سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 

باب: --

صفحو :4

 

 

ڪارائتيون ڳالهيون

1 گرم جاءِ مان ٿڌي هنڌ يڪدم نه وڃجي

2 ڪمري ۾ باهه ٻاري در بند نه ڪجي.

3 سج اڀرڻ کان پوءِ نه سمهڻ گھرجي.

4 ننڊ مان اٿي يڪدم نه وهنججي.

5 گذريل ڏينهن جو بچيل کاڌو نه کائجي.

6 ماني کائڻ مهل پيٽ ڀري ماني نه کائجي.

7 وات مان ساهه نه کڻجي.

8 اس ۾ اگھاڙي مٿي نه گھمجي.

9 نڪ جا وار نه ڪترجن.

10 سوڙها ڪپڙا نه پائجن.

11 ڪيلي جي ڦري کائي مٿان لسي نه پئجي.

12 ماکي ۽ گهه هڪ جيترو گڏي نه کائجي.

13 گھڻي گرم پاڻي سان نه وهنججي.

14 تمام سنهين شين کي تيز نظر سان ڏسجي.

15 سج ڏانهن گھڻو ڏسن نه گھرجي.

16 گرم پاڻي سان مٿو نه ڌوئجي.

17 واقفيت کان سواءِ پاڻيءَ سان ڀريل کڏ، تلاءُ ۽ واهه ۾ نه گھڙجي.

18 گھڻي وقت جو رکيل کير پئجي.

19 بيماريءَ جي علاج ۾ لاپرواهي نه گھرجي.

[عبدالجبار ”جاني“ ٻٽ ڏوڪري]

 

 

نمبر ملايو

هيٺ ڏنل تصوير ۾ نمبر ته ملائي ڏسو، ڪهڙي تصوير ٺهي ٿي.

 

از: غلام محمد غازي سکر

 هوا

اوهان هوا گھلندي محسوس ڪئي هوندي. هوا هر هنڌ موجود هوندي آهي. ڪٿي ٿوري، ته ڪٿي گھڻي ڪڏهن ٿڌڙي، ته ڪڏهن گرم ڪڏهن ڏکڻ کان اچي، ته ڪڏهن اُتر کان. صرف انهن ٻنهي طرفن کان نه پر چئني طرفن کان هوا گھلندي آهي. جڏهن گرم ڏينهن ايندا آهن ۽ ڪوسا جھولا لڳڻ شروع ٿيندا آهن (گرم هوائون ۽ جھولا جون، جولاءِ جي مهينن ۾ لڳندا آهن) اهڙن جھولن ۾ شهر وارا ماڻهو، ڏينهن هجي يا رات ايئر ڪنڊيشن بنگلن يا هوائي پکن جي هيٺان ويهي گذارن ٿا. اهڙن ڏينهن ۾ ٻهراڙيءَ ۾ رهندڙ ڳوٺاڻا ماڻهو رات جو ڪوٺن تي يا پيهي تي ويهي ويٺا ڏکڻ جي هير کي ياد ڪندا ۽ چوندا: ”گھل ڏکڻ هير“. ڇو ته ڏکڻ جي هير ٿڌي گھلندي آهي ۽ انسان سک جو ساهه کڻندو آهي. يا سياري جي موسم ۾ سرد هوائن گھلڻ ڪري ڪري ڪرڙيءَ وانگر پيا تڙپندا ۽ ڏڪندا. شل نه اُتر جي هير لڳي، پارو پوندو آهي. ماڻهو ته ڇا سچ پچ ته هر شيءِ مرجھايل لڳندي آهي. وري بهار جي موسم ۾ جيئن جيئن هوا گھلندي، ويندي هر ٻوٽو نوان نوان گؤنج ڪڍندو، مکڙيون مهڪنديون. سُرهي هوا گھلي ساهه کي سڪون بخشندي آهي. بهار کان پوءِ خزان جون هوائون گھلنديون آهن. اوهان سڀني ڏٺو هوندو، ته خزان جي موسم ڪهڙو رنگ لائيندي آهي. انهن ڳالهين مان يقين ٿئي ٿو، ته هوائن جو اثر موسمن تي به پوندو آهي. پيارا ٻارؤ! قدرت ٻين شين کي پيدا ڪرڻ سان گڏ هوا کي به پيدا ڪيو. جيئن ٻين شين کان سواءِ به زنده رهڻ مشڪل آهي. پر ناممڪن آهي.

