سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جون 1988ع

باب: --

صفحو :2

نثار بزمي

ڇا کي ڇا گهرجي

پيارا ٻارڙو! اڄ وري اوهان جي آڏو اچي ويٺو آهيان. انهيءَ لاءِ، ته اوهان کي ٻڌايان، ته ”ڇا کي ڇا گهرجي“ اوهان جو ڌيان، ته مون ڏي آهي نه؟ ته ٻڌو.

سائِنڻِ کي گولي گهرجي

ڪانوَ کي ٽولي گهرجي

ٻارو! ڪنهن سُکئي ستابي گَهرَ جي وڏيءَ (عورت) کي ”سائِنڻِ“ چئبو آهي. انهيءَ کي هڪ ”گوليءَ“ جي گهرج پوندي آهي. گولي معنيٰ ٻانهي يا نوڪرياڻي. جيڪا سائِنڻِ جي خدمت چاڪري ڪري ۽ هن جي هڙ حڪم جي پورائي ڪري. ”ڪانوَ“ اڪيلو ڪونه اُڏامندو آهي. ۽ هو ٽولو ٺاهي پيا اُڏامندا ۽ ٺينگ ٽپا ڏيندا آهن. هنن جو پاڻ ۾ اتحاد ۽ ايڪو هوندو آهي. پر جيڪڏهن ڪو وَلَرَ کان وڇڙيل اڪيلو ڪانؤ ڪٿي رهجي ويندو آهي، ته هو ٻين کي سڏڻ لاءِ پيو ”ڪان ڪان“ ڪندو آهي. اسان کي به اهڙي طرح گڏجي رهڻ ۽ ڪم ڪرڻ گهرجي.

ڏوهي کي گُوهو گهرجي

اٺ کي ٿوهو گهرجي

جيڪو ماڻهو مينهُن، ڳَئُنِ، رڍُن ۽ ٻَڪرين کي ڏُهي کير حاصل ڪندو آهي؛ ان کي ”ڏوهو“ چئبو آهي ڀلا جيڪڏهن ٿَڻَ مان گوهو نه نڪرندو، ته ڏوهي کي ڪهڙو مزو ايندو. هائو نه؟ ها.

اُٺَ جي پٺيءَ جي وِچين ۽ مٿاهين حصي کي ٻارو! ”ٿُوهو“ چئبو آهي. انهيءَ ٿوهي ۾ هو گهٽ ۾ گهٽ هفتي کن جو کاڌو سانڍي ۽ لِڪائي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري، ته هو ڪيترائي ڏينهن بک خوشيءَ سان ڪاٽي سگهي ٿو.

ڏينڀوءَ کي ڏَنگ گهرجي

چارَڻَ کي چَنگ گهرجي

پِيلي رنگ جو ڏينڀو هجي يا وڏو ڏينڀو، جنهن کي ”ڪانڌاري ڏينڀو“ چئبوآهي. انهن جي وات جي مٿان سُئيءَ وانگر ڏنگ هوندو آهي. جنهن سان هو پنهنجو مطلب پورو ڪندو آهي. اهو ڪهڙو ماڻهو هوندو جنهن کي ڏينڀوءَ ڏنگيو نه هوندو؟ ماکيءَ جي مک يا ڪن ٻين زهريلن جيتن کي اهڙا ڏنگ هوندا آهن. ڀلا جيڪڏهن ڏينڀوءَ کي ڏنگ نه هوندو، ته پوءِ هو ڪهڙي ڪم جو. هائو نه؟

”چارَڻُ“ اسان جي سنڌ ۾ هڪ ذات يا قوم آهي. هاڻي ته هي نئون دور آهي نه ته ڪجهه اڳئين دور ۾ چارڻ قوم جا ماڻهو ”چنگ“ وڄائي ٻُڌندڙن کان ڪجهه وٺي پنهنجو گذر سفر ڪندا هئا. اڄ به اهڙا چارڻ سنڌ جي دادو ضلعي يا ڪن ٻين هنڌن تي چنگ سان چاهت رکندي نظر ايندا آهن. چنگ اڌ فوٽ کن جيترو لوهه مان ٺهيل هَلڪو ڦُلڪو هڪ سنڌ جو قديمي ساز آهي جيڪو آڱر هڻي وات سان وڄائبو آهي. ڀنل رات ۾ پري کان هن جو آواز ڪَنن ۾ مٺي رَسُ وجهي ڇڏيندو آهي.

