ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارؤ!
اسان اڳوڻي پرچي ۾ لکيو هو ته اسان ٻارن جا گهڻي ۾
گهڻا ليک شايع ڪنداسون. اسان اوهان کي وري به چئون
ٿا ته اسان اوهان جون لکڻيون ضرور شايع ڪنداسون پر
اهي نقل ٿيل نه هجن جي ڪٿان ترجمو ڪري موڪليو ته
ان ليکڪ جو نالو ۽ ڪتاب جتان ليک ترجمو ڪيو اٿو ان
جو نالو به ضرور لکجو ٻي صورت ۾ ليک شايع نه
ٿيندو.
ٻارؤ هاڻ توهان کي اونهاري جي وئڪيشن به ملي آهي،
اصل ۾ اها موڪل انهي لاءِ آهي ته ٻار انهن گرمين
جي مهينن ۾ گهر ۾ ٿڌي ڇانو ۾ ويهي آرام ڪن ۽
پنهنجو مطالعو به ڪندا رهن. گهڻا سرندي وارا ٻار
ته ٿڌن شهرن ڏانهن گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليا ويندا آهن،
پر ڪي ٻار نٽهڻ اس ۾ گليل کنيو باغن ۾ وتندا آهن
رلندا ۽ ڏينهن لڳي پوڻ ڪري بيمار به ٿيو پون،
ويچارا والدين به پريشان ٿيو وڃن ان لاءِ ٻارو جي
توهان گهر ۾ ئي آهيو ته رلڻ جي بجاءِ هڪ هنڌ ويهي
پنهنجي اسڪول جي ڪم کي پڪو ڪريو ۽ ان سان گڏ ٻيا
علمي ۽ ادبي ڪتاب به پڙهو ته جيئن اوهان جي ڄاڻ ۾
به اضافو ٿئي. اميد ته توهان اسان جي هن صلاح تي
ضرور عمل ڪندا.
وئڪيشن ۾ پنهنجي پياري رسالي گل ڦل کي به نه
وسارجو، جيڪو واندڪائي ۾ اوهان کي سٺيون سٺيون
ڳالهيون ٻڌائيندو.
چڱو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
ڇپر ۽ ڇمر، ٿا لڳہ لڳن پاڻ ۾
ڏاڍا ڏونڪر ڪرڪرا، ويڌ ونگايون ور
آئون پيادي پٽئين، نماڻي نڌر
سوريون جت سڳر ات ٻاتاڙي ٻيلي ٿئين!
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي (مرتب ڪلياڻ آڏواڻي)
مان کنيو ويو آهي. هي بيت سر ديسي جي داستان ڇهين
جو ڇهون نمبر بيت آهي.
سمجهاڻي:
پهاڙ ۽ ڪارا ڪڪر هڪ ٻئي سان پيا لڳن (جبل ايڏا
اتاهان آهن جو انهن جي چوٽين سان ڪڪر پيا لڳن، جبل
سخت آهن ۽ منجهن ڏاڍيون جٺيون، ڏنگايون ۽ وڪڙ آهن.
آئون نماڻي ۽ بي وسيلي پٽن مان پنڌ پئي وڃان، جت
سورين جهڙا پيچرا آهن (جتي چوٽيون پيچر آهن) تتي
شل تون هن موڙهل جو اچي مددگار ٿين.
معنيٰ:
لڳہ: بادل، ڪڪر. ڪرڪرا: ڪوڙا، سخت. ويڌ: ويڌيون،
ڪشالا. ونگايون: ڏنگايون. پٽئين: پٽن ۾. نڌر:
نڌڻڪي، بي وسيلي. سڳر: پنڌ پيچرا. ٻاتاڙي: منجهيل
موڙهل.
