فياض هاشمي
ننڍڙي سَنا سان ملاقات
[ پيارا ٻارؤ؛ توهان ٽيليويزن تي مختلف اشتهاري
فلمون ته ڏسندا هوندا. مثلاً: چيونگم، سؤنف سپاري،
بناسپتي گيهه ۽ باٽا شوز وغيره ۽ انهن اشتهاري
فلمن ۾ سهڻا سهڻا ۽ پيارا ٻار به تمام سهڻي نموني
سان اداڪاري ڪندا آهن. اڄ به انهن پيارن ٻارن مان
هڪ چمڪندڙ چهري ۽ مسڪرائيندڙ اکين واري ننڍڙي
”سَنا“ سان ملاقات ڪريون ٿا]
”سنا“ جو پورو نالو سنا دوار ۽ هن جي عمر اٽڪل 10 سال آهي ۽
سندس تازو اشتهار ”مهمان پان مصالحه“ آهي جنهن ۾
خوبصورت ۽ دل وندرائيندڙ اداڪاري پيش ڪئي اٿس. سنا
جي پهرين اشتهاري فلم ”سهگل ڪوڪنگ آئل“ آهي. جنهن
۾ به پاڻ مڃايائين.
پيارا ٻارؤ! توهان کي خبر آهي ته سنا جو ٽي.وي تائين پهچڻ ڪيئن
عمل ۾ آيو ٿيو ايئن، جو سندس پيءُ، جيڪو فوٽو
گرافي جو شوقين آهي. ڊان اخبار ۾ اشتهار پڙهائين ۽
سندس ڌيءَ جو سُٺو فوٽو، ٽي. وي اسٽيشن ڏانهن
ڏياري موڪليائين. 150 فوٽن مان فقط 40 فوٽو آڊيشن
(آواز جي ٽيسٽ) لاءِ منتخب ڪيا ويا ۽ 40 اُميدوارن
مان سنا ٽيسٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي ۽ اشتهاري
فلمن لاءِ چونڊجي ويئي. اهڙيءَ طرح سان هوءَ ”سهگل
ڪوڪنگ آئل“ ۾ اداڪاريءَ سان پنهنجي فني زندگي جو
آغاز ڪيو.
سنا اشتهاري فلمن کان سواءِ ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاري جا جوهر
ڏيکاريا آهن. سندس پهريون ڊرامو ”وقت ڪا آسمان“
آهي ۽ ان کانسواءِ قائد اعظم جي ڏينهن جي موقعي تي
”ڪل همارا هي“ ۾ به اهم رول ادا ڪيو اٿس.
سنا دوار 24 آگسٽ تي پيدا ٿي ۽ هينئر هارورڊ پبلڪ اسڪول ۾ چوٿين
ڪلاس ۾ پڙهي رهي آهي. سندس ستارو ”برج حوت“ آهي.
سنا هڪ اسٽيج ٽي. وي پروگرام لاءِ به چونڊجي ويئي
آهي. جنهن جي ڪمپيئرنگ معين اختر جي حوالي آهي. هي
سنا جو مختصر تعارف هو. هاڻي اچو ته سنا کان وڌيڪ
سوال پڇون ۽ ڏسون ته سندس ويچار ڇا آهن.
سوال: ڇا توهان مستقبل ۾ به اداڪاري ڪنديون يا اهو شوق صرف
ننڍپڻ تائين محدود آهي؟
سنا: مون کي اشتهارن ۾ ۽ ٽي. وي ڊرامن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو اچي ٿو.
پر مستقبل ۾ منهنجو ارادو اداڪارا بدران ڊاڪٽر ٿيڻ
جو آهي، ته جيئن آئون ٻارن مان بيماري جي پاڙ پٽي
سگھان.
سوال: ڇا توهان ڪلاس ۾ هوشيار شاگرد آهيو ۽ توهان جي پسند جا
مضمون ڪهڙا آهن؟
سنا: مون کي انگريزي پسند آهي ۽ آئون انهيءَ مضمون ۾ سڀ کان
گھڻيون مارڪون کڻندي آهيان. ڊرائينگ ۽ سائنس مون
کي پڻ پسند آهن. آئون هميشہ ”اَي“ يا ”بي“ گريڊ ۾
پاس ٿي آهيان ۽ منهنجو شمار پهرين ذهين شاگردن ۾
ٿئي ٿو. اسڪول جي هر فنڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺندي
آهيان. منهنجي خواهش آهي، ته آئون ”سينٽ جوزف“
اسڪول ۾ تعليم پرايان.
