سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل جنوري 1983ع

باب: --

صفحو :3

”هو ته مون کي هڪ به سگريٽ نه ڏيندي ۽ آءٌ هن کي ٻڌائڻ کان سواءِ سگريٽن کڻڻ جي همت به نه ٿو ڪري سگهان . نه آءٌ ائين نه ڪندس ڪندي پر آءُ ان جي عيوض توکي ڪجهه پئسا ڏيندس.“

”نه، پئسن جي مون کي ضرورت نه آهي. اسان کي سگريٽن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن تون سگريٽن سان اهو سودو نٿو ڪرڻ چاهين ته اسين اهڙو ڪو ٻيو ماڻهو هٿ ڪنداسين جيڪو اسان کي سگريٽ ڏيندو.“

هن جا اهي الفاظ ٻڌي آءُ بلڪل نا اميد ٿي ويس. ڇا آءُ پنهنجي پڦي جا ڪجهه سگريٽ چورائڻ جي همٿ ڪري سگهان ٿو؟ نه اهو ٺيڪ نه ٿيندو ۽ ائين ڪرڻ سان مون کي خاطري آهي ته اُن جي سخت سزا ملندي

”چڱو ائين آهي ته پوءِ ٺهيو“ ٻئي ڇوڪري جواب ڏنو ۽ پوءِ ڪيوگياءِ ٻگهه پکي منهنجي هٿن مان کسي ورتو. ٻگهه پکي زور زور سان پنهنجا پر مارڻ لڳو ڄڻ ته هو مون کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو.، منهنجي دل ان وقت سخت ڌڪ ڌڪ ڪري رهي هئي. منهنجي ته صرف اها خواهش هئي ته ڪنهن به طرح ۽ ڪيئن به ڪري اهو ٻگهه پکي حاصل ڪريان.

”تنهنجي خيال ۾ مون کي هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي“؟ مون پنهنجي دوست کا پڇيو. پر هن صرف پنهنجو مٿو لوڏي جواب ڏنو ته توکي جيئن وڻي تون پاڻ فيصلو ڪر.

ڪيوگياءِ ۽ هن جو دوست ٻگهه پکي پاڻ سان گڏ کڻي وڃن رهيا هئا، ۽ ٻگهه پکي اڃا تائين پر ماري رهيو هو ۽ ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته هو مون کي سڏي رهيو آهي ۽ آءٌ اهو وڌيڪ برداشت نه ڪري سگهيس.

”چڱو“ مون رڙ ڪندي چيو “هو سودو ٿيو. ٻگهه پکي واپس کڻي اچو ۽ سودو ٿيو. ٻگهه پکي کڻي اچو ۽ سگريٽ کڻي ٿو اچان“ گهر ڏانهن ڀڄندي، آءٌ سڌو مٿي ڏاڪڻ تي چڙهي پڦيءِ جي ڪتابن جي ڪٻٽ وٽ پهتس. گپ لڳل هٿن سان مون سگريٽن جودٻو کنيو