ڪَمانَ کي تِير گهرجي

مجلس کي مير گهرجي

”ڪَمانَ“ ڪنهن نرم ڪاٺيءَ جي ٻنهي ڇيڙن ۾ مضبوط ڏوري ٻڌي ٺاهبي آهي. اڳئين زماني ۾ ڪمان شِڪاري پنهنجو سٺو هٿيار سمجهندا هئا. ۽ ان سان پکي يا ننڍا جانور شڪار ڪندا هئا.

”تير“ ڪاٺ جو يا لوهَه جو ٿيندو آهي ۽ اهو ڊيگهه ۾ فوٽ ڏيڍ جيترو آهي. ڪمان هٿ ۾ جهلي ڏوريءَ جي وچ تان تير ڇڪي هنيو ويندو آهي. تير کان سواءِ ڪمان ڪهڙي ڪم جي.

ماڻهو پاڻ ۾ گڏجي ڪنهن هنڌ ويهي ڳالهيون ٻولهيون ڪن، ته اهڙي ميڙ کي ”مَجِلسَ“ چئبو آهي. مَجِلِسَ ۾ هڪ وڏو يا معتبر ضرور آهي؛ جنهن کي مجلس جو ”مير“ چئجي ٿو.

ڳچيءَ کي هار گهرجي

مير بحر کي ڄار گهرجي

ٻارو! ”هار“ گلن جو هجي يا سون جو ٺهيل. اهو ڳچيءَ ۾ ڏاڍو سهڻو لڳندو آهي. ۽ ڳچيءَ به سونهن ڪندي آهي. سونو هار عورتون پائي خوبصورتيءَ ۾ واڌارو آڻينديون آهن. هيرن ۽ موتين جا هار بادشاهي گهراڻي جون عورتون پائينديون آهن. گلن جا هار وري شادي جي موقعي تي گهوٽ کي پارايا ويندا آهن يا ٻيءَ ڪا سوڀ جهڙي خوشيءَجي ڳالهه هجي، ته اهڙا گلن جا هار استعمال ٿيندا آهن.

”ميربحر“ مڇي ڦاسائيندا آهن، ته کين ”ڄار“ جي صورت هوندي آهي. اهو ڄار پڪي ڌاڳي مان پاڻ ٺاهيندا آهن. انهيءَ ڄار ۾ مڇيون آساني سان ڦاسي پونديون آهن.

فقير کي جهولي گهرجي

ٻار کي لولي گهرجي

دردر تي آواز ڏئي ڪجهه وٺڻ وارن کي ”فقير“ چئبو آهي. اوهان اهڙا فقير، ته روزانو ڏسندا آهيو نه؟ انهن کي ڪنڌ ۾ ”جهولي“ پيل هوندي آهي. جنهن ۾ هو ماڻهن کان مليل هر شيءِ وجهي سوگهي ڪندا آهن.

”ٻار“ کي ننڊ ڪرائڻ لاءِ مائرون پينگهو لوڏي ”لولي“ ڏينديون آهن. لوليءَ جو آواز مٺڙو ٿيندو آهي ۽ جلدئي ٻار کي ننڊ اچي ويندي آهي. اوهان کي به پنهنجيءَ امڙ ننڍي هوندي ضرور لولي ڏني هوندي هائو نه؟

ليڊر کي ووٽ گهرجي

ووٽر کي نوٽ گهرجي

ٻارو! ”ليڊر“ معنيٰ اڳواڻ تمام گهڻن ماڻهن جو وڏو قومي اسيمبلي توڙي صوبائي اسيمبلي جا ميمبر ليڊر هوندا آهن. جن کي اسين ”ووٽ ڏيئي ليڊر بنائيندا آهيون. ظاهر آهي، ته جيڪڏهن اسين انهن کي ووٽ نه ڏينداسين، ته اهي ليڊر ڪيئن ٿيندا. ووٽ معنيٰ پسندگيءَ جو اظهار يا رايو. ۽ اسين آهيون ”ووٽر“ يعنيٰ ليڊر کي پسند ڪندڙ اسان کي ”نوٽ“ گهرجي. پيسا گهرجن. ليڊر اسان کي پيسا ڏئي، ته اسين هن کي ووٽ ڏيون. پر ٻارو! ائين نه ڪرڻ گهرجي. ووٽ ڏيڻ اسان جو ”حق“ آهي پسند يا ڪنهن ٻيءَ لالچ تي وڪڻڻ گناهه آهي. اسين ووٽ اهڙي ماڻهوءَ کي ڏيون؛ جيڪو ايماندار انصاف پسند، اسلام ۽ قوم توڙي وطن جو ڀلو گُهرندو هجي.

