سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 1

باب: --

صفحو :2

 

محمد اسماعيل

 (آکاڻي)

 

ڇيلو ۽ بگهڙ

 

 

هڪ ڇيلو، درياءَ جي ڪناري تي پاڻي پِي رهيو هو، ته ايتري ۾ هڪ بگهڙ اتي اچي نڪتو.

”هن درياءَ جو پاڻي منهنجو آهي“، بگهڙ چيو، ”تو پيئڻ جي همت ڪيئن ڪئي؟“

”درياءَ جو پاڻي ته جبلن تان اچي ٿو، تنهنجو وري ڪيئن ٿيو؟“ ڇيلي وراڻيو.

”بس، آءُ جو چوان ٿو ته منهنجو آهي.“ بگهڙ آڪڙجندي چيو، ”هاڻي آءُ توکي کائڻ کانسواءِ اصل نه ڇڏيندس.“

بگهڙ ايترو چئي، پڇ لوڏيندو هليو ويو. ڇيلو پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ ڏيڍيءَ ۾ ويهي روئڻ لڳو؛ ڇاڪاڻ ته شام جو بگهڙ  کيس کائڻ لاءِ اچڻو هو. ايتري ۾، هڪ چٽڪمري ٻلي اتي اچي نڪتي.

”ڇو ٿو روئين، ڇيلا؟“ هن پڇيو.

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو“، ڇيلي سڏڪا ڀريندي جواب ڏنو.

”تون فڪر نه ڪر“، چٽڪمريءَ ٻليءَ چيو، ”آءُ پاڻيهي اچي تنهنجي مدد ڪنديس.“

ائين چئي، چٽڪمري ٻلي هلي ويئي.

 

 

ڇيلي جي دل کي اڃا به آٿت نه آيو ۽ هو روئندو رهيو. ايتري ۾ هڪ ڀورو ڪُتڙو آيو.

”ڇو ٿو روئين، ڇيلا؟“ ڀوري ڪُتڙي کانئس پڇيو.

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو،“ ڇيلي روئيندي وراڻيو.

”تون ڪو فڪر نه ڪر.“ ڀوري ڪُتڙي چيو،“ آءُ اچي تنهنجي مدد ڪندس.“

ائين چئي، ڀورو ڪتڙو به پچ لوڏيندو هليو ويو. ڇيلو وري به اڳي جيان روئندو رهيو. ڪجهه دير کانپوءِ هڪ اڇو گهوڙو اتي اچي نڪتو.

”ڇو ٿو روئين ڇيلا؟“ اڇي گهوڙي پڇيو.

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو،“ ڇيلي روئي چيو.

”تون ڪو ڏک نه ڪر،“ اڇي گهوڙي چيو، ”آءُ تنهنجي مدد لاءِ ايندس.“

اڇو گهوڙو ائين چئي، هليو ويو.

پر ڇيلو اڃا به ويٺو روئندو رهيو. اتي هڪ وڏو هاٿي اچي نڪتو.

”ڇو ٿو روئين ڇيلا؟“ وڏي هاٿيءَ پڇيو.

 

 

”اڄ شام جو بگهڙ مون کي کائڻ ايندو.“ ڇيلي روئندي چيو.

”تون ڪو خيال نه ڪر،“ وڏي هاٿيءَ دلاسو ڏنس، ”آءُ تنهنجي مدد ڪندس.“

وڏو هاٿي پڻ ائين چئي، اتان هليو ويو.

اوندهه ٿيندي ئي، ننڍي چٽڪمري ٻلي، ڀورو ڪُتڙو، اڇو گهوڙو ۽ وڏو هاٿي، سڀ اچي ڇيلي جي گهر پهتا. پوءِ پاڻ ۾ سڀ صلاح ڪرڻ لڳا ته ڇيلي جي مدد ڪيئن ڪجي.

