انهيءَ ڏينهن هڪ ٻئي عنوان، ”ٻارن جون اخبارون ۽
رسالا“ تي عشرت رحماني صاحب پنهنجو هڪ مقالو
پڙهيو. ٻارن جي اخبارن جي باري ۾ پنهنجن خيالن جو
اظهار ڪندي، چيائين ته ”ٻارن لاءِ اڄ تائين ڪنهن
به شخص اخبار ڪڍڻ ڏانهن پنهنجو ڌيان نه ڏنو آهي.
فقط وڏن جي اخبارن ۾ هڪ هفتي بعد ٻارن جو صفحو ڏنو
وڃي ٿو، جو ٻارن جون سموريون ضرورتون پوريون نٿو
ڪري؛ البت، ٻارن جي رسالن جو ڪافي تعداد آهي، پر
مغربي ملڪن وانگر انهن ۾ هن ڳالهه جو لحاظ نٿو
رکيو وڃي ته ڪهڙو رسالو، ڪهڙيءَ عمر جي ٻارن لاءِ
مناسب آهي؛ ڇاڪاڻ ته عمر سان گڏوگڏ ٻارن جون
دلچسپيون به بدلجنديون رهن ٿيون. پر اسان وٽ عمر
جي خيال سان رسالن جي اشاعت نٿي ڪئي وڃي ۽ هر
رسالو هر هڪ عمر جي ٻار لاءِ هڪجهڙو مفيد ڄاتو ٿو
وڃي. پر حقيقت ۾ ڪنهن به رسالي جو مواد انهيءَ
دعويٰ سان پيش نٿو ڪري سگهجي ته هو واقعي هر عمر
جي ٻارن جي ذوق جو پورائو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن عمر
جي گهرجن کي سامهون رکي، ٻارن جي رسالن کي
سينگاريو وڃي ته هر هڪ رسالو پنهنجي پنهنجي دائري
اندر خاص مقبوليت حاصل ڪري سگهي ٿو. باقي رهي ٻارن
جي هفتيوار اخباري پرچن جي ڳالهه، ته انهن ۾ گهڻو
ڪري اهي ئي چيزون هونديون آهن، جيڪي عام رسالن ۾
آهن. انهيءَ ڪري اخبار جو مقصد ئي فوت ٿي ٿو وڃي.
اسان وٽ ٻارن جي اهڙين اخبارن جي وڏي ضرورت آهي،
جيڪي ٻارن لاءِ صحيح معنيٰ ۾ اخبارون هجن. انهيءَ
مقصد لاءِ مذاڪري ۾ هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته جهڙيءَ
ريت عورتن جي هفتيوار اخبار شايع ٿئي ٿي، اهڙيءَ
طرح، ٻارن جون اخبارون به عمر جي لحاظ کان شايع
ڪيون وڃن. پر ٻارن جي اخبارن جون قيمتون گهٽ هئڻ
گهرجن ۽ انهن ۾ نفعي ڪمائڻ جو مقصد نه رکيو وڃي.
اهڙين اخبارن جي بقاءَ جا ذميدار ٻارن جا والدين
هئڻ گهرجن، جيڪي پنهنجن ٻارن کي اخبارن پڙهڻ جو
شوقين بنائين ۽ هر هڪ ٻار لاءِ الڳ الڳ اخبارون
خريد ڪن.
مذاڪري جي پنجين ڏينهن، بحث جو پهريون عنوان،
”ٻارن لاءِ سائنس جا ڪتاب“ هو، جنهن تي شيخ نياز
احمد پنهنجو مقالو پڙهيو ۽ پوءِ حاضرينن ان تي بحث
ڪيو. نياز صاحب جي مقالي جي جنهن نقطي تي پهريائين
بحث جو بنياد بنايو ويو، اهو ”فرينڪلن پبليڪيشن“
جو وجود هو. انهيءَ تي رحمان مذنب صاحب پنهنجي
خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ”اهو ادارو پنهنجي
نفعي لاءِ ڪم ڪري ٿو، جنهن مان امريڪي ۽ غير ملڪي
ڪتابن جي نشر و اشاعت ٿئي ٿي.“ انهيءَ تي نياز
صاحب ورندي ڏني ته ”هن اداري حضرت علي رضه جا خط،
حضرت عثمان رضه، حضرت عمر رضه ۽ اهڙيءَ طرح سر سيد
جي خطن تي مشتمل ڪتاب پڻ شايع ڪيا آهن.“ مذنب صاحب
هيءُ جواب ڏنو ته آمريڪا کي گهڻي کان گهڻو پنهنجن
ڪتابن شايع ڪرائڻ جو شوق آهي“، تڏهن نياز صاحب
نهايت سهڻن لفظن ۾ جواب ڏنو، ”اسان کي اهو نه ڏسڻ
گهرجي ته ڳالهه ڪرڻ وارو ڪير آهي، پر ڳالهه تي نظر
رکڻ گهرجي ته چيو ڇا ويو آهي. ”فرينڪلن پبليڪيشن“
جي تعاون سان ڪيترا سائنس جا ڪتاب اردو زبان ۾
ترجمو ٿي چڪا آهن، جن جي وجود کان انڪار ڪرڻ،
ناممڪن آهي. هن پبليڪيشن جي رهبريءَ سان اسان کي
گهڻو ڪجهه سائنسي ادب مليو آهي، جنهن کي ڪڏهن به
وساري نٿو سگهجي.“
انهيءَ ڏينهن مذاڪري ۾ هيءَ ڳالهه به طئه ڪئي ويئي
ته ٻارن جي سائنسي ڪتابن جي سرپرستيءَ لاءِ حڪومت
کي هڪ ”سائنس بورڊ،“ قائم ڪرڻ گهرجي، ته جيئن
سائنسي ڪتابن شايع ڪندڙ ادارن جي صحيح حفاظت ٿي
سگهي. اوڏيءَ مهل سائنسي ڪتابن جي قيمتن جو مسئلو
به بحث هيٺ آيو؛ ڇاڪاڻ ته انهن ڪتابن جون قيمتون
اڪثر ڪري عوام جي خريدي طاقت کان وڌيڪ هونديون
آهن. قيمتن ۾ مناسب قائم ڪرڻ تمام ضروري آهي، ته
جيئن عام ماڻهو آسانيءَ سان خريد ڪري، ان مان
فائدو حاصل ڪري سگهن. سائنسي ڪتابن ۾، سائنس جي
مختلف تجربن ۽ نفس مضمون کي دلچسپ نموني ۾، ٻارن
جي سمجهه جي لحاظ کان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، ته
جيئن هو پنهنجي ذهن تي ڪنهن به بوجهه محسوس ڪرڻ
بجاءِ، وڌيڪ دلچسپيءَ سان پڙهي سگهن. انهن ڪتابن ۾
موضوعن کي وڌيڪ آسان ۽ سمجهڻ لائق بنائڻ لاءِ
شڪليون ۽ نقشا وغيره پڻ ضرور ڏنا وڃن. اهڙي نموني
ٻار جيڪي ڪجهه مطالعو ڪندا، اهو شڪلين ۽ نقشن جي
مدد سان سندن ذهنن تي وڌيڪ اثرائتو ثابت ٿيندو.