اصغر انور
پياري ماءُ
پياري، پياري مٺڙي موچاري ماءُ،
دعائون ڪندي آهي عمر ساري ماءُ
ڪڏهن به ٻچڙي تي تڪليف سهندي ناهي،
کيس هميشہ، سک ۾ ڏسڻ چاهي،
ٻچڙا ماڻي جواني به چوندي آهي ماءُ،
پياري، پياري مٺڙي موچاري ماءُ،
ٻچڙو ڪاڻو، ڪوجهو، ڪهڙو به هجي؟
پئي چاهي ماءُ ته اکين ويجهو هجي،
وات مان به ڪڍي، ٻچي کي کارائي ماءُ،
پياري، پياري مٺڙي موچاري ماءُ،
انور نت تون ماءُ جي خدمت ڪر،
هرهر سندس، دعا حاصل ڪر،
تنهنجي سونهن، شان مان آهي ماءُ،
پياري، پياري مٺڙي موچاري ماءُ،
دعائون ڪندي آهي، عمر ساري ماءُ،
اشرف امر لاشاري
نظم
ننڍڙو مٺڙو پيارو ٻالڪ
سڀ جي اکين جو تارو ٻالڪ
ٻاتي ٻاتي جنهن جي ٻولي،
سچ سچ آ موچارو ٻالڪ
روز سکي هي لفظ نوان ٿو،
نازن نخرن وارو ٻالڪ
من موهيندڙ جنهنجي صورت،
ماءُ ۽ پيءُ جو سهارو ٻالڪ
محنت سان تنهنجي عظمت جو،
چمڪي اُڀ تي تارو ٻالڪ
همت جُرئت عزَم اَٽل ۾،
سڏجين هوشُوءَ پارو ٻالڪ
تعريف امر ڪهڙي ڪريان
سونهن سراسر سارو ٻالڪ.
وڪيو خان پيرزادو
نظم
علم جي ادا سان ٿيو مالا مال،
رکو ٻارو خاصو علم جو خيال،
علم جو خزانو کُٽي ڪين سگهندو،
نه اهڙو خزانو ٻيو ڪوئي ملندو
علم سان زمين کان گهمو آسمان.
علم سان اوهان جو وڌي مان شان،
علم کان ڪڏهن ڪين پاسو ڪريو،
سمورو پنهنجو ڌيان ان تي ڌريو،
علم ساڻ روشن ٿئي مستقبل
وساريو نه ڪڏهن پڙهڻ جو عمل،
علم ساڻ عزت ۽ محبت ملي ٿي،
سچي ساڻ صحبت ۽ سنگت ملي ٿي،
علم ساڻ اخلاق، ادب پرايو،
وڏن جو چيو ڪين ڪڏهن موٽايو،
علم جي اوهان کي آ پارت گهڻي،
ڏئي شوق شال اوهان کي ڌڻي،
اسان جو دعائون اوهان ساڻ آهن،
سڌريل اوهان کي اکيون ڏسڻ چاهن،
علم ساڻ ”وڪيل“ جو ٿيندو صال،
ڏيندو شوق وَ زوق ذوالجلال.