سوال: ٽي. وي تي، اداڪاري ڪرڻ، توهان جي پڙهائي تي ڪيتري قدر
اثر انداز ٿئي ٿي؟
سنا: منهنجي پڙهائي جو وقت مقرر آهي. وئڪيشن دوران ٽي. وي
اسڪرپٽ ياد ڪندي آهيان ۽ ريڪارڊنگ پڻ ڪرائيندي
آهيان. امتحان جي ڏينهن ۾ ٽي. وي اسٽيشن ته ڇا، پر
گھر ۾ رکيل ٽي. وي جو منهن به نه ڏسندي آهيان.
آئون پنهنجي پڙهائي تي خاص ڌيان ڏيندي آهيان
اداڪاري منهنجي پڙهائي تي اثر انداز نه ٿيندي آهي.
سوال: اسڪول ۾ ۽ دوستن وٽ توهان تمام گھڻيون مشهور هونديون؟
سنا: جي ها، هڪ مسئلو هميشہ رهي ٿو. اهو هي ته ڪنهن هڪ دوست سان
گڏ ٿي ويهان، ته ٻيون دوست ناراض ٿين ٿيون. سمجھن
ٿيون ته سنا، اسان کان ناراض آهي. ڪجھ خراب
سوچينديون آهن ۽ ڪجھ ڏکيريون ٿي وينديون آهن.
حقيقت ۾ منهنجي ذهن ۾ ٽَڪي جو به غرور نه هوندو
آهي. منهنجيون دوست مون کان اداڪاري بابت پڇنديون
به آهن. منهنجي مِس ۽ پرنسپال به مون کي پياريون
آهن.
سوال: توهان جون ٻيون مشغوليون ڪهڙيون آهن؟
سنا: گڏين سان کيڏڻ، آکاڻين جا ڪتاب پڙهڻ، بيڊمنٽن کيڏڻ، سلائي
ڪڙهائي ڪرڻ ۽ ٽي. وي پروگرام ڏسڻ. ٽي وي تي ڪارٽون
۽ پنڪ پينٿر مون کي پسند آهن.
سوال: اڄ تائين ڪهڙن اشتهارن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو اٿو؟
سنا: سهگل ڪوڪنگ آئل، دائمنڊ سپريم فوم، ڪام ڪام ڪام، احمد
ٽماٽو ڪيچ اپ، مچلز ٽافي، نورا ملڪ ۽ تازو مهمان
پان مصالحه مشهور اشتهار آهن. اُن کان سواءِ ٻارن
جي مشهور پروگرام ”کل جا سم سم، آج ڪهان، ڪهتا هون
سچ ۾ پڻ رول ادا ڪيو اٿم. آئون پهرين ننڍڙي اداڪار
آهيان، جنهن کي وڊيو مئگزين نالي آنکهه مچولي ۾
شامل ڪيو ويو آهي.
سوال: شروع شروع ۾ ڪئميرا جي سامهون ڪجھ خوف ته ٿيو هوندو؟
سنا: خوف ڇا جو، ڪئميرا ڪو جِن يا ڀوت ته ڪونهي. اداڪاري ڪرڻ
تمام سولي آهي. مون کي اسڪرپٽ جلدي ياد ٿي ويندو
آهي. مون ۾ اها به خوبي آهي ته آئون اسڪرپٽ بغير
ياد ڪرڻ جي ۽ بغير ريهرسل جي اداڪاري بهترين
سرانجام ڏيئي سگھان ٿي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته
مون کان غلطيون به ٿينديون آهن. ٻين جي اداڪاري
ڏسي مون کي خوشي ٿيندي آهي. اسٽوڊيو هڪڙو فن آهي.
سوال: جڏهن توهان پهريون دفعو پاڻ کي ٽي. وي تي ڏٺو ته ڇا محسوس
ڪيو؟
سنا: اوه ...... ...... نه پڇو مان ته خوشي مان اصل نه پئي
ماپيس. سڄو ڏينهن خوشي مان پئي نچيس ۽ ٽپا پئي
ڏنم. پهرين ته مون کي يقين ئي نه پئي آيو، ته مان
پاڻ آهيان. پوءِ تمام گھڻو خوش هيس. پنهنجو پاڻ
عام زندگي جيان ڏسندي.
