امام راشدي: پنهنجي ننڍپڻ ۽ شروعاتي تعليم بابت
ڪجهه ٻڌايو؟
تاج صحرائي: منهنجو پيءُ سرڪاري ملازم هو. ان سان
گڏ مختلف هنڌن تي تعليم حاصل ڪيم. پر گهڻي ڀاڱي،
سيوهڻ- ميهڙ- شڪارپور ۽ ڪراچيءَ ۾- ڪتابن پڙهڻ جو
شوق ننڍي هوندي کان ئي هو. سنڌي ڪلاسيڪي، جاسوسي ۽
قومي ناول اٽڪل ٽي سَو، مون مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان اڳ
۾ پڙهيا.
امام راشدي: ادب سان چاهه ڪيئن ٿيوَ؟
تاج صحرائي: زندگيءَ جو ٻيو نالو ادب آهي. اديب
اهو آهي جنهن کي زندگي سليقي سان گذارڻ ٿي اچي.
امام راشدي: اوهان جي خاص ڪري تاريخ ۽ آثار قديمه
سان دلچسپي ڇو رهي آهي؟
تاج صحرائي: ان جو انحصار طبيعت جي لاڙي تي آهي.
تاريخ سان دلچسپي ننڍي هوندي کان شروع ٿي. جڏهن
امان، بادشاهن، جِنن ۽ پرين جون ڳالهيون ٻاراڻي
نوعيت جون ٻڌائيندي هئي. صحرائي تخلص اختيار ڪرڻ
کان پوءِ لازمي طور صحرا ورديون اختيار ڪيم. ان جو
نتيجو قديم آثارن جي مطالعي ۽ معائني جي صورت ۾
ظاهر ٿيو.
امام راشدي: اوهان هيل تائين ٻارن لاءِ ڇا لکيو
آهي؟ جي نه لکيو آهي ته ان جو ڪارڻ؟
تاج صحرائي: ڪونه لکيو اٿم- ان لاءِ افسوس اٿم-
ڪوبه خاص سبب نه آهي.
امام راشدي: ڇا ٻارڙن لاءِ واقعي لکڻ ڏکيو ڪم آهي؟
تاج صحرائي: ان لاءِ جواب وڏا اديب ئي ڏيئي سگهن
ٿا. مان انهن مان نه آهيان.
امام راشدي: وڏا اديب ٻارن لاءِ ڇو نه ٿا لکن؟
جڏهن ته ٻين ٻولين جي وڏن اديبن ٻاراڻو ادب وڏي
فخر سان لکيو آهي.
تاج صحرائي: ٻارن لاءِ لکڻ ڏکيو به آهي ۽ سوَلو به
آهي. ڏکيو ان ڪري آهي جو ٻارن جي ذهني معيار،
تعليمي لياقت ۽ عمر جي حد تائين لهي اچڻو پوندو،
اهو ادب ئي ٻارن لاءِ فائديمند، صحتمند ۽ مفيد ٿي
سگهندو. ان کان سواءِ شهر جي ماحول، ڳوٺاڻي ماحول
۽ سماج جو به خاص خيال رکي کڻڻو پوندو.
اسان جي تعليم جي معيار ڪرڻ جو هڪ مکيه سبب اهو به
آهي جو نصابي ڪتاب ٻارن جي سوچ سمجهه ۽ فڪر جي
دائري ۽ حدن کان مٿي لکيا ويا آهن. ٻهراڙي ۽ شهرن
جي ٻارن جي سمجهه، ترتيب ۽ ماحول ۾ وڏو فرق آهي.
اسان جا تعليمي ماهر انهن ڳالهين جي سمجهڻ کان
وانجها آهن.
سوَلو ان ڪري آهي، جو سڀ ڪهاڻين ۽ آکاڻين ۾ ئي
لکڻو آهي.
امام راشدي: اسان جا نوجوان ليکڪ تاريخ سان دلچسپي
ڇو نه ٿا رکن؟
تاج صحرائي: ان جو جواب اوهان پاڻ آهيو- اها قوم
جا پنهنجي ماضيءَ کان بي خبر آهي. ان جو نه حال نه
مستقبل ئي پنهنجو ٿي سگهي ٿو.