انهيءَ کان پوءِ ٻئي بحث جو موضوع هو، ”ڇوڪرين
لاءِ ادب،“ جنهن تي مسز جميله صديقيءَ کي مقالو
پڙهڻو هو، مگر پوءِ اهو مقالو هن جي پاران ابن
انشا صاحب پڙهيو. مقالي ۾ خاص نقطو هيءُ هو، ته
”اردوءَ ۾ ڇوڪرين جي ادب جي ضرورت کي اڃا تائين
محسوس نه ڪيو ويو آهي ۽ ڪنهن به ادب انهيءَ طرف
خاص ڌيان نه ڏنو آهي.“ پر، هن سلسلي ۾ شمس
العلماءَ ڊپٽي نذير احمد، علامه راشد الخيري ۽
محمدي بيگم جا ڇوڪرين لاءِ لکيل عمدا ڪتاب وساري
ڇڏڻ، ڇوڪرين جي ادب سان پورو انصاف ڪين چئبو. راشد
الخيريءَ ته وڏيءَ محنت سان ڇوڪرين لاءِ ڪيتريون
لاجواب چيزون اردو ادب ۾ آنديون. اهڙيءَ طرح،
محمدي بيگم ”اخترالنساء“، ”مهرالنساء“ ۽ ٻين پڻ
بهترين ڪتاب لکي، اردو ادب ۾ ڇوڪرين جي ادب جي کوٽ
پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. البت، عورتن کانپوءِ ڇوڪرين
جي مسئلن تي ڪتابن لکڻ ڏانهن وسيع پئماني تي ذڪر
ڪرڻ لائق ڪم اڃا نه ٿيو آهي. موجوده دور ۾ وري
ٻيهر ڇوڪرين جي ادب ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ اڄ
جي ليکڪ اديبائن جا ڪيترا ڪتاب مثال طور پيش ڪري
سگهجن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڇوڪرين جو ادب اڃا
تائين ڪنهن اعليٰ معيار تي نه پهتو آهي ۽ هن ڳالهه
جي پڻ وڏي ضرورت آهي، ته يارهن کان سورهن ورهين
عمر جي ڇوڪرين جي ادب جو وڏو حصو، اردو ادب ۾ شامل
ڪيو وڃي. اسان وٽ ٻارن جي رسالن، اخبارن، ريڊيو،
ٽيليويزن مطلب ته ڪنهن به اڃا تائين انهن ضرورتن
ڏانهن ڌيان نه ڏنو آهي؛حالانڪه ڇوڪرين جي تربيت
ڇوڪرن کان ڪنهن به طرح گهٽ اهميت واري نه آهي.
ڇوڪرين کي آئنده جي ذميدارين کي سهڻي نموني منهن
ڏيڻ لاءِ باقاعدي اهڙي مناسب قسم جي ادب جي تمام
وڏي ضرورت آهي، جيڪا کين هڪ ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءُ
جي روپ ۾ سوسائٽيءَ لاءِ عزت لائق بنائڻ ۾ مددگار
ثابت ٿي سگهي.
رحمان مذنب صاحب جي هيءَ ڳالهه نهايت قدر ڪرڻ جي
لائق آهي، ته ڇوڪرين کي شروع کان ئي اهڙي تربيت
ڏيڻ گهرجي، جيڪا کين آئنده زندگيءَ ۾ مددگار ثابت
ٿي سگهي. رحمان صاحب هڪ ٻي به ڳالهه چئي، ته هن
دور جا ماڻهو ڇوڪرين جي باري ۾ ڪجهه به نٿا سوچين.
