مصنف ليوس ڪيرول ترجمو: سليم سهتو
خوابن جو سير
(باب ٽيون)
ڳوڙهن جي تلاءُ جي ڪپ تي مختلف ۽ عجيب ۽ غريب جانورن جي رش هئي.
ايلس به انهن جي وچ ۾ ويٺل هئي، انهيءَ وقت، هوءَ
بدڪ کان ڪجھ وڏي هئي. سڀ پسيل هئا. ڪو پنهنجا پَرَ
ڦڙڪائي رهيو هو، ڪو زبان سان چٽي چٽي پنهنجي جسم
کي خشڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان وقت سڀني جي
دل اُداس هئي، انهن جي سامهون، سڀ کان وڏو مسئلو،
اِهو هو ته هو پاڻ کي خشڪ ڪيئن ڪن. اهي سڀ پاڻ ۾
انهيءَ سوال تي بحث ڪرڻ لڳا، سڀڪو پنهنجي پنهنجي
ٻوليءَ ۾ ٻولي رهيو هو. ايلس کي، اِهو ڄاڻي حيرت
ٿي، ته هوءَ سڀني جون ٻوليون سمجھي رهي هئي ۽ ٻيا
به هن جي ٻولي سمجھي رهيا هئا، گرما گرم بحث جاري
هو.ايتري ۾ ڪُئي پنهنجي سنهي آواز سان رڙ ڪري سڀني
کي خاموش ٿيڻ ۽ چپ ڪري ويهڻ جو حڪم ڏنو. پوءِ هُڻ
بي مقصد ليڪچرڏيڻ شروع ڪيو. جنهن ۾ ورائي ورائي
تاريخ جا مثال ڏيندو رھيو. ايلس، چڙ مان کيس چيو؛
”پر ان مان ڇا فائدو ٿيندو. اسا اڃان به پاڻيءِ ۾
پسيل آھيون تنهنجي ليڪچر سان منهنجو بدن ته خشڪ
ڪونه ٿيو.“
ايتري ۾ ھڪ وڏو پکي ڊوڊو پنهنجي جاءِ تي بيھي سنجيدگيءَ سان چوڻ
لڳو؛ ”اھڙي حالت ۾ اسان کي ڊوڙڻ گھرجي“ ڊوڙڻ مان
تنهنجو ڇا مطلب آھي“؟ ايلس پڇيو.
”ھاڻي ٿو ٻڌائين ، ڊوڙ کي سمجھڻ جو سڀ کان سٺو طريقو، اھو آھي،
ته اسان ڊوڙڻ شروع ڪري ڏيون.“ اِھو چئي، ھن ھڪ
دائرو بڻايو، سب جانور ھُن جي ڀر پاسي کان ٿي
بيٺا. پوءِ جيڏانھن جنهن جي دل ۾ آيو، ڊوڙڻ لڳو.
ڊوڙندي ڊورندي ٿوري دير “ سڀني جا جسم خشڪ ٿي ويا.
امالڪ ڊوڊورڙ ڪئي“ بيھي رھو! ڊوڙ ختم ٿي وئي.“
سڀ بيھي رھيا، ھر ھڪ ڏڪي رھيو ھو. ڪنهن پڇيو. ”ان ڊوڙ ۾ ڪنهن
کٽيو؟“
ڊوڊو چيو؛” ھر ھڪ کٽيو ۽ سڀني کي انعام ملڻ گھرجي.“
”پر“ انعام ڏيندوڪير؟ سڀ ھڪ آواز ٿي چوڻ لڳا.
”ھوءَ محترمه“ ڊوڊو ايلس ڏانهن اشارو ڪندي چيو. سڀ ڪيڙا ماڪوڙا
۽ ٻيا جانور ايلس کي گھيري بيھي رھيا ۽ رڙيون ڪرڻ
لڳا ”انعام ڏيو!
ايلس کي سمجھ ۾ ڪجھ نه پئي آيو، ته هوءَ ڇا ڪري، گھٻرائجي، هن
پنهنجي کيسي کيسي ۾ هٿ وڌو، ته مٺاين واري پُڙي
ملي وئي، خوش قسمتيءَ سان مٺائي پسڻ جي باوجود
خراب ڪونه ٿي هئي. ايلس مٺائي ورهائڻ شروع ڪئي.
