گذارش
پيارا ٻارو!
”گل ڦل“ کي ٻيهر اوهان جي آڏو پيش ڪندي. اسان کي
جيڪا بي انتها خوشي محسوس ٿي رهي آهي، اوتري ئي
خوشي اسان کي پڪ آهي ته اوهان کي به ٿي هوندي.
جيتوڻيڪ ”گل ڦل“ جا اڳيان پڙهندڙ ٻار هينئر وڏا
ٿي چڪا هوندا، پر هاڻوڪن ٻارن پنهنجن وڏن ڀائرن ۽
ڀينرن کان ”گل ڦل“ جو نالو ضرور ٻڌو هوندو. ڪن ته
شايد پنهنجن گهرن ۾ رکيل پراڻا پرچا به پڙهيا هجن.
سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ کي محسوس ڪندي
سنڌي ادبي بورڊ جنوري 1959ع کان ”گل ڦل“ رسالو
شايع ڪرڻ شروع ڪيو. ٻارن جنهن جوش خروش سان رسالي
۾ دلچسپي ورتي، ان جو مثال نٿو ملي. سنڌ جي سمورن
شهرن توڙي ڳوٺن ۾ ٻارن جون ڦلواڙيون قائم ٿيون.
حيدرآباد ۽ ڪن ٻين شهرن ۾ ٻارن جا شاندار ميلا
لڳا. ان ئي وقت سنڌيءَ ۾ ٻارن جا اڻڳڻيا ڪتابي
سلسلا شايع ٿيڻ لڳا. اهو دور بلاشڪ ٻاراڻي ادب جو
سنهري دور هو ۽ ان جي اهميت ان ڪري به نهايت وڏي ۽
تاريخي آهي ته ايوب شاهيءَ جي زماني ۾ سنڌي زبان
تي جيڪي ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا هئا، تن کي هٽائڻ ۾
سنڌي ٻارن به وڏن سان گڏ ڀرپور حصو ورتو. سال
1966ع ۾ حڪومت رسالي ”گل ڦل“ جو ڊڪليئريشن رد ڪري
ڇڏيو، جنهن ڪري رسالو بند ٿي ويو. آهستي آهستي
ٻارن جا ٻيا ڪتابي سلسلا به بند ٿيڻ لڳا. افسوس ان
ڳالهه جو آهي ته ان وقت کان وٺي ٻارن جو ادب ۾
جيڪو خال پيدا ٿيو سو اڃا تائين ڀرجي نه سگهيو
آهي.
جيئن پهرين ڄاڻايو ويو آهي، ته ”گل ڦل“ کي شايع
ڪرڻ جو بنيادي مقصد سنڌي زبان ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ
کي ڀرڻ ۽ ٻارن کي پنهنجي پياري مادري زبان ۾
معياري ادب مهيا ڪرڻ آهي. ان ڏس ۾ اسين پنهنجي
ليکي ۽ پنهنجي مٿي کٿي ڪامياب ٿيون، سان اڻٿيڻي
آهي. ٻارن جو ساٿ ته اسان کي کپي ئي، پر وڏن جو به
ان ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ ضروري آهي. خاص ڪري پنهنجن وڏن
اديبن کي اسان جي گذارش آهي ته هو ٻاراڻي ادب جي
اهميت ۽ قدر و قيمت کي نظر ۾ رکي، ٻارن جي لاءِ
لکن. سنڌي زبان ۽ ان جي ادب جي پيڙهه کي مضبوط ڪرڻ
کانسواءِ ان جي ترقيءَ ۽ واڌاري جون ڳالهيون
اجايون آهن. اسان سڀني کي خبر آهي ته اها پيڙهه
اسان جا ٻار ئي آهن. اهي ئي اڳتي هلي پنهنجي زبان
۽ ادب جا رکوالا بنجندا. جيڪڏهن اسان مضبوط پيڙهه
رکڻ کان غفلت يا سستي ڪئي ته پوءِ هوا جو هلڪو
جهوٽو به اسان کي پاڙئون پٽي اڇلائي ڦٽو ڪري
ڇڏيندو.