هو کين اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موڪلين ٿا ۽ اهو خيال
ڪندا رهن ٿا، ته هو هڪ ڏينهن ڊاڪٽر، پروفيسر يا
وڪيل وغيره بنجي وينديون. اهڙيءَ طرح، هو ڇوڪرين
جي گهريلو تربيت کان بلڪل غافل رهجي ٿا وڃن. هُو
اڄ جي باشعور دور ۾، ڇوڪرين کي سندن آئنده پيش
ايندڙ ذميدارين کان واقف نٿا ڪن. انهيءَ ڪري هنن
جي آئنده زندگي، ڪاميابين بجاءِ ناڪاميابين ۾
گهيرجي وڃي ٿي، جنهن سببان معاشري ۾ غلط لاڙا-
طلاقن ۽ جهيڙن فسادن سببان اڻوندڙ زندگي بنجي وڃي
ٿي. انهيءَ لاءِ والدين کي ننڍيءَ عمر کان ئي
ڇوڪرين جي اهڙي تربيت ڪرڻ گهرجي، جو هو وڏيون ٿي
سوسائٽيءَ جي ترقي ۾ مددگار بنجي سگهن ۽ بيڪار
عضوي وانگر سوسائٽيءَ لاءِ مصيبت جو سبب نه بڻجن.
ڇوڪرين جي ذهني لاڙن ۽ نفسيات کي سامهون رکندي،
اهلِ قلم ماڻهن تي پڻ هيءُ فرض عائد ٿئي ٿو، ته هو
هر عمر جي ڇوڪرين لاءِ سندن ضرورتن ۽ خواهشن مطابق
اهڙو ادب پيدا ڪن، جنهن کي هو پنهنجو ادب چئي سگهن
۽ جنهن کي والدين سواءِ ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي اولاد کي
پڙهڻ لاءِ ڏين. ڇوڪرين جي ادب ۾ هن ڳالهه جو پڻ
خيال رکڻ گهرجي ته اڄ جون معصوم نياڻيون سڀاڻ
مائرون بنبيون، جن جي هٿان معاشري کي چڱي يا بري
شڪل ۽ صورت ملندي ۽ هو آئنده نسلن کي اهو ڪين
ڏينديون، جيڪو اڄ اسين کين ڏيئي رهيا آهيون.
انهيءَ ڪري اسين آئنده نسلن کي جن راهن تي وڌندو
ڏسڻ چاهيون ٿا، انهن راهن تي اڄ جي ڇوڪرين جي
تعليم ۽ تربيت جو بندوبست ڪريون ته جيئن اسان جا
اڄوڪا خواب اڳتي هلي صحيح ثابت ٿين. اسان کي
پنهنجن تجربن مان ڇوڪرين لاءِ اهڙو ادب پيدا ڪرڻ
گهرجي، جو آئنده نسلن کي اسان کان وڌيڪ ڪامياب
ثابت ڪري، ۽ خود اسين پاڻ پنهنجي حياتيءَ ۾ مٿن
فخر ڪري سگهون.
تاريخ ڇهين- نومبر تي مذاڪري جي شروعات عنايت الله
صاحب جي مضمون ”زهريلو ادب“ سان ٿي. سڀني کان اول
عبدالحميد ڀٽي صاحب انهيءَ عنوان سان ئي پنهنجو
اختلاف ظاهر ڪيو. هن دعويٰ سان چيو، ته ”اسان وٽ
”زهريلو ادب“ جي نالي سان اهڙو ڪوبه لٽريچر آهي ئي
ڪونه. ان باري ۾، مسٽر غلام ربانيءَ انهيءَ ڳالهه
جي ڪنهن حد تائين تائيد ۽ ترديد ڪندي چيو ته ”ادب
کي صحتمند ۽ غيرصحتمند، ٻنهي نقطن سان پرجهڻ ۽
پرکڻ گهرجي.“ حقيقت ۾ هن عنوان جو تعلق به غير
صتحمند ادب سان هو، جنهن کي ادب ڪوٺڻ دراصل ادب
سان وڏو ظلم ڪرڻو آهي.
مسز ستنام محمود صاحبه هڪ سوال ڪيو ته ”ڇا، ٻارن
کي ايتري آزادي ڏيڻ گهرجي جو کين جيڪو ڪتاب وڻي،
سو ڀل خريد ڪري پڙهن؟“ جواب ۾ سڀني انهيءَ ڳالهه
جي پٺڀرائي ڪئي ته ٻارن کي پنهنجيءَ پسند جي ڪتابن
پڙهڻ جي پوري آزادي هئڻ گهرجي.
هتي مون کي انهيءَ ڳالهه چوڻ جي اجازت ڏني وڃي ته
بلاشڪ ٻارن کي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي، ته جيڪي
چاهين، سو پڙهن؛ پر شروعات کان ئي ٻارن جي ذهني
لاڙن کي صحيح سانچي ۾ پَلٽَڻ والدين جو فرض آهي،
ته جيئن سندن ذهنن ۾ بڇڙن ڪردارن کان نفرت ۽ چڱن
ڪردارن سان محبت پيدا ٿيندي رهي. ٻين لفظن ۾ ائين
چئجي ته والدين کي نفسيات کان ڪم وٺي ٻارن جي ذهن
۾ چڱائيءَ ۽ برائيءَ جي وچ ۾ صحيح توازن قائم ڪرڻ
گهرجي.
