪ گھوڙي تي ٻڙهڪايو، ڪاري ڪتي ۽ ڪاري ٽاڪرو ڪانوَ کي ٻه لڪڻ هنيائين.

منهنجا جنگي گھوڙا تون ڇو ٿو ڇرڪين؟ هن گجگوڙ ڪري چيو، ”ڪارا ٽاڪرو ڪانؤ تون ڊڄ کان پر ڇوٿو ڦڙڪائين؟ ڪارا ڪتا تنهنجا، ڊڄ کان وار ڇو ڪانڊاريا آهن؟ ڇا توهان هاريءَ جي پٽ علڻ جي موجودگي محسوس ڪريو ٿا.“ پر هو ته اڃا ڄائو ئي ڪونهي. جيڪڏهن هو ڄائو آهي ته هو منهنجو مقابلو ڪري ڪونه سگھندو. هڪ ڀيرو جي مٿس وار ڪيم ته چيڻي جيڏا داڻا ٿي ويندو.

اهو ٻڌي هاريءَ جو پٽ علڻ هيٺان ٻاهر نڪري آيو.

”جاٿي آهين اتي رهه ٻٽاڪ نه هڻ هن رڙ ڪري چيو، نه ته شرمسار ٿيندين“

آ.... تون آهين هاري جو پٽ علڻ، توکي هتي موت ڇڪي آندو آهي.“ هن گجگوڙ ڪئي.“

”مان توکي مرندو تڙڦندو لڇندو ڏسڻ آيو آهيان، ظالم ۽ تون منهنجي هٿن مان بچي نڪري نه ويندين. اجائي ڊاڙ نه هڻ تون ته منهنجي آڏو هڪ مک سمان آهين“ علڻ راڪاس کي چيو.

”مان توکي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائي خوش ڪرڻ ڪونه آيو آهيان نه وري مان توکان ڪجھ ٻڌڻ ئي چاهيان ٿو. مان توکي مارڻ آيو..... راڪاس، مان پنهنجي غريب مسڪين ماروئڙن جھائگيئڙن کي تنهنجي ظلم ۽ ڪٺورتا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ آيو آهيان هاڻي خبردار ٿي“ءُ

پوءِ علڻ پنهنجي وڄ جي پائي آيل تيز ترار کي گھمڪاري ڏئي ٺڪاءُ جو ڪڍائي راڪاس کي ته هڪ ئي ڌڪ ۾ سندس ٽي سر ته ڄڻ هئا ڪونه، ستيا ناس راڪاس وڍيل سرن کي جھپي ورتو ۽ پنهنجي شعليدار آڱر سان وري پنهنجي ڳچن تي رکي ڇڏيا، اهي هڪدم وڌڻ شروع ٿي اصل حالت ۾ اچي ويا ڄڻ ته وڍيا ئي ڪونه هئا.

علڻ هاڻي آويءَ ۾ اچي ويو هو. راڪاس جي واڪن کيس ٻوڙو ڪري ڇڏيو هو ۽ راڪاس جي ڄڀ مان نڪرندڙ باه کيس ساڙي رکيو هو، مٿائنس وڏ ڦڙي وانگر اُلا وسي رهيا هئا ۽ علڻ گوڏن تائين زمين ۾ گپي ويو هو.

”علڻ! شايد توکي هاڻي ساهي پٽڻ جي ضرورت آهي“ راڪاس مٿس چٿر ڪندي چيو.

”ساهي پٽڻ جو نه ٻول مڙسن سان ڪم پيو اٿئي“ علڻ کيس ڪڙڪائيءَ سان ورندي ڏني، وڍڻ ۽ چيرڻ ئي منهنجو ڌنڌو آهي“

تنهن کان پوءِ هن وڏي زور سان سينڍ هئين ۽ ساڄي هٿ وارو دستانو پيهي ڏانهن اڇلايائين جتي دريون ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏيون. پر ان هوندي به سندس ڀائر ننڊ ڪونه جاڳيا ڄڻ ڪجھ ٿيو ئي ڪونه هو.