هوا کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو. هير، واچ واءُ وغيره هير کي انگريزيءَ ۾ Breeze چيو ويندو آهي، جيڪا ٿڌڙي هوندي آهي. واچ کي Air چيو ويندو آهي. جيڪا عام هوا هوندي آهي. ۽ جيڪي طوفاني هوائون گھلنديون آهن انهن کي Winds چئبو آهي. اسان جي سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ هوا متعلق ڪيترائي اصطلاح موجود آهن مثلاً: هوا ۾ اڏامڻ، هوا ۾ نڪرڻ، هوا ڏيڻ، هواخوري ڪرڻ، هوائي گھوڙي تي سوار ٿيڻ، هن اصطلاح لاءِ اوهان سوچيندا ته اهو ڪيئن؟ (هوائي گھوڙي تي سوار ٿيڻ معنيٰ مغرور ٿيڻ. گھڻي دولت جي ڪري. يا ٻين ڳالهين جي ڪري) قارن کي دولت جا خزانا هئا. ٻين کي ڪجھ نه سمجھندو هو. اهو به مٽيءَ ۾ ملي، مٽي ٿي ويو. ابليس جنهن کي شيطان ٿا چئون. گھڻي عبادت جي ڪري مغرور نه ٿيڻ گھرجي. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”جيڪو سيٽيو اهو سٽيو“.

سائنس دانن جو چوڻ آهي ته، هوا جن شين جو مرڪب آهي. اُهي نائٽروجن، آڪسجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ آهن. درسي ڪتابن ۾ اهو ته سڀني پڙهيو هوندو، ته انسان آڪسيجن وسيلي ساهه کڻندو آهي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ساهه وسيلي خارج ڪندو آهي. هوا ۾ نائٽروجن جو حصو 79 سيڪڙو ۽ آڪسيجن جو 20 سيڪڙو باقي آهي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، هن ۾ پاڻي ۽ مٽيءَ جا ذرڙا شامل هوندا آهن. نائٽروجن ٻرندڙ شين کي وسائڻ جو ڪم ڪندي آهي ۽ ڪاربان ڊاِ آڪسائيڊ زهريلي آهي. زهريلي شيون نقصان ڪار هونديون آهي ۽ فائدي مند به. جيڪڏهن اسان جاچي ڏسنداسون ته مختلف حالتن ۾ انهن شين جي جذبن ۽ تناسب ۾ ردوبدل ٿيندي آهي. اسان کي آڪسيجن وڻن ۽ ٻوٽن مان ملندي آهي ۽ انهن کي اسان مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ. ٻنهي لاءِ هوا جڳهه والاري ٿي، وزن رکي ٿي، ۽ هن ۾ دٻاءُ به هوندو آهي. هوا دٻائڻ سان دٻجي ويندي آهي. هوا گرميءَ ۾ واڌ ٿي کائي ۽ سرديءَ ۾ سُڪڙجي ٿي. هڪ سائنسدان هوا کي ماپڻ جو هڪ اوزار ايجاد ڪيو. ان سائنسدان جو نالو هيو، شيلي ۽ جنهن سان هوا کي ماپيو ويندو آهي، ان کي هوا جو ماپو چئبو آهي.

هوا جا ڪيترائي قسم آهن. چؤماسي جون هوائون، جنهن کي انگريزي ۾ moon Soon  چئبو آهي. چؤماسي جون هوائون مقرر موسم ۾، مقرر وقت تي، مقرر طرف کان لڳنديون آهن. هي هوائون پاڻ سان گھم کڻي مينهن وسائينديون آهن. ميداني هوائون هميشہ رات جو ڌرتيءَ کان سمنڊ لڳنديون آهن ۽ بحري هوائون هميشہ ڏينهن جو سمنڊ کان ڌرتيءَ ڏانهن لڳنديون آهن. سموم نالي هڪ قسم جي زهريلي هوا آهي، جيڪا انسان توڙي جانورن لاءِ نقصان ڪار آهي. انهن کان سواءِ، هوا جا ٽي مکيه قسم آهن. جن کي دائمي هوائون، وقتي هوائون، ۽ اتفاقي هوائون چئبو آهي. آسمان ۽ ڌرتيءَ واري فضا کي به هوا چئبو آهي. جنهن جاءِ تي وڻ گھڻا هوندا آهن. اتان جي آب هوا ٿڌيري هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته وڻن مان هوا کي گھم چوسي وٺڻ جي خاصيت آهي. انهيءَ ڪري اتي برسات پوي ۽ آب هوا گھميل ۽ موافق ٿيو پوي.


 

آڪاش منگي رتوديرو

ابنِ بيطار

جاکوڙي انسان هميشہ زنده رهندا آهن. اهي جسماني طور اسان وڇڙي به وڃن، مٽيءَ جي مڻن هيٺان ڳري ختم ٿي وڃن، پر پوءِ به هو زنده آهن، امر آهن، ڪڏهن به نه مرڻا آهن. انهن جون خذمتون، ۽ انهن جا ڪارناما تاريخ پنهنجي وسيع سيني ۾ سانڍي رکندي آهي. اهڙا انسان جن پنهنجي زندگيءَ جو هڪ هڪ لمحو انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ارپي ڇڏيو.