وزير علي ”شاد“ منگي
نظم
ڇانو هجي يا اس پيارا
علم جو وٺ تون گس پيارا
محنت سان پيو پڙهه تون هاڻي
وڏڙو ٿي تون منزل ماڻي
ديس مٿان پوءِ بادل بڻجي
پلٽار ڪري پيو وس پيارا
جنهن علم هنر جي ريت اپنائي
ترقي ڪندي قوم اهائي
واهڻ واهڻ وستي وستي
پيغام اهوئي ڏس پيارا
ڪينو ڪلفت وساري ويڇا
ڪجي پاڻ ۾ ٻڌي اتحاد ادا
وقت جي پڻ جا آهي تقاضا
مٺي محبت جي آ چس پيارا
من ۾ ڪوئي مير نه رکجي
پنهنجي سان ڪو غير نه رکجي
ٿجي صاف سٺو کير جيان
لاهي دل تان هر ڪس پيارا
ڇانو هجي يا اس پيارا
علم جو وٺ تون گس پيارا
خليل عارف سومرو
ٽانڊاڻو
ننڍڙا ننڍڙا پرڙا پکيڙي
اُڏرڻ لاءِ کنڀ کنڊيڙي
اُڏندي ڪڏندي پل پل ٽمڪي
اونداهي به جنهن کان ڇرڪي
جنهن جو تارن وانگي چمڪو
روشن روشن پيارو جرڪو
ٻار جڏهن هن کي ڏسندا آهن
مائٽن کان پڇندا آهن
ڪنهن کي ته ڪوئي ڏيندو آهي
ڪنهن کي ته خبر ڪا هوندي ناهي
ٻارن کي مان ئي ٿو ٻڌايان
نيٺ انهن جو شاعر آهيان
چمڪا ڪندو جيڪو وڃي اڏاڻو
ٻارو تنهن کي چون ٽانڊاڻو
عارف جنهن تي نظم لکيو آ
جگنو ڀي ان کي چئبو آ
نياز پنهور
نظم
گهر گهر سونهن پکيڙيون ساٿي
ڌرتي يار سينگاريون
واهڻ واهڻ خوشبو ٿيندي،
ٿينديون يار بهاريون،
ڌرتي يار سينگاريون
مارو پنهنجا، سانگي پنهنجا،
جهر جهر جهومن جهانگي پنهنجا
خوش ٿي جهومي گهاريون،
ڌرتي يار سينگاريون
واهڻ واهڻ علم وسايون،
واٽ انهيءَ سان جڳ جرڪايون،
پنهنجو ڀاڳ سنواريون،
ڌرتي يار سينگاريون.
عبدالرحيم وگهيو ”باغي“
ماءُ جي دعا
اٿي ننڊ مان منهنجا ٻچڙا
تيار ٿي وڃ اسڪول پٽڙا
ڪتاب کڻي تون وڃ اسڪول
پيارا پٽ ٿي نه ملول
ماني کائي تون کڻ ڪتاب
وڃي اسڪول پڪا ڪر حساب
اسيمبلي ۾ بيهه قطار ڪري
بيٺا هوندئي دوست انتظار ڪري
وڃي ٻڌ تون ٻچڙا ترانو
ٻڌندي جنهن کي گذريو زمانو
ٻڌهي ڳالهيون غور ڪري
ڏسي توکي ٿو هنيانءُ ٺري
سبق پڙهي ٿي سڄڻ تيار
استاد نه ڏئي ڪا اهڙي ميار
دعائن سان ٿيندين نالي وارو
مبارڪون ڏيندو هي جڳ سارو
ان ويل ٿينديس خوش آئون
ڪنديس توکي سدورا دعائون
سدائين شال مٺا شاد هجين
هر بلا کان تون آزاد هجين
ڪجاءِ خدمت سنڌ جي مٺا
تنهنجي لئي مون ڏک ڏٺا
ڏسي توکي ٿو خوش ٿئي پيءُ
دعائون وٺي تون هميشه جيءُ
محمد علي هيسباڻي
رانديون رچايون
اچوڙي ٻارو راند رچايون
هٿ هٿ ۾ ڏئي ڦيريون پايون
ڦيريون پايون پيار وڌايون
گيت خوشيءَ جا گڏجي ڳايون
قرب پنهنجي جو هٿ ملايون
پيار جو ناتو توڙ نڀايون
اچوڙي ٻارو راند رچايون
نچندي ڪڏندي راند ڪيون
ڪڏهن نه پاڻ کان ڌار ٿيون
هڪ ٻئي جو سدائين ساٿ ڏيون
رڪ جي ڪا ديوار اڏايون
اچوڙي ٻارو راند رچايون
توڙي اسين ننڍڙا آهيون
ڳوٺ سڌار اسڪيم ٺاهيون
غمن ڏکن کي دور ڀڄايون
نت نئين ڪا جوت جلايون
اچوڙي ٻارو راند رچايون
قاضي منظر حيات
ايڊيسن
پيارا ٻارؤ! اڄ اوهان آڏو اهڙي انسان جي جيون ڪٿا
پيش ڪيان پيو؛ جنهن جي ذهني سوچ، کوجنائي طبيعت هن
ڀونءِ کي روشنيءَ جي علامت کان واقف ڪرايو. روشني
اُها روشني جا جلوا پکيڙي، هينئر اسان جي جيون جو
هڪ اهم ۽ ضروري حصو بڻجي ويئي آهي، جنهن سواءِ
اسان جو جياپو مشڪل آهي- روشنيءَ جو هڪ ذريعو
”بلب“ به آهي جنهن جي خالق کي ايڊيسن جي نالي سڏيو
ٿو وڃي.