سوال: ڇا توهان انعام يا ايوارڊ حاصل ڪيا آهن؟
سنا: تمام گھڻا ڪپ، سرٽيفڪيٽ ۽ انعام. منهنجي اسڪول پاران مسلسل
ٽن سالن تائين پاڪستان تي ٽيبلو، لوڪ رقص ۽ فينسي
ڊريس شو ۾ پهريون نمبر حاصل ڪرڻ تي شيلڊ پڻ ورتي
اٿم. مون تقريرن ۾ پڻ انعام حاصل ڪيا آهن.
سوال کاڌي ۾ ڇا پسند ڪنديون آهيو؟
سنا: چڪن برگر، ڪوفتا، مٺائي ۽ چاڪليٽ وغيره.
سوال: ڪهڙو اداڪار ۽ اداڪاره پسند اٿوَ؟
سنا: نازيه زوهيب حسن. پسنديده گانو انگريزي ۾
We are school friends`
اداڪارن ۾ فضيله قاضي، نيلي ۽ ماڌوري ڊڪشت پسند
آهن.
پيارو ٻارؤ؛ توهان ننڍڙي عمر جي، پَر پختن خيالن جي مَلڪه مِس
سنا دوار جون پرڪشش ۽ معنيٰ خيز ڳالهيون ٻڌيون.
يقيناً پسند آيون هونديون. بيشڪ سنا جي مائٽن جو
ڳاٽ فخر کان اوچو هوندو. اسان کي به گھرجي ته اسين
سخت محنت ڪري پنهنجي مائٽن، خاندان ۽ ملڪ جو نالو
روشن ڪريون ۽ سندس ڳاٽ فخر کان اوچو ڪريون.
(ڊان ينگ ورلڊ جي ٿورن سان)
محمد رحيم ميمڻ
گينڊو
Rhino ceros
[پيارا ٻارؤ! هن ڀيري توهان کي هڪ جانور گينڊي جي باري ۾ ڄاڻ
ڏني ويندي. توهان ٻارن ٽي. وي تي گينڊو ته ڏٺو
هوندو. انگريزيءَ ۾ ان کي Rhino ceros
”رينو سيروز“ چيو ويندو آهي. قد بت جي لحاظ کان
ڪجھ نشانين کان سواءِ هاٿيءَ سان مشابهت رکي ٿو.
مثلاً: هاٿيءَ کي سونڊ نه ٿيندي آهي. وري گينڊي کي
اکين جي سڌائيءَ ۾ اڳيان پويان ٻه سڱ ٿيندا آهن،
جيڪي هاٿيءَ کي نه هوندا آهن. هاٿيءَ جا ڪن لڙڪيل
هوندا آهن. جڏهن ته هن جا ڪن گڏهه وانگر گول ۽ اڀا
هوندا آهن. اهي ته هيون عام ڳالهيون. هاڻ اسان
توهان کي ”انسائيڪلو پيڊيا آف برٽانيڪا“ تان کنيل
مواد مطابق تحقيق ٿيل حقيقتون گينڊي جي باري ۾
ٻڌائينداسو.]
(1) پراڻو دؤر
(2) نئون دؤر
انهن کي ٻن حصن ۾ ورهائي وري پنج قسم رکيا ويا آهن. جنهن مان
پهرين حصي ۾ ٻه قسم ۽ ٻئي حصي ۾ ٽي قسم رکيا ويا
آهن. رينو سيروز لفظ وسيع معنيٰ رکي ٿو. جنهن ۾
ڪيترن ئي قسمن جا جانور اچيو وڃن ٿا. اهي سڀ پراڻي
دؤر جا جانور ڪوٺيا وڃن ٿا.
عام طور سڀني لاءِ رينو سيروز جو نالو استعمال ڪيو ويندو آهي.
عام طور گينڊو هنن علائقن ۾ ملي ٿو: ڏکڻ آفريڪا، اڀرندي آفريڪا
۽ انڊيا جي گھاٽن جھنگلن ۽ گرم علائقن ۽ سماترا ۾
پڻ ملي ٿو.
گينڊن جو هڪ ڪٽنب هيرا ڪوڊونٽڊٽس
(Hyra codontids) هڪ قسم گھوڙي سان مشابهت رکي ٿو. يعني قد عام گينڊي کان
ننڍو، بت گھوڙي جھڙو، پير ڊوڙندو جانور جھڙا ٿيندا
اٿس.
جيئن ته عام گينڊو بدن جو ٿلهو، هاٿيءَ وانگر سندس ڊيگھ 8 فوٽ،
ويڪر 5 فوٽ ڪلهن تائين اٿس. جڏهن ته سماترا گينڊي
جي ڊيگھ 14 فوٽ ۽ ويڪر ساڍا ڇهه فوٽ ٿيندي آهي۽
سندن وزن 3 ٽنن کان 5 ٽنن تائين ٿيندو آهي.