چٽڪمريءَ ٻليءَ چيو، ”ڇيلڙا، تون ڪٿي ٻاهر وڃي لڪي ويهه، ۽ آءُ چلهه ۾ ٿي لڪي ويهان. جڏهن بگهڙ توکي گهر ۾ نه ڏسندو، ته ضرور سوجهري ڪرڻ لاءِ چلهه ڏانهن ايندو. ان مهل آءُ پنهنجن چنبن سان هن کي رهڙي وجهندين.“

ڀوري ڪتڙي چيو، ”ٻليءَ جي هٿان رهڙجي، بگهڙ ضرور ٻاهر ڀڄندو، آءُ دروازي جي پٺيان لڪي ويهندس ۽ جيئن ئي هو ٻاهر نڪرندو ته آءُ کيس چڪ هڻندس.“

اڇي گهوڙي چيو، ”جڏهن ڀورو ڪتڙو بگهڙ کي چڪ هڻندو، تڏهن هو گهر جو پٺ ڏانهن ڀڄندو، آءُ لڪو بيٺو هوندس ۽ جيئن ئي بگهڙ اتان اچي نڪرندو ته آءُ هن کي زوردار پُستي ٺڪاءُ ڪندس.“

 

 

وڏي هاٿيءَ چيو، ”آءُ هن وڏي وڻ هيٺان بيٺو هوندس. جڏهن بگهڙ وڻ جي پاسي کان اچي لنگهندو، تڏهن آءُ کيس پنهنجيءَ سونڊ ۾ کڻي، درياءَ ۾ ڦٽو ڪندس.“

اهڙيءَ طرح ، سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي ويو. ڇيلو ٻاهر وڃي هڪ ننڍڙي ٻُوڙي ۾ لڪي ويٺو.

ننڍڙي چٽڪمري ٻلي ٽپ ڏيئي، وڃي چلهه وٽ ويٺي. ڀورو ڪتڙو جهُڪي در جي پٺيان لڪي ويٺو. اڇو گهوڙو گهر جي پٺ ۾ لڪي بيٺو ۽ وڏو هاٿي وڻ هيٺان بيهي رهيو.

ٿوريءَ ئي دير کان پوءِ، پوڙهو بگهڙ، ٿپ ٿپ ڪندو اتي اچي پهتو. هو گهر ۾ اندر گهڙيو، پر اوندهه ايڏي ته هئي، جو کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿي اچي سگهيو.

لاچار روشني ڪرڻ لاءِ پوڙهو بگهڙ چُلهه وٽ آيو.

چٽڪمريءَ ٻليءَ اکيون چمڪائيندي پنهنجا چنبا وڌائي، بگهڙ جو سڄو منهن رهڙي وڌو.

”آهه!“ بگهڙ سور وچان دانهن ڪئي ۽ گهٻرائجي، پٺتي هٽيو.

 

 

در جي پٺيان لڪل ڀورو ڪتڙو هڪدم اڳتي وڌيو ۽ هن پوڙهي بگهڙ جي ٽنگ ۾ چڪ هڻي ڪڍيو.

”هاءِ، هاءِ! “ پوڙهو بگهڙ سور وچان دانهن ڪري وٺي ڀڳو. هن هڪدم جهوپڙيءَ جي پوئين پاسي ڀڄڻ جي ڪئي، پر اڇي گهوڙي پنهنجي پوئين لت کڻي، کيس زور سان پستي هنئين، جا اهڙي زور سان لڳيس، جو پوڙهو بگهڙ وڃي وڏي وڻ وٽ ڪِريو.

پوڙهو بگهڙ چٽڪمريءَ ٻلي کان پنهنجو مُنهن پٽائي، ڀوري ڪتڙي کان ٽنگ کارائي، اڇي گهوڙي جي پستي جهلي، ڦان ڪري اچي پَٽ تي ڪِريو۽ اٿي نه سگهيو.

ان وقت وڏي هاٿيءَ بگهڙ کي پنهنجيءَ سونڍ ۾ کڻي، پري وڃي درياءَ ۾ اڇلايو. پوڙهو بگهڙ پاڻيءَ ۾ غوطا کائيندو ويو ۽ وري ڪڏهن به ڇيلي کي کائڻ نه آيو.