سج کي تاب گهرجي

سوال کي جواب گهرجي

”تاب“ معنيٰ ٻارو! تيز روشنائي يا سخت گرمي. اوهان پاڻَ ئي سمجهي ٿا سگهو، ته تيز روشنائيءَ ۽ سخت گرميءَ کان سواءِ ”سج“ ڪيئن سج ٿيندو.

سوال ڪبو ئي ”جواب“ ملڻ لاءِ آهي. جواب نه ملندو، ته سوال ڪهڙو سوال رهندو؟

اَٽي کي ڇاڻي گهرجي

مڇي کي پاڻي گهرجي

”اٽي“ ۽ انسان جو لاڳاپو ڪو اڄ جو ڪونهي. هن جهان ۾ پيدا ٿيندڙ پهرئين انسان کي ئي اٽي جي گهرج پئي هوندي. اهو اٽو ئي ته آهي جنهن سان انسانن جون زندگيون مرڻ تائين قائم رهن ٿيون. اٽي کي ڇاڻي صاف ڪرڻ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ ”ڇاڻيءَ“ کان ڪم وٺبو آهي. ”گيچڻ“ ته اوهان ڏٺو هوندو، ٽُنگ ٽنگ ان کي ڇاڻي به چئبو آهي. اٽو انهيءَ ڇاڻي مان ڇاڻي پوءِ کائبو آهي.

”مڇي“ پاڻيءَ کان پري هوندي، ته جي ڪانه سگهندي ۽ ڦٿڪي مري ويندي. پر جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ هوندي، ته تازي تواني ٿيو پئي ڊُڪندي ڊوڙندي.

سُرُ کي ساز گهرجي

پکيءَ کي پرواز گهرجي

ٻارو! ”سُرُ“ معنيٰ آواز. پر اهو آواز جنهن کي راڳ چئجي. رڳو وات سان راڳ، ته ڳائي سگهجي ٿو مگر جيڪڏهن ان سان ”ساز“ جو مٺو آواز به ملي پوندو، ته پوءِ واهه جو مزو ٿيندو. اڄوڪي دور ۾ سازن جا سوين قسم نڪري پيا آهن، جن راڳ کي وڌيڪ رسيلو ڪري ڇڏيو آهي.

”پکي“ اُڏامڻ سان ئي پکي لڳندو آهي. جيڪڏهن هن جا پَرَ ڪَپي ڇڏبا، ته هو اڏامي ڪونه سگهندو. ان جي اڏامَ کي ”پرواز“ چئبو آهي.

حاڪم کي حشمت گهرجي

رعيت کي شفقت گهرجي

”حاڪم“ معنيٰ حڪم هلائيندڙ بادشاهه اسان جي ملڪ جو صدر ۽ وزيراعظم به ٻيءَ طرح حاڪم آهن. اهڙا حاڪم جيڪڏهن نرم دل ۽ ڪمزور هوندا، ته ملڪ جو انتظام سٺيءَ طرح ڪونه هلي سگهندو. پر جيڪڏهن حاڪم وڏي تاب ۽ رعب وارو هوندو ته ملڪ جي حالت بهتر هوندي ”حشمت“ جي معنيٰ آهي شان شوڪت، ڏاڍائي. ها ٻارو! ڪنهن حاڪم لاءِ حشمت تمام ضروري آهي.

”رعيت جو اڄوڪو مطلب ”عوام“ آهي يعني عام ماڻهو، جيئن اسين سڀئي آهيون. اسان کي حاڪم جي ”شفقت“ گهرجي يعنيٰ ان جي مهرباني ۽ مهر جي نظر گهرجي.