گينڊي جي منهن تي اکين جي سڌائيءَ ۾ اڳيان پويان ٻه سِڱ ٿيندا
آهن، جيڪي ريشه دار مواد مان ٺهيل هوندا آهن، جيڪو
وارن مان ٺهندو آهي گينڊي جي کل ٿلهي ٿيندي آهي.
خاص ڪري ڪلهن ۽ رانن واري کل، جيڪا چادر وانگر
وريل هوندي آهي. گينڊي جو عام طرح رنگ ڀورو، خاڪي،
اڇو هوندو آهي. پر هڪ قسم جي گينڊي جو رنگ زرداڻ
تي مائل هوندو آهي.
ڪجھ پراڻن نسلن جي گيڊن کان سواءِ سڀ گينڊا وارن کان خالي هوندا
آهن. سواءِ ڪنن جي چوٽي ۽ پڇ جي.
گينڊي جا پير ٿلها گول هوندا آهن. انهن ۾ ٽي ٿلها ننهن هوندا
آهن جيڪي پاڻ ۾ مليل هوندا آهن.
گينڊن جي گھڻائي کليل گاهه وارن ميدان، جھنگل وارن علائقن ۾
رهندا آهن. پر سماترا صرف گھاٽن جھنگلن ۾ ملن ٿا.
گينڊوگھڻو ڪري تنهائي پسند جانور آهي. ڇڙوڇڙ،
آهستي آهستي هلندو آهي. گينڊن جو صرف هڪ قسم آهي،
جيڪو ولر جي صورت ۾ هلندو آهي، جن جو تعداد 10
تائين هوندو آهي.
گينڊن جي نظر ڪمزور ٿيندي آهي. پر ٻڌڻ ۽ محسوس ڪرڻ ڪرڻ جي حس
تمام تيز ٿيندي اٿس. گينڊا گھڻو ڪري ماڻهن کان
لهرائيندا آهن. پر مادي ويامڻ وقت ڪاوڙيل نظر
ايندي آهي ۽ ٿوري آواز تي به حملو ڪري ڏيندي آهي.
آفريڪي گينڊو ته تمام گھڻو خطرناڪ هوندو آهي. ٿوري
اڻ سونهي آواز تي به حملو ڪري ڏيندو آهي. گينڊو
ٿلهي هجڻ جي، باوجود تمام ڦڙت هوندو آهي. 30 ميلن
جي رفتار تائين گھاٽن ٻوڙن ۾ به ڊوڙي سگھي ٿو. هڪ
دفعو حملو ناڪام ٿيڻ جي صورت ۾. ٻيو دفعو حملي ڪرڻ
۾ دير نه ڪندو آهي.
گينڊو خطرناڪ جانور ۾ شمار ٿئي ٿو. باوجود قانوني طرح شڪار تي
بندش جي، گينڊن جو تعداد گھٽ ٿيندو ٿو وڃي. جنهن
ڪري هن جو نسل اڻ لڀ ٿيندو وڃي. هن جي خاص ڳالهه
هن جا سِڱ آهن، جيڪي قيمتي ڪيا وڃن ٿا.
از: ناصر علي پنهور
ڏندن جي صفائي
پيارؤ ٻارو! توهان کي خبر آهي ته ڏندن جي صفائي نه ڪرڻ سان ڪهڙا
نه خراب نتيجا نڪرن ٿا. ان ڳالهه جو اندازو، ان
ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو، ته اسان وٽ 95 سيڪڙو
ٻار ڏندن جي ڪيترين ئي بيمارين کان متاثر ٿين ٿا.
ان جو هڪ سبب ته اهو آهي، جو ٻارن کي صحيح کاڌ
خوراڪ نٿي ملي. ٻيا ٻار وري گھڻو مٺاڻ واپرائين
ٿا. نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار پنهنجن خوبصورت ڏندن تان
هٿ ڌوئي ويهن ٿا ۽ انهن جي ڏندن جون مهارون پڻ
متاثر ٿين ٿيون.
ڏندن جي مامر ڊاڪٽن جو چوڻ آهي، ته اسان جا ٻار ڏندن جي صفائيءَ
تي گھڻو ڌيان نٿا ڏين. صرف ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا ڏندڻ
ڏيڻ سان صفائي ڪونه ٿي ٿئي. پر بهتر نتيجي جي لاءِ
اسان کي صحيح طور ڏندڻ ڪرڻ گھرجي. ماهر اهو پڻ چون
ٿا، ته اسان کي پنهنجي ڏندن جي مهارن جي سار سنڀال
رکڻ کپي ۽ انهن کي روزانو مهٽي صاف ڪجي.