ان بعد اسد ”اريب“ صاحب هڪ هيءَ ڳالهه به چئي، ته
”اسان وٽ مشڪل سان هڪ سيڪڙو ماڻهو ڪتابن کان متاثر
ٿي ڏوهه ڪن ٿا.“ هيءَ ڳالهه ڪنهن حد تائين صحيح به
آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٻار، پنهنجن ذهني صلاحيتن جي زور تي
ئي ڪتابن مان اثر قبول ڪري ٿو. جهڙيءَ ريت ڀٽي
صاحب چيو ته ”ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ جي صلاحيت پيدا
ٿيڻ کان اڳ ئي ڏوهاري ٻارن جي مجرمانه ذهنيت پيدا
ٿي ويندي آهي. اسان وٽ گهريلو تربيت به اڻپوري
هوندي آهي، جنهن مان ٻارن ۾ ڏوهن ڪرڻ جي عادت پيدا
ٿئي ٿي.“ هيءُ مسئلو جيئن ته پنهنجي موضوع کان
هٽندو ٿي ويو، انهيءَ ڪري مسز ستنام صاحبه بحث کي
اصلي موضوع تي آڻڻ لاءِ چيو، ته ”آخر ٻارن لاءِ ڇا
لکيو وڃي؟“ رباني صاحب انهيءَ ڳالهه جو هي جواب
ڏنو ته ”ٻارن جي لاءِ اسان کي اهڙو ادب پيش ڪرڻ
کپي. جنهن مان معاشري جي حقيقي تصوير ته نظر اچي،
پر ان سان گڏ، اعليٰ قدر ۽ آدرش ٻار جي اڳيان اڀري
اچن.“
انهيءَ مسئلي ۾ مون کي وڌيڪ هي چوڻو آهي ته
چڱائيءَ جي اهميت روشن ڪرڻ لاءِ برائيءَ جي تصوير
پيش ڪرڻ واقعي ضروري آهي؛ جيڪڏهن اسان کي دورزخ جو
خوف نه هجي، ته اسين ڪڏهن به بهشت جي خواهش نه
ڪريون. انهيءَ ڪري ٻار جيئن ته ڪَچي ذهن جا مالڪ
هوندا آهن، تنهن ڪري سندن ڪتابن ۾ بڇڙن ڪردارن کي
به اهڙيءَ طرح پيش ڪيو وڃي، جو ٻار ازخود انهن کان
نفرت ڪرڻ شروع ڪن. انهيءَ ڳالهه جي سموري ذميداري
اديبن تي لازم ٿئي ٿي، ته هو چڱائي ۽ برائيءَ ۾
فرق ڏيکارڻ لاءِ پنهنجن تحريرن جو انداز اهڙو
اختيار ڪن، جو ٻار جي فطري لاڙن کي چڱائيءَ طرف
ڌيان ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ۽ ٻار ذهني لحاظ
کان برائيءَ سان نفرت ڪرڻ شروع ڪن.
ٻيو عنوان
هو، ”ٻارن لاءِ لائبرريون“، جنهن تي مس خالده شيخ
کي پنهنجو مقالو پڙهڻو هو، مگر گلي جي خرابيءَ
سببان پاڻ ڪين پڙهيائين ۽ اهو مقالو سيد قاسم
محمود صاحب، سندس پاران حاضرينن کي پڙهي ٻڌايو.
هن بحث ۾، ٻارن ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ ۽
لائبرريءَ جي سهولتن ميسر ڪرڻ لاءِ ڪيتريون فائدي
واريون ڳالهيون پيش ٿيون، جن تي عمل ڪندي اسين
پنهنجي ملڪ جي نئين نسل کي گهٽين ۾ رلڻ ۽ بدڪار
ٿيڻ کان بچائي، هڪ ڪارائتو شهري بنائي سگهون ٿا.
اسان وٽ لئبررين جي تمام گهڻي کوٽ آهي. اسڪولن ۾
ڪتاب جي هڪ ٻن ڪٻٽن کي لئبررين جي نالي سان سڏيو
ٿو وڃي. حقيقت ۾ انهن هڪ ٻن ڪٻٽن کي به تالا لڳل
هوندا آهن، ۽ ٻارن کي انهن مان ڪنهن به قسم جو
فائدو نٿو پهچي. انهن نالي ماتر لئبررين کي تالن
سان بند ڪرڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي، جيڪڏهن انهن
ڪتابن جي ٻارن تائين رسائي نٿي ٿئي، ته پوءِ
اسڪولن ۾ اهڙين لئبررين جو وجود ئي قبول ڪرڻ لائق
ڪينهي. اهي ڪتاب آزاد لئبررين جي حوالي ڪيا وڃن،
ته جيئن ٻار انهن مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهن.
حقيقت ۾ اسڪول ٻارن لاءِ علم ۽ ادب جو سرچشمو
هوندا آهن، پر جڏهن منجهانئن اهو مقصد حاصل نه
ٿئي، ته اها نهايت ئي افسوناڪ ڳالهه آهي. استاد
صاحبن کي منهنجي خاص گذارش آهي، ته هو ٻارن کي
درسي ڪتابن ۾ الجهائڻ بجاءِ سندن ذهني تفريح لاءِ
به مناسب موقعا ميسر ڪن. اهڙيءَ طرح ٻارن جون لڪل
صلاحيتون سماجي ڪارج ۾ استعمال ٿي، ملڪ ۽ قوم کي
فائدو پهچائينديون.
مسز ستنام محمود هن ڳالهه تي زور ڏنو ته
لائبررريءَ جي ڪٻٽن کي ڪڏهن به تالن سان بند نه
ڪيو وڃي ۽ دراصل لئبررين ۾ بنا دروازن وارا ڪٻٽ
هئڻ گهرجن، ته جيئن ٻارن ۽ ڪتابن جي وچ ۾ شيشي جون
ديواريون رڪاوٽ نه وجهن ۽ هو هر هڪ ڪتاب تائين
آزاديءَ سان پهچي سگهن.
هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا اسڪولي لئبررين جي مقصد کي ئي
نقصان رسائي ٿي، سا هيءَ آهي ته ٻارن لاءِ معياري
ڪتاب خريد نٿا ڪيا وڃن، پر ڪتابي فنڊ جي معياد ختم
ٿيڻ کان ٻه –چار ڏينهن اڳ ڪنهن استاد کي موڪليو
وڃي ٿو، ۽ هو سواءِ انهيءَ ڏسڻ وائسڻ جي ته ڪتاب
ڪهڙو آهي، ڪهڙي موضوع تي آهي، فقط تعداد پوري ڪرڻ
لاءِ جيڪو به ڪتاب کيس نظر ۾ آيو، اهو خريد ڪري
ٿو. پر حقيقت ۾ ڪتابن جي خريداريءَ لاءِ تجربيڪار
۽ ادب شناس ماڻهن کان اهو ڪم وٺڻ گهرجي ته جيئن
لئبرري وڌيڪ ڪارائتي ثابت ٿئي.
