عابده احسان
ڪتابي ميلي جو مذاڪرو منهنجي
نظر ۾
(ڪجهه عرصو اڳ، لاهور ۾ ”قومي ڪتاب مرڪز“، پاڪستان
جي لاهور واريءَ شاخ جي ڪوشش سان ”ٻارن جو ڪتابي
ميلو“ ٿيو، جنهن جو انتظام سيد قاسم محمود،
ايڊيٽر، ماهنامه ”ڪتاب“ لاهور ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر
قومي ڪتاب مرڪز لاهور“ ڪيو. ميلي جي پروگرامن ۾
”ٻارن جي ڪتابن بابت مذاڪرو“ پڻ شامل هو. انهيءَ
مذاڪري جي ٽيڪنيڪل ڊائريڪٽر مشهور ماهر تعليم،
ڊاڪٽر مسز ستنام محمود هئي. مذاڪرو ڏهه ڏينهن
هليو. روزانو شام جو ٽيهه چاليهه اديب، رسالن جا
ايڊيٽر ۽ ڇپائيءَ ۽ فن جا ماهر، ٻارن جي ادب جي
مسئلن تي گڏجي بحث ڪندا هئا ۽ انهن جا حل ڳوليندا
هئا. انهن اديبن ۽ عالمن ۾ لاهور مان اردوءَ ۽
پنجابي زبانن جا مشهور اديب سيد احمد نديم قاسمي،
انتظار حسين، عبدالمجيد ڀٽي، ڊاڪٽر وحيد قريشي،
عشرت رحماني ۽ ٻيا صاحب شامل هئا. ڪراچيءَ مان
”قومي ڪتاب مرڪز“ جي دعوت تي اردوءَ جو مهور اديب
سيد سبط حسن، حيدرآباد مان غلام رباني، ايڊيٽر ”گل
ڦل“ ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ۽ بهاولپور
مان اسد علي ”اريب“ ليڪچرر، گورنمينٽ ڪاليج،
مذاڪري ۾ شريڪ ٿيا.
مذاڪري ۾ شريڪ ٿيل صاحبن آخر ۾ ٻارن جي ڪتابن ۽
مطالعي جي سلسلي ۾ ڪي سفارشون ڪيون، جي حڪومت
پاڪستان، يونيسڪو ۽ وزارت تعليم کي پيش ڪيون
وينديون. محترمه عابده احسان، جا اردوءَ جي هڪ
نئين افسانه نگار آهي، مذاڪري جي ختم ٿيڻ بعد ان
جي مختلف نشستن جو اکين ڏٺو احوال لکيو، جو
ماهنامه ”ڪتاب“ لاهور ۾ شايع ٿيو آهي. هتي ان جو
سنڌي ترجمو، جيڪو محترم ابن حيات پنهور ڪيو آهي.
”گل ڦل“ جي پڙهندڙن، خاص ڪري ٻارن جي اديبن ۽
استادن جي اڀياس لاءِ پيش ڪجي ٿو.
-ايڊيٽر)
”قومي ڪتاب مرڪزءَ جي بندوبست سان، اردوءَ ۾
پهريون دفعو ”ڪتابي ميلو“ لڳارايو ويو. هيءُ ميلو
30 آڪٽوبر کان 8 نومبر 1966ع تائين هليو. هنن ڏهن
ڏينهن جي ميلي ۾، ٻارن جي ڪتابن جي نمائش، ٻارن جا
پيش ڪيل ڊراما، مشاعرو، بيت بازي ۽ قواليون پيش
ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻارن جي ادب تي هڪ مذاڪري جو پڻ
بندوبست ڪيو ويو هو. ”قومي ڪتاب مرڪز“ جون هي
ڪوششون نهايت عزت ۽ مبارڪ جي لائق آهن. انهيءَ
طريقي سان وڏن وڏن اديبن، ناشرن ۽ دانشورن کي پاڻ
۾ گڏجي ويهڻ ۽ هڪٻئي جي خيالن مان فائدي حاصل ڪرڻ
جو پڻ موقعو مليو. هي مذاڪرو هڪ هفتي تائين هلندو
رهيو، جنهن ۾ شريڪ ٿيندڙن مختلف عنوانن تي پنهنجن
خيالن جو اظهار ڪيو ۽ هڪٻئي جي خيالن کي ڄاتو ۽
پرکيو.
مذاڪري جي پهرئين ڏينهن، مجلس جي صدر، مسز ستنام
محمود صاحبه، ”اردو ۾ ٻارن جو ادب“ جي موضوع جو
مٿاڇرو جائزو پيش ڪندي، ٻارن جي ڪتابن ۽ انهن جي
ڇپائيندڙن متعلق نهايت ڪارائتي معلومات ڏني.
محترمه، ٻارن جي ڪتابن شايع ڪندڙ مختلف ادارن جي
ڪم تي هڪ تفصيلي جائزو پڻ پيش ڪيو.
31 آڪٽوبر، يعني مذاڪري جي ٻئي ڏينهن، بحث جو
موضوع هو، ”ڇا شهزادن ۽ جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون،
ٻارن جي ذهنن لاءِ نقصانڪار آهن؟“ هن عنوان تي سيد
سبطِ حسن، اسد علي ”اريب“ ۽ رحمان مذنب، پنهنجن
پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو. سيد سبطِ حسن ۽ اسد
علي ”اريب“ ، هن ڳالهه تي زور ڏنو ته جنن ۽ ڀوتن
جون ڪهاڻيون ٻاراڻي ادب جو بهترين سرمايو آهن.
انهن جا اثر ٻارن لاءِ نقصانڪار ڪينهن، پر فائدي
وارا آهن. اهي ڪهاڻيون ٻارن جي ڪردار جي تعمير به
ڪن ٿيون ۽ ساڳئي وقت بهادري، خدا ترسي،
مهماننوازي، تڪليفن کي منهن ڏيڻ، سچار بنجڻ ۽ حق
پرستيءَ جو پڻ سبق سيکارين ٿيون. اوهان پاڻ ڄاڻو
ٿا ته انهن ڪهاڻين ۾ جنن ۽ ڀوتن کي هميشھ چڱي مقصد
جي حاصلات لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ شهزادن کي
هميشھ حق جو حمايتي ڏيکاريو ويندو آهي. ڪهاڻين جو
خاتمو هميشھ ظالمن جي شڪست ۽ مظلومن جي فتح تي
هوندو آهي، جنهن مان ٻارن جي ذهنن ۾ نيڪيءَ ڏانهن
لاڙو ۽ برائيءَ کان نفرت جو اظهار خود بخود پيدا
ٿي ويندو آهي. انهيءَ سببان، اهڙيون ڪهاڻيون ٻارن
جي ذهني اوسر ۽ ترقيءَ لاءِ نهايت ضروري آهن.
مسٽر رحمان مذنب جو انهيءَ راءِ سان اتفاق ڪين هو.
هن جي خيال موجب، اهڙين مافوق الفطرت طاقتن جون
ڪهاڻيون ٻارن جي ذهن لاءِ نقصانڪار آهن ۽ کين خوف
۽ ڊپ جي مرض ۾ وڪوڙي، بزدل بنائي ٿيون ڇڏين. هُن
نهايت زوردار لفظن ۽ ڪن دليلن سان پنهنجا خيال
ظاهر ڪيا ۽ ڪجهه دير لاءِ حاضرينن کي پنهنجن خيالن
سان هم راءِ بنائي ورتو. پر پوءِ جڏهن هن قرآن
شريف جو حوالو ڏيندي چيو ته ”قرآن شريف ۾ به جنن
ڀوتن جي ڪهاڻين کي ڪوڙو چئي، رد ڪيو ويو آهي،“
تڏهن سڀني هڪ زبان بنجي هن جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته
”قرآن شريف ۾ ڪيترا مافوق الفطرت واقعا آهن، جن تي
اسين پورو يقين رکون ٿا.قرآن شريف ۾ ڪٿي به جنن
ڀوتن جي وجود کي غلط ثابت نه ڪيو ويو آهي.“ انهيءَ
جواب، مسٽر رحمان مذنب کي وڏي مونجهاري ۾ وڌو ۽ هو
ڪوبه وزنائتو جواب ڏيئي نه سگهيو.
مسٽر رحمان مذنب پنهنجي مقالي ۾ ائين به چيو ته
جنن ڀوتن جي ڪهاڻين بدران ٻارن کي 1965 واريءَ
پاڪستان ۽ ڀارت جي لڙائيءَ جا واقعا ۽ ٻين اسلامي
مجاهدن جا ڪارناما مطالعو ڪرڻ، کي وڌيڪ اهميت ڏني
وڃي. تڏهن مسٽر مقبول احمد دهلوي، جيڪو ٻارن جي
ادب جو مشهور ليکڪ آهي، جواب ڏنس ته ”1965ع جي
لڙائيءَ جا ڪافي واقعا ٻارن جي درسي ڪتابن ۾ شامل
ڪيا ويا آهن، ۽ ٻين اسلامي مجاهدن جا ڪارناما به
تاريخ جي صورت ۾ ٻارن کي اڳيئي پڙهايا وڃن ٿا.
انهيءَ صورت ۾، ٻارن کي تفريحي ادب جي خيال کان ڇا
ڏنو وڃي؟“ سڀني حاضرين مجلس انهيءَ خيال جي
پٺڀرائي ڪئي، پر مسٽر رحمان وري به پنهنجيءَ ڳالهه
تي قائم رهيو. مسٽر ابن انشا، رحمان مذنب جي خيال
سان اتفاق ڪندي، پنهنجو واقعو ٻڌايو ته ”جيڪڏهن
آءُ اڄ به ٻاراڻي زندگيءَ ۾ ٻڌل جنن ۽ ڀوتن جي
ڪهاڻين کي ذهن ۾ آڻيان، ته رات جو اڪيلو وهنجڻ جي
جاءِ تائين ويندي به ڊپ ٿئيم. ”ابن انشا جي انهيءَ
مثال تي وڏا ٽهڪ ڏنا ويا. مسٽر رحمان خوش ٿيندي
چيو، ”ابن انشا بلڪل صحيح چيو آهي، پر مون کي سندس
انهيءَ ڳالهه سان ذرو به اتفاق نه آهي. اسان جي
ڪٽنب ۾ ڪو به شخص اهڙو نه آهي، جنهن ٻاراڻي
زندگيءَ ۾ جنن ڀوتن جون ڪهاڻيون پڙهيون يا ٻُڌيون
نه هجن، پر مون کي ائين چوندي فخر محسوس ٿو ٿئي ته
انهن مان ڪو به اهڙو نه آهي جنهن کي ڊپ يا خوف
ٿيندو هجي. جيڪڏهن ابن انشا صاحب اڄ به پنهنجي
ڊڄڻيءَ فطرت سببان غسلخاني ۾ اڪيلو ويندي ڊڄي ٿو،
ته ان ۾ جنن ڀوتن جي ڪهاڻين کي ڪوبه ظاهري دخل نه
آهي؛ ڇاڪاڻ ته انهيءَ نموني جي ڪهاڻين ۾ جنن ڀوتن
کان ڊيڄاريو نه ويندو آهي، پر انهن تي فتح حاصل
ڪري، ٻارن جي ذهنن کي خوف ۽ هراس کان ڇوٽڪارو
ڏياريو ويندو آهي“.
جيتوڻيڪ انهن ڪهاڻين کي ٻارن جي ادب مان خارج ڪري
نٿو سگهجي. جيئن خود هن مجلس جي مڙني حاضرينن
اتفاق راءِ سان قبول ڪيو آهي پر آءُ انهيءَ چوڻ جي
اجازت ٿي گهران ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته
اڄوڪو دور سائنسي دور آهي ۽ ان جون ضرورتون گذاريل
دورن کان مختلف آهن. انهيءَ ڪري شهزادن جي ڪردار
کي شهزادين جي ڳولا ڪرڻ ۽ مصيبتن ۾ پوڻ بدران، هن
دور جي سائنسي تجربن ۽ ايجادن کي به ڄاڻڻ گهرجي.
جيڪڏهن شهزادن ۽ جنن ڀوتن جي ڪهاڻين کي انهيءَ
انداز ۾ لکيو وڃي، جو شهزادن کي سائنسدان بنائي،
ڪنهن نئينءَ شيءِ جي ايجاد کان ٻارن کي واقف ڪيو
وڃي؛ پوءِ ڀل انهن ڪهاڻين ۾ جنن ڀوتن کان ڪم ورتو
وڃي يا شهزادن کي هزارن مصيبتن ۾ مبتلا ڪيو وڃي،
ته منهنجو خيال آهي ته ٻارن جي ادب ۾ انهيءَ نموني
جون ڪهاڻيون وڏو درجو حاصل ڪنديون ۽ ٻارن جي ذهني
تجسس جي جذبي جي خود تسڪين ٿيندي، جيڪا هنن جي
دلين ۾ مختلف ايجادن جي تفصيل ڄاڻڻ لاءِ تڙپندي
رهندي آهي ۽ سندن ذهنن ۾ هزارين سوالن جي جاءِ
بنيل هوندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن ڪتاب مان انهن سوالن
جا جواب نه ملندي، ماءُ کان سوال ڪندا آهن، ته
”امان، انسان چنڊ تي ڪهڙي نموني پهچي سگهي ٿو؟ يا
مٿي خلا ۾ ڪيئن ٿو هلي سگهي، وغيره وغيره. پر پوءِ
جڏهن هنن کي ڪوبه خاطريءَ جوڳو جواب نٿو ملي، تڏهن
هو پنهنجن ئي خيالن ۾ اُلجهندا رهن ٿا. انهيءَ
سلسلي ۾ اسان جي ڪن ٿورن اديبن ڌيان ڏنو آهي ۽
بازار ۾ انهيءَ نموني جا پڻ ڪي ڪتاب نظر اچن ٿا.
مگر انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي، بلڪه ائين چئجي
ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ته بلڪل صحيح ٿيندو.
انهيءَ ڪري منهنجي خاص طور، اديبن کي گذارش آهي ته
هو اهڙن ڪتابن تخليق ڪرڻ جي ڪوشش ڪن، جيڪي اسان جي
اڄوڪي دور لاءِ مناسب هجن پر هن ڳالهه ڏانهن وڌيڪ
ڌيان ڏجي ته جيئن لکڻ جا ناصحافه انداز اختيار نه
ڪيو وڃي ۽ هيءَ ڳالهه به نه وسارڻ گهرجي ته لکڻ جي
طريقي ۾ دلچسپي ۽ لفظن جي خوبصورتي ئي ٻارن ۾
مقبوليت جو سبب بنجي ٿي. تحريري انداز اهڙو اختيار
ڪيو وڃي، جو ٻارن جي سامهون ڪهاڻيءَ جو هڪ هر هڪ
ڪردار، پنهنجو اصلي روپ اختيار ڪري. اهڙي طريقي
سان لکيل ڪهاڻي ٻار کي پنهنجي ڪردار ۾ سمائي
سگهندي ۽ اديبن لاءِ پڻ ڪاميابيءَ جو اهو ئي هڪ
ڏاڪو آهي.
پهرين نومبر تي ٻه مسئلا بحث هيٺ آيا: پهريون،
”ٻارن جي ڪتابن جو ٻاهريون زيب ۽ زينت“. هن مسئلي
تي محترم انتظار حسين ۽ محترم حنيف رامي هڪٻئي
پٺيان مقالا پڙهيا ۽ آخر ۾ ٻين حاضرينن پنهنجا
مقالا پيش ڪيا ۽ گڏوگڏ پنهنجن خيالن جو پڻ اظهار
ڪيو. پهريائين محترم حنيف رامي پنهنجو مقالو
پڙهيو. هُن انهيءَ ڳالهه تي بار بار زور ڏنو ته
”اهڙي ڪتاب مان فائدو ئي ڪهڙو، جنهن ۾ تصويرون ڏنل
نه هجن.“ هُن پنهنجيءَ راءِ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ
لاءِ عيسائيت جي تاريخ جي اڄوڪي تصوير ۾ مائيڪل
اٽجلو، ال گريگو، جهوٽو، ڊيورو، ڊوائنچي ۽ رواو جي
مصوريءَ کي پيش ڪيو. پر جيئن ته هيءَ ڳالهه غور
ڪرڻ لائق آهي ته قرآن شريف، جو اسان جو پاڪ ڪتاب
آهي ۽ اهو ڪنهن به قسم جي تصويرن سان سينگاريل
ڪينهي، باوجود ان جي اهو اسان جي شعور ۽ لاشعور تي
پوريءَ طرح ڇانيل آهي. انهيءَ ڪري ائين چوڻ ته
”اهڙي ڪتاب مان فائدو ئي ڪهڙو، جنهن ۾ تصويرون نه
هجن“، صحيح نه آهي. البت ائين چوڻ صحيح آهي ته
تصويرون ڏسڻ شرط ڪشش ڪن ٿيون ۽ پوءِ ڪتاب پڙهڻ سان
گڏوگڏ تصويرن کي نظر مان ڪڍندي، وڌيڪ حظ حاصل ٿئي
ٿو. پر، تحرير جو اثر، تصوير جي ڀيٽ ۾ دير سان ٿئي
ٿو ۽ اهو گهرو ٿئي ٿو. جڏهن محترم حنيف رامي تحرير
۽ تصوير جي لاڳاپي کي راڳ ۽ ناچ سان تشبيهه ڏني،
تڏهن هڪ صاحب ورندي ڏني ته ”جهڙيءَ طرح ناچ کان
سواءِ راڳ، ٻڌڻ واري تي پنهنجو جادوءَ جهڙو ڀرپور
اثر نٿو ڪري، ساڳيءَ طرح تصوير کان سواءِ ڪتاب به
ڪا ڪشش نٿو رکي.“ پر هن صاحب جي راءِ سان ڪنهن به
اتفاق ڪونه ڪيو، ڇاڪاڻ ته تحرير جو به هڪ پنهنجو
مقام آهي ته ساڳيءَ طرح تصوير به پنهنجو خود الڳ
مقام رکي ٿي. ائين چئجي ته تصوير تحرير کان سواءِ
گهٽ اثرائتي ٿي سگهي ٿي، پر تحرير سان اها ڳالهه
وڌيڪ درست معلوم نٿي ٿئي. البت، هيءَ ڳالهه صحيح
آهي ته تصوير، تحرير جي مقصد ۽ مفهوم کي اجاگر ڪرڻ
۾ وڌيڪ مددگار ثابت ٿيندي آهي ۽ ڪن وقتن تي تصوير
سان تحريڪ کي وڌيڪ نِگار ملندو آهي ۽ ان جو اثر
ٻيڻو ٿي ويندو آهي. پر جيئن ته هتي ٻارن جي ڪتابن
جو ذڪر ٿي رهيو آهي، انهيءَ ڪري منهنجيءَ نظر ۾
ٻارن کي تحرير سان گڏوگڏ تصوير جي وسيلي ادب کان
روشناس ڪرائڻ زياده آسان آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٻارن ۾
سمجهه گهٽ هوندي آهي، انهيءَ ڪري تصوير پنهنجو اثر
هڪدم ڪندي آهي.
ڪتابن جي زيب ۽ زينت جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو سوال ٿئي
ٿو، جنهن کي رامي صاحب نظر انداز ڪري ويو آهي. اهو
سوال هيءُ آهي ته ڪن ڪتابن (اردو ڪتابن) جي لکائي
توڙي ڇپائي به ته زيب ۽ زينت جو هڪڙو اهم جزو آهي
پر انهيءَ ڳالهه ڏانهن ڪنهن به صاحب ڪو ڌيان ڪونه
ڏنو. مون کي انهيءَ باري ۾ هي چوڻو آهي ته ٻارن جي
ڪتابن جي لکائي توڙي ڇپائي اهڙي هئڻ گهرجي، جنهن
کي ٻار آسانيءَ سان پڙهي سگهن. اردوءَ جي اڪثر
ڪتابن ۾ لکائيءَ جون بيشمار غلطيون هونديون اهن،
جن کي ناشر درست ڪرائڻ کانسواءِ شايع ڪري ٻارن
تائين پهچائي ڇڏين ٿا. جيتوڻيڪ هي ڳالهه نهايت اهم
۽ ڌيان ڏيڻ جوڳي آهي: ڇاڪاڻ ته ڪتابن جي ئي وسيلي
ٻار گهڻو ڪجهه پرائين ٿا. جيڪڏهن ٻارن جي درسي
ڪتابن ۾ غلطيون رهجي وڃن، ته ان حالت ۾ استادن تي
لازم آهي ته پڙهائڻ وقت انهن غلطين کي درست ڪرائي
ڇڏين، پر، درسي ڪتابن کانسواءِ ٻيا ڪتابن، جن کي
ٻار درسي ڪتابن کان وڌيڪ دلچسپيءَ سان ۽ زياده
تعداد ۾ پڙهندا آهن، سي دراصل سواءِ ڪنهن رهبريءَ
جي ئي کين پڙهڻا پوندا آهن. منهنجو مطلب اهو هرگز
نه آهي ته درسي ڪتابن ۾ غلطيون رهجي وڃن ته ڪا
اهم ڳالهه نه آهي؛ پر درسي ڪتاب خواهه ٻيا ڪتاب
غلطين کان هر طرح پاڪ هئڻ گهرجن. لکائيءَ جون جيڪي
غلطيون رهجي وڃن ٿيون، اهي ٻارن جي ذهنن ۾ ويهي
وڃن ٿيون، ۽ پوءِ هو انهن غلطين کي صحيح شمار ڪرڻ
لڳن ٿا. انهيءَ مان هنن جي تحرير تي نهايت بُرو
اثر پوي ٿو. انهيءَ سببان ناشرن تي نهايت اهم
ذميواري لازم ٿئي ٿي ته هُو ڪتابن ۾ صورتخطيءَ ۽
لکائيءَ جي غلطين ڏانهن خاص ڌيان ڏين، ته جيئن
ٻارن جي ڪتابن ۾ غلطيون نه رهن.
ٻئي نمبر مقالي ۾، انتظار حسين صاحب ٻين ڪيترين
ڳالهين کانسواءِ هيءَ به ڳالهه ڪئي، ته ”ٻارن جي
ڪتابن ۾ اشتعاري جي فن کي زياده اهميت ڏني وڃي ۽
سادن لفظن استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن
ٻارن جي ذهن ته لغت جو اجايو بوج نه پوي. منهنجو
خيال آهي ته جيڪڏهن ”گلِ رخ“ جي بدران ”گل جهڙو
چهرو“، لکيو وڃي ته ٻارن جي معصوم ذهنن ۾ اها
ڳالهه زياده آسانيءَ سان اچي ويندي ۽ ڏکين لفظن جي
اُلٽ ڦير ۾ اچي ڪهاڻيءَ جي مزي ضايع ٿيڻ بدران کين
وڌيڪ لطف حاصل ٿيندو.“ جيڪڏهن انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ
ڳالهه وڌيڪ وزن رکي ٿي ته ٻارن جي لغت مختصر هجي،
ته پوءِ آءُ انهيءَ سلسلي ۾ هيءَ گذارش ڪنديس ته
جيڪڏهن ڏکين لفظن ڪم آڻڻ کانسواءِ ٻيو ڪو چارو نه
هجي ته پوءِ مهرباني ڪري ٻارن جي ڪتابن ۾ هر هڪ
ڏکئي لفظ جي هيٺان ليڪ ڏيئي، صفحي جي آخر ۾ انهن
لفظن جي معنيٰ ڏيڻ گهرجي. اهڙيءَ ريت، ٻارن جي
ڏکين لفظن جي ذخيري تي اثر پوڻ بجاءِ واڌارو ٿيندو
۽ کين لفظن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ به ڪا تڪليف ڪانه
ٿيندي.
انتظار صاحب جي اها ڳالهه واقعي قبول ڪرڻ لائق
آهي، ته ٻارن جي ڪتابن ۾ تحرير جو نمونو اهڙو
اختيار ڪرڻ گهرجي، جو کين هيءُ احساس پيدا ٿئي ته
هو اها تحرير پڙهي نه رهيا آهن، بلڪه ڪنن سان ٻُڌي
رهيا آهن. اهڙي ريت ”عام ڳالهه ٻولهه“ جي انداز کي
ٻارن جي ڪتابن ۾ پڻ جاءِ ڏيڻ گهرجي. ائين ڪرڻ سان
ٻار ڪتابن سان وڌيڪ لهه وچڙ ۾ ايندا ۽ مصنف جي لکڻ
جو مقصد به آسانيءَ سان سمجهي سگهندا.
تاريخ 2 نومبر تي پڻ ٻه عنوان بحث هيٺ آيا: پهريون
عنوان هو ته ”ٻارن جو ادب ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم
ذريعي“ هئڻ گهرجي. انهيءَ مذاڪري ۾ ڊاڪٽر اي. وحيد
صاحب ۽ مختار صديقي صاحب حاضرينن کي پنهنجي نيڪ
خيالن سان ڪافي نوازيو. مختار صديقي صاحب ڪابه
نئين راءِ، پيش ڪانه ڪئي. هُن ريڊيو ۽ ٽيليويزن
جي موجود ه پاليسيءَ جي ڪافي تعريف ۽ ساراهه ڪئي ۽
انهن تي ڪنهن به قسم جي تنقيدي خيالن جو اظهار ڪين
ڪيو. ڊاڪٽر وحيد پنهنجي مقالي ۾، ڳچ رايا پيش ڪيا،
جن ۾ وڌيڪ اهميت لائق هيءُ هو، ته ”ٻارن جي
ريڊيائي پروگرامن کي زياده کان زياده فائدي وارو
بنايو وڃي ۽ ٻارن کي نون ڪتابن متعلق پوري ڄاڻ
حاصل ٿئي ۽ هو پنهنجيءَ پسند جا ڪتاب سهولت سان
حاصل ڪري سگهن.“
ڊاڪٽر صاحب هن ڳالهه ڏانهن به حاضرينن جو ڌيان
ڇڪايو، ته اسان وٽ ڪتابن تي پوسٽ جو خرچ خوشحال
ملڪن جي ڀيٽ ۾ گهڻو زياده آهي ۽ ٻارن جي ڪتابن تي
ڪابه رعايت نٿي ڏني وڃي. جيتوڻيڪ هيءَ ڳالهه اصل
موضوع کان هٽي ڪئي ويئي هئي، پر پوءِ به نهايت
توجهه ڏيڻ جي لائق آهي؛ ڇاڪاڻ ته ٻارن جي تعليمي
واڌاري لاءِ رعايت حاصل ڪرڻ آسان به آهي ۽ نهايت
ضروري به آهي.
اسان جي ملڪ ۾ اڃا تائين فلمي سلسلي ۾، فلم جي
نالي تي، ٻارن لاءِ ڪابه چيز تيار نه ڪئي ويئي
آهي. اسان جا فلم پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر پنهنجي ذاتي
نفعي کي سامهون رکي، فلمون تيار ڪن ٿا، جيتوڻيڪ
انهن تي هي فرض پڻ عائد ٿئي ٿو ته هُو ريڊيو ۽
ٽيليويزن وانگر ملڪ جي آئينده جي معمارن کي سٺيءَ
تربيت سان مالامال ڪن ۽ سندن دلچسپين کي سامهون
رکي فلم انڊسٽريءَ جون خدمتون پيش ڪن: ٻارن لاءِ
معلوماتي فلمون تيار ڪن ۽ رعايتي ٽڪيٽن تي نمائش
ڪن، ته جيئن هر هڪ ٻار ان مان فائدو حاصل ڪري
سگهي.
مون کي بيگم ستنام محمود جي هيءَ ڳالهه نهايت پسند
آهي ته فلم جي شروع ٿيڻ ۽ انٽرول کانپوءِ، پندرهن
پندرهن منٽن جا مختلف شين جا جيڪي اشتهار فلمي
پردي تي ڏيکاريا ويندا آهن، انهن ۾ ٻارن جي ڪتابن
جا اشتهار پڻ ڏنا وڃن. اهي اشتهار نهايت
خوبصورتيءَ ۽ اهڙي رنگ ڍنگ سان پيش ڪيا وڃن، جيئن
ڏسڻ وارن ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شوق پيدا ٿي سگهي.
(وڌيڪ پڙهو) |