امام راشدي: اڄڪلهه جي تعليمي معيار بابت اوهان جي
ڇا راءِ آهي؟
تاج صحرائي: تعليم ئي نه آهي ته معيار جي ڪهڙي
ڳالهه ڪجي!
امام راشدي: تعليمي ميدان مان ڪاپي جي وبا ڪيئن
ختم ڪجي؟
تاج صحرائي: ڪاپي ڪرڻ جا اسباب آهن: نصاب- نصابي
ڪتاب- استادن جي ڪمي- والدين جي عدم توجهي- تعليم
سان تعلق رکڻ وارن ادارن جو هڪٻئي سان گهٽ تعاون-
سفارش- رشوت- اسباب ختم ڪريو- نتيجا ظاهر ٿيندا.
امام راشدي: ٻارڙن کي ادب ڏانهن ڪيئن راغب ڪجي؟
تاج صحرائي: ٻاراڻو مفيد، سستو، سهڻو ۽ دلچسپ ادب
پيدا ڪريو.
امام راشدي: مختلف ٻاراڻين تنظيمن بابت اوهان جي
ڪهڙي راءِ آهي؟
تاج صحرائي: ٻاراڻين تنظيمن سان گهٽ واسطو اٿم.
انهن جو پاڻ ۾ تعاون وقت جي تقاضا آهي- اتحاد ۾
برڪت ۽ طاقت آهي.
امام راشدي: زندگي جو ڪو يادگار واقعو ٻڌايو”
تاج صحرائي: ننڍي هوندي، مان اڃان انگريزي پهريون
پڙهندو هوس، ته بابي سان سيوهڻ کان شڪارپور وڃي
رهيو هوس. اسان جي گاڏي هڪ اسٽيشن تي بيهي رهي.
مون بابي کان پڇيو ته، ڇا هتي گاڏين جو ڪلاس
(Closs)
آهي؟ بابي ڪن کان وٺي چيو ته ڪلاس نه، پر ڪراس
(Cross)
آهي. منهنجي ڪن جي پاپڙي ڳاڙهي ٿي وئي هئي ۽ مون
شرم کان ڪنڌ جُهڪائي ڇڏيو.
کل ته سهي
·
وسيما پٺاڻ: هڪ شخص تربيلا ڊيم ڏسڻ ويو ڊيم کي ڏسي
ان ٻئي دوست کي چيو ته يار ماڻهو حق تي انڌا ٿي
رهيا آهن، پاڻي مان بجلي نڪري پئي باقي جسم ۾
روشني ڌوڙ رهندي الا الا هي حال آهن ته سڀ انڌا ٿي
وينداسين.
·
گل صنوبر: اڳي حيدرآباد ۾ ڊٻل بس هلندي هئي، هيٺ
جڳهه ڪانه هئي ڊرائيور مسافر کي چيو ته: توهان مٿي
وڃي ويهو مسافر مٿي ويو پر جلدي ۾ موٽي آيو
ڊرائيور کي چيائين: ڇو ڪا دشمني اٿئي ڇا، مٿي گاڏي
۾ ڊرائيور ئي ڪونهي مون کي مارائيندين ڇا؟
·
عمران جميل ميمڻ: فقير بيڪري واري کي: الله جي
نالي بابا هڪ ڪيڪ جو سوال آهي.
بيڪري وارو: ڪيڪ ڇو تنهنجو ڪم ته ماني سان ئي هلي
ويندو؟
فقير: بيشڪ هلي ويندو پر بابا اڄ منهنجي سالگرهه
آهي.
·
هڪ ڇوڪري پنهنجي دوست کي گانو ٻڌايو ۽ پڇيو ته:
يار منهنجو آواز ڪيئن آهي؟ ٻيو دوست کلندي: تنهنجو
آواز هوائي حملي وقت ڪم اچي سگهي ٿو.
·
ظهور حسين سومرو خيرپور: سليمان عمران کي: ٻڌاءِ
ته اسٽيشن تي جلد پهچڻ لاءِ ڪهڙي رستي سان وڃان.
عمران: هي سامهون وارو رستو.
سليمان اهو ڇو؟
عمران: هن رستي وارو ڪتو توکي جلد پهچڻ ۾ مدد
ڪرائيندو.