ٻارن ۾ لئبررين سان محبت پيدا ڪرڻ لاءِ، لئبررين ۾
ٻارن جي ٻين دلچسپين جي پورائيءَ جو سامان به
موجود ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ٻار انهن دلچسپين ڏانهن
وڌيڪ لاڙي سببان لئبررين ۾ اچي فرحت ۽ آرام محسوس
ڪن ۽ ڪجهه وقت لاءِ ٻاهرينءَ دنيا جي تلخين کي
بلڪل وساري ڇڏين.
5 نومبر تي، ڊاڪٽر وحيد قريشيءَ، ”ٻارن لاءِ ڇا
لکيو وڃي؟“ جي عنوان تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا.
مضمون ختم ٿيندي، سڀني کان اڳ، رحمان مذنب صاحب
چيو ته ”ٻارن لاءِ اخلاقيات، فلسفو ۽ انجنيئرنگ
وغيره سان تعلق رکندڙ ڪتاب لکڻ گهرجي، ته جيئن هو
زندگيءَ جي هر رخ کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن.“
هن جي اها راءِ اکين تي، پر شهزادن جون ڪهاڻيون،
جن سان ٻارن جي ادب جي تشڪيل ٿئي ٿي، تن کي ڪيئن
وساري سگهجي ٿو. جواب ۾ مسز ستنام محمود چيو، ته
”پاڪستان ۾ اهڙو ڪهڙو تصور آهي، جنهن هيٺ ٻارن جا
ڪتاب لکيا وڃن؟“ انهيءَ جو جواب رحمان مذنب صاحب
هيءُ ڏنو، ته ”اسين دنيا ۾ آرام سان زندگي گذارڻ
جا حقدار آهيون، انهيءَ لاءِ وسيع ميدان جي ضرورت
آهي ۽ ادب به خود انهيءَ ميدان جي وسعت ۾ شامل
آهي.“ پر جڏهن مسٽر وحيد قريشيءَ هيءُ سوال ڪيو،
ته ”ڇا، اوهان جي سامهون به ڪو تخيل آهي؟“ تڏهن
رحمان صاحب خاموش ٿي ويو. ڀٽي صاحب موضوع کي
بدلائيندي چيو ته ”منهنجي خيال ۾ ادب جي ڪوشش هيءُ
هئڻ گهرجي ته ٻار پنهنجي سوسائٽيءَ جو نمائندو
هجي.“ اتي مسٽر غلام ربانيءَ هڪ وزنائتو سوال ڪيو
ته ”آخر اسان جو مشترڪه ڪلچر
(Common culture)
آهي ڇا؟“ هن سوال تي سڀني جي چپن تي خاموشيءَ جي
مهر لڳي ويئي!
هيءَ ڪيتري قدر نه افسوس جي ڳالهه آهي، ته اسان
اڃا تائين پنهنجا سماجي قدر بنائي نه سگهيا آهيون،
۽ نه وري پنهنجي معاشري جو ڪوئي اصول ترتيب ڏيئي
سگهيا آهيون. جيڪڏهن ڪو اسان کان اهو سوال ڪري ته
”اوهان جو ڪلچر آهي ڇا؟“ ته اسين هڪدم منجهي بيهي
ٿا رهون. آخر ائين ڇو آهي؟ اسان کي آزادي حاصل ڪئي
اڻويهن سالن جو طويل عرصو گذري چڪو آهي، پر اڃا
تائين پنهنجي معاشري جي قدرن کي ڪابه شڪل ۽ صورت
ڏيئي نه سگهيا آهيون.
آخر اڻوندڙ خاموشيءَ کي ٽوڙيندي، مسز ستنام محمود
صاحبه، انتظار صاحب کي انهيءَ سوال متعلق پنهنجي
راءِ ڏيڻ لاءِ چيو. انتظار صاحب تيار ٿي، جواب ڏنو
ته ”تعليم جو مقصد هي آهي ته ٻار جي ڪردار ۾ صحيح
تربيت پيدا ٿئي. ائين چئجي ته عمر جي هڪ خاص حصي
تائين ٻار کي پرين ۽ ديون جي ڪهاڻين سان دلچسپي
هوندي آهي، پر خيالي دنيا سان گڏوگڏ علمي دنيا جو
وجود به ضروري آهي. اسان وٽ ڪهاڻين مان جيڪي ڪجهه
پلئه پوي ٿو، اهو اسان جي ٻارن لاءِ تجربي جي چيز
نٿو بنجي. اڄ جي مصروف زندگي، خاص ڪري شهرن جي
زندگيءَ ۾، ٻارن لاءِ علمي ڪوششن جا موقعا گهڻو
ڪري ختم ٿي چڪا آهن. اڄ جي ٻار جي زندگي ڪونڊيءَ
جي ٻوٽي وانگر آسري ٿي. صبح جو ڪنهن سواريءَ ۾،
پوري وقت تي اسڪول موڪليو ٿو وڃي ۽ موڪل کانپوءِ
گهر جي چوديوارين ۾ گهاري ٿو. هن کي هڪجيڏن سان
کيڏندي، ڪڏندي، ڪپڙن ڦاڙائڻ، مار کائڻ يا ٻئي کي
مار ڪڍڻ ۽ تجربن حاصل ڪرڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن
ٿا؛ يا ڪنهن باغ مان ميوي چورائڻ ۽ مالهيءَ جي ڊپ
کان لڪڻ جي مهم وارين ڪوششن سان پڻ واسطو نٿو پوي.