ايڊيسن جو اصل نالو ايڊيسن ٿامس ايلوا آهي. سندس
پيدائش آمريڪا جي هڪ ننڍي شهر ميلان ۾ 11 فيبروري
1847ع ۾ ٿي. هي همراهه ننڍپڻ کان وٺي محنتي ۽
جاکوڙي هيو.
ايڊيسن جا والدين غريب هيا. تنهنڪري سندس ورڇ ۾ به
غربت پلئه پئي- مالي حالتن سبب اسڪول ۾ تعليم جاري
رکڻ جي آس اڌوري رهجي ويس. سندس والده سلجهيل ۽
سگهڙ عورت هئي، جنهن ڪري تربيت نهايت سٺي نموني
سان ٿي. مالي مشڪلاتن سبب ڏينهن جي وقت اخبارون
وڪڻندو هيو. ۽ شام جو ماءُ جي شوق ڏيارڻ تي، سستي
اگهه وارا سائنسي ڪتاب ۽ رسالا ڏاڍي چاهه سان پڙهي
هر ڳالهه کي ذهن جي ورن وڪڙن ۾ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش
ڪندو هيو.
اڃا ٻار ئي مس هيو ته سندس وڏا مچيگن ڏانهن لڏي
ويا- جيئن جوانيءَ ۾ پير پائيندو ويو، تيئن وڌيڪ
جسماني ۽ ذهني ڪم ڪرڻ لاءِ چاهه وڌندو ويس. رستن
روڊن تي اخبارون وڪڻندي وڪڻندي وڃي اتي گريڊ ٽرنڪ
ريلوي ۾ رسالا، ڪتاب، رانديڪڙا ۽ کٽمٺڙا وڪڻڻ جي
اجازت حاصل ڪري ورتائين. ان دنيا ۾ وڃڻ کان پوءِ
کيس فائدو اهو رسيو ته سائنسي مشينري جو
ويجهڙائيءَ سان مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ جو موقعو
مليس- ريل جي هڪڙي دٻي ۾ پنهنجي ذهن آهر هڪ
تجربيگاهه جوڙيائين ۽ ننڍڙي پريس جو بنياد وڌائين
۽ پاڻ اخبار ڇاپڻ لڳو. تجربيگاهه ۾ واندڪائيءَ جو
ويهي ڪتابن مان پڙهيل ڳالهين کي تجربي ساڻ عملي
روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
هڪ ڏينهن اُن جوڙيل تجربيگاهه ۾ هڪ واقعو پيش آيو.
سندس بي خبريءَ سبب فاسفورس جي شيشي هيٺ ڪري پئي،
جنهن سبب باهه لڳي پئي. باهه ته جلد وسائي وئي پر
کيس گهڻي تڪليف سان منهن ڏيڻو پيس. ڇو جو گارڊ
سندس حرڪت تي سخت ناراض ٿيو. ساڻس تمام گهڻو
وڙهيو. ڌڪ، چنبا، مڪون، لتون مطلب ته کيس حد کان
وڌيڪ ماريو، ڪٽيو. ان مار ۾ ساڄي ڪن تي زوردار
چماٽ لڳڻ سبب سنڌي سندس ٻڌڻ جو سلسلو متاثر ٿيو ۽
هميشہ لاءِ ساڄي ڪن کان ٻوڙو رهيو. پر پوءِ به هي
ڪٿان ٿو پنهنجي مقصدن کان هٽيو! ڇو جو سندس اصول
رهيو ته ”زندگيءَ تمام مختصر ٿئي ٿي پر مون کي اڃا
ججهو ڪم ڪرڻو آهي.“
زندگيءَ به عجيب واقعن جو مجمعو ٿئي ٿي، هڪ ڏينهن
ان جڳهه تي بيٺو هيو، جتي کيس زبردست مار ملي هئي.