شبانه حيات شيخ

صحبت جو اثر

زاهد ۽ مسعود ٻئي پاڙيسري ٻار هئا ۽ اسڪول به ساڳي ۾ پڙهندا هئا. ٻئي پڙهڻ ۾ ڀڙ هئا. زاهد ڏاڍو محنتي هوندو هو. رات جو دير دير تائين پڙهندو هو ۽ اسڪول جا مليل ڪم وقت اندر پورا ڪندو هو. مسعود اسڪول توڙي پاڙي ۾ سدائين، زاهد سان گڏ گهمندو هو. زاهد جهڙي محنتي ۽ سلڇڻي ٻار سان دوستي هئڻ ڪري مسعود به اسڪول ۾ پڙهڻ ۾ سٺو نالو پيدا ڪيو. هوشيار ۽ محنتي هئڻ ڪري اسڪول توڙي پاڙي ۾ سڀ ٻار توڙي وڏا هنن ٻنهي کي چاهيندا هئا. زاهد جو پيءُ، هڪ فيڪٽري ۾ ملازم هوندو هو. جڏهن ته مسعود جو پيءُ پوليس عملدار هوندو هو. زاهد ڪلاس ۾ پنهنجي محنت ۽ حليمت ڪري پهريون نمبر هوندو هو. مسعود به زاهد، جهڙي محنتي ۽ سلڇڻي ٻار جو دوست هئڻ ڪري سٺي محنت ڪندو هو. جنهن ڪري هو ڪلاس ۾ ٻيو نمبر کڻندو ايندو هو. مسعود جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته ڇو نه مان گهڻي محنت ڪري، زاهد کان نمبر کڻان، ان ڪري هن رات ڏينهن پڙهڻ سان دل لڳائي ۽ هو صبح شام پنهنجي والدين کان به دعائون وٺندو هو، ته کيس دعا ڪن ته هو پنهنجي، جائز مقصد ۾ ڪامياب ٿئي، مسعود ڏاڍي محنت سان پڙهڻ لڳو، ڇهه ماهي ٿيندڙ، ڪچا امتحان ٿيا، جنهن ۾ مسعود، زاهد کان گهڻيون مارڪون حاصل ڪيون ۽ کيس ڪلاس ۾ پهريون نمبر مليو، اهو ڏسي ڪلاس جا سڀ ٻار، مسعود کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. زاهد کان توڙي جو نمبر به کسجي ويوهو. تڏهن به هو مايوس نه ٿيو ۽ هن اڳتي وڌيڪ محنت ڪري، پنهنجو وڃايل نمبر حاصل ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيو. آخرڪار ساليانه امتحان به اچي ويجها ٿيا هئا. زاهد رات ڏينهن محنت ڪري پڙهڻ لڳو، زاهد جو پيءُ جڏهن رات جو دير سان فيڪٽري تان موٽندو هو. تڏهن به زاهد ويٺو پڙهندو هو. سندس پيءُ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو، ته سندس وڏو محنتي ۽ هوشيار ٻار آهي هوڏانهن وري زاهد ۽ مسعود وارن جي پاڙي ۾ هڪ نئون ڇوڪرو، مشتاق لڏي آيو، مشتاق جو پيءُ، وڏو اثر رسوخ وارو ماڻهو هو. مشتاق به ساڳيءَ اسڪول ۾ هنن سان داخل ٿيو. مشتاق اسڪول ۾ سارو ڏينهن رڳو فلمن جون ويٺو ڳالهيون ڪندو هو. هن زاهد ۽ مسعود کي به فلمن ڏسڻ لاءِ آڇ ڪئي ۽ کين ٻڌايو ته: اسان وٽ وي-سي-آر آهي، اوهان ايندا ڪريو ته، آئون اوهان کي روزانو فلم ڏيکاريندس، زاهد کي مشتاق جون ڳالهيون سٺيون نه لڳنديون هيون، انڪري هو مشتاق سان گڏ گهمڻ کان ڏاڍو لنوائيندو هو، پر مسعود، مشتاق جي ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ هو روزانو مشتاق سان گڏ فلمون ڏسندو هو. اسڪول ۾ سڄو سارو ڏينهن هو ويٺا فلمن جون ڳالهيون ڪندا هئا، هاڻي مسعود، مشتاق جهڙي جڏي ۽ رول ڇوڪري جي صحبت ۾ اچي ويو هو، ان ڪري هن جي محنت سان دلچسپي گهٽجي وئي ۽ هو سڄو سارو ڏينهن اسڪول توڙي پاڙي ۾ مشتاق سان گڏ گهمي فلم ڏسي رلي اجايو وقت وڃائي ڇڏيندو هو، اسڪول جا ڪم پڪا نه ڪرڻ ڪري، مسعود کي اسڪول مان دڙڪا به ملندا هئا، پر هو نه سمجهندو هو، ساليانو امتحان ٿيو، جنهن ۾ مسعود ۽ مشتاق ناپاس ٿيا زاهد پهريون نمبر حاصل ڪيو، جنهن ڪري اسڪول ۾ کيس شاگرد توڙي استاد مبارڪون ڏيڻ لڳا، مسعود ۽ مشتاق تي ناپاس ٿيڻ ڪري ٽوڪون ٿيڻ لڳيون.

