سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1988ع

باب: --

صفحو :3

ائين چئي بزرگ پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ هليو ويو ۽ شڪاري طوطن سان ڀريل پڃرو کڻي گهر طرف روانو ٿي ويو.

مسرور سنڌي

سستي

پيارا ٻارو! اسان جي پاڙي ۾ هڪ ڇوڪري رهندي هئي، جيڪا تمام گهڻي سست هوندي هئي، هو هر ڪم ۾ سستي ۽ ڍرائي ڪندي هئي، جڏهن ڪوبه چوندو هوس، ته هي ڪم ته ڪر، ته چوندي هئي، رکو ته پوءِ ڪيان ٿي، تنهن ڪري هن جي اها عادت ڪنهن کي به نه وڻندي هئي ايتري تائين جو هن جي اها سستي واري عادت گهر وارن کي به نه وڻندي هئي، ماڻس گهڻو ئي سمجهائيندي هيس ته: پٽ ائين نه ڪر، سستي مان ڪوبه فائدو ڪونهي، اٽلو نقصان آهي. پر هڪ ڪن کان ڳالهه ٻڌي ۽ ٻئي ڪن کان ڪڍي ڇڏيندي هئي. اسڪول کان ايندي هئي رڳو سست ٿي پئي هوندي هئي، نه ڪم نه ڪار.

مسرور معمول مطابق اڄ به اسڪول وئي ۽ جڏهن اسڪول کان واپس آئي ته ماني کائي تيار ٿي، پنهنجي سهيلي زينت ڏانهن هلي ويئي ۽ دل ۾ خيال ڪيائين ته، جيڪا اڄ مس (ٽيچر) ٽيسٽ ياد ڪرڻ لاءِ ڏني آهي، سا موٽي اچي ياد ڪندس. سو اهيو خيال ڪري پنهنجي سهيلي ڏانهن هلي ويئي ۽ جڏهن واپس موٽي ته، سج لهي چڪو هو ۽ ماڻس رڌڻي ۾ ويٺي ماني تيار ڪري رهي هئي، مسرور سڌي پنهنجي ڪمري ڏانهن هلي وئي ۽ ڪتاب ڪڍي ٽيسٽ ياد ڪرڻ لڳي ته ايتري ۾ ماڻس به ماني تيار ڪري آئي ۽ ڪمري مان ايندي ئي مسرور کان پڇيائين ته ڇا پئي ڪرين؟ مسرور چيس ته امان ٽيسٽ پئي ياد ڪريان، سڀاڻي اسان جي ٽيسٽ آهي، تنهن تي ماڻس چيس: چڱو ڌيءَ ٽيسٽ ياد ڪري وٺ ته پوءِ ٿا ويهي ماني کائون ائين چئي ماڻس ٻاهر وئي ۽ مسرور پڙهڻ ۾ لڳي، پر ماني جو نالو ٻڌندي ئي، سستي ايتري ته وڌي ويس، جو جيئن پڙهي، تيئن مزو ئي نه ٿي آيس کڻي ڪتاب بند ڪيائين ۽ ائين ڪندي ماڻس به ماني کڻي اندر آئي ۽ چيائين ته: ڌيءَ ٽيسٽ ياد ڪري ورتي، تنهن تي مسرور چيس ته: نه امان ماني کائي پوءِ ٿي ياد ڪريان، ٻئي ماءُ ڌي ماني کائڻ ويٺيون ۽ ماني کائي بس ڪيائون ته سو چيائين ته پڙهان ٿي ويهي پر ماني کائي بس ڪندي ئي، اوٻاسي مٿان اوٻاسي اچڻ لڳس ۽ اتي ئي هنڌ تي ليٽي پئي، ماڻس چيس: ڌي ٽيسٽ ياد ڪر، سڀاڻي تنهنجي ٽيسٽ آ مسرور هائوڪار ڪندي چيس: امان هاڻي ننڊ ٿي اچي صبح جو سوير اٿي ياد ڪندس ۽ ائين چئي سمهي پئي، صبح ٿي چڪو هو ۽ ماڻس کيس اٿاري رهي هيس، پر هن ڪوبه خيال نه ڪيو ۽ سست رهي نيٺ ماڻس ٻيهر آئي ۽ اچي اٿاريائينس، جنهن وقت مسرور اٿي ته ان وقت 9 وڄي رهيا هئا. جيئن ته هن جو اسڪول ڪو پري هو، تنهن ڪري اٿي تيار ٿي اسڪول ڏانهن وئي ۽ پنهنجي ڪلاس ۾ وڃي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهي اتفاق سان اڄ ٽيچر به ڪلاس ۾ ڪونه آئي، هن دل ۾ شڪر ڪيو ته چڱو ٿيو جو اڃا ڪلاس ۾ مس ڪونه آئي آهي، جيڪڏهن هجي ها ته يقيناً ٻاهر بيهاري ڇڏي ها، هن اڃا اهيو پئي، سوچيو ته مس به ڪلاس ۾ اچي پهتي ۽ حاضري وغيره ڀري پوءِ کين ڪالهه واري چيل ٽيسٽ لاءِ چيائين ته تيار ٿيو.