ماهر ڊاڪتر نه رڳو مٺاڻ کائڻ کان روڪين ٿا، پر اهي بسڪيٽ کائڻ
کان به جھلين ٿا. ڇو جو اهي پڻ ڏندن ۾ جيوڙا پيدا
ڪرڻ جو باعث بنجن ٿا. گھڻا ٻار مٺيون سوپاريون
کائين ٿا. اهي به خراب آهن.
سو ٻارؤ! ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مٺيون شيون کائڻ ۾ ڪشش رکن ٿيون.
پر جي توهان روزانو ڪجھ مٺاڻ کائو ٿا، ته پوءِ ننڊ
ڪرڻ کان اڳ ۾ نه کائو. اهو وڌيڪ بهتر آهي ته توهان
ڪجھ نمڪين شين کائڻ ۾ به دلچسپي وٺو.
ان ڪري پنهنجي ڏندن واري ڊاڪٽر کان سال ۾ ٻه دفعا رابطي ۾ رهندا
ڪريو. ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ لاءِ ڏندن جي سُور جو
انتظار نه ڪريو. ڊاڪٽر کان اهوبه پڇو، ته توهان
ڏند ڪيئن صاف رکي سگھو ٿا ۽ پنهنجي مهارن جي حفاظت
ڪيئن رکي سگھو ٿا. اهي تمام ننڍڙيون ۽ ساديون
ڳالهيون آهن، جنهن سان توهان پنهنجي ڏندن جي حفاظت
ڪري سگھو ٿا ۽ ڏندن جو سُور کان بچي سگھو ٿا.
گلزار چنو
پياري امڙ
دعا ڪر سدائين پياري امڙ
هُجان خوش جيئن عُمر ساري امڙ
ڀلائي منهنجي لاءِ هٿڙا ته کڻ
ٻُڌي ٿو دعا تنهنجي باري امڙ
خدا تنهنجي قدمن ۾ جنّت رکي
تو جھڙي نه آهي ٻي ناري امڙ
حياتي وڏي توکي ڏيندو خُدا
سڄي گھر جي آهين سهاري امڙ
سڄي زندگي ۾ تنهنجو ٿورو هڪ
لاهي ڪين سگھندس سونهاري امڙ
آصف مسعود پنهور
مانگر مڇ ۽ هاريءَ جي ڌيءَ
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي، ته هڪ هاري هو، جنهن کي هڪ ئي خوبصورت
ڌيءَ هوندي هئي، ڪيترائي ماڻهو ان ڳالهه جا
خواهشند هئا، ته سندس شادي هاري جي ڌيءَ سان ٿئي.
پر، هاري کي پڪ هئي ته، هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور ڪو اهڙو شهزادو
ايندو، جيڪو سندس ڌيءُ کي پنهنجي مومل بڻائي وٺي
ويندو.
هڪ ڏينهن هاري پنهنجي ٻنيءَ تي وڃي رهيو هو، جيڪا ٻني، درياءَ
جي ڪناري تي هئي، جڏهن اتي پهتو، ڏسي ته سڄو فصل
ڀيليل هو. ۽ وچ ۾ هڪ وڏو مانگر مڇ ويٺو هو. هاري
کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ مانگر مڇ کي چيائين ته ”هتان
جلدي هليو وڃ“ ۽ ڌمڪي ڏنائينس ته: نه ته پنهنجا
تکا ڏند هاري کي ڏيکاريا ۽ چيائينس ته ”مون کي
پريشان نه ڪر، نه ته مان توکي کائي ڇڏيندس“.