اتفاق سان مٺائي ايتري هئي، جو هر هڪ کي مٺائي
ملي. ايتري ۾ ڪئي چيو: ”پر ڀائرو! هن ڇوڪريءَ کي
به ته انعام ملڻ گھرجي. ها، ها! ڇونه“؟ ڊوڊو
سنجيدگيءَ سان چيو ”ڇوڪري تنهنجي کيسي ۾ ٻيو ڇا
آهي؟
”رڳو هڪ منڊي آهي“ ايلس اُداس لهجي ۾ چيو.
سڀ جانور ٻيهر ايلس کي گھيري بيهي رهيا. ڊوڊو شان سان منڊي ورتي
۽ انهيءَ کي انعام طور ايلس کي پيش ڪيائين. سڀني
خوش ٿي تاڙيون وڄائيون. ايلس کي اِها ڳالهه ڏاڍي
عجيب لڳي، پر سڀ ڄڻا ايتري قدر سنجيده هئا، جو
ايلس کي کلڻ جي همت به ڪانه ٿي. هوءَ انهن تي ٽوڪ
به هڻي نه سگھي. جھڪي هن پنهنجي ئي شيءَ سوکڙيءَ
طور قبول ڪري ورتي.
تنهن کان پوءِ، ڪُئي هڪ نظم ٻڌائي، جيڪا هُن جي پُڇ وانگر ڊگھي
هئي. ايلس کي هرهر پنهنجي ٻلي ڊائنا ياد پئي آئي.
امالڪ ٻليءَ جو نالو ورتو، ٻليءَ جو نالو ٻڌندي
ئي، اُتي افراتفري مچي وئي، سڀ جانور ڀڄڻ جي راهه
ڳولڻ لڳا. هڪ جھرڪيءَ پنهنجي پرن کي سنواريندي
چيو: ”هاڻي رات گھڻي ٿي وئي. مون کي گھر وڃڻ
گھرجي. رات جي ٿڌي هوا جي ڪري منهنجو ڳلو خراب ٿي
ويندو آهي.“
اهڙي طرح سڀني ڪونه ڪو بهانو بڻايو ۽ هڪ هڪ ٿي اُتان وڃڻ لڳا.
ٿوري دير ۾ ايلس اُتي اڪيلي رهجي وئي.
”ڪيترو چڱو ٿئي ها. جيڪڏهن مان ڊائنا جو نالو نه وٺان ها!“ ايلس
ڏاڍي ڏکايل انداز ۾ چيو. هتي منهنجي ٻليءَ کي ڪير
به پسند نه ٿو ڪري. جيتوڻيڪ اها ڳالهه مڃيل آهي ته
منهنجي ٻلي دُنيا ۾ سڀني ٻلين کان سُٺي آهي. هاڻي
مان ڪڏهن پنهنجي ڊائنا سان ملي سگھندس!“ هن کي
روئڻ اچي ويو. ڪجھ دير کان پوءِ ڪُئو واپس موٽي
آيو ۽ هن کي پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ لڳو.
لجپت راءِ ”مظلوم“
جاکوڙ
هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ امير رهندو هو. هو فقط امير نه هو، بلڪ هر
دلعزيز، مفلس جو مهندار ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هو. هو
پنهنجي ڳوٺ کي خوشحال ڏسڻ وڌيڪ پسند ڪندو هو. هن
پنهنجي ڳوٺ ۾ هر گھر جي اڳيان هڪ وڻ لڳرائي ڇڏيو
هو. هن چاهيو ٿي ته ڳوٺ، انهن وڻن سان خوبصورت
لڳي. ۽ ڳوٺ جا سڀئي رهواسي انهن وڻن جي ڇانو ۾
هنيون ٺار ڪن ۽ اس جھڙي آڙاهه کان بچن. ڳوٺ جا
ماڻهو به انهيءَ شخص وانگر امير ٿيڻ چاهيندا هئا،
پر اهي محنت ڪونه ڪندا هئا. اهي امير نه ٿي سگھيا.
پر اهو امير شخص، تمام محنتي ۽ جفاڪش هو. هو ڪڏهن
به بيڪار ڪين ويهندو هو.