ٻارو اوهان ڏٺو ته جيستائين مسعود محنت ڪري پڙهندو هو ۽ هنن جي دوستي هوشيار ٻارن سان هئي ته هو اسڪول ۾ سدائين سرخرو رهندو ٿي آيو، پر جڏهن مسعود صحبت ۾ اچي ويو ته کيس ناپاس ٿيڻو پيو ۽ سڀني جي اڳيان، شرمسار به ٿيڻو پيو، ان ڪري ٻارو اوهان به رول ۽ ڪنن ٻارن جي صحبت کان پاسو ڪندا ڪريو ۽ هوشيار ۽ محنتي ٻارن جي صحبت ۾ رهندا ڪريو ڇو ته صحبت جو وڏو اثر ٿيندو آهي.

عبدالله شاعر

علم روشني آهي

 

علم عربي لفظ آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ڄاڻ لفظ ”علم“ کي انگريزي ۾ سائنس چيو ويندو آهي. ۽ لفظ سائنس اصل قديم فرينچ يا لاطيني ٻوليءَ جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي:

1.      معلومات لاءِ ڄاڻڻ

2.     اها ترتيبوار معلومات جيڪا مشاهدي مطابق مطالعي ۽ تجربي مان ورتي ويئي آهي.

3.  معلومات (ڄاڻ) جي هڪ شاخ خاص ڪري اهڙيون ترتيبوار حقيقتون ۽ اصول جيڪي ڪنهن طريقي ڪار تي قائم ڪيا ويا هجن (تجرباتي عملي مضمون جهڙوڪ علم رياضيات وغيره.

4.     فطرت (قدرت) جي ترتيبوار معلومات يا فطري علم جي شاخ.

5.     اهڙو هنر جيڪو ترتيبوار تربيت (سکيا) تي منحصر هجي. (جهڙوڪ رڌ پچا جو علم)

جهڙي طرح ڌڻي تعاليٰ جي پيدا ڪيل سمورين مخلوقات ۾ انسان بهترين ۽ شرف واري مخلوق آهي، اهڙي طرح انسان ۾ وري شرف وارو انسان اهو آهي، جنهن علم حاصل ڪيو ۽ ان تي عمل ڪيو علم ڪنهن به عمل جي نتيجي جي سچي حقيقت کي چئبو آهي.

علم هڪ ساڃهه هڪ اهڙي صلاحيت آهي، جيڪا اسان کي برائي ۽ ڀلائي نفعي ۽نقصان، ثواب ۽ گناهه، ظالم ۽ مظلوم ۾ واقعي فرق سمجهائي ٿي. علم حاصل ڪرڻ سان ايمان يقين، ۽ عقيدو پختو ٿئي ٿو. (ايمان ڪنهن به سچائي تي پختو ٿي رهڻ کي چئبو آهي.) علم حاصل ڪرڻ سان، انسان ۾ پاڻ سڃاڻڻ يا پاڻ پروڙڻ جو مادو پيدا ٿئي ٿو. جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن ڄڻ خدا کي سڃاتو، رسول کي سڃاتو ۽ هر انسان کي سڃاتو. اهائي صحيح معنيٰ ۾ ساڃاهه، علم ۽ سڃاڻپ آهي جيڪا انسان کي هن دنيا توڙي آخرت ۾ خدا تعاليٰ جي خوشنودي ۽ سرخروئي ڏياري ٿي. علم حاصل ڪندڙ (طالب علم) نيڪي ۽ بدي جون راهون چڱي طرح پرکي نيڪي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. پر بي علم (جاهل) هميشہ اونداهين ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو.

علم جي حصول انسان کي فرش تان کڻي عرش تي پهچايو آهي. جڏهن ته اڄ جو انسان چنڊ تي پنهنجو قدم رکي اڃا به اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هي جديد سائنسي ايجادون به علم جون ئي شاخون آهن. هن کان اڳ ۾ به هنر ۽ ڪاريگري هوندي هئي. پر اڄوڪي دور ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي سا ڪڏهن به نه هئي.