 

 

ادارو

(سنڌي لوڪ ڪهاڻي)

 

مڱڻهار ۽ شينهن

 

هڪڙو مڱڻهار تمام غريب هو. جوڻس ڏاڍي ويڙهاڪ هئي، سو کيس گهر ۾ اصل ڪانه سهندي هئي. آخر ويچارو اهڙو اچي بيزار ٿيو، جو خيال ڪيائين ته انهيءَ کان مري وڃان ته چڱو آهي. آءُ ڇو نه فلاڻي جهنگ ۾ وڃان، جتي شينهن کي مون کي پاڻيهي ماري کائي ڇڏيندو ۽ پوءِ سڀني سورن کان ڇٽي پوندس. اهو پهه پچائي، اُٿي ٻيلي ڏانهن روانو ٿيو.

ان ٻيلي ۾ شينهن جا وزير، مور ۽ هنج هوندا هئا. انهن جڏهن هن مسڪين کي ڏٺو، تڏهن خيال ڪيائون ته هن کي نه بچائينداسون، ته خراب ڳالهه ٿيندي. تنهن ڪري اڏامندا اچي فقير وٽ پهتا ۽ کيس چوڻ لڳا ته ”بندا خدا جا، ناحق ٿو مرين. هن ٻيلي جو بادشاهه شينهن شير خدا جو آهي، توکي ڏسندو ته کائي ڇڏيندو. تنهن ڪري چڱي ڳالهه اها آهي ته ڀڄي جند ڇڏاءِ!“ فقير پکين کي جواب ڏنو ته ”ادا، آءٌ آيو ئي مرڻ لاءِ آهيان. ڀلي مون کي شينهن ماري کائي ڇڏي.“ پکين خيال ڪيو ته هن ويچاري کي ضرور ڪو ڏک آهي، جو هي مرڻ لاءِ تيار ٿي آيو آهي. سو وري چيائونس، ته ”يار، تون اجايو پاڻ کي ماراءِ نه، باقي هيئن ڪر جو اسين توکي شينهن وٽ وٺي ٿا هلون؛ هو توکا پڇي ته چئجانءِ، ”سائين، منگتو سوالي آهيان، تو بادشاهه وٽان خيرات وٺڻ آيو آهيان. پوءِ اسين پاڻيهي توکي خزانو وٺي ڏينداسون.“ فقير اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ هنن سان گڏجي اٿي هليو.

اوڏيءَ مهل شينهن ننڊ ۾ هو، تنهن ڪري هو ويهي رهيا. اوچتو شينهن جي اک کلي ۽ پنهنجي سامهون هڪڙي انسان کي ويٺل ڏسي، هڪدم گجگوڙ ڪري، چنبي هڻڻ لاءِ تيار ٿيو. اتي هنج ۽ مور، هڪدم ٻانهون ٻڌي، شينهن کي عرض ڪيو ته ”جيئدا قبلا! هي منگتو فقير آهي. منگتي فقير کي اڄ تائين ڪنهن به بادشاهه نه مارايو آهي. هيءُ اوهان کان خيرات وٺڻ آيو آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي، شينهن جي ڪاوڙ ڍري ٿي مور ۽ هنج کي حڪم ڏنائين ته ”هن کي وڃي خزانو ڏيکاريو، جيڪي وڻيس سو کڻي وڃي.“ پکين شينهن جي حڪم موجب هن کي وڃي خزانو ڏيکاريو ۽ منگتي ان مان سون ۽ چانديءَ جي ڀري ٻڌي کنئي، ۽ خوش ٿي گهر موٽي آيو.