هڪ ڀيري، هن ڇا ڪيو، جو هڪ وڌو پٿر ڳوٺ ڏانهن ايندڙ رستي رکي
ڇڏيو ۽ انهي جي هيٺيان قيمتي هيرن جواهرن سان ڀريل
ٿيلهي رکي ڇڏيائين. ۽ ان ۾ هڪ ڪاغذ به پيل هو.
ٿوري دير کان پوءِ، ان رستي کان هڪ شخص ڍڳي هلڪليو پئي ويو. هن
کي وچ رستي ۾ پيل پٿر خراب لڳو، پر هو ڪري ڪجھ به
نه سگھيو ۽ هليو ويو. ٿوري دير کان پوءِ، هڪ ٻيو
شخص ڌڻ ڪاهيندو گذريو ۽ پٿر ڏسي ڀڻ ڀڻ ڪندو هليو
ويو.
نيٺ سج به لهي ويو. ۽ چؤطرف اونداهي جا آثار نظر اچڻ لڳا ۽ ڪافي
ماڻهو انهي رستي تان گذري چڪا هئا، پر پٿر کي ڪنهن
به نه چوريو ڇو ته اهي سڀ ڪاهل ۽ سست هئا ۽ ڪاوڙ
جو اظهار هليا ويا هئا.
چؤطرف اونده ڇانئجي ويئي هئي ۽ اتان هڪ ڪُڙمي جو پٽ نوجوان
لانگھائو ٿيو ۽ پٿر کي وچ رستي ۾ ڏسي، سوچيائين
ته، پٿر کي پري ڪجي، ڇو ته اونداهي ۾ وچ راهه ۾
پيل پٿر واٽهڙو کي لڳندو. تنهن ڪري هن سمجھيو ته
پٿر کي رستي کان ڌڪي پري ڪجي. هن ڪافي زور لڳايو،
پر پٿر ڪونه چُريو. ڇاڪاڻ ته پٿر ڳرو هو. هن دل ۾
چيو ته ڪيئن به ڪري پٿر کي هٽائڻو آهي. ۽ پٿر پري
ڪرڻ کانسواءِ گھر به ڪونه ويندس.
آخري هن جسم جو سمورو زور لڳائڻ کان پوءِ پٿر کي رستي کان ڌڪي
هڪ پاسي ڪري ڇڏيو. يڪدم هن نظر پٿر هيٺيان پيل
ٿيلهي تي پيئي ۽ هو ٿيلهي کڻي ڳوٺ ڏانهن رمندو
رهيو.
گھر پهچي، هن ٿيلهي کي هڪ پاسي ڪنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ پاڻ ماني
کائڻ ويٺو.
ماني کائي ٿڪا وٽ لاهي، پوءِ ٿيلهي کي کوليائين. ڇا ڏسي ته اندر
هيرا جواهر پيا آهن. ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ان ۾ هڪ ڪاغذ
به هيو. جنهن تي لکيل هو.
”اهي قيمتي جواهرت ان شخص جا آهن جنهن رستي تان پٿر پري ڪيو ۽
ڪوشش ڪئي، ۽ محنت ڪيائين.
ڏسو ٻارو! جاکوڙ ۽ محنت جو ڦل ڪينئن نه ان شخص جي جاکوڙ رنگ
لاتو ۽ هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويو.
واقعي محنت ۾ عظمت آهي ۽ ڪوشش ڪاميابي جي ڪنجي آهي.
ترجمو: مسز مختيار ڏونگر
نازڪ صاحب جو نازڪ ٻڪر
اسان جي پاڙي ۾ نازڪ نالي هڪ شخص رهندو هو. ان جو نالو ته
الائجي ڇا هو، پر هو پنهنجن حرڪتن ۽ شڪل شبيهه جي
ڪري پوري پاڙي ۾ نازڪ صاحب جي نالي سان مشهور هو.
هو ويچارو قد جو ٿورو ڊگھو ۽ جسم ۾ سنهڙو سڪلڙو
هو. ٿوري ڳالهه تان ٻارن وانگر رسندو ۽ پرچندو هو.