انسان زمين اندر لڪل خزانا، شمسي نظام جو سير ۽ سفر، سمنڊن جي ترن ۾ جهاتيون پائڻ، مهينن جا سفر ڪلاڪن ۾ ڪرڻ، مشينري کان انساني ڪم وٺڻ، ائيرڪنڊيشن، ٽي وي، ڪمپيوٽر، موٽرون، بسون، جهاز اهو سڀ ڪجهه علم جي ذريعي کوجنا ڪري حاصل ڪيو اٿس. ڇو ته علم جي ڄاڻ کان پوءِ کوجنا ۽ جدوجهد تصور ذهن ۾ اچي ٿو ۽ انهي کي ئي جديد دور ۾ ”سائنس“ چيو وڃي ٿو. سائنس کي اسين لفظن ۾ علم يا ڄاڻ چئون ٿا. مطلب ته ڪنهن به شيءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ کان پهرين علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي.

علم کانسواءِ اعتدال پسندي ناممڪن آهي. اعتدال پسند يعني نه فضول خرچي ۽ نهوري ڪنجوسي، مطلب ته هر معاملي ۾ وچٿرو هلڻ کي اعتدال پسندي چئبو آهي.

انسان جو جهنگلي دور کان وٺي، ائيرڪنڊيشن بنگلن ۾ رهڻ به علم (ڄاڻ) جو ئي ڪمال آهي. اها سمجهه به کيس علم حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي ٿي آهي.

قومن جي بهترين مستقبل جو دارومدار علم تي آهي. ڇو ته جنهن قوم وٽ علم جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي، ان قوم ئي ڪمال حاصل ڪيو آهي. استاد جو مرتبو به، والدين کان ان ڪري وڌيڪ آهي، جو هو علم سيکاري ٿو يعني سمجهه عطا ڪري ٿو ۽ روحاني توڙي طبعي حالتن کي سڌاري ٿو. جهڙي طرح تارا آسمان جي زينت آهن اهڙي طرح علم وارا انسان دنيا جي زينت آهن.

پاڻ سڳورن علم جي فضيلت جي باري ۾ فرمايو ته:

1.      هرهڪ مسلمان مرد توڙي عورت تي علم جي طلب ڪرڻ فرض آهي

2.     آئون علم جو گهر آهيان ۽ علي ڪرم الله وجهه ان جو دروازو آهي.

3.     جيڪو ماڻهو علم جي تلاش ۾ نڪري ٿو، اهو واپس اچڻ تائين الله جي راهه ۾ آهي.

4.     طالب علم (شاگرد) علم جي تلاش ڪندي جيڪڏهن فوت ٿيويو ته اهو شهيد آهي.

5.     علم حاصل ڪريو توڙي جو توهان کي چين وڃڻو پوي.

6.     پينگهي کان وٺي قبر تائين علم حاصل ڪريو.

7.     علم نيڪي آهي جهالت بدي آهي.

پاڻ سڳورا ﷺ جن علم جا شيدائي هئا، وٽن عالمن جو وڏو قدر هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ هنڌ فرمايو اٿن ته نبوت جي درجي کي ويجهي ۾ ويجهو ماڻهو، علم وارو آهي. پاڻ سڳورا انسانذات جا آخري معلم هئا. معلم، علم سيکاريندڙ يا استاد کي چيو ويندو آهي. حضرت محمّد مصطفيٰ ﷺ جن علم جي شمع ٻاري، گهر، گهر روشني پهچائي، ساري جهان کي علم جي زيور سان نوازيو ۽ صحيح معنيٰ ۾ زندگي گهارڻ جو درس ڏنو.

آڳاٽو انسان، طبعي طاقتن ۽ آفتن جي پوڄا ڪندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن جي ڪري کيس وڏا وڏا نقصان سهڻا پوندا يا ڪن حالتن ۾ فائدا حاصل ٿيندا هئا، تنهنڪري اڳوڻو انسان انهن طاقتن کي پنهنجي مالڪ سمجهي يا شر ۽ خير جو خالق سمجهي پوڄيندو هو. پر جيئن انسان تجربو ۽ مشاهدو انهن غلط قرار ڏيندو ويو تيئن تيئن انسان سمجهه، ساڃهه ۽ علم ۾ اضافو ايندو ويو. آخرڪار انهن سڀني امڪانن کي رد ڪندو، اڄوڪي روشن دنيا ۾ پهتو آهي. اهو سارو اوج علم جي ڪري ئي ماڻيو اٿس.

