فلسطين
فلسطين جي هٿياربند جدوجهد اسرائيلي قبضي ۽ جبر
خلاف 1965ع کان باقاعده شروع ٿي هن هٿياربند
جدوجهد جو پهريون اڳواڻ صدر احمد شقيري هو، ان کان
پوءِ فلسطين ۾ مختلف نالن سان تنظيمون ٺهڻ شروع
ٿيون، جن ۾ نمايان الفتح (ياسر عرفات) ۽ پاپولر
فرنٽ (جارج حبش) جون آهن. جيڪي پنهنجي وطن فلسطين
کي اسرائيلي قبضي کان آزادي ڏيارڻ لاءِ مصلح
جدوجهد ڪري رهيون آهن، انهي جدوجهد ۾ هنن پنهنجا
ڪئين ڪونڌر به ڪهايا آهن، آزادي جي ويڙهه ۾ هنن کي
1982ع ۾ بيروت کان نڪرڻو پيو، ليڪن بيروت ڇڏڻ ۽
هزارين فلسطينن جي قتل عام کانپوءِ هو نئين عزم ۽
حوصلي سان فلسطين کي يهودين جي قبضي کان آزاد
ڪرائڻ لاءِ پنهنجي جدوجهد کي وري نئين سر منظم ڪري
رهيا آهن ۽ اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن پنهنجي وطن
ورندا.
فيض محمد سومرو
پهرين ڪامياب ڪهاڻي
سلسلو -3
استاد جي رهنمائي
انور جيئن ته زرينه ۽ عارف جو ٽيون پُٽ هو انور جي
طبيعت البيلي هئي.
هڪ ڏينهن شام هيئن ٿيو، جو پاڙي جي ڇوڪر افتخار جو
چاٻي تي هلڻ وارو موٽر ڏٺائين. هو گهر ۾ ماءُ سان
ضد ڪرڻ لڳو ته مون کي به اهو چاٻي وارو موٽر وٺي
ڏيو. پر سندس ماءُ زرينه جيڪا گهرو ڪم جي زيادتي ۽
ٽن ٻارن جي پالڻ ۽ شور کان تنگ هئي. ويتر زرينه ته
فيشن ايبل عورت هئي.
”ان ننڍڙي انور کي پرچائڻ بجاءِ کيس دڙڪا ڏيڻ شروع
ڪيا.“
ڪُتي ٻلي جا خوف ڏيارڻ لڳي وري چمڙي يا ٻين پکين
جا نالا وٺي کيس ڊيڄاريندي رهي. ويچارو انور ڪتي
ٻلي کي آفت سمجهي خوف کان ڏڪي سمهي رهيو. ان طرح
هر ڀيري انور جي انگل مڃڻ جي بجاءِ کيس وري جنن
ديون وغيره جا خوف ڏياري سمهاريندي هئي ڇو ته ٻار
کي سيني يا منهن سان لڳائڻ سندس ٿيل ميڪ اپ ٿي
خراب ٿيو. انهن زرينه جي وسيلن سان ئي انور تمام
ڊڄڻو ٿي پيو رات جو خاص طرح پاڇي کان به پيو ڊڄندو
هو.
پکين جا آواز يا ڪتن ٻلن جا آواز ٻڌي پيو ڏڪندو
هو.
سوڙ يا چادر ۾ پاڻ کي لڪائيندو رهندو هو. ڪڏهن
ڪڏهن ته کيس خوف وچان پگهر به اچي ويندو هو. تان
جو سندس اندر ۾ خوف پڪو ٿي ويو جڏهن انور کي
پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو. اتي به انور جي
اهائي حالت هئي جيڪڏهن شاگرد جي غلطي سببان ان کي
دڙڪو ٿي مليو، ته ان شاگردن جي بدران انور ڏڪي ٿي
ويو.