سڀني ڇوڪرين ٽيسٽ ڪاپيون کوليون ۽ ٽيسٽ لکڻ لڳيون ۽ هن به پنهنجي ڪاپي کولي ۽ لکڻ شروع ڪيو، هڪ ته ان سوال لکايائين جيئن ته هن ياد ڪجهه به نه ڪيو هو، سو لکي ته ڇا لکي، نيٺ ٽيسٽ جو ٽائيم پورو ٿيو ۽ مس سڀني کان ٽيسٽ ڪاپيون وٺي وئي، ڪجهه دير کان پوءِ ڪاپيون چيڪ ڪري آئي ۽ سڀني کي ڏنائين مسرور کي به ڪاوڙ مان ڪاپي ڏيندي چيائين، هي ڇا ڪيو اٿئي، آئينده تنهنجي ڪلاس ۾ ڪابه ضرورت نه آهي، پڙهڻو اٿئي ته چڱي طرح پڙهه، نه ته وڃي گهر ويهه، آخر توکي ڇا ٿيو آهي، ڇو نه ٿي پڙهين، مس اڄ ڪافي دڙڪا ڏنس، سڄي ڪلاس ۾ ڇوڪريون زينت، حميده، روزينه، تبسم، زڪيه، آمنه، فرانه، صغرا ۽ ٻيون ڇوڪريون وغيره پاس ٿيون هيون، جڏهن ته هي فيل ٿي هئي تنهن ڪري ڏاڍو رني ۽ پڇتايائين، ته جيڪر مان سستي نه ڪيان ها ته ڇو فيل ٿيان ها ۽ مس ڇو دڙڪا ڏئي ها، ائين جيڪر نه ڪيان ها، پر هاڻي پڇتائڻ، مان ڪهڙو فائدو، جيڪو ٿيڻو هو سو ته ٿي چڪو، پر اڄ هن دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هاڻ ڪڏهن به سستي نه ڪندس، بلڪه چست چالاڪ ۽ هوشيار ٿيندس ۽ پنهنجي پڙهائي ڏانهن ڌيان ڏيندس ۽ هاڻي مسرور هڪ نئين حوصلي سان اٿي کڙي ٿي ۽ پنهنجي گهر ڏانهن راهي ٿي.

پيارا ٻارو ڏٺو سستي ڪيڏي نه بري عادت آهي. تنهنڪري اسان کي به سستي نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه چست چالاڪ هوشيار ۽ محنتي ٿيڻ گهرجي.

اعجاز علي ميمڻ ڏيپلائي

اسپرين

اوهان جي مٿي ۾ ڪڏهن ڪڏهن سور ضرور پيو هوندو ۽ غالباً اوهان ڊاڪٽر جي مشوري کان سواءِ اسپرو جو استعمال شروع ڪيو هوندو، جنهن ۾ اسپرين نالي دوا جا جذا مليل هوندا آهن. تعجب جي ڳالهه هي آهي ته اسپرين مرض کي ختم ڪندي آهي، پر درد جي تڪليف کي گهٽ ڪندي آهي ۽ آرام پهچائيندي آهي، تڏهن به ان جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

اسپرين جي شهرت بنا ڪنهن سبب نه آهي، هيءَ دنيا جي حيرت انگيز ۽ بيمثال دوا آهي، جيڪا معمولي زڪام کان وٺي عضون جي اپاهج ٿيڻ واري مرض جي تڪليف گهڻي حد تائين گهٽ ڪندي آهي. اڄ تائين اهو پوريءَ طرح معلوم ٿي نه سگهيو آهي. ته اسپرين جو اثر ڪيئن ٿئي ٿو. بهرحال ٿورن پيسن جي هيءَ ٽڪي دنيا جي عجيب ترين دوا سمجهي ويندي آهي.