بيشڪ علم هڪ اهڙي ساڃهه آهي جيڪا انسان ۾ سهڻي سمجهه ۽ سٺا لڇڻ پيدا ڪري ٿي، علم حاصل ڪندڙ ۾ حب الوطني خيرخواهي ۽ سچائي جا جذبا پيدا ٿين ٿا. جذبو اهو جنهن ۾ سچائي هجي، اهو منزل تي رسائي ٿو، بيشڪ اهي ئي قومون زندهه رهنديون جن علم جو شمع ٻاري سارو لوڪ روشن ڪيو.

طفيل احمد صدر

خالق ڪائنات

سليم هڪ ذهين، ڇوڪر هو، هن کي پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي پيءُ سان گڏجي سير به ڪندو هو.

هڪ دفعي هو پنهنجي پيءُ سان گڏجي درياءَ جي سير تي ويو، اتي هڪ تمام حسين ۽ وڻندڙ منظر هو، اهو منظر ڏسي هن جي دماغ ۾ خيال آيو ۽ پڻس کان پڇيائين ته، هن دنيا ۽ حسين نظارن کي ڪنهن ٺاهيو آهي. ان تي پڻس وراڻيو ته، اهي سڀ شيون اسان جي رب خلقيون آهن ڇا اسان الله پاڪ کي ڏسي سگهون ٿا؟ سليم پڇيو: نه اسان الله پاڪ کي فقط محسوس ڪري سگهون ٿا، ته الله جو وجود آهي. پڻس جواب ڏنو، اهو ڪيئن سليم سوال ڪيو، اهو هيئن ته جيڪڏهن، ڪو ماڻهو درياءَ جي پسيل زمين تان لنگهي ٿو، ته اتي قدمن جا نشان پئدا ٿي پون ٿا، جنهن مان محسوس ٿئي ٿو ته، اتي ڪنهن ماڻهو جو وجود هو يا ڪو اتان گذريو آهي.

ان جو هڪ ٻيو واضح مثال آسمان جو آهي، جيڪو بغير ڪنهن سهاري جي بيهاريل آهي ۽ ان ۾ سج، چنڊ ۽ تارا اهڙي طرح لڳل آهن، جو محسوس ٿو ٿئي ڄڻ چنبڙايا ويا هجن، سج ۽ چنڊ پنهنجي مقرر وقت تي اڀرن ۽ لهن ٿا.

اسان جيڪڏهن غور ڪريون ته هن سڄي نظام کي ڪير ٿو هلائي، جيئن ڪا گاڏي بنا ڊرائيور جي نه ٿي هلي سگهي، ان وانگر هن پربت جيڏي نظام جو به ضرور ڪو هلائيندڙ هوندو ۽ اها ذات باري تعاليٰ الله پاڪ جي آهي جيڪو اسان ۽ هن ساري جهان جو خالق ۽ مالڪ آهي.

اندو ڪمار جوشي

غلام مصطفيٰ سولنگي

پر طوطو گرفتار ٿي ويو؟

جهنگ ۾ هڪ جهوپڙي هوندي هئي. ان جهوپڙيءَ ۾ هڪ بزرگ رهندو هو، مذهبي ڪتاب پڙهندو هو، خدا تعاليٰ جو ذڪر ڪندو هو ۽ اهڙي طرح پنهنجي زندگي گذاريندو هو.

هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته اهو بزرگ جهوپڙي کان ٻاهر ويٺو گُلن جي مالها ٺاهي رهيو هو. ان دوران جهنگ مان اڏامندو هڪ طوطو اوڏانهن اچي نڪتو ۽ بزرگ جي ويجهو اچي ويٺو هئو بريءَ طرح ڏڪي ۽ سهڪي رهيو هو. ٿوريءَ دير کان پوءِ هڪ شڪاري به طوطي جي تلاش ڪندو اوڏانهن اچي نڪتو هن ڏٺو ته بزرگ گلن جي مالها بنائڻ ۾ ايترو مگن هو ڄڻ هو آسپاس جي ماحول کان بلڪل بي خبر هجي.