جنوري 1974ع جو هي پرچو البت دير سان شايع ٿي رهيو
آهي. سبب اهو آهي ته اسان کي رسالي جو ڊڪليئريشن
دير سان مليو ۽ اسان جي مرضي هئي ته رسالو نئين
سال جي پهرئين مهيني کان شايع ٿئي، ان ڪري تڙتڪڙ ۾
جيڪي ڪجهه ڪري سگهيا آهيون، سو اوهان سڀني جي آڏو
آهي. اميد آهي ته ايندڙ ٻن ٽن پرچن کانپوءِ رسالو
پوري وقت تي شايع ٿيندو رهندو.
- ۽ ننڍڙا ڀائرو ۽ ڀينرو! اوهان جي لکيل سٺين
آکاڻين، مضمونن، پرولين، کل ڀوڳ ۽ خطن جو انتظار
رهندو.
شوڪت حسين شورو
بيت
سرود ڪلياڻ
(ميين شاهه عنايت جي ڪلام مان)
(1)
اسين بندا تُنهنجا، تون اسان جو ڌڻي،
ڏٺا ڏوهه بَخشيين، خاڪين تان کڻي،
مڙيئي ٽول نهارئان، جان هنيين ساڻ هڻي،
تان سڀنئان ئي گهڻي، رحمت تنهنجي راڄيا!
(2)
اُوڳڻ پائي پاند، پرين! آيس مڻي،
تون پانهجي کانڊِ، ڪر ڳَڻَ اسان سامهان.
(3)
اَوڳڻ اَنت نه ڪوءِ، تونهين ڄاڻين سپرين!
اَسر اَهم پوءِ، جينء اوڳڻ مٽائي ڳڻ ڪرينن!
(4)
پلءُ جي پائين، تن جو خالق! خالي نه ڪريين،
گُهرون گهٽ، گهڻين پريين تن کي اميدون آهين،
آسر تنهن آهين، جينء مڱندا تون نه موٽائيين!
بيدل فقير
ڪافي
سُر جوڳ
ڪانگَ لنوي مِٺي لات،
محب مسافر ڄاڻ ڪي ايندا.
جيڪس دانهان درد منهنجي جون، پهتيون اُتي پرڀات،
اٿم اميد ته هيئن نه ڇڏيندا.
ورندا سي ئي ساريان ٿي سڄڻان، طلب جني جي آهه تات،
گولي پانهنجي گڏ گڏيندا.
ايندا جُوءِ ۾ جانب جاني، وائي جتي جي اٿم وات،
دوست دلاسو دل کي ڏيندا.
درد فراق انهيءَ جي مون کي، حالَئون نِيو هَيهاتِ،
وٽي وصال جي شال ونڊيندا.
”بيدل“ بلڪل ٿيءُ نه ماندو، سَنجهه صبح ڪي رات،
هوت اچي توسان هِڪُ ٿيندا.
شيخ اياز
مزور جي ٻار جو گيت
طُرو وڏو اَبا جو
ڇُرو وڏو اَبا جو
رَئو وڏو اَمان جو
تئو وڏو اَمان جو
پيٽ وڏو سيٺ جو
پيٽ وڏو سيٺ جو
هَٿ چڱا اَبا جا
نَٿ چڱي اَمان جي
ڳيچ چڱا اَمان جا
چيچ چڱي اَمان جي
پيٽ بُرو سيٺ جو
پيٽ بُرو سيٺ جو
ڳَڀا ڳَڀا روٽِلا
کَسي ويو ديس جا
بُک بُري ديس جي
نُک بُري ديس جي
پيٽ بُرو سيٺ جو
پيٽ بُرو سيٺ جو
نيٺ اهو سيٺ جو
پيٽ وڏو ڦاٽندو-
ڇُرو وڏو اَبا جو
مُرو وڏو اَبا جو
پيٽ وڏو سيٺ جو
پيٽ وڏو سيٺ جو
|