تڏهن علڻ پنهنجي سڄي طاقت سموهي پنهنجي ترار کي اوچو اڀار ڏنو ۽ وڏو خطرناڪ وار ڪري هڪ ئي ڌڪ سان راڪاس جا سر گجر وانگي ڪپي ورتا. پر وري به راڪاس پنهنجي سرن کي جھپي، باه پيدا ڪندڙ آڱر سان ٺيڪ ٿي ويا جيئن اصل هئا. پوءِ راڪاس علڻ تي حملو ڪيو ۽ کيس چيلهه تائين ڌرتي ۾ ڌمي ڇڏيو.

علڻ هاڻي سمجھيو ته ڳالهه ڪجھ مڙئي ڳوري آهي. هن پنهنجي کٻي هٿ تان دستانو لاهي گھر طرف اڇلايو، جنهن سبب سڄي ڇت پرزا پرزا ٿي وئي. پر سندس ڀائر ننڊ پيا رهيا ڄڻ ته ٿيوئي ڪجھ نه هو.

علڻ ٽيون دفعو راڪاس تي حملوڪيو. هن هڪ ئي ڌڪ سان راڪاس جا نَوَ سِرَ وڍي ڇڏيا. راڪاس پنهنجا سر جھپي ورتا پنهنجي شعليدار آڱر مٿان گھمائي ڳچين تي رکيا، ۽ اڳئين وانگر ٺيڪ ٿي ويا ڄڻ ته وڍيائي ڪونه هئا. تنهن کان پوءِ راڪاس پاڻ کي علڻ مٿان اڇرلايو ته علڻ ڪلهن تائين ڌرتيءَ ۾ هليو ويو.

علڻ پوءِ پنهنجو جوتو گھر طرف اڇلايو جنهن گھر جي پيڙهه لوڏي ڇڏي. هو ڪرندي ڪرندي بچيو، تڏهن مس وڃي سندس ڀائر جاڳيا. هنن علڻ جي گھوڙي کي هڻڪندي ۽ دڙها هڻندي، ٻڌو، جنهن زنجيرن سان ٻڌل هو، سو ڇنائڻ جا جتن ڪري رهيو هو.

سندس ڀائر ڪڙهه ڏانهن ڊوڙيا گھوڙي کي هڪدم ڇوڙي پاڻ به سندس ڪڍ ڊوڙندا ويا.

علڻ جو گھوڙو ڊوڙندو اتي وڃي پهتو. هن راڪاس کي پُستيون هڻڻ شروع ڪيون. راڪاس وٺي شوڪرا هنيا ته گھوڙي تي اُلَنِ جا اوهيڙا شروع ٿي ويا.

علڻ تيستائين زور ڏيئي زمين مان نڪري راڪاس جي شعليدار آڱر تي وار ڪري وڍي ڇڏي، پوءِ هن سندس سِر وڍڻ شروع ڪيا. تانجو هڪ به نه رهيو راڪاس جي ڌڙ کي ٽڪر ٽڪر ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو.

تنهن کانپوءِ سندس ٻئي وڏا ڀائر ڊوڙندا اچي هن وٽ پهتا ته علڻ کين ناراضگيءَ مان چيو توهان ته ڪا ديون واري ننڊ ٿا ڪريو، توهان مزي سان ستا رهئو مان ذري گھٽ پنهنجو سر وڃائي چڪو هوس.“

ٻئي ڀائر کيس رهائش گاهه ڏانهن وٺي آيا کيس وهنجاريائون کارايون پياريائون ۽ پوءِ هو ننڊ پئجي ويو.

صبح جو سويل علڻ ڪپڙا پائي تيار ٿيڻ لڳو“

 

امير علي ميراڻي ڏوڪري              [لبنان جي لوڪ ڪهاڻي

 

سچ ڪوڙ

 

گھڻي وقت جي ڳالهه آهي ته لبنان ۾ هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. اتي جا ماڻهو بادشاهه سان تمام گھڻي محبت ڪندا هئا. ۽ بادشاهه به انهن جو تمام گھڻو خيال رکندو هو.