”هي پوڙهو ته پنهنجي ڪم ۾ مصروف لڳو پيو آهي. جيڪڏهن طوطو هيڏانهن اچي ها ته ضرور هن جو خيال طوطي جي طرف ئي ٿي ها. شايد طوطو هيڏانهن نه آيو آهي.“ ائين سوچيندي شڪاري اڳتي وڌي ويو دراصل طوطو گلن جي ڍير پٺيان ويٺو هو ان ڪري شڪاري هن کي ڏسي نه سگهيو.

جڏهن شڪاري هليو ويو ته طوطي جي جان ۾ ساهه اچي ويو. بزرگ کڻي گود ۾ ويهاريس، جسم تي هٿ ڦيرايائينس ۽ تسلي ڏنائينس. بزرگ سوچيو ته طوطو عقلمند ٿيندو ئي آهي، ڇو نه هن کي اهڙو سبق پڙهايو وڃي جو هو هميشہ شڪاريءَ کان هوشيار ٿي وڃي. اهو سوچي بزرگ هن کي پڙهائڻ شروع ڪيو:

”مان سائو سائو طوطو آهيان،

سائي شاخ تي ويٺو آهيان،

هيٺ مان نه ايندس،

داڻو ڪڏهن به نه کائيندس،

مان جلدي اڏامي ويندس.“

بزرگ ڪيترن ئي ڏينهن تائين طوطي کي هي سبق ياد ڪرائيندو رهيو ڪجهه ڏينهن کان پوءِ طوطي پاڻ ئي ڳالهايو.

”مان سائو سائو طوطو آهيان،

سائي شاخ تي ويٺو آهيان،

هيٺ مان نه ايندس،

داڻو ڪڏهن به نه کائيندس،

مان جلدي اڏامي ويندس.“

اهو ٻڌي بزرگ ڏاڍو خوش ٿيو، ”واهه! طوطي منهنجي نصيحت چڱئي طرح ياد ڪري ڇڏي آهي. هاڻي شڪاري ڪڏهن به هن کي پنهنجي ڄار ۾ ڦاسائي نه سگهندو.“ اهو سوچي بزرگ مطمئن ٿيو ۽ هڪ ڏينهن هن سوچيو ته، ”طوطو هاڻي هوشيار ٿي ويو آهي، تنهنڪري هن کي هاڻي آزاد ڪرڻ گهرجي. آسمان جي سير ڪرڻ وارن کي پڃرن ۾ بند رکڻ سان ڪهڙو فائدو؟“ اها ڳڻ ڪري بزرگ طوطي کي آزاد ڪري ڇڏيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بزرگ کي وري طوطي جو خيال آيو. سوچڻ لڳو ته طوطي منهنجي نصيحت تي عمل ڪيو يا نه؟ مون کي ان جو امتحان وٺڻ گهرجي.

ان خيال سان هڪ ڏينهن بزرگ هڪ شڪاريءَ کي گهرايو ۽ پنهنجي ارادي کان آگاهه ڪندي هن کي سموريون ڳالهيون سمجهائي ڇڏيائين. ان کان پوءِ شڪاري جهنگ ۾ هليو ويو ۽ بزرگ جي ٻڌايل جاءِ تي ڪجهه اَن جا داڻا ڇٽي ڄار وڇائي ڇڏي. ڪجهه گهڙين جي انتظار کان پوءِ آخر ڪجهه طوطا ڄار ۾ ڦاسي پيا. شڪاريءَ سڀني طوطن کي پڃري ۾ بند ڪري هلڻ لڳو. بزرگ سان ڪيل وعدي مطابق طوطا کڻي هن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. بزرگ سڀني کي غور سان ڏٺو. هن اهو ڏسي ڪري ڏاڍو ڏک ٿيو ته جو هن جنهن سان جنهن طوطي کي سيکاريو پڙهايو هو اهو به ان پڃري ۾ بند هو.

”آه! ڪيترو نه مان طوطي کي پڙهايو پر تڏهن به هو نادان ئي رهيو.“ هو افسوس ڪندي چوڻ لڳو، ”ڪنهن کي هزارها سمجهايو وڃي. لکين نصيحتون ڪيون وڃن پر جيستائين هو انهن تي عمل نه ڪندو ته ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو. جيڪي ماڻهو هدايت ۽ نصيحت تي عمل ڪندا آهن. اهي زندگيءَ ۾ ڪنهن به ڄار ۾ ڦاسي نه سگهندا آهن.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com