اهڙن زندهه دل انسانن مان ابن بيطار جو نالو پيش پيش آهي. هي محنتي هو، جاکوڙي هو. هن پنهنجي زندگي جڙي ٻوٽين تي تحقيق ڪندي گذاري ڇڏي ۽ آخر تجري ڪرڻ دوران زهريلي ٻوٽي کائڻ ڪري هميشہ لاءِ مت جي گھري ننڊ سمهي پيو.

ابن بيطار جو پورو نالو ابو محمد عبدالله هو. پر ضياءُ الدين جي لقب سان به ياد ڪيو ويو ويندو آهي. ڪن ڪتابن ۾ سندس پورو نالو ”ابو عبدالله احمد المالقي “ ڄاڻايو ويو آهي. پر عام طور تي ابن بيطار جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس والد جو نالو احمد ۽ ڏاڏي جو نالو ابن البيطار هيو. ابن بيطار پنهنجي پيءُ جي دنڌي جي ڪري مشهور ٿيو. ابن بيطار جو پيءُ پڻ هڪ ماهر ۽ وٽنري ڊاڪٽر هيو.

ابن بيطار اسپين جي هڪ ملاگا ۾ پيدا ٿيو. ڄمڻ جو عيسوي سن 1197 ٻڌايو وڃي ٿو. هن کي علم طب تي پورو پورو عبور حاصل هيو ۽ جڙي ٻوٽين جي علم ۾ پڻ مهارت حاصل هيس. صرف اسپين ۾ ئي نه، پر يورپ ۽ آفريڪا ۾ به ممتاز طبيب مڃيو ويندو هو. عربي تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ”قلوم الحڪيم“ پڙهيو ۽ اهڙي زبردست قابليت حاصل ڪيائين جوِ امام ۽ شيخ جي لقب سان سڃاڻجڻ لڳو.

ڏهن سالن تائين ”ملڪ الڪامل“ جي درٻار ۾ طبيب جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو رهيو. ”ملڪ الڪامل“ جي وفات بعد قاهره (مصر) ۾ آيو. جتي ساڳي بادشاهه جو پٽ ”ملڪ الصالح نجم الدين ايوب“ تخت تي ويٺل هيو ۽ ابن بيطار اتي به خاص طبيب مقرر ٿيو. هن کي جڙي ٻوٽين تي تحقيق ڪرڻ جو، جنون جي حد تائين شوق هيو. انهيءَ جنون ۾ اتر آفريڪا، مصر ۽ اشيا جي جھنگلن ۽ پهاڙن ۾ ڪيترن سالن تائين ڀٽڪيو. هن ان ڪي ڦٽڻ وارين جڳهن کي ڏٺو ۽ انهن ٻوٽن، پنن ۽ ميون جو پڻ غور سان مطالعو ۽ معائنو ڪيائين. مختلف ملڪن ۾ وڃي پنهنجي معلومات ۾ اضافو ڪندو رهيو. هن جڙي ٻوٽين تي تحقيق ڪري، هڪ ڪتاب ”ڪتاب الادويته المفرد“ لکيو. انهيءَ ڪتاب مان يورپ وارن تمام گھڻو فائدو حاصل ڪيو

ابن بيطار دمشق ۾ جڙي ٻوٽين جو باغ لڳايو. جنهن ۾ بيشمار جڙي ٻوٽيون هيون. انهن جڙين ٻوٽين کي غور سان ڏسندو هو ۽ بيماريءَ جي حالت ۾ انهن تي تجربا به ڪندو هو. کيس جڙي ٻوٽين جي اثر ۽ سڃاڻڻ جو وسيع تجربو هو. هڪ دفعي ڪو شخص ڪا جڙي ٻوٽي پٽي آيو ۽ بادشاهه کي چيائين ته: ”ابن بيطار کي جڙي ٻوٽين جي معلومات تي تمام گھڻو فخر آهي. هن کي چئو ته هن کي (جڙي ٻوٽي جي هڪ طرف کان اشاري) سنگھي“. ابن بيطار جيئن ئي جڙي ٻوٽيءَ کي ان طرف کان سنگھيو، ته نڪ مان رت وهڻ لڳس. اه ڪرشمو ڏسي سڀ ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا. هن (ابن بيطار) جڙي ٻوٽي جي ٻئي پاسي کي سنگھيو ته نڪهير بند ٿي وئي.