اڪثر لباس ۾ ڪوٽ پينٽ سنهري رنگ وارو چشمو ۽ هٿ
لڪڻ کڻندو هو. ان هڪ ٻڪرو پاليو هو. اِهو ٻڪرو هن
کي پنهنجي جان کان وڌيڪ پيارو هو. سدائين جڏهن
ٻاهر نڪرندو هو، ته هڪ هٿ ۾ لڪڻ ۽ ٻئي هٿ ۾ ٻڪري
جي رسي وٺي، پوري پاڙي ۾ گھمندو هو. اهري طرح هن
جي دلچسپ حرڪتن جي ڪري رستي ويندڙ ماڻهو به بيهي
هن کي ڏسندا هئا. هن کي ڪنهن جي به پرواهه ڪانه
هوندي هئي. پنهنجي مستيءَ ۾ مگن هو. ڪڏهن وري
پنهنجي ٻڪري جي ٻي- ٻي، ٻڌي ڊڄي وڃي. ان جو ٻڪرو
به پنهنجو مٽ پاڻ هو. ٿلهو متارو ڪاري رنگ جو، پر
ڪَنَ ٻيئي اڇا هيس. پوري پاڙي ۾ نازڪ صاحب نازڪ
صاحب هن کي گھڻي پيار سان پاليو هو. ڪنهن کي به
مجال نه هئي. ته ٻڪر کي هٿ لائي. هو اڪثر ڪري
پنهنجي ٻڪر جي عظمت، ذهانت ۽ ان جي خاندان جا قصا
ٻڌائيندو وتندو هو. چوندو هو ته هن کان وڌيڪ ذهين،
خوبصورت بهادر ۽ شريف نسل جو ٻڪر اڄ ڏينهن تائين
پيدا نه ٿيو آهي. هن ٻڪري جو پڙ ڏاڏو مغل بادشاهن
جو پاليل ۽ شاهي ٻڪرو هو، هن جو ڏاڏو پنجاب جي سک
حڪمران رنجيت سنگهه وٽ پليو هو. هن ٻڪر جي ماءُ
جنگ عظيم ۾ انگريز فوجين جي محاذ تي رهندي هئي ۽
انگريزي فوجي ڪيتريون ئي لڙايون صرف هن ٻڪريءَ جو
کير پي کٽيون هيون. هن ڳالهه تان اگر ڪو ٻار مذاق
۾ چوي ته ”هن ٻڪر جي ماءُ بهادري جي عيوض ڪيترا
تمغا کٽيا هئا؟ جواب ۾ نازڪ صاحب سنجيدگيءَ سان
چوندو هو. ها ها، ڇو نه، انگريز فوج جو سڀ کان وڏو
ٻلو وڪٽوريا ڪراس، هن کي مليو هو. اِهو ئي سبب
آهي، ته هي ٻڪرو به ڏاڍو بهادر آهي. ته هي ٻڪرو به
ڏاڍو بهادر آهي. ”هڪ ڀيري هن چورن کي پڻ ڀڄايو
آهي. پر ڏٺو وڃي ته اهو اهو ٻڪرو ڏاڍو ڊڄڻو هو،
پکين کان به ڊڄندو هو. ان ڪري پاڙي جا ٻار کيس
ڪوئو ڪوٺيندا هئا. اهو ٻڌي نازڪ صاحب چڙي پوندو
هو. ٻڪر جي بزدليءَ هڪ دفعو ٻاڪريءَ عيد تي عجب گل
ڏيکاريو، توهان به ٻڌو.