ڇا ٿو ڏسي ته سامهون تيز رفتاريءَ سان ريل اچي رهي
آهي، پر ٻن پٽڙن جي وچ ۾ اسٽيشن ماستر جو بي سمجهه
ننڍڙو پٽ بي فڪر کيڏي رهيو آهي. ايڊيسن موت سان
اکيون ملائي بند ٽپي ننڍڙي کي ٻانهن کان ڇڪي پري
ڪيائين ۽ سندس جان بچايائين ان واقعي تي صاحب خوش
ٿيو ۽ کيس تار گهر ۾ نوڪري سان نوازيو پر اتي کيس
مزو نه آيو.
مسلسل بجليءَ تي ڪتاب پڙهندو رهيو تمام ججهي غور
کان پوءِ تجرباتي عمل ۾ به سرگرم رهيو. جڏهن ڀرپور
جوڀن جوانيءَ تي رسيو ته کيس پنهنجي محدود ۽ مختصر
دنيا ۾ مزو ڪونه آيو. وڌيڪ تجرباتي مهم کي اڳتي
وڌائڻ ۽ نيون نيون سائنسي کوجنائون مشاهداتي اک
سان جاچڻ لاءِ نيويارڪ جهڙي مشيني دنيا ۾ وڃي
رسيو. جيئن ته سندس حياتي عجيب واقعن جو مجموعو
آهي، تنهن ڪري نيويارڪ ۾ به ساڻس دلچسپ واقعو پيش
آيو. هڪ ڇاپي خاني ۾ ويو، جتي مشين ڪيترن ڏينهن
کان خراب هئي سو مالڪ به پريشان هيو. هي هر ڳالهه
سوچي سمجهي، تجربي ڪرڻ جو اڳ ۾ ئي عادي، موقعو
غنيمت ڄاڻيندي مشين کي درست ڪرڻ جي هام هنئي. جاچ
۽ کوجنائي ذهن سان آخر وڃي هڻي هنڌ ڪيائين. جڏهن
مشين ساڳئي نموني سان ٺيڪ طرح ڪم ڪرڻ لڳي ته مالڪ
ڏاڍو خوش ٿيو کيس سٺي معاوضي تي ملازم مقرر
ڪيائين، جتان ٽي سئو ڊالر ملندا هيس.
هن پنهنجي سموري زندگي مسلسل سکڻ، جاچڻ، پرائڻ،
تجرباتي مشاهدي لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. سندس
تخليقون ۽ ڪاوشون مسلسل جدوجهد جو مظهر آهن جن
سندس نالي کي امرتا ڏئي زنده جاويد رکيو آهي.
سندس ايجاد ڪيل حيرت انگيز شين جو تعداد لڳ ڀڳ
1300 جي آهي. سندس ايجادن مان فونو گراف (1877)،
گرامون فون 1889)، سئنيما مشين (1893) اهميت طلب
آهن. ان کان سواءِ مصنوئي رٻڙ ٺاهڻ جو طريقو معلوم
ڪرڻ. نڪل ۽ لوهه جي اسٽوريج بيٽري تيار ڪرڻ، بجلي
پيدا ڪرڻ واري مشين جو نقشو جوڙڻ، جهڙن ڪارنامن جو
سهرو به ٿامس الوا ايڊيسن جي سر سونهين ٿو.
آخر هن عظيم محنتي ماڻهوءَ جي جيون جو اختتام 18
آڪٽوبر 1931ع ۾ ٿيو، پر سندس جستجو بعد جوڙيل اڻ
ڪٿ ڪارناما ساري دنيا ۾ هميشہ لاءِ کيس روشن رکيو
پيا ايندا.