سندس استاد محمد لائق جو هڪ پراڻو تجربه ڪار ۽
هوشيار استاد هو. تنهن انور ڏي خاص ڌيان ڏنو- سندس
والدين کان معلومات حاصل ڪري سندس نفسياتي مطالعو
ڪيائين، استاد انور کي ڪامياب ڪرائڻ ۽ سندس دل مان
خوف ڪڍائڻ جو پڪو پهه ڪري مختلف جانور پکي ڏيکاري
۽ انهن جانورن کي بلڪل ويجهو وٺي ويس ان طرح سندس
خوف هلڪو ٿيو، پوءِ انور کي سمجهايائين ته پٽ
انور! هي ويچارا گگدام انسانن جا محتاج آهن اهي
ڪڏهن به نه ٿا وڙهي سگهن پوءِ انور جي والدين کان
اجازت وٺي استاد کيس پنهنجي گهر وٺي آيو اتي کيس
عملي طريقي سان سمجهايائين ۽ تجربي طور ٻلي آئي ته
انور کي همت ڏياري هش هش ڪرائي کانئس ٻلي
ڀڄرايائين.
ان بعد ڪتي کي به انور کي هڪلرائي انور جي دل مان
خوف لاٿائين جڏهن رات آئي ته انور جي موجودگي ۾
اٽڪل سان لائيٽ بند ڪرائي کيس بتي ٻاري اڌ اوندهه
۾ گهمائيندو رهيو.
آهستي آهستي اوندهه ۾ به کيس گهمائي سندس خوف بلڪل
دور ڪندو رهيو. چيائينس ته ”پٽ انور! اوندهه ۾ به
ڪوبه خوف نه آهي بابا.“
ان طرح انور جي دل جي دنيا خوف کان آجي ٿي ويئي،
پوءِ اوندهه ۾ اڪيلو ئي هلندو رهيو- وري کيس پرين
جون ڪهاڻيون ٻڌايائين ته ڪيئن شهزادو گلفام پَرين
کي حڪم سان هلائيندو رهيو. وري شهزادي جا نعالم جو
قصو ٻڌايائين ته ڪيئن انسان ٿي ڪري جنن ۽ ديون کي
نابعدار بنايو هئائين پوءِ ته انور جي دل مان جنن
۽ ديون پرين وغيره جو خوف به بلڪل نڪري ويو.
اڃا به ان ڳالهه کي پڪو ڪرائڻ لاءِ کيس الف ليليٰ
جو ڊرامو ڏيکاريائين!
ان طرح محترم استاد جي قابليت ۽ نفسياتي علاج سان
انور جي دل مان سمورا خوف نڪري ويا،
ويتر جو استاد جي شفيق صحبت ۽ من موهيندڙ ۽ وندر
واري طريقي سان تعليم حاصل ٿيس ته انور بلڪل ذهين
۽ هوشيار ٿيو ۽ بي خوف ٿي دنيا جي چرخي ۾ تعليم کي
جاري رکندو رهيو. انور هينئر پنهنجي اسڪول جي
ساٿين سان گڏ پڙهڻ ۽ راندين ۾ بنا خوف ۽ وڏي
دلچسپي سان حصو وٺندو رهيو. ان طرح تعليم جون
ڪيتريون منزلون پار ڪري بي ايڊ امتحان پاس ڪيائين.
اڄ اهو انور مقامي هاءِ اسڪول ۾ استاد آهي ۽
پنهنجي قوم جي ٻچن جي خدمت ۾ ڪوشان آهي گڏو گڏ
پنهنجي ماءُ پيءُ جي خدمت به دل و جان سان ڪندو
رهي ٿو.
ڇو ته سندس ماءُ پيءُ به هاڻي آخري طرح پنهنجي
شفيق استاد جنهن سندس دل جي دنيا روشن ڪئي هئي ان
کي هر دم سلام ۽ ادب ڪندو رهي ٿو ۽ موقعو ملڻ تي
استاد جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندو آهي.
اسان کي به انور جي نياز ۽ استاد محمد لائق جي
شفقت مان سبق پرائڻ گهرجي.
شال سنڌ ۽ سنڌ جا استاد خوش رهن. آمين.
اعلان
فيبروري کان اوهان جي دلچسپي لاءِ هڪ نئون سلسلو
اچو ته سنڌ گهمون شروع ڪري رهيا آهيون. اوهان کي
گهرجي ته پنهنجي ڳوٺ جو احوال سماجي ۽ تاريخي
الحاظ سان لکي موڪليو، مضمون گل ڦل جي ٻن صفحن کان
وڌيڪ نه هجي ۽ اوهان جا مضمون واري سان شايع ڪبا.