هاري ڊڄي ويو ۽ ڳوٺ ڏانهن ڀڄڻ لڳو. اتي هن گھڻن ئي ماڻهن کي گڏ
ڪيو ۽ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي. ماڻهن پاڻ سان گڏ
لٺيون ڪهاڙيون کنيون ۽ هاري سان گڏ سندس زمين تي
پهتا. ٻنيءَ تي پهچڻ سان ئي هنن مانگر مڇ تي حملو
شروع ڪري ڏنو ۽ اوچتو درياءَ چاڙهه کاڌو ۽ سڀئي
ماڻهو چاڙهه سبب درياءَ ۾ اندر هليا ويا. پر هاري
بچي ويو. خوف کان ڊنل هاري، مڇ کي چيو ته: ”
جيڪڏهن تون انهن سڀني جي جان بچائيندي ته تنهنجي
هر خواهش پوري ڪئي ويندي. مانگر مڇ چيو ته جيڪڏهن
تون انهن سڀني جي زندگي چاهين ٿو، ته تون پنهنجي
ڌيءَ منهنجي حوالي ڪري ڇڏ“. هاري جلدي ۾ هائو ڪار
ڪئي ۽ خوش ٿيندو گھر روانو ٿيو. هڪ ڏينهن اڳ هاري
پنهنجي ڌيءَ جي شادي ٻئي هاري جي پٽ سان ڪرائي هئي
جيڪو انهيءَ رات جو گذاري ويو هو.
آخر ڪار هاري جي سمجھ ۾ سڀ ڪجھ آيو ۽ درياءَ جي ڪناري تي اچي
پهتو. مانگر مڇ هاري کي چيو ته ”جيڪڏهن اڄ شام سج
لهڻ کان اڳ تنهنجي ڌيءَ نه آئي ته تنهنجو سڄو
خاندان تباهه ڪري ڇڏيندس“. سج لهڻ کان ٿورو اڳ
هاري پنهنجي ڌيءَ کي دريا4 جي ڪناري تي وٺي آيو.
سندس ڌيءَ روئي رهي هئي. پر ان جو ڪوبه فائدو نه
مليس. مانگر مڇ هاريءَ جي ڌيءَ کي کڻي پاڻي ۾ گم
ٿي ويو. پوءِ هاري جي قيد ڪيل ماڻهن کي ڇڏي
ڏنائين.
ڪافي ڏينهن گذرڻ کان پوءِ به هاري پنهنجي ڌيءَ جي ڪابه خبر نه
ملي. پوءِ هاري کي ياد آيو ته ”مانگر مڇ ويندي مهل
هن کي هڪ لڪڻ ڏئي ويو هيو ۽ چيو هئائينس ته ”جڏهن
به پنهنجي ڌيءَ سان ملڻ اچين، ته ان کي پاڻي ۾ ڦٽي
ڪري ڇڏ“. پوءِ هاري اها لڪڻ کڻي درياءَ جي ڪناري
تي اچي پهتو ۽ ان کي پاڻي ۾ ڦٽي ڪيائين.
لڪڻ پاڻي ۾ ڪرڻ سان ئي پاڻي هٽندو ويو ۽ هڪ خوبصورت رستو ٺهي
پيو، جنهن تي سيجون وڇايل هيو ۽ پاڻي ۾ اندر هر
طرف ماڻهو نظر اچي رهيا هئا، جن سان گڏ مڇيون به
ڏسڻ ۾ آيون.
هاري انهن سڀني ماڻهن کان پنهنجي ڌيءَ بابت پڇيو. انهن چيو ته
اها اسان جي ملڪ جي شهزادي آهي ۽ توهان هتان سڌو
انهيءَ محلات ۾ هليو وڃ. جڏهن هاري محلات ۾ پهتو
ته ان کي هڪ وڏي هال ۾ آندو ويو، جڏهن ان جي ڌيءَ
هاري ڏٺو ته، هاري کي پيار ۽ خوشي مان اچي ڀاڪر
پاتو. هاري جي ڌيءَ جي مٿي تي هڪ سونو تاج هو ۽
هاريءَکي چيائين ته ”مان هت بلڪل خيريت سان آهيان
۽ منهنجو گھر وارو هتان جو بادشاهه آهي“. انهيءَ
وقت هڪ سفيد رنگ اڏامندو آيو ۽ بادشاهه جي اچڻ
جو اعلان ڪيائين.
بادشاهه کي موتين سان ڀريل سهڻو ۽ سٺو لباس پهريل هو. هاري
بادشاهه کان معافي ورتي، ڇوته هن پنهنجي ڌيءَ کي
بي دلي سان بادشاهه جي حوالي ڪيو هو. بادشاهه هاري
کي چيو ته، جي تون چاهين ته پنهنجي باقي زندگي هت
پنهنجي گھرواري سان گڏ گذاري سگھين ٿو. هاري
خوشيءَ سان بادشاهه جي ڏنل مشوري تي عمل ڪيو
پنهنجي باقي زندگي بادشاهه ۽ پنهنجي ڌيءَ ۽ گھر
واري سان گڏ محلات ۽ گذارڻ لڳو. |