بادشاهه پنهنجي بزرگن جي چوڻ مطابق روزانو سادا ڪپڙا پائي شهر جي گھٽين ۾ گھمندو رهندو هو، اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ته ماڻهو زندگي ڪيئن گذاري رهيا آهن. اگر ڪو ماڻهو تڪليف ۾ هوندو هو ته ان جي مدد ڪندو هو. هڪ رات، هر روز جيان بادشاهه گھٽيءَ ۾ گھمي رهيو هو، ته هن جو گذر جيل وٽان ٿيو ته ڏٺائين ته هڪ سپاهي ڪنهن چور کي پڪڙيون پيو وڃي. ان وقت بادشاهه جي ذهين ۾ اهو خيال آيو ته اندر ڇا ٿو وهي واپري. اهو سوچي هو جيل در وٽ آيو، سپاهين ان کي ڏٺو ۽ سڃاڻي ويا ته هي بادشاهه آهي پوءِ عزت منجھان ڪنڌ جھڪائي بيهي رهيا. هڪ سپاهيءَ کي بادشاهه کي اندر وٺي ويو. جڏهن قيدين اها خبر ٻڌي ته بادشاهه پاڻ انهن سان ملڻ آيو آهي ته سڀ قيدي بادشاهه جي چوڌاري جمع ٿي ويا. بادشاهه واري واري سان هڪ هڪ قيديءَ کان احوال پڇيو. هن هڪ قيديءَ کان پڇيو ته توکي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي آهي، قيدي چيو ته بادشاهه سلامت مان بلڪل بي ڏوهي آهيان. مون کي چوريءَ جي الزام ۾ اندر ڪيو ويو آهي، پر سائين مان زندگيءَ ۾ ڪڏهن به چوري نه ڪئي آهي. ۽ ائين سڀني چيو ته سائين اسان بي قصور آهيون. پر هڪ نوجوان ڇوڪرو ڪنڊ ڪنڌ جھڪايون بيٺو هيو ۽ ڪجھ به نه چئي رهيو هو. بادشاهه ان نوجوان کي سڏ ڪيو. چيائين ته اي نوجوان! توکي ڪهڙي ڏوهه جي سزا ملي آهي.“ ان تي نوجوان چيو ته ”سائين مان ڏاڍو گنگھار آهيان ۽ ان قابل نه آهيان ته ڪنڌ مٿي کڻي ڳالهائي سگھان“

هن نوجوان پنهنجي باري ۾ ٻڌائيندي چيو ته مان ڏاڍو ايمانداري هوندو هيس. پر هڪ ڏينهن شيطان اچي منهنجي دل ۾ ويٺو ۽ مان هڪ ماڻهوءَ جا پئسا چوري ڪيا ۽ مون کي پڪڙي جيل ۾ آندو ويو.

بادشاهه ٿوري دير سوچڻ بعد چيو ته. تون هڪ گنهگار هتي بي گناهن ۾ ٺيڪ نه ٿو لڳين ان ڪري توکي آزاد ٿو ڪريان.

اهڙيءَ طرح گهڻي عرصي گذرڻ بعد بادشاهه وري جيل آيو ۽ سڀني قيدين پنهنجا پنهنجا ڏوهه قبول ڪيا. بادشاهه انهن سڀني جا ڏوهه ٻڌي حڪم جاري ڪيو ته هي سڀئي گنهگار آهن. تنهنڪري هنن جي سزا وڌائي وڃي اهو ٻڌي سڀ حيران ٿي ويا. ۽ بادشاهه جي وڃڻ کان پوءِ هنن وزير کان پڇيو ته جڏهن هُن شخص پنهنجو گناهه قبول ڪيو ته بادشاهه ان کي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کي وري سزا ڇو؟ ان تي وزير چيو ته پهرئين ماڻهوءَ کي ان ڪري ڇڏيو ويو هو جو هن پنهنجو ڏوهه قبوليو هو نه ڪي آزاد نه ٿيڻ لاءِ پر هو پنهنجي ان غلطيءَ تي شرمندو هو. ۽ توهان اڳ ۾ بادشاهه کي بي گناهي جي ڪهاڻي ٻڌائي ۽ هاڻي وري ڏوهه قبوليو اٿوَ ته جيئن بادشاهه اسان کي آزاد ڪري پر بادشاهه توهان کي آزاد نه ڪندو ڇو جو توهان ڪوڙ ڳالهايو هو.

 

 

رنگ ڀريو _ 2

 

هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، پهريون نمبر ايندڙ تصوير جي رنگ ڀريندڙ ٻار کي رسالو، هڪ مهيني جو مفت ۾ موڪلبو.

نالو ۽ ائڊريس:________________________________________

                _______________________________________

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com