ايڊيٽر انچارج
شميم کٽياڻ
ٻي ڪامياب ڪهاڻي
سلسلو -3
ٻارڙن کي ڊيڄارڻ نه گهرجي
رات جا ٻارنهن ٿيڻ وارا آهن، هر طرف خاموشي ئي
خاموشي ٿي ويئي آهي، آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل آهن.
هلڪي هلڪي بارش به وسي رهي آهي مان پنهنجي ڪمري ۾
مٺڙي ننڊ ۾ ستي پئي آهيان.
اوچتو انور جو آواز منهنجن ڪنن ۾ گونجڻ لڳي ٿو،
اچي مون کي بچايو جن ٿو اچي...
مان ڇرڪ ڀري پنهنجي بستري کان اٿان ٿي، چو طرف
نظرون ڦيرائي ڏسڻ لڳان ٿي امان ننڍڙي شاهد کي کير
پياري رهي هئي ٻيا سڀ پنهنجي مٺڙي ننڊ ۾ ستا پيا
هئا.
مان پنهنجي کٽ تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ڪيان ٿي ته
ايتري ۾ پريان امان رڙ ڪندي چوي ٿي ته هاڻ اهڙي
سردي بارش ۾ ڪاڏي ٿي وڃين، مان آهستي آهستي امان
کي چوان ٿي ته امان ننڍڙو انور روئي رهيو آهي مان
انهيءَ کي پرچائڻ وڃان ٿي. امان مون کي دڙڪو ڏيندي
چوي ٿي ته پاڻهي پرچائيندس پنهنجي ماءَ تون چپ ڪري
سمهي پؤ اهڙي ناحق جهڙي سردي آهي انهيءَ ۾ ٻاهر ٿي
وڃي مرڻو اٿئي ڇا؟ مان چپ ڪري سمهي پوان ٿي.
انور جي روئڻ جوآواز جيئن پوءِ تيئن وڌندو وڃي ٿو
جنهن دوران چئي رهيو آهي مون کي بچايو جن ٿو اچي
جن جو ٿو اچي بچايو بچايو...؟
منهنجي ذهن ۾ ڪيترائي سوال اڀرن ٿا ته آخر انور کي
ڪنهن ٻڌايو ته جن آهي انور کي ڪهڙي خبر ته جن آهي؟
مان ائين ئي سوچيندي رهان ٿي ننڊ اچي وڃي ٿي، صبح
ٿيڻ تي امان اسڪول وڃڻ جي لاءِ اٿاريو، مان جلدي
جلدي تيار ٿي اسڪول وڃان ٿي، اسڪول ۾ بلڪل دل ئي
نٿي لڳي ان بعد سڄو ڏينهن بيچيني سان گذري ٿو،
انور جا راتوڪا لفظ منهنجي ذهن ۾ ڦرڻ لڳا، مون کي
بچايو جن ٿو اچي جن اچي ٿو مون کي بچايو.
جڏهن موڪل ٿي ته مان جلدي جلدي تيز تيز قدمن سان
گهر آيس، انهي وقت ماسي نوران انور کي اسان جي گهر
۾ کنيو ويٺي هئي هڪ گلابي رنگ جي گرم چادر جنهن ۾
انور کي ويڙهيو ويٺي هئي ۽ امان سان الائي ڪهڙيون
ڪهڙيون ڳالهيون ڪري رهي هئي جيڪي مون کي بلڪل
سمجهه ۾ نه پئي آيون گهڻي ڪوشش جي باوجود امان ۽
ماسي جا صرف اهي لفظ ٿورا ٿورا ٻڌڻ ۾ آيا. امان
توکي ڪيترو چوندي هيس ته ننڍڙن ٻارن کي نه
ڊيڄاريندي ڪر، ماسي نوران چيو بس ٿي ويو هاڻي ڇا
ٿيندو.
ٿوري دير کان پوءِ ماسي پنهنجي گهر هلي ويئي، مان
امان کان رات واري واقعي جو پڇيو ته رات انور ڇو
ايترو روئي رهيو هو، ائين به چئي پيو ته جن ٿو اچي
مون کي بچايو انور کي ڪهڙي خبر ته جن ڇا آهي.