اهڙيءَ طرح هُن جي مٽيءَ ۾ کيڏڻ ۾ راند روند ڪرڻ
جي خواهش به اڻپوري رهجي وڃي ٿي. گويا ائين چئجي
ته اڄ جي ٻار کي ٻار ٿي گذارڻ نٿو ڏنو وڃي ۽
نئينءَ تهذيب جي شوق ۾ هن کي ڪجهه ٻيو ئي بنايو
پيو وڃي.“
مون انتظار صاحب کان پڇا ڪئي، ته ڇا، اسڪول ۾
تفريح جي مقرر وقت تي ٻار ڪجهه به نٿا ڪن؟ انهيءَ
کان سواءِ، اوهان جنهن طبقي جي ڳالهه ٿا ڪريو، اهو
محدود طبقو آهي. ٻارن ۾ اڪثريت هيٺانهين طبقي وارن
جي آهي، جن جي زندگي مصنوعي نه آهي، پر اوهان جي
خيال مطابق کين مٽيءَ ۾ راندين ڪرڻ جي مزن کان
پوريءَ طرح لطف حاصل ڪرڻو ٿوي پوي. ”نه جناب! اڄ
جي ٻار کي اسڪول جي ڪيترن ئي درسي ڪتابن ۽ گهر ۾
پڙهڻ جي مليل ڪم جي بوجهه سببان، پنهنجي دلچسپيءَ
وارين راندين روندين سان دل لائي مشغول رهڻ جي
فرصت ئي ڪٿان ملي ٿي. غير تجرباتي ماحول ۾ ٻار جي
شخصيت جي تڪميل بلڪل اڌوري رهجي وڃي ٿي.“
مسز ستنام محمود سوال ڪيو ته ”ٻارن جو ادب ڪيتريءَ
حد تائين عملي زندگيءَ جي ويجهو ۽ ڪيتريءَ حد
تائين پري هئڻ گهرجي؟“
انهيءَ سوال جي جواب ۾ انتظار صاحب وراڻيو، ته
”لغڙبازي، آتشبازي، اِٽي ڏڪر ۽ ڪٻڊي تائين- اهي
رانديون ٻارن جي عين فطرت مطابق آهن. انهيءَ
معاملي ۾ ڳوٺاڻا ٻار شهري ٻارن جي مقابلي ۾ وڌيڪ
خوشنصيب آهن. جيڪڏهن اسين ٻارن جي ادب ۾ انهن چيزن
کي جاءِ ڏيون ٿا، ته پوءِ کين اجازت ڏيڻ گهرجي، ته
هو ان ۾ دلچسپي وٺن ۽ ڀل کيڏن ڪُڏن.“
مسز ستنام محمود نهايت خوش ٿيندي، چيو ته ”واقعي،
اڄ به لغڙبازيءَ کي ڏسندي منهنجي دل چوي ٿي ته
جيڪر هينئر به لغر اڏايان ۽ لغڙن جي پٺيان ڊوڙندي
رهان. لغڙ اڏائڻ جي راند مون کي اڃا تائين پسند
آهي. پر ساڳئي وقت منهنجو هيءُ خيال به آهي:
لغڙبازي آتشبازي جي نقصان رسائيندڙ پهلوئن تي به
نظر رکڻ گهرجي، ۽ اهڙن خطرناڪ کيلن جي نظرداريءَ
جي ضرورت پوندي. هاڻي هيءُ سوال ته انتظار صاحب جي
چوڻ مطابق شهري ٻارن کي ڳوٺاڻن ٻارن وانگر وڌيڪ
مشڪل ڪمن جي تربيت ڏني وڃي، منهنجي نظر ۾ اها ڪا
خراب ڳالهه نه آهي. اسان سڀني کي معلوم آهي ته
اسان جي عظيم پاڙيسري ملڪ، چين ۾ به اسڪولي ٻارن ۽
ڪاليجن جي شاگردن کي هر مهيني ۾ پندرهن ڏينهن کيتن
۾ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو ويندو آهي. ائين ڪرڻ سان هنن
کي نه فقط محنت ۽ تڪليفن جو عادتي بنايو وڃي ٿو،
پر گڏوگڏ فطري طور زندگي گذارڻ جو پڻ مفيد طريقو
سيکاريو وڃي ٿو.“
مذاڪري هلندي بحث جو رخ هن طرف مڙي ويو، ته ٻارن
کي پنهنجي جذبات جي اظهار جو موقعو ڏنو وڃي. مسز
ستنام صاحبه جواب ڏنو ته ”روس ۾ ٻارن کي پنهنجي
جذبات جي اظهار لاءِ ناچ ۽ راڳ وغيره ڪرايا ويندا
آهن.“
انتظار صاحب جواب ڏنو ته ”اسان وٽ ته مورڳو حڪومت
اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾، ناچ ۽ راڳ تي بندش وجهي ڇڏي
آهي.“
انهيءَ تي رحمان مذنب صاحب ورندي ڏني ته ”حڪومت،
مولوين ۽ اسلام جو نالو وٺي اسان کي به ڊيڄاري ٿي
۽ خود پاڻ به ڊڄي ٿي، حالانڪه اڄوڪا مولوي فقط
نالي جا مولوي آهن، اسلام جي حڪمن سان سندن ڪابه
محبت نه آهي.“
بيگم ستنام صاحبه وراڻيو، ته ”هڪ اهو زمانو به هو
جڏهن حڪومت ڏاڙهي رکڻ واري، سرمو پائيندڙن، تنگ
پائجامو پهريندڙن ۽ پان کائڻ وارن تي بندش وڌي
هئي، ته اهڙا ماڻهو انگلينڊ نه وڃن.“ مسز ستنام
صاحبه جي انهيءَ ڳالهه جي جواب ۾ مذنب صاحب ورندي
ڏني، ته ”لباس ته اسان جو ڪلچر نه آهي.“ هن جي
انهيءَ جواب تي سمورا وڪوڙي ويس، چيو ”آخر لباس
اسان جو ڪلچر ڇو نه آهي؟ لباس تي ڪلچر جو هڪ اهم
جزو آهي. اسين انهيءَ کي پنهنجي ڪلچر کان الڳ ڪيئن
ڪري سگهون ٿا؟“ شايد رحمان صاحب اها ڳالهه انهيءَ
ڪري چئي هئي، جو خود هو پاڻ ان وقت قومي لباس ۾
ڪونه هو، پر مغربي نموني جو سُوٽ پهريل هوس.