·
جاويد احمد لاڙڪاڻو: هڪ نوڪر بنا ڪنهن چوڻ جي هر
ڪم پاڻ جلدي ۾ ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڀيري ان کي
سيٺياڻي ڳالهاءِ ڏنا ته: منهنجي چوڻ کان سواءِ
ڪوبه ڪم پنهنجو پاڻ نه ڪندو ڪر.
هڪ دفعي سندس صاحب گٽر ۾ ڪري پيو، نوڪر اتان ڀڳو
سڌو گهر آيو ۽ مالڪياڻي کي چيائين: صاحب
·
اعجاز ميمڻ ڏيپلائي عمرڪوٽ: هڪ ڳوٺاڻو، شهر جي
بازار مان هلي رهيو هو ٻه ماڻهو وٿيرڪا ڳالهيون
ڪندا پئي ويا هي انهن جي وچ ۾ هو هڪ ماڻهو چيس ته
تون بيوقوف آهين يا الو ڳوٺاڻي جواب ڏنس ٻنهي جي
وچ ۾
·
هڪ پوڙهي عورت بس جي اڳئين سيٽ تي ويٺي هئي بس هڪ
وڏي عمارت وٽان لنگهي، عورت لٺ ڊرائيور جي ڳچي ۾
وجهي چيو: ڇا هي نئشنل بينڪ جي عمارت آهي؟
ڊرائيور جواب ڏنو ته: امان هي منهنجي ڳچي آهي.
·
سڪندر سومرو دائود ڳوٺ: هڪ ڏينهن ملان نصيرالدين
روزي رکڻ لاءِ جليبيون کير ۾ پسائي رکيون جڏهن
سحري جو وقت ٿيو ته گهر واري کي چيائين ته: کير ۾
پيل جليبيون کڻي اچ، گهر واري چيس ته: اهي ته ٻلي
کائي وئي، مولانا چادر مٿان وجهندي چيو: هاڻ روزو
وڃي ٻلي کي رکائي.
·
استاد شاگرد کان پڇيو ته جهنگلي جانورن جا وار وڏا
ڇو هوندا آهن شاگرد جواب ڏنو سائين جهنگ ۾ حجم
ڪونه هوندا آهن.
·
هڪ ٻار هڪ دڪان جي ڀرسان روئي رهيو هو هڪ ماڻهو
پڇيس ته: پٽ تون ڇو ٿو روئين، ان ٻار جواب ڏنو،
چاچا منهنجي پيءَ وٽ هڪ نئين ڪمپني جو صابڻ آيو
آهي، جيڪو به گراهڪ اچيس ٿو، ان کي ڏيکارڻ لاءِ
منهنجو منهن ڌئاري ڏيکاري ٿو، هي ٻاويهون ڀيرو
آهي.
·
عبدالفتاح ٿهيم جوهي: هڪ ٻار الماڙي کولي، ان کي
اتان هڪ فوٽو هٿ آيو، اهو فوٽو کڻي هو ڀڄندو ماءُ
وٽ آيو ۽ چيائين: امي هي ٽاءِ سان صاحب ڪير آهي.
جنهن جو فوٽو اسان جي الماڙي ۾ رکيو آهي. ماڻس
جواب ڏنس ته: پٽ اهو تنهنجو بابا جو فوٽو آهي،
ڇوڪر جلدي ۾ چيو ته: جي اهو بابا جو فوٽو آهي ته
پوءِ هي گنجو پوڙهو جنهن کي اسين بابا چوندا آهيون
سو ڪير آهي. ماڻس چيس: پٽ اهو تنهنجي پيءُ جي
جواني جو فوٽو آهي.
نور ”ناز“ خاصخيلي
ساٿي
ڪتاب ”ساٿي“ جي سائيز ڊبل ڪرائون آهي. قيمت فقط
پنج روپيه اٿس. ٽن رنگن وارو ٽائٽل ڏسڻ سان هڪ
ڪهاڻي جنم وٺي ٿي. ماڻهو ته ماڻهو جي مارڻ پويان
لڳو پيو آ پر هڪ جانور (ڪتو) هڪ معصوم ٻارڙي کي
سامونڊي پاڻي جي دهشت ناڪ ڇولين مان ڪيئن بچائي
وٺي وڃي رهيو آ. ٽائيٽل جي اهڙي خوبصورت ۽ چونڊ
تصوير آ جيڪا ٻارڙن ۾ ماڻهپي جا عنصر پيدا ڪرڻ جي
ڀرپور اپيل ڪري ٿي.