دنيا ۾ هر جڳهه تي ان جو رواج عام آهي. صرف آمريڪا ۾ سالانه چار ڪروڙ، پنڌرهن لک پائونڊ اسپرين تيار ٿئي ٿي هي مقدار ريل گاڏيءَ جي 5 سئو گاڏن ۾ وجهڻ جيترو ٿئي ٿو ۽ پاڪستان ۾ خالص ۽ مصنوعي دوائن سان ملائي تمام گهڻو وڪرو ٿئي ٿو. مثلاً اسپرو، اسپرين، ڪوڊو پائرين، اي پي سي ۽ ڊسپرين وغيره عام جام ملن ٿيون پر هاڻي انهن مان ڪجهه ٽڪيون بند ٿي ويون آهن.

تاريخ جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته اسپرين جو پهريون استعمال حڪيم بقراط جي دؤر ۾ ڪيو ويندو هو سڀ کان پهريائين ان حڪيم سور ۽ بخار لاءِ دلو پوري جي کل جو جوهر تجويز ڪيو جنهن ۾ سلي سِڪ ائيسڊ جا جزا مليل آهن. جيڪو اسپرين جو خاص جزو آهي جنهن مان لفظ اسپرين نڪتل آهن.

سن 1940ع ۾ سلي سڪ ائيسڊ دريافت ٿي ۽ سن 1853ع ۾ هڪ جرمن سائنسدان ان جو هڪ مرڪب ايسي ٽائل سلي سڪ ائيسڊ تيار ڪيو، پر ان جون خوبيون تلاش ڪري نه سگهيو ۽ ان جو نسخو اڌ ۾ رهجي ويو. وري سن 1890ع ۾ جرمن جي هڪ داساز ڪمپني جي هڪ محقق ڊاڪٽر فليڪس هوف مين ان مرڪب کي پنهنجي پيءُ جي گوڏن جي سور لاءِ استعمال ڪيو، جنهن مان ان کي حيرت انگيز فائدو حاصل ٿيو، ان وقت کان وٺي ان ڪمپنيءَ اسپرين جي نالي سان هيءَ دوا بازار ۾ وڪرو ڪرڻ شروع ڪئي.

اسپرين پهريائين صرف گوڏن جي سور لاءِ استعمال ٿيندي هئي، پر اڄ ڪلهه هيءَ دوا شديد بخار ۽ هر قسم جي درد کي گهٽ ڪرڻ ۽ مريضن کي آرام ڏيڻ جي فائدن ڪري مشهور ٿي چڪي آهي. هن دوا جو هڪ ٻيو فائدو هي آهي ته هيءَ دوا درد کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ نئين سور کي روڪيندي آهي. ٻين ٽڪين ۽ دوائن جي مقابلي ۾ هن جي خوبي هيءَ آهي ته گهڻي مقدار ۾ کائڻ سان نقصانڪار آهي. ٻارن لاءِ زياده مقدار خطرناڪ آهي، انڪري ٻارن لاءِ عام استعمال نه ڪجي انهي لاءِ ڊاڪٽر کان پڇجي.

ڪڏهن ڪڏهن ان جي گهڻي استعمال سان اندروني عضون تي خطرناڪ اثر ٿيندا آهن، ٻين دوائن وانگر اسپرين جو عام مقدار ڪن ماڻهن تي ابتو اثر به ڪندو آهي. مثلاً سوچ، بيهوشي، گهٻراهٽ، الٽيون، خارش يا دم جي ڪيفيت پيدا ٿي ويندا آهي. پر اهڙا واقعا گهڻا ٿيندا آهن. دل جي مريضن کي ان جو استعمال گهٽ ڪرڻ گهرجي، آخر ۾ هڪ خاص ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته هميشہ ڪجهه کائڻ بعد ان جو استعمال ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻي تمام گهڻو پيئڻ گهرجي.