محمد انور پهوڙ
ٻارن کي حادثن کان بچايو
اسان کي خبر آهي ته روڊن تي اڪثر حادثا ٿين ٿا.
حادثي جو مطلب آهي ته ڪوئي اهڙو واقعو، جيڪو اوچتو
پيش اچي ۽ اهو پريشاني ۽ صدمي جو سبب بڻجي. دنيا ۾
ڪو اهڙو شخص نه آهي جيڪو حادثن کان بچڻ نه چاهيندو
هجي. جيڪا ڳالهه يا حادثو ٿيڻ وارو هوندو آهي،
اُهو ضرور ٿيندو، مگر ان جو اهو مطلب نه آهي ته
حادثن کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي.
مسئلو صرف پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جو نه آهي. پر
پنهنجي ٻارن کي اهڙن حادثن کان بچائڻ تمام ضروري
آهي. گُلن جهڙا ٻارڙا جيڪي نه ته عقل ۾ پختا آهن ۽
نه وري انهن کي ڪنهن به قسم جي احتياط جو شعور
آهي. اُهي پنهنجي بي خيالي ۽ معصوميت جي ڪري حادثن
جو شڪار ٿي سگهن ٿا. جنهن ڪري والدين يا سرپرستن
جو فرض آهي ته ان بابت سوچين. سچ هي آهي ته حادثا
ٻارن جي صحت ۽ زندگيءَ لاءِ تمام وڏا خطرا آهن.
اسان هيٺ ڪجهه هدايتون درج ڪنداسين جن تي عمل ڪرڻ
سان ٻارن کي حادثن جو شڪار ٿيڻ کان ڪافي حد تائين
بچائي سگهجي ٿو.
1.
ٻارن کي غسل خاني ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏجي.
2.
ٻارن جي هٿن ۾ فقط اهي رانديڪا ڏنا وڃن جيڪي نه
ٽٽل هجن ۽ نه وري نوڪدار هجن.
3.
دوائن جي شيشين کي ۽ گورين کي به اهڙي هنڌ نه
رکيو وڃي جتي
ٻارن جو هٿ آساني سان پهچي سگهي.
4.
چاقو، ڪينچي، ڇري يا سئي ڪڏهن به اهڙي هنڌ نه رکجي
جتي آساني سان ٻار پهچي سگهن.
5.
باهه، ٽهڪندڙ پاڻي يا تيل جي ويجهو ٻارن کي اچڻ نه
ڏجي
6.
هميشہ ان ڳالهه جو خيال رکو ته توهان جي گهر ۾
بجلي جي وائرنگ خراب نه هجي.
7.
ٻارن کي گئس جي پائپ لائن کان پري ڪريو.
8.
ٻارن کي اس ۾ اگهاڙي مٿي سان گهمڻ نه ڏجي ۽ جيتري
قدر ٿي سگهي ته کين پيرين اگهاڙي به گهمڻ نه ڏجي.
9.
معصوم ٻارن کي سڙڪ تي ڪڏهن به اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي.
10.
ٻار جي سائيڪل جي بريڪ کي هميشہ صحيح حالت ۾ رکجي.
11.
ٻارن کي اهڙا ڪپڙا نه پارايا وڃن جيڪي جلدي باهه
کي پڪڙين.
12.
ٻارن کي سائڪليون يا موٽرون ڪڏهن به روڊ تي هلائڻ
نه ڏجن. ٻارن کي بازار وٺي وڃجي ته کين روڊ ڪراس
ڪرائڻ جو طريقو سمجهائڻ گهرجي.
13.
ننڍڙن ٻارڙن جي هٿن ۾ ڪڏهن به ڪوئي سڪو (گولي) چدو
يا ماني جو وڏو ٽڪرو نه ڏجي جيڪي اهي وات ۾ وجهن ۽
انهن جي نڙي ۾ ڦاسي پون.