الله جو ڪرڻ ائين ٿيو، جو اسان جي ڏاڏيءَ، بابا کي چيو ته :
ٻاڪري عيد پيئي اچي، قربانيءَ لاءِ ڪو ٻڪڙو وٺي
اچ“. بابا سائين عيد کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ، هڪ ٻڪرو
وٺي آيو. هڪ ٻڪرو وٺي آيو. ٿلهو متارو ڪاري رنگ
جو، پر ڪن هن جا به اڇا هئا. ان وقت ته اسان چڱيءَ
طرح غور نه ڪيو هو، ليڪن بعد ۾ اسان کي احساس ٿيو،
ته هي ٻڪرو ته نازڪ صاحب جي ٻڪري سان مشابهت رکي
ٿو. اهڙوئي قد ڪاٺ. خير بابا سائين ٻڪرو ته وٺي
آيو. پر اهو ٻڪرو چڱو ويڙهاڪ هو. اهڙو ويڙهاڪ جو
اچڻ شرط پاڙي واري ٻڌل ٻڪر کي ٽي چار اهڙا ٽڪر
هنيائين، جو هو ويچارو بدحال ٿي ويو. رستي ۾ ٻن ٽن
ماڻهن کي سڱ هنيائين، پر ويچارا خاموش رهيا. وڏي
مشڪل سان پنجن ڇهن ماڻهن ملي ڪري هن کي رسيءَ سان
ٻڌو. ٻڌڻ شرط اچي جو رڙيون ڪيائين ٻي- ٻي- پوري
پاڙي جا ٻڪرا ۽ قرباني لاءِ آيل ٻيا جانور به ڊڄي
ويا. ٻار انتظار ۾ هئا. ته ٻڪر سان کيڏنداسون. سي
ته ڀڄي ويا. منهنجي ماءُ ٻڪر کي ڏسي چيو ته ”يا
الله هي ٻڪرو آهي يا پهلوان. ڪنهن جي قابو ۾ نٿو
اچي“. اهو ٻڌي ڏاڏيءَ چيو ته ”الائي ڪٿان اِهو وٺي
آيو آهي، مون کي ته لڳي پيو ته مئو ماريو ڪو جن
آهي.“ منهنجي ماسيءَ پڻ ڏاڏيءَ جي ڳالهه تي زور
ڏنو ”امان مون کي پڻ لڳي ٿو ته ڪو جن آهي.“ بابا
سائين سڀن کي گھڻو ئي سمجھايو، ٻڪر ٿورو طاقت وارو
آھي، نئين گھر ۾ اچي، ائين ٿيو آھي. سڀاڻي ٺيڪ ٿي
ويندو. ٻئي ڏينهن ڇا ٿيو ته پهريان رسي ڇنائي ۽
ٻاھر رستي تي ڀڄي ويو. رستي ۾ جيڪو ماڻهو سامهون
آيس . ان کي ٻه ٽي سِڱ ۽ ٻيو ٻڪرو مليو ته ان جي
خوب مرمت ڪندو ڊڪندو پئي ويو.
ھر اچڻ وڃڻ واري کي ٽڪر پيو ھڻي. وڏي تڪليف کان پوءِ ھن کي
سوگھو ڪيو ويو. پاڙي جي ٻڪرن تي ھن جي رعب جي ڌاڪ
ڄمي ويئي.ماڻھو ھن کي ويڙھاڪ ٻڪرو ڪوٺڻ لڳا. نازڪ
صاحب جڏھن ھن کي ڏٺو ته پنهنجي ٻڪر کي ٻاھر ڪڍڻ
ڇڏي ڏنائين. چوڻ لڳو ته منهنجو ٻڪرو.ھن جي بري
صحبت ۾ اچي خراب ٿي ويندو. مون وڏي مشڪل سا ھن جي
تربيت ڪئي آھي.منهنجو خاندان ٻڪرو آھي . بس بس رھڻ
ڏيو اسان کي خبر آھي ته تنهنجو لاڏلو ڪيئن آھي.
پرھاڻي پنهنجي ٻڪر کي ٻاھر نه ڪڍجان، ورنه اک کان
ڪاڻو يا ٽنگ کان منڊونه ٿي وڃي. اھو چئي مان موٽي
آيس. گھر اچي ڏسان ته ھن ٻڪر وڏا حشر ڪيا ھجن.
رڙيون ڪري پوري گھر جي ڀاتين جي ننڊ ڦٽائي ھئائين.
ٽڪر ھڻي ھڻي دروازي جي چائنٺ ڪڍي ڇڏي ھئائين.”