ماجد رفيق ميمڻ ڏيپلو                                    مضمون نمبر1

                                   سلسلو نمبر 38

موهن جو درو سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي

مٿيان لفظ قدرت جي قانون جي عڪاسي ڪن ٿا. زماني ڏانهن نظر ڪريو ته ڏسڻ ۾ ايندو ته، هر چرند پرند پنهنجي اڳوڻي نسل جي نقش قدم تي هلڻ ۾ فخر محسوس ڪندو آهي. هڪ نئون شاعر گذريل وقت جي شاعرن جي ڪلام جو اثر قبول ڪندو آهي، هر نئون فنڪار پُراڻن فنڪارن کان فيض حاصل ڪندو آهي، اهڙي ريت نئين تهذيب  تي پراڻي تهذيب هر حالت ۾ اثر انداز ٿيندي آهي ۽ ان جا عڪس نئين تهذيب ۾ جهلڪندا نظر ايندا آهن. ٻين لفظن ۾ پراڻي تهذيب جا اهڃاڻ نئين تهذيب ۾ ايترا ته نمايان هوندا آهن، جو هر ڪو اکيون پُوري به چئي سگهندو ته ٻنهي جو پاڻ ۾ گَهرو ۽ گهاٽو تعلق آهي.

موهن جو دڙو به سنڌ جي ثقافت جو ظاهر ظهور اهڃاڻ آهي، موهن جي دڙي مان لڌل شيون جهڙوڪ: عمارتون ۽ انهن جو نقشو، شهر جي ڊيزائين، گَهرن جي اڏاوت، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ريت رسم، پوشاڪ ۽ زيور، فن ۽ کنڌا عبادت ۽ ڪاريگري صنعت وحرفت، وڻج واپار ۽ پاڙيسرين سان ورتاءَ، پُراڻا دستاويز ۽ مورتيون ظاهر ڪن ٿا ته موهن جي دڙي جي تهذيب سنڌ جي تهذيب جو آئينو آهي. جنهن ۾ پراڻيون تهذيبي جهلڪيون صاف نظر اچن ٿيون ۽ بعد ۾ باشندن انهي جو اثر قبول ڪيو آهي ۽ ڪجهه اهڃاڻ اڃان به انهي وقت جي شين جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. جيڪي اڄ به استعمال ۾ اچي رهيون آهن.

موهن جو دڙو لاڙڪاڻي ضلعي جي ڏوڪري اسٽيشن ڀرسان شهر لاڙڪاڻي کان اٽڪل 29 ڪلوميٽر پري آهي. قديم آثارن جي ماهرن جو رايو آهي ته اها تهذيب تقريباً پنج هزار (5000) سال پُراڻي آهي.

سڀ کان اول انهي دڙي کي کوٽائي جو خيال ”سر جان مارشل“ کي سن 32-1922ع ۾ آيو. جيڪو آثار قديم جي محڪمه، جو ڊائريڪٽر انهي هنڌان ڳوٺاڻن کي جهونا پراڻا سڪا، ڪجهه برتنن جا ٺڪر وغيره لڀندا هئا. جيڪي ماهرن جي دلچسپيءَ جو سبب بنيا.

کوٽائيءَ جو نتيجو اُميد موافق نڪتو. قديم شهر جي عمارتن جا کنڊر ظاهر ٿيڻ لڳا. پڪا ڪشادا رستا ۽ گهٽيون، دوڪان جي سجاوٽ، کوهه، گهرن جي اڏاوت ۽ منجهن متصل غسلخانه، گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ناليون، پوک جا مختلف اوزار ۽ طريقا، خوراڪ ۽ فصل، ڌاتن جو استعمال عورتن جي سينگار لاءِ زيورات، رانديڪا ۽ سفر لاءِ مختلف ذريعا ۽ وسيلا ڇُرَ جا ٺپا ۽ رڱاوت، عبادت گاهون ۽ اتي رکيل مورتن تي نظر وجهو ته صاف ظاهر ٿيندو ته اڄڪلهه جي تهذيب ۽ سَڀيتا به ڪم وبيش ساڳي آهي جيڪا پنج هزار سال اڳ هئي. ماڻهن انهن کي وساريو نه آهي. بقول ”سر جان مارشل“ اڳي به سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي بلند معيار جي هئي ته هاڻي به ڪا ڪسر ڪانه ٿا ڇڏين گويا پنهنجي ميراث جي حفاظت ڪندا پيا اچن.