هينئر بحث جنهن نقطي تي پهتو، سو هيءُ هو ته هر
ڪهاڻيءَ جي آخر ۾، مصنف ڪهاڻيءَ جو نتيجو تحريري
صورت ۾ پيش ڪري يا ٻارن تي ڇڏي ڏئي ته هو پنهنجي
پنهنجي ذهن مطابق ڪنهن نتيجي تي پهچن؟ اهو بحث آخر
هن نتيجي تي پهتو ته ٻارن کي نصيحت جي لفظن سان
ناراضگي آهي، انهيءَ ڪري ڪهاڻين جي آخر ۾ نصيحت نه
ڏني وڃي ۽ اهو فيصلو ٻارن تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي.
مسز ستنام صاحبه سوال ڪيو ته ”ٻارن لاءِ ڪهڙو ادب
موزون آهي؟“ هن پنهنجي سوال جي وضاحت ڪندي چيو ته
”مون ننڍپڻ ۾ ڪنهن ماءُ بابت هڪ نظم پڙهي هئي،
جنهن ۾ اها نابين پوڙهي ماءُ، ڦاٽل ڪپڙن ۽ سخت
سرديءَ سببان ڏڪندڙ حالت ۾ هڪ رستي جي ڪناري تي
بيٺي هئي ۽ هن کي رستو پار ڪرائڻ وارو ڪونه هو.
اوڏي مهل اسڪول جي ٻارن کي موڪل ملي ٿي، پر
منجهانئن ڪنهن به پوڙهيءَ ڏانهن ڌيان ڪين ڏنو.
انهن ٻارن جي پٺيان هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي. هوءَ
انهيءَ نابين پوڙهيءَ کي رستو پار ڪرائي ٿي ۽ هوءَ
کيس دعائون ڪري ٿي. هيءَ نظم ايتري قدر پياري ۽ دل
تي اثر ڪندڙ لفظن ۾ هئي، جو آءُ ان کي اڄ تائين
وساري نه سگهي آهيان، پوءِ ڀل آءُ ان مان ڪو نتيجو
حاصل نه ڪري ۽ ڪنهن معذور کي رستو پار نه ئي
ڪرايان.“
انهيءَ تي انتظار صاحب هڪدم چيو ته ”خوبصورت لفظن
مان ادب پيدا نٿو ٿئي، پر انساني تجربائي ادب پيدا
ڪن ٿا.“
ائين چوڻ واقعي صحيح آهي ته انساني تجربا ادب جو
بنياد آهن، پر هن ڳالهه کان ڪنهن کي به انڪار ٿي
نٿو سگهي ته خوبصورت لفظن جي عمارت کانسواءِ اهو
بنياد اهڙو اثرائتو نه آهي. انساني تجربا، خوبصورت
لفظن جي جامي پهرڻ کانپوءِ ئي ادب جي حدن ۾ داخل
ٿين ٿا، ٻيءَ حالت ۾ انساني تجربا لفظن کانسواءِ
فقط بي رنگ خاڪو آهي؛ ادب لفظن جو ٿورائتو آهي،
پوءِ ڀل اهي تحريري صورت ۾ هجن يا زباني صورت ۾.
لفظن کان سواءِ ادب پيدا ئي ٿي نٿو سگهي.
ان کانپوءِ ڊاڪٽر اي وحيد صاحب ٻارن جي ڪتابن جي
نشر و اشاعت تي پنهنجو هڪ ڀرپور مقالو پڙهيو. هن
ڪتابن جي مناسب قيمتن قائم ڪرڻ تي بار بار زور
ڏنو، پر گڏوگڏ اهو به چيائين ته سمورن اسڪولن ۽
پبلڪ لئبررين کي ٻارن جو هر هڪ نئون ڪتاب ضرور
خريد ڪرڻ گهرجي، ته جيئن ڪتابن جي اشاعت به وڌي ۽
قيمتون پڻ اعتدال تي اچن.“
ڊاڪٽر اي. وحيد جا اهي لفظ وڏي اهميت رکندڙ آهن،
ته اڄ جي ڪتابن پڙهڻ وارا ٻار سڀاڻي تعليم يافته ۽
سالم نگاهه هوندا، جن جي هٿن ۾ نه فقط ملڪ ۽ قوم
جي بهبوديءَ جون واڳون هونديون، پر گڏوگڏ پنهنجي
ادب ۽ ثقافت جا نگهبان وارث هوندا. ٻارن جي ادب جو
زياده کان زياده شايع ٿيڻ، حقيقت ۾ جهالت،
اڻڄاڻائي ۽ بدذوقيءَ جي خلاف هڪ وڏي جدوجهد آهي.