پوءِ هن بادشاهه کي عرض ڪيو ته: هن شخص کي به چئو ته جڙي ٻوٽيءَ کي پاڻ سونگھي، اگر هن کي جڙي ٻوٽيءَ جي ٻنهي پاسن جي مڪمل ڄاڻ هوندي، ته پوءِ هي وڏو حڪيم آهي، جي نه ته، پوءِ وڏو جاهل آهي. بادشاهه هن کي جڙي ٻوٽي سنگھڻ لاءِ چيو، جيئن ئي هن جڙي ٻوٽيءَ کي سنگھيو، ته هن جي نڪ مان رت وهڻ لڳو. هي جڙي ٻوٽي جي، ٻي رخ کان بلڪل اڻڄاڻ هيو. ان ڪري هن جي نڪ مان رت تمام گھڻو وهي ويو ۽ هن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي. بادشاهه ان کي ٻيو رخ سنگھڻ لاءِ چيو ۽ هن جو رت وهڻ بند ٿي ويو.

ٻين ملڪن جي سائنسدانن ابن بيطار جي، پنهنجن ڪتابن ۾ تمام گھڻي تعريف ڪئي آهي. ”طبّ عرب“ جي مصنف ڪيمبل لکيو آهي. ته ”ابن بيطار علم العقاقير“ پنهنجي يعني جڙي ٻوٽين جو وڏو ماهر ۽ ڄاڻو هو. هن ارسطو ۽ ٻين سائنسدانن جا ڪتاب پڙهيا. هن جا چوڏهن سئو جڙي ٻوٽين تي ڪتاب لکيل آهن.

” عيون الانباني ، ” طبقات الاطبا“ جو مصنف ”ابن ابي اصبيع“ مشھور طبيب ھيو ۽ ابن بيطار جو شاگرد ھيو. ھي ابن بيطار سان گڏ دمشق جي سفر۾ گڏ ھيو. ھنن جي پهرين ملاقات 203 ھه ۾ دمشق ۾ ئي ٿي. ھي لکي ٿو ته؛ ابن بيطار خوش اخلاق خوش طبع ۽ خوش پوشاڪ ھيو. جڏھن ھن ( ابن بيطار) دمشق جي آسپاس جڙي ٻوٽين جي تلاش ڪرڻ شروع ڪئي،ته ساڻن آئون به گڏ ھوس، ان بعد جيڪو ھن جڙي ٻوٽِن تي ڪتاب لکيو اھو به کانئس پڙھيم.

ابن بيطار يونان جي وڏن ۽ نامور مصنفن  جھڙوڪ ؛- يقوريدوس ۽ جالينوس جا ڪتاب يوناني زبانن ۾ پڙھندو ھو ۽ تقريرن ۾ انهن جو حافظو (Memory power) تمام تيز ھو ۽ علم به وسيع ھوس.

ھن جا تمام گھڻا ڪتاب لکيل آھن. انهن ڪتابن مان ڪتاب الادويته المفرده“ تمام گھڻو مشھور آھي. ان ڪتاب ۾ دوائن بابت حڪيمن جا قول ڏنا اٿس ۽ آخر پنهنجي کوجنا جا نتيجا ڏنا اٿس.

ھن جو ٻيو ڪتاب آھي (مفردات ابن بيطار). ان ڪتاب کي ” جامع الادويه والاغذيه“ به چپيو. ان ڪتاب ۾ حيواني،معدني ۽ نباتاتي دوائن سان علاج ڪرڻ جا طريقا به بيان ٿيل آھن ۽ پنهنجا ذاتي تجربا به لکي اٿس. انهن ڪتابن کان سواءِ ھن ٻيا به ڪتاب لکيا، جي پن مشھور ٿيا.

”طب عربي“ جي روايت آھي ته ، ابن بيطار جي ڪتابن جو مواد آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ موجود آھي. ان کان سواءِ ھئمبرگ ۾ پڻ، ھن جي ٻن تصنيفن جو ترجمو موجود آھي . ابن بيطار جالينوس جي ڪتابن جا ترجما ڪيا. اھي ھن وقت نه ٿا ملن، پر ”ليڊن“ جو عربي ترجمو موجود آھي.

اينڊر يولاپاگس، ابن بيطار جا لاطيني ترجما ڪيا ھئا. جيڪي وينس (اٽليءَ) ۾ 1593ع ۾، پيرس ۾ 1606ع ۾ ۽ ڪري مونا“ ۾ 1758 ۾ ڇپيا. ان کان سواءِ ھڪ ڪتاب جو ترجمو 1840ع ۾ ڇپيو. ھي ڪتاب ”جرمن زبان“ ۾ ھو. ھن جي ڪتاب ” جامعه الادويته والاغذ“ جا ٻه ترجما يورپي زبانن ۾ ٿيا. انهن مان ھڪ ترجمو سونٿيمير (sonthimer) ڪيو، جو ايترو سٺو نه ھيو. ان جو ٻيو ترجمو ليلرڪ (Leelric) ڪيو، جيڪو قابل اعتبار ھيو. ابن بيطار جو موت 646ھه مطابق 1248ع ۾ زھريلي جڙي ٻوٽي کائڻ ڪر ٿيو. ھي دمشق ۾ دفن ٿيل آھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com