اڄڪلهه جي هر ڳالهه پراڻي تهذيب جي آئينه دار آهي ۽ سنڌ جي باشندن زندگي جي ڪنهن به موڙ تي پنهنجي پراڻي تهذيب کان منهن نه موڙيو آهي. انهي ڪري بنا ڪنهن هَٻڪ جي چئي سگهجي ٿو ته:

”موهن جو دڙو سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي.“

بشارت الياس جوکيو                  مضمون نمبر 2

                                           سلسلو نمبر 38

موهن جو دڙو سنڌ جي ثقافت جو اهڃاڻ آهي

صوبي سنڌ جي عظمت ۽ ثقافت صرف هند ڇا، پر پوري دنيا ۾ قديم ترين آهي، اها ڳالهه سکڻ، سمجهڻ پرائڻ، پرکڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ ۾ سونهاري ۽ سٻاجهي سنڌ جي هڪ قديم ماٿريءَ جو وڏو هٿ، ڏس ۽ ڏانءُ آهي. ان ماٿري يا واهڻ يا شهر جو نالو ان وقت جي ٻولي سماج، عقل، ادب، اٿ ويهه ۽ ٻين ڳالهين جي ڪري ٻيو ڪو آهي، جنهن کي اسان يا آثار قديمه جا ماهر اڃان تائين پرکي ۽ پروڙي نه سگهيا آهن پر هن وقت پوري دنيا ۾ کيس ”موهن جو دڙو“ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو.

موهن جو دڙو سنڌ جي قديم ۽ جديد ثقافت جو هڪ جيئرو جاڳندو ۽ زنده جاويد مثال، سبق، نشان، اهڃاڻ آهي. ڍڳي يا بيل گاڏي سنڌ جي هڪ ڄاتل سڃاتل سواري آهي. موهن جي دڙي مان به پنج هزار سال پراڻي ڍڳي گاڏيءَ ملي آهي ان مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته ايترو عرصو اڳ ۾ به سنڌ ۾ ڍڳي گاڏيءَ جو رواج ۽ رسم هئي. هي دڙو سن 23-1922ع ۾ کوٽيو ويو. ڀتين تي نقش ڪڍڻ يا تصويرون ڇڪڻ، هٿرادو بت، چيڪيءَ مٽيءَ مان رانديڪا ۽ ٻيون مختلف شيون ٺاهڻ، سنڌ جي هڪ لافاني ثقافت آهي. ان ثقافت جو اهڃاڻ دڙي مان ملندڙ ڪجهه رانديڪن جي ٽڪرن ۽ نچندڙ ڇوڪريءَ جي مورتيءَ مان صاف نمايان ۽ نروار آهي.

پڪيون سرون سنڌ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ڪيترن ئي هنڌ تي ٺاهيون ۽ پچايون وڃن ٿيون. اهڙي قسم جي هنر جو مثال به دڙي جي ٺهيل گهرن، ڪمرن، ورانڊن، صحنن، ڳلين، گهٽين، ڪارخانن ۽ دڪانن جي ڀتين ۽ فرشن مان اجاگر پيو ٿئي ان کان سواءِ مٽيءَ جي برتنن، مٽڪن توڙي دلن جي اعليٰ ثقافت جا نمايان اهڃاڻ نشان ۽ مثال دڙي مان ملن ٿا.

امام راشدي

تاج صحرائي

محترم تاج صحرائي جو شمار، سنڌ جي چند برک اديبن، دانشورن، محققن ۽ تاريخدانن ۾ ٿئي ٿو، جن سنڌ جي تاريخ، آثار قديمه ۽ ثقافت کي اُجاگر ڪرڻ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. تاج صحرائي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ تاريخ، 11- سيپٽمبر 1921ع ۾ ڄائو تعليمي لحاظ کان، بي اي- بي ٽي ڪيل اٿس علم ادب خاص ڪري تاريخ سان کيس گهري دلچسپي آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ”سُر سارنگ“ ۽ ”تصوير درد“ قابلِ ذڪر آهن ٻه اڻ ڇپيل ڪتاب ”منڇر ڍنڍ“ (انگريزي) ۽ ”ويران وسنديون“ آهن. ان کان سواءِ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مضمون ۽ مقالا مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. پاڻ هنوقت دادو شهر ۾ رهي ٿو. اچو ته ساڻس ٿيل ڳالهه ٻولهه ٻڌون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com