امان چيو ته ادي نوران انور کي جنن پرين واريون
ڪهاڻيون ٻڌائيندي آهي انهيءُ کان علاوه اگر ڪنهن
شيءِ تي انور ضد ڪندو آهي ته جن جو ڊپ ڏيئي انور
کي ٽاري ڇڏيندي آهي انهيءَ ڪري انور هاڻي ڏاڍو
ڊڄڻو ٿي پيو آهي. سڄو ڏينهن چادر ويڙهيو گهر جي
ڪنڊڙي ۾ ستو پيو آهي مان معصوميت سان امان مان
ننڍڙي انور جي متعلق پڇان ٿي ته ڇا امان انور هر
روز رات جو ائين روئيندو آهي؟ امان به جواب نٿي
ڏيئي. مان به چپ ڪري ويهي رهان ٿي.
شام جي ٽائيم مان ماسي نوران جي گهر ويس، انور هڪ
گرم چادر ۾ ويڙهيو سيڙهيو ستو پيو هو ڀر ۾ ماسي به
ويٺي هئي. مان انور جي منهن تي چادر لاهي ڏسڻ لڳس
ته انور زور زور سان رڙيون ڪرڻ لڳو جن اچي ويو جن
اچي ويو.... ماسي ننڍڙي انور کي آٿت ڏيندي چوڻ لڳي
ته جن ڪونهي تنهنجي ڀيڻ آئي آهي تو سان راند ڪرڻ،
اٿ، وڃ ادڙي سان راند ڪر، پر انور ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري
ڇڏيو. مان انور کي زبردستي کڻي پنهنجي گهر آيس،
پوءِ پنهنجا سڀ رانديڪا کڻي انور کي ڏٺو انور
هيترا سارا رانديڪا ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو، پوءِ
اسان ٻئي راند ڪرڻ ۾ مدهوش ٿي وياسي، ٿوري دير کان
پوءِ وري انور کي ڊپ لڳو روئڻ شروع ڪري ڏنائين جن
ٿو اچي جن ٿو اچي، مان تمام گهڻي پريشان ٿيس ته
آخر ڪيئن انور کي پرچايان. چند منٽن کان پوءِ مان
انور کي چيم ڀاءُ انور چپ ڪر نه ته پاڙي جا ٻار
ٽوڪون ڪندا ته انور ڊڄڻو آهي بزدل آهي ٻين هيترن
ٻارن وٽ جن نٿو اچي باقي تو وٽ ايندو، جن آهي ئي
ڪو نه ماڻهن مڙئي هٿ جو ٺاهيو آهي ننڍڙن ٻارن کي
ڊيڄارڻ لاءِ اگر ڪو ٻار ڪنهن شيءَ تي ضد ڪندو آهي
ته انهيءَ کي جن جو ڀؤ ڏيئي انهيءَ شيءَ کان ٽاري
ڇڏيندا آهن، تون پاڻ ٻڌاءِ ته تو ڪڏهن پنهنجي اکين
سان جن ڏٺو آهي، ننڍڙو انور معصوميت سان چوڻ لڳو
ته نه، پوءِ ڇو ڊڄندو آهين، هاڻ جيڪڏهن ڊڄندي ته
مان پنهنجا سڀ رانديڪا توکان کسينديس ڪڏهن به
توسان راند نه ڪنديس ۽ پاڙي جي ٻين سڀني ٻارن کي
ٻڌائينديس ته انور ڊڄڻو آهي بزدل آهي، پوءِ سڀ ٻار
توکي چيڙائيندا ته انور ڊڄڻو، انور ڊڄڻو، انور
منهنجون ڳالهيون تمام گهڻي غور سان ٻڌي ٿو، پوءِ
چوي ٿو ته هاڻ مان ڪڏهن به ڪنهن کان نه ڊڄندس، مان
انور جا اهي لفظ ٻڌي تمام گهڻو خوش ٿيس ته مان
پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويس هاڻ مان هر روز انور کي
بهادر ماڻهن جون ڪهاڻيون ٻڌائيندي هيس، انور بهادر
ماڻهن جون ڪهاڻيون تمام گهڻي شوق ۽ چاهه سان ٻڌندو
هو، اهڙي طرح انور تان اهو بزدلي جو ڊپ لهي ويو
هاڻ هي بهادر ٿي چڪو هو ڪنهن کان به نه ڊڄندو هو.