امان جي رڙ پي پيئي، ته ٻڪر دروازو ڀڃي ڇڏيو. وڏي
مشڪل سان گاھ ۽ پاڻي پيارو اٿمانس“. سڀني چيو ته ”
رات جو متان چپ ڪري ويھي رھي“. پر ھن پوريون ڪري
ڇڏيون . سڄي رات. ھن نه صرف اسان جر پر پوري محلي
جي ننڊ هرام ڪري ڇڏي. ايترو زور سان ٻي- ٻي پيو
ڪري جو توبھ. آخر الله الله ڪري صبح ٿيو، پوري
پاڙي جا ماڻهو، ٻڪر جي شڪايت کڻي آيا. بابي سڀني
کي تسلي ڏني ته سڀاڻي عيد آھي.
قرباني ڪنداسون. ايتري ۾ نازڪ صاحب
به شڪايت کڻي آيو، ته سڄي رات مون ۽ منهنجي ٻڪر
ننڊ نه ڪئي آهي. توهان جو ٻڪرو ته ڪڏهن ڪٿي چريو
ته نه آهي. منهنجو ٻڪرو ته ڪڏهن زورسان به ”ٻي“ به
نه ڪندو آهي. آخر مون ان کي پاليو آهي ان جي تربيت
ڪئي آهي. وڏو خانداني ٻڪرو آهي وغيره وغيره. مون
چيو ته ”اسين پاڻ هن ٻڪري مان ڏاڍا تنگ ٿيا آهيون.
سڀاڻي نماز پڙهڻ بعد فوراً ذبح ڪرائي، اوهان کي هن
جا پاوا موڪليون يا گوشت موڪليون. ٻنهي ڪنن کي هٿ
لائي چيائين ته ”نه بابا نه“ _ توبهه توبهه، مون
کي هن جو گوشت نه موڪلجو. ڪاٿي مان گوشت کائي چريو
نه ٿي پوان. پر خيال رکجو سڀاڻي ڪاٿي ڀڄي نه وڃي.
هڪ ڪاسائي نه آڻجو. رات جا چار پهر به خاموش نه
رهيو. سڄي رات ٻيڪندو رهيو. عيد نماز پڙهي، بابا
سائين پاڻ سان ڪاسائي ورتيو آيو. مون ڪاسائي کي
چيو ته ”ٻڪرو ڏاڍو ويڙهو آهي. سو تون اڪيلو ٻڪري
کي نه ڇوڙ“. ليڪن ڪاسائي چيو ته: مون کي ڏسي ٻڪرن
جو ساهه ئي نڪري ويندو آهي. جيئن ٻڪر کي ڇوڙيائين،
ٻڪر ٻه ٽي ٽڪر هڻي ڪيرايس ۽ ٻاهر ڀڄي ويو. ٻاهر
ٻيا ماڻهو به هن کي پڪڙڻ لاءِ وٺي ڀڳا. پر هيءَ ته
بنهه هوشيار هو. سو هڪ گھر ۾ گھڙي انهن جي ٻڪرن کي
ڏاڍا سڱ ۽ ٽڪر هڻي وري ٻيئي گھر ۾ ويو. اهڙي طرح
هر هڪ گھر ۾ گوڙ مچي ويو. هر هنڌ واء ويلا لڳي
پيئي هئي، ٻار الڳ ڊڪندا پيا وتن، ڪٿي اسان کي نه
ماري وجھي. گھر جا سڀ ڀاتي ٻڪري جھلڻ لاءِ پريشان
هئا. ايتري ۾ پري کان ڪاسائي پاڙي وارن سان گڏ
ٻڪري کي گھليندو آيو، ٻڪرو گھڻي شرافت سان خاموش
ڪنڌ جھڪائي آهستہ آهستہ اچي پيو. اسان حيران ٿي
وياسون، ته ٻڪر غريب ڪيئن ٿي ويو آهي. ڪاسائي جي
ٻٽاڪ شروع ٿي ويئي ته ”ٻڪرا مون کان ڊجندا آهن“ .
ڪاسائي ٻڪر کي گھر اندر ڪاهي آيو، ته جيئن کيس ذبح
ڪري. ايتري ۾ هڪ خوفناڪ ”ٻي_ ٻي ٻڌڻ ۾ آئي. اسان
سڀ حيران رهجي وياسون، ڇو جو سامهون اهو ساڳيوئي
ٻڪرو بيٺو هو، جنهن کي پاڙي وارا جھلي آيا هئا.