منير سولنگي
کير جو کير پاڻي جو پاڻي
ڪرڙ نالي هڪ ڪڙمي هيو. هن کي ڪافي ٻڪريون هيون. هو
روزانو ٻڪرين جو کير ڏهي شهر ۾ وڪڻڻ ويندو هو، شهر
۾ نج ۽ صاف کير وڪرو ڪندو هو، هن کي کير مان ڪافي
نفعو حاصل ٿيندو هو. هو هر مهيني، نئين سُوا ٻڪري
خريد ڪندو هو، شهر ۾ ڪرڙ جي کير جي گهڻي تعريف
پيئي هلندي هئي. هر ڪو گراهڪ کير خوشيءَ سان وٺي
ويندو هو ڪنهن به گراهڪ سندس کير جي شڪايت ڪانه
ڪئي هئي.
هڪ ڏينهن ڪرڙ کي پاڙي جي ٻئي، کير وڪڻندڙ اهڙيون
ته، هيٺيون مٿيون ڳالهيون ٻڌايون جو ڪرڙ، انهيءَ
پاڙي واري جي ڳالهين جي اثر ۾ اچي ويو ۽ ان ڏينهن
ئي هن کير ۾ اڌ تي پاڻي ملايو ۽ شهر ۾ کڻي ويو،
جيئن ته ڪرڙ جي ايمانداري، جي سڀ ڪنهن کي خبر هئي
تنهن ڪري سندس کير هٿون هٿ وڪامي ويو، هن واري،
ڪرڙ کي ٻيڻا پئسا مليا جيئن ظاهر آهي، ته پاڻي جا
به هيا. ڪرڙ کي جيڪي به پئسا کير جا مليا. سي
ڪلدار هئا. انهن ۾ هڪ نوٽ ڪونه هيو. ڪرڙ شهر مان
کير وڪڻي گهر ڏانهن اچي رهيو هيو ۽ سج لهڻ ۾ اڃا
ڪلاڪ کن هيو، ان ڏينهن گرمي به ڏاڍي هئي، ڪرڙ
جڏهين ابل واهه وٽ پهتو ته هن کي ونهنجڻ جو خيال
پيدا ٿيو، ابل واهه، ويڪرو ۽ اونهو هيو ڪرڙ ٽاريءَ
جي ڀرسان ڪپڙا لاهي رکيا ۽ ڀرسان کير واري گهاگهر
رکيائين، هن اڃا ڪناري ڀرسان پاڻي ۾ ٽٻي مس هنئي
ته مٿان هڪ ڀولو، لهي آيو، جيڪو شايد فقير کان
گسائي ڀڄي اچي، وڻ تي ويٺو هو، ڀولي اها پئسن واري
قميص کنئي ۽ ساڳيو ئي وڻ جي چوٽي تي چڙهي وڃي ويهي
رهيو، ڀولي ڇا ڪيو جو قميص مان رپيا ڪڍندو واهه ۾
اڇليندو پئي ويو ته ٻيو رپيو وري واهه جي ڪناري تي
اڇليندو، ٿي ويو ڪرڙ بيوس ٿيو، اهو تماشو ڏسي رهيو
هو، ڀولي جڏهن سڀ پئسا اڇليا ته خالي قميص ڪرڙ
ڏانهن اڇليائين، نيٺ ڪرڙ واهه مان نڪري ڪناري وارا
پئسا ميڙڻ لڳو. ڪناري وارا سڀ پئسا ميڙي ڳڻيائين،
ته سراسر اڌ وڃي ٿيا، ڪرڙ دل م سوچڻ لڳو ته پاڻي
مان ڪمايل پئسا پاڻي ۾ هليا ويا، کير مان ڪمايل
پئسا منهنجي هٿ ۾ آهن، يعني ”کير جو کير ۽ پاڻيءَ
جو پاڻي پاڻي“ فيصلو صحيح ٿي ويو، ڪرڙ انهي ڏينهن
کان پوءِ کير ۾ پاڻيءَ وجهڻ کان توبهه ڪئي ۽ صاف ۽
نج کير وڪڻڻ لڳو. |