اچو ته ڪهاڻي لکون
اچو ته ڪهاڻي لکون سلسلو ٻارن ۾ مقبول ٿيندو پيو
وڃي. ان جي مقبوليت کي ڏسندي فريد آباد يونين
ڪائونسل جي چيئرمن علي نواز ڏيرو طرفان جنوري کان
پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ ڪهاڻيڪارن کي هڪ ڪتاب
موڪلينداسين. اهو انعامي سلسلو ڇهن مهينن تائين
آهي. وڌيڪ ڪتاب آيا ته وڌائي ڏبا نه ته به هي
سلسلو هلندو رهندو:
اچو ته ڪهاڻي لکون لاءِ هڪ رهنما مواد هر مهيني
ڏنو ويندو آهي ۽ ان لاءِ هيٺيان اصول ۽ شرط مقرر
ڪيا ويا آهن:
1.
ڏهين جماعت تائين پڙهندڙ هر ٻار ڪهاڻي لکي موڪلي
سگهي ٿو.
2.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي لکون 6- جو ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي.
3.
ڪهاڻي گل ڦل جي ٻن يا ٽن پيجن کان مٿي نه هجي.
4.
ڪهاڻي اهڙي طرح موڪليو جو اسان وٽ 15- فيبروري
1983ع تائين پهچڻ گهرجي.
5.
ڪهاڻيڪارن کي گهرجي ته پوري ائڊريس لکي موڪلين.
سندن نالا پرچي ۾ شايع ڪيا ويندا.
اچو ته ڪهاڻي لکون -6
رهنما مواد
امتحان هال ۾ هڪ ڪاپي ڪندڙ ٻار جي حالت بيان ڪيو ۽
اهو ٻڌايو ته امتحان هال ۾ سختي آهي ۽ ڪاپي ڪندڙ
جي ڀرسان هوشيار ٻار پيپر ڪري پيو ٿو ۽ ڪاپي ڪندڙ
ٻار ڇا ٿو سوچي اهو لکي موڪليو.
موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس 12 حيدرآباد
نتيجو
اچو ته ڪهاڻي لکون
ماهه سيپٽمبر آڪٽوبر 1982ع جي پرچي ۾ اچو ته ڪهاڻي
لکون جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن
۾ هيٺين ٻارن حصو ورتو:
1- فيض محمد سومرو ميرپور بٺورو 2- محمد حنيف ميمڻ
چوهڙ جمالي 3- نامعلوم 4-نياز حسين تونيه ميروخان
5- دلدار حسين ڌڱاڻو بوزدار 6- شميم کٽياڻ
ميرپورخاص 7- يوسف سنڌي دڙو 8- غلام اصغر نظاماڻي
نم ليار 9- نور عابد بڙدي کوسو پريالوءِ 10- نور
محمد چانڊيو ڳوٺ نامعلوم 11- عبدالجليل جروار، خير
محمد جروار 12- علي محمد سومرو، بخشاپور 13- لياقت
علي منگي، بخشاپور 14- نجمه بيگم پٺاڻ، صوڀوديرو
15- محمد ابراهيم سومرو، ڀريا شهر 16- حسن جوڻيجو،
ڏوڪري 17- ممتاز حسين سهتو 18- محمد مسلم، ڪشمور
19- اختر پروين خاصخيلي، صوڀوديرو 20- جڙيل بلوچ،
لاڏيون 21- منير اختر چنه، خيرپورميرس 22- شفقت
ميمڻ، سکر 23- رحمت الله ترڪ، مٽياري 24- فدا حسين
چانڊيو، نوابشاهه 25- شوڪت علي ابڙو، لاڙڪاڻو 26-
نامعلوم 27- عبدالله ميمڻ، ٺٽو 28- ارشاد پيرزادو،
سکر 29- رفيق احمد پنهور جوهي 30- راج جئه ڪمار،
ڪوٽ غلام محمد 31- بابولعل بخشاپور 32- زرينه
خاتون بخشاپور 33- عابد حسين، دادو.
ججن جي فيصلي مطابق هيٺين ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنيون ويون.