بابا سائين منجھي پيو ته: هاڻي ڇا ڪري.“ ڪاسائي
ڪنهن جي ٻڪري کي گھلي وٺي آيو هو. پري کان نازڪ
صاحب رڙيون ڪندو پيو اچي ته ”منهنجي ٻڪري کي ڪنهن
ڏٺو“. خدا ڄاڻي اڄ الائي صبح جو کلي ويو هو. هاڻي
اِها ڳالهه سمجھ ۾ آئي ته ڪاسائي ٻڪر کي جلديءَ ۾
ڪيئن جھليو. دراصل اهو نازڪ صاحب جو ٻڪرو هو. ٻنهي
جو رنگ بلڪل هڪجھڙو هو. ان لاءِ ڪاسائي ڌوکو کاڌو،
اِهو خيال ايندي ئي بابا سائين جلديءَ ۾ گھر اندر
ويو ته جيئن ڪاسائي کي جھلي ته نه ڪهي.
”بيهه بيهه“ ٻڪر نه ڪهجانءِ، هي ٻڪرو اسان جو نه آهي.“ ائين
چوندو، بابا اندر آيو، ڇا ڏسي ته ڪاسائي نازڪ صاحب
جي ٻڪر کي ذبح ڪري چڪو هو ۽ سندس کل لاهڻ جي تياري
ڪري رهيو هو. ايتري ۾ نازڪ صاحب اسان جي گھر آيو ۽
چوڻ لڳو ته ”توهان منهنجو ٻڪر ڪٿي ڏٺو. ڇا توهان
جو ٻڪر ذبح ٿي ويو.“ مون يڪدم چيو ته: ”ها_ ها_
اسان جو ٻڪرو ڪهجي ويو، وڏي آرام ۽ شرافت سان،
ڏاڍو نڪتو. توهان جي ٻڪر وانگر بهادر ۽ شاهي ٻڪرن
جي اولاد هجي ها، ته ڪجھ مقابلو ڪري ها.“ هو خوش
ٿيو ۽ چيائين، هاها. ليڪن منهنجو ٻڪر ڪٿي آهي.
اسان کيس اهو ويڙهاڪ، ٻڪرو سندس حوالي ڪيوسين،
ليڪن ان ته هن سان حشر ڪري ڇڏيو. نازڪ صاحب، سڄو
معاملو سمجھي ويو. تمام گھڻو گوڙ ڪيائين. پورو
پاڙو اچي گڏ ٿيو. بابا چيس ته: اسان کان غلطي ٿي
آهي. ان جي عيوض هي ٻڪر وٺ. هو راضي نه پيو ٿئي
چوڻ لڳو ته، اهڙو خوبصورت، ذهين ۽ بهادر مان نه
وٺندس، هي ته مون کي ئي ماري ڇڏيندو. وڏيءَ مشڪل
سان هو راضي ٿيو ۽ اتي جو اتي اهو ٻڪرو وڪڻي
ڇڏيائين. اڄ به نازڪ صاحب کي، جڏهن سندس ٻڪرو ياد
ايندو آهي ته اداس ٿي ويندو آهي.
شمس الدين سومرو
جنهن کي رب رکي .....
هڪ اهڙو ٻار، جيڪو نه اُٿي سگھندو هجي، نه هلي سگھندو هجي. جنهن
کي نه کائڻ جي خبر هجي نه پيئڻ جي. اُهو ٻار صرف
اشارن ذريعي ئي، ماءُ پيءُ جي اڳيان هٿ پير هلائي،
اُئان اُئان ڪري، روئي پنهنجون ضرورتون پوريون
ڪندو آهي. ان کي اوهان ڪيئن پالي سگھندا؟ ڪيئن اُن
جي پرورش ڪري سگھندا؟ اِهو تمام ڏکيو ڪم آهي. هر
ماڻهو کي خبر آهي ته ننڍڙو ٻار مائٽ ٻارن ڏانهن
پوري توجھه نه ڏيندا آهن. ڪيڏيءَ ڪيڏيءَ مهل مائٽن
جي ٿوري بي پرواهي ٻار جي زندگي ختم ڪريو ڇڏي، ته
ڪيڏيءَ مهل ٻار کي اپاهج بنايو ڇڏي. مثلاً
بيماريءَ جي حالت ۾ ٻار جي پوري دوا نه ٿيڻ ڪري،
ٻار بيمارين ۾ مبتلا ٿيو وڃي، ته وري ڪيڏيءَ مهل
مائٽ جڏهن بازار ويندا آهن، ته ٻارن کي وٺي ويندا
آهن ۽ پنهنجي خريداريءَ ۾ اهڙا ته مشغول ٿي ويندا
آهن، جو انهن کي هوش به ڪونه هوندو آهي ته ڪو سندس
ٻار ساڻن گڏ هئو. وري ڪنهن موڪل واري ڏينهن تي
جڏهن ٻارن ٻچن سان گڏ ماڻهو دريائن، سمنڊن ۽
جھنگلن ۾ پڪنڪ ملهائڻ ويندا آهن، ته اتي به انهن
سان گڏ سندن ٻار هوندا آهن ۽ والدين جي ٿوري بي
توجھيءَ جي ڪري هو پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ تان هٿ
کڻي ويهندا آهن.