جوڻس جڏهن هيترو خزانو ڏٺو، تڏهن وات ئي ڦاٽي ويس ۽ مڙس جو خوشامد ڪرڻ لڳي. پوءِ ته ٻيئي زال مڙس ڏاڍي سک سان گذارڻ لڳا. ”چوڻي آهي ته کاڌي کوهه به کُٽيو پون“، سو ستن- اٺن سالن کانپوءِ وري به جوڻس فقير سان ساڳي جُٺ شروع ڪري ڏني. ويچارو فقير ڏاڍو ڪڪ ٿيو. نيٺ خيال ڪيائين ته اڳئين وانگر شينهن وٽ وڃان، من ڪجهه خيرات ملي پوي. سو وري انهيءَ ساڳئي ٻيلي ڏانهن ويو پر جڏهن هو ٻيلي ۾ پهتو ته ڇا ڏسي ته شينهن جا ٻئي وزير، مور ۽ هنج آهن ئي ڪونه، سندن جاءِ تي گدڙ ۽ ڪنگ ويٺا آهن. انهن جو فقير کي ڏٺو، سي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هڪٻئي کي چوڻ لڳا ته ”اڄ واه جو شڪار هٿ لڳو آهي؛ ڇو نه شينهن کي ٻڌايون ته اڄ ڪو سڻڀو لقمو کائي. پر شينهن کي اٿارڻ کان اڳ انهن پاڻ ۾ اهو فيصلو ڪيو ته مڱڻهار جي اکين جا تارا ڪنگ ڪڍي کائيندو  ۽ آنڊا ۽ اوجهري گدڙ کي حصي ۾ ملندا. آخر وڃي شينهن کي اٿاريائون ۽ چيائونس ته ”بادشاهه سلامت! خدا گهر وٺي سڻڀو شڪار موڪلي ڏنو آهي. هاڻي پنهنجن هٿن سان پورو ڪريوس، ته اوهان به کائي ڍؤ ڪريو ۽ اسين به پنهنجو پيٽ ڀريون. اهڙو مال قسمت سانگي هٿ ايندو آهي!“

شينهن جڏهن فقير ڏانهن نهاريو، تڏهن ياد آيس ته هي اهو ساڳيو شخص آهي، جنهن جي لاءِ مور ۽ هنج چيو هو ته ”هي منگتو آهي، بادشاهه ڪڏهن به انهن کي ڪونه ماريندا آهن. پر هي وزير ته هن جي مارڻ جي صلاح پيا ڏين!“ آخر شينهن، فقير ڏانهن نهاري، کانئس پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيو ته ”تون ڪير آهين؟“ فقير هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”منگتو سوالي آهيان، ۽ تو راجا کان دان وٺڻ آيو آهيان.“ شينهن وراڻي ڏنيس، ”چڱو، هل ته توکي خزانو ڏيکاريان، ان مان جيڪي وڻئي، سو کڻي وڃ.“ جواب ٻڌي، فقير خزاني مان پنهنجي مرضيءَ سان وڏي ڀري ٻڌي، کڻي اٿي هليو.

فقير کي ويندو ڏسي، ڪنگ ۽ گدڙ رڙ ڪئي، ”سائين! اهڙو مال وري هٿ نه ايندو. اڄ ته ڪا موج ڪريو!“ پر شينهن سندن ڳالهه ئي ڪانه ٻڌي، ۽ پاڻ فقير سان گڏجي اٿي هليو. جڏهن ٻيئي ٻيلي کان نڪري ٻاهر آيا، تڏهن فقير کي چيائين ته ”ميان! اڳي منهنجا وزير هئا مور ۽ هنج ۽ هاڻي آهن ڪنگ ۽ گدڙ، تنهن ڪري جي سربخت جو خير گهرين ته تون وري هتي نه اچجانءِ! فقير اها ڳالهه ٻڌي، ماٺڙي ڪري پنهنجي راهه ورتي ۽ وري ڪڏهن به ٻيلي طرف ڪونه ويو.

(سنڌي ادبي بورڊ جي ڇپايل ڪتاب ”لوڪ ڪهاڻيون، جلد پنجون،“ تان ورتل.)

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com