1- فيض محمد سومرو، ميرپور ٻرڙو تعلقو ٺل 2- شميم
کٽياڻ، ميرپورخاص.
گل ڦل ادبي سنگت
اسان سڄي سنڌ جي ٻارن کي سڪ سان سڏ ڏيون ٿا ته گل
ڦل ادبي سنگت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي صلاح ۽ مشورو ڏين.
اسان جي خيال موجب ”سنگت“ لاءِ هيٺيان رهنما اصول
۽ شرط هجن، جن تي پابنديءَ سان عمل ڪيو وڃي.
1- سنگت جا ميمبر پرائمري کان مئٽرڪ تائين هجن،
يعني مئٽرڪ کان مٿي وارا شاگرد ميمبر ڪونه ٿي
سگهندا.
2- گل ڦل سنگت جي پندرهن ڏينهن ۾ هڪ دفعو ڪنهن به
موڪل واري ڏينهن گڏجاڻي ڪجي.
3- سنگت جا عهديدار، ٻارن جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪم
ڪندا.
4- هيٺيان عهديدار چونڊجن: چيئرمين، وائيس
چيئرمين، جنرل سيڪريٽري، خزانچي، پريس سيڪريٽري ۽
ڏهن ميمبرن جي ورڪنگ ڪاميٽي.
سنگت جي گڏجاڻي جي خبر گل ڦل ۾ شايع ڪئي ويندي ۽
اداري گل ڦل مان به ڪڏهن ڪڏهن ڪو نمائندو، انهن
ادبي ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اچي سگهندو.
- ايڊيٽر انچارج گل ڦل
سَلام ۽ سَنيهَا
بشير احمد ميمڻ پاٽ: گل ڦل رسالو مهرباني ڪري مقرر
وقت تي ڪڍو، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر رسالو خوبصورت هئو،
پر ڪهاڻيون، لاڏ ۽ محنت جو ڦل نقل ٿيل هيون.
ڀاءُ اميد ته هاڻ دير جي شڪايت نه رهندي ۽ نقل
ڪندڙ ٻار اوهان جو خط پڙهي اميد ته اڳتي اهڙي حرڪت
نه ڪندا.
نور محمد چانڊيو ڳوٺ صابو خان چانڊيو. گل ڦل ۾
پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهيو آهيان، مان ڪهاڻي يا
شعر موڪليان ته شايع ڪندا.
ڀاءُ پهريون ڀيرو شرڪت ڪرڻ لاءِ مهرباني، مواد
موڪليو شايع ڪرڻ جهڙو هوندو ته شايع ڪبو.
نجمه پٺاڻ صوڀو ديرو. مون ڪافي ليک موڪليا آهن.
شايع ڪو نه ڪيا اٿوَ هن ڀيري رسالو دير سان نڪتو
ان لاءِ انتظار رهيو. هن پرچي ۾ رخسانه ناز جي
ڪهاڻي سٺي هئي.
ادي توهان ليک موڪليو، شايع ٿيڻ جهڙو مواد شايع
ڪبو.
پريم چند پريمي ٽنڊوجان محمد. آئون هن خط سان
ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان. اميد ته شايع ڪندا. ٻيو
ته سيپٽمبر- آڪٽوبر واري پرچي ۾ نقل ٿيل ڪهاڻيون
هيون. روح رهاڻ شروع ڪيو، ۽ ٻارن جي اخبار به.
ڀاءُ اوهان جي ڪهاڻي اسان جي ڏان وٽان هوندي ته
شايع ڪبي. روح رهاڻ ٻارن جي اسرار تي بند ڪيو
هوسين ۽ ٻارن جي اخبار به.
ايس. ٽي رتناڻي کپرو: ڀاءُ اچو ته ڪهاڻي لکون سٺو
سلسلو آهي ۽ هن پرچي ۾ ڪهاڻيون سٺيون هيون. ٻه نظم
موڪلي رهيو آهيان.
ادل، پرچي کي پسند ڪرڻ جي مهرباني. مواد شايع ڪبو
پر انتظار ڪند.ا
نوٽ: هن کانسواءِ هيٺين ٻارن جا خط پهتا آهن.