هن سلسلي ۾ ڪتابن ڇپائيندڙن ۽ ليکڪن کي خاص گذارش
آهي ته هو سڀان جي محافظن جي ذهنن کي پنهنجين
لکڻين سان انهيءَ لائق بنائين، جو هو اڳتي هلي ملڪ
جا ڪامياب محافظ ۽ ادب جي ميدان جا سچا شهسوار
ثابت ٿين. ڪتابن کي پنهنجي روايات کان زياده ويجهو
رکيو وڃي ۽ فقط اهڙا ڪتاب شايع ڪيا وڃن، جيڪي اسان
جي قوميت ۽ ڪلچر جي مخالفت ۾ نه هجن، ته جيئن ٻارن
کي پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ سان واسطو رکندڙ معلومات
حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائي نه هجي. هو ننڍ پڻ کان ئي
پنهنجي مرتبي ۽ جوابدارين کي سڃاڻي وڃن. ناشر فقط
انهن ڪتابن کي شايع ڪن، جيڪي انهن قدرن سان پورا
ٺهڪي اچن. بيمقصد ۽ واحيات ڪتابن شايع ڪرڻ کان
پاسو ڪيو وڃي. ائين ڪرڻ سان ٻارن جي ذهنن کي خراب
اثرن پوڻ کان وڏيءَ حد تائين بچائي سگهبو. ناشرن
تي فرض آهي ته هو ليکڪ پاڻ به پوريءَ محبت ۽
سچائيءَ سان ٻارن لاءِ ڪتاب لکن؛ ڇاڪاڻ ته نئين
نسل جي ذهني تربيت انهن جو فرض آهي. ٻارن جي ڪتابن
جي ظاهري زيب ۽ زينت تي به خاص ڏيان ڏنو وڃي، ته
جيئن ٻارن ۾ ازخود ڪتابن پڙهڻ جو لاڙو پيدا ٿئي.
ائين ڪرڻ سان ڪتابن جي اشاعت ۾ به واڌارو ٿيندو ۽
ٻار به پنهنجيءَ پسند جا ڪتابن حاصل ڪري سگهندا.
مذاڪري جي آخري ڏينهن يعني 7 نومبر تي، اي ڊي اظهر
صاحب ”ٻارن جا لطيفا“ عنوان سان پنهنجي مقالي جي
شروعات ڪئي.
”ٻارن جا لطيفا“ نالي وٺڻ سان ئي سڀني جي چهرن تي
مرڪ ڇانئجي ويئي. اظهر صاحب جو سڄو مقالو لطيفن
سان ڀرپور هو، جنهن حاضرينن کي ڪافي وندرايو. بحث
هلندي ڪيترا ادبي لطيفا، جيڪي اسان جي ظريفانه ادب
جو سرمايو آهن، سي ٻُڌا ۽ ٻڌايا ويا. پر اهو پيش
ڪيل سمورو ظريفانه ادب وڏن جي لاءِ هو ۽ ٻارن جي
سمجهه لائق انهن ۾ هڪ به لطيفو ڪونه هو. انهيءَ
ڪري ٻارن لاءِ مزاحيه ادب پيدا ڪرڻ جي نهايت ئي
وڏي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته زندهه دلي انسان کي وڌيڪ
ڪامياب ڪري ٿي ۽ طبيعت ۾ تازگي مزاحيه ادب وسيلي
فطرتاً کل- ڀوڳ پسند ڪندڙ هوندا آهن. ڳالهه ڳالهه
تي کلڻ هنن جي عادت هوندي آهي. پر اسان وٽ ڪيترن
گهرن ۾ ٻارن جي کلڻ کي خاص ڪري ڇوڪرين جي کلڻ کي
پسند نه ڪيو ويندو آهي ۽ کين سختيءَ سان روڪيو
ويندو آهي. ائين ڪرڻ سان انهن جي ذهنن ۾ مايوسي
جنم وٺي ٿي ۽ هو ڪوبه ڪم دل جي چاهه سان نٿيون ڪري
سگهن. زندگيءَ ۾ کلڻ ايترو ضروري آهي، جيترو کائڻ
پيئڻ ۽ آرام ڪرڻ. دنيا ۾ جيڪڏهن کل خوشيءَ جو وجود
نه هجي ها ته زندگي هڪ ئي هنڌ بهي، مرجهائجي ناس
ٿي وڃي ها، اها کِل خوشي ئي آهي، جيڪا غم جي پهاڙن
مٿان ڪِري پوڻ تي به جيئڻ جو حوصلو ۽ همت ڏيارائي
ٿي- ڪهڙو نه ڪنهن شخص چڱو چيو آهي ته ”کل غم جو
علاج آهي.“
اظهر صاحب ته ”کِلڻ جي طاقت ڏوهن طرف وڌي ٿي،
انهيءَ ڪري کل تي مناسب ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اسان کي ٻارن لاءِ مزاحيه ادب پيدا ڪرڻ وقت پنهنجي
وڏي هئڻ کي وساري، فقط ننڍپڻ جي زماني تي نگاهه
رکڻ گهرجي. يا وري اڄ جي ٻارن جي مزاح جي حس کي
پروڙي، ڏسڻ گهرجي ته هو ڪهڙي نموني جي چيزن کي
وڌيڪ پسند ڪن ٿا، ۽ انهيءَ کان پوءِ ئي اسان کي
ٻارن جي مزاحيه ادب تي قلم کڻڻ گهرجي.
ٻار عام طور اڻٿيڻين ڳالهين تي کِلندا آهن، پر
اسان کي اهڙين ڳالهين کي زندگيءَ کان پرانهون رکي
پيش ڪرڻ بجاءِ انهن جو عملي زندگيءَ سان گهرو
لاڳاپو قائم ڪري ڏيکارڻ گهرجي.“
|