هڪ اهڙو واقعو جنهن تي ڪنهن کي يقين نه به اچي، پر اها حقيقت
آهي ته برٽش ڪولمبيا جو هڪ خاندان هڪ جھنگ ۾ پڪنڪ
ملهائڻ ويو. ان جھنگ ۾ رڇ ۽ زهريلا نانگ تمام گھڻي
تعداد ۾ موجود آهن. اهو خاندان سڄو ڏينهن اتي
تفريح ڪري، جڏهن واپس گھر موٽيو، ته ان جھنگ ۾ هڪ
اٺن مهينن جي ٻارڙيءَ غلطيءَ کان جھنگ ۾ ڇڏي آيا.
هوءَ ننڍڙي ٻارڙي هنن کان ڪيڏيءَ مهل جھنگ مان الڳ
ٿي، ڪنهن کي به خبر ڪونه هئي. هو جڏهن گھر پهتا ته
انهن کي سندن اٺن مهينن جي ٻارڙي نظر نه آئي. هن
جا مائٽ اُن ٻارڙيءَ کي واپس جھنگ ۾ ڳولڻ لاءِ
آيا، جڏهن ڳولي ڳولي ٿڪجي پيا، ته آخرڪار، ان
ٻارڙيءَ جا مائٽ مايوس ٿي گھر اچي ويهي رهيا. ان
ٻارڙي جي ماءُ جي حالت خراب هئي. هن کي جھنگ ۾ هر
هنڌ ڦرندڙ زهريلا نانگ ۽ رڇ نظر اچي رهيا هئا. جن
کان وڏو ماڻهو ته پاڻ ڀڄي به، بچائي سگھي ٿو، پر
ان کي ننڍڙيءَ جي بچڻ جي ڪابه اميد نه هئي. هوءَ
سندس معصوم ٻارڙيءَ جي واپسي جو سوچي به پئي سگھي.
پر چوندا آهن، ته ”جنهن کي رب رکي، تنهن کي ڪير چکي“. ان چوڻي
مطابق رب پاڪ اُن ٻارڙيءَ جي مدد ڪئي. ان کي عقل ۽
فهم ڏنو ۽ هوءَ ٻارڙي بانبڙا پائي، پائي پنج ميلن
جو سفر ڪري، رڇن ۽ خطرناڪ نانگن جي وچ مان
لنگھندي، گھر جي دروازي تي اچي ويهي رهي. سڀ کان
پهريائين جڏهن سندس ماءُ جي ان ٻارڙيءَ تي نظر پئي
ته ان جي ماءُ ڏٺو ته سندس ننڍڙي ٻارڙي کيس ڏسي
مسڪرائي رهي هئي. بک ۽ اُڃ جي ڪري، هوءَ ٿڪجي پئي
هئي ۽ هن جون ٽنگون ۽ گوڏا زخمي ٿيل هئا. باقي
ٻارڙي صحتمند هئي. هرڪو حيران هئو ته هُن پنجن
ميلن جو سفر ڪيئن طئي ڪيو؟ هوءَ گھر تائين ڪيئن
پهتي؟ ان جو حل ڪنهن وٽ ڪونه هئو. |