*سڪندر ملاح سڪرنڊ، *نفيس احمد ميمڻ پاٽ. *عابد
بڙدي پريالو * علي احمد جويو *حبيب الرحمان گنب
جوهي. *الطاف سومرو داد لغاري. *مولچند ناز هريجن
ٽنڊو محمد خان *وزيرعلي ڪيريو نوابشاهه *عبدالڪريم
ٽانوري ڪنڊيارو *غلام نبي مرڙاڻي *عبدالواحد کٽياڻ
ميرپورخاص *رحمت الله ترڪ مٽياري *مجرم ايم فاضل
ڪيريو سڪرنڊ *وزير علي وفا ڪيريو نوابشاهه *گل
افشان شڪارپور *غلام رسول ميمڻ دادو *مسرت ميمڻ
سکر *در محمد بهراڻي نواب شاهه .
لطيفو
هڪ ٻار تلاءَ ۾ ٻڏي رهيو هو، اتي هڪ ڌوٻيءَ ان کي
ڏسي ورتو ۽ پاڻيءَ مان ٻاهر ڪڍيائينس، ڇوڪري
ٿورائتي انداز ۾ چيس، چاچا مهرباني توهان جي، جي
مان ٻڏي وڃان ها ته امان ڏاڍي مار ڏيئي ها مون کي.
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا
گل ڦل اَڌ اکري ڳجهارت- 39 جو نتيجو ظاهر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-39 جو نتيجو 10- جنوري 1983ع
صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙن ٻارن (جيڪي ان وقت
موجود هوا) جي روبرو، مسٽر غلام رباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو ظاهر ڪيو.
ساڄي کان کاٻي:
1- مڪر 5- ڪلڪ 6- اوس 8- پکي
مٿان کان هيٺ:
2- ڪجهه 3- حرڪت 4- الور 7- ڏک
هيٺين ٻن ٻارن جا جواب صحيح آيا:
1- اسدالله نظاماڻي پوسٽ آفيس لم ليار وايا
ٽنڊومحمد خان
2- عبدالغني پنهور ڪالوني موڙ ڇاڇي ڪريانه اسٽور
بمقابل چنگي ناڪو بچه جيل لانڍي ڪراچي نمبر 34.
ٻنهي ٻارن کي پنجاهه پنجاهه روپين جا ڪتاب، سندن
موڪليل ائڊريس تي موڪليا ويندا.
ڪل 2000 ٻارن هن ڳجهارت ۾ حصو ورتو، جيڪي سڀئي
مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت- 41
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 16- فيبروري 1983ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 17- فيبروري 1983ع
هيٺ ڏنل بيتن ۾ جيڪي خال آهن، سي ڀريو. اهي خال
اوهان ڀرڻ وقت ان جاءِ تي شاعر جي شعر جو اصل لفظ
وجهو، ٻين لفظن کي رد سمجهيو ويندو. صحيح ٿيندڙ کي
هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور موڪليا ويندا. گهڻن
ٻارن جا جواب صحيح اچڻ تي هڪ سئو روپين کي اوترو
ورهائي حصي آهر ڪتاب موڪليا ويندا. ڪوپن ڀرڻ ضروري
آهي، ۽ ڏنل شعر سادي پني تي لکي موڪلي سگهجي ٿو.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لفافي تي لکڻ ضروري آهي.
1-
تنبوءَ جي ......... اڄ کُتي ڪينجهر ڪنڌئين (سچل)
2-
پنوهارن ........... وريا واهندا (شاهه)
3-
وڻجارن ........... وکر وڌو ٻيڙين
ڪوپن – 41
آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي، خاڪو ڀري موڪليان
ٿو/ٿي.
نالو:
پوري ائڊريس:
هدايتون ۽ شرط
1- پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاي
۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري،
ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي
پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2- مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
3- ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن
جي جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول ڪيو
ويندو.
4- هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر
هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل
مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾
ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5- لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري
آهي ۽ پوسٽ باڪس 12- حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ
کپي.
6- صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن
روزنامه عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع
ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.
7- صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8- صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح
هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو
ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ
غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪو به
نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾
وڌائي ڏنو ويندو.
9- ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
10- هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن
کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن
به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو. |