اسرار ”پنهنجي پاران“ صفحي ۾ جيڪي ٻاراڻي ادب جي
نسبت سان دک درد پيش ڪيا آهن انهن سان متفق ٿي
ٻارڙن کي پنهنجو ادب هڪ جيڏن ساٿين تائين پهچائڻ ۾
ڀرپور تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.
باقي سلسلن ۾ آپا وجيه ميمڻ ڊي- اي او گرلس جي
ننڍپڻ جو پينل انٽرويو، منصور ٿلهو جي اڳواڻي ۾
جيڪب آباد جي ٻارڙن خوب ڪيو آهي. قول ٻول، پڇا
ڳاڇا، مشڪري، خبرچار، خاص معلومات، علمي دوستي،
نئين دنيا، عجيب دنيا، نئون نسل، ٻالڪ ادب، پتڪڙا
اديب، پتڪڙيون ڪهاڻيون، اسٽيج ايٽم، ريڊيو، ريل ۽
آئون ڪانگا ڪر ڳالهه وغيرهه. هي مختلف عنوان آهن
جنهن ۾ مختلف ٻارڙن ڏاڍو سٺو مواد ترتيب ڏنو آهي.
ان سان گڏ شاعري، ڪهاڻيون، ناٽڪ ۽ مزاحيه خبرون
تمام پياري انداز سان تحرير ڪيل آهن. هڪ سئو کان
وڌيڪ پيارن ٻارڙن جي تصويرن سان سينگاريل ۽ 44 وڏن
صفحن تي سليقي سان مواد ۾ رچيل هي ڪتاب بوڪ اسٽالن
تان نه ملڻ جي صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڪتاب گهرائڻ
لاءِ جي پي او باڪس نمبر 221 حيدآباد سنڌ جي پتي
تي لکپڙهه ڪري سگهجي ٿي.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: واجد رفيع ميمڻ
عمر: 10 سال
وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ
ڪلاس: ڇهون اي
ائڊريس: گورنمينٽ پي هاءِ اسڪول ڏيپلو.
·
نالو: فاروق احمد پٺاڻ
عمر: 11 سال
وندر: قرآن شريف پڙهڻ
ڪلاس: ڇهون
ائڊريس: سنڌ ماڊل اسڪول ڪنڌڪوٽ.
·
نالو: ڀيشم لعل
عمر: 15 سال
وندر: سنڌ سان چاهه
ڪلاس: اٺون بي
ائڊريس: راجا ميڊيڪل اسٽور مسلم بازار ڪشمور.
·
نالو: اشفاق احمد سهتو
عمر: 13 سال
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
ڪلاس: ستون بي
ائڊريس: گورنمينٽ ديني مدرسو هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو.
·
نالو: عبدالڪريم ابڙو
عمر: 13 سال
وندر: گل ڦل پڙهڻ
ڪلاس: ستون
ائڊريس: مڊل اسڪول مانجهند.
·
نالو: سيد حمايت علي شاهه
عمر: 15 سال
وندر: شاهه جا بيت پڙهڻ
ڪلاس: نائون بي
ائڊريس: هاءِ اسڪول شهدادپور.
·
نالو: ايس خادم حسين گل گهنڃو
عمر: 15 سال
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ
ڪلاس: نائون
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول هنڱورو تعلقو
پنوعاقل.
·
نالو: علي گل جمالي
عمر: 15 سال
وندر: عام معلومات پڙهڻ
ڪلاس: نائون اي
ائڊريس: هاءِ اسڪول حسن جمالي وايا نواب شاهه.
·
نالو: محمد نواز ڪوري
عمر: 14 سال
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
ڪلاس: نائون بي
ائڊريس: هاءِ اسڪول نئون ديرو.
·
نالو: شباش بابو
عمر: 11 سال
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
ڪلاس: ڇهون بي
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڏيپلو.
·
نالو: رشيد احمد پنهيار
عمر: 10 سال
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول بوزدار وڏا.
·
نالو: مشتاق حسين ٽانوري
عمر: 12 سال
وندر: ٻاراڻا ڪتاب پڙهڻ
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: هاءِ اسڪول بوزدار وڏا.
·
نالو: بيوس مڪيش ڪمار
عمر: 15 سال
وندر: سنڌ سان پيار
ڪلاس: ڏهون بي
ائڊريس: پبلڪ ميڊيڪل اسٽور مسلم بازار ڪشمور.
·
نالو: فياض حسين ڪليري
عمر: 14 سال
وندر: ڪهاڻيون لکڻ
ڪلاس: نائون
ائڊريس: ايڇ ايم خواجه هاءِ اسڪول نواب شاهه.
·
نالو: سيد راشد احمد شاهه
عمر: 14 سال
وندر: راند ڪرڻ
ڪلاس: نائون اي
ائڊريس: هاءِ اسڪول اڳڙا گمبٽ
·
نالو: غلام مصطفيٰ ڀٽي
عمر: 13 سال
وندر: تعليم سان چاهه
ڪلاس: اٺون
ائڊريس: هاءِ اسڪول لوهي ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: بشير احمد بروهي
عمر: 12 سال
وندر: گل ڦل پڙهڻ
ڪلاس: نائون اي
ائڊريس: هاءِ اسڪول فريدآباد ميهڙ.
هدايتون:
ننڍڙا اديب
پيارا ٻارو! توهان جي خواهش کي آڏو رکندي، اسان
فيصلو ڪيو آهي ته ”ننڍڙا اديب“ ڪالم ۾ اسان ننڍن
ٻارن جا گهڻي ۾ گهڻا ليک شايع ڪريون، توهان پنهنجا
سٺا ۽ معياري ليک، (ڪهاڻيون، مضمون، شاعري) اسان
کي لکي موڪليو، جيڪي توهان جي سهڻي ذهن جي پيداوار
هجن ۽ اها ڳالهه هڪ دفعو وري به توهان سان ڪبي ته
نقل ڪرڻ کان پاسو ڪجي، نالي سان گڏ پنهنجو ڪلاس
لکڻ نه وساريو. اسان جي هيءَ ڳالهه توهان کي ڪيئن
ٿي لڳي، ان بابت راءِ ڏيندا، جيئن هي ڪالم اڃا به
وڌيڪ بهتريءَ سان توهان جي آڏو پيش ڪري سگهجي.
(ايڊيٽر)
ٻارڙن جو رسالو
چلڪي چمڪي هيءُ رسالو،
سڀڪو چوي ٿو ”جيءُ“ رسالو.
سهڻو سهڻو، پيارو پيارو،
جهڙو وڻ جو ڪنگو ٽارو
جيسين پڙهبو ڪين هيءُ ”سارو“
تيسين ٿيندو ڪين گذارو
هن جي خدمت ڪريو يارو،
قدم وڌايو اڳتي ٻارو.
لکو گيت، غزل ۽ ڪافيون،
کائو کٽمٺا ۽ ٽافيون.
عبدالمالڪ ”آصف“ پلي
پيارا ٻار
ننڍڙا مٺڙا پيارا ٻار
آهيو توهان مستقبل جا معمار
لکڻ پڙهڻ سان ٿيندؤ هوشيار
استادن سان رکجو پيار
ننڍڙا مٺڙا پيارا ٻار
ڪوڙ هميشہ ڪين ڳالهايو
ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪريو
صبح جو اٿي تيل سرما پائيندؤ
ڪتاب کڻي اسڪول ڏانهن ويندؤ
رستي جو بڻبؤ سينگار
”پرديسي“ جو آهي تن سان پيار
ننڍڙا مٺڙا پيارا ٻار
شيخ عبدالحليم ”پرديسي“
گيت
علم سان چاهه وڌايو ٻارو
هر جاءِ عزت پايو ٻارو
ڏات جا ڏيئا ٻاري علم
اوندهه رات اُجاري علم
هر دم حاصل ڪري اوهين
روشن ديس بڻايو ٻارو
چنڊ تي جيڪر اوهين چڙهو
وڌ کان وڌ پوءِ علم پڙهو
پاڻ پڙهي ۽ وقت بچائي
ٻين کي خود پڙهايو ٻارو
علم جهالت ٽاري ٿو
علم سمجهه سيکاري ٿو.
علم مانُ وڌائي ”مارُو“
تنهن سان دل لڳايو ٻارو
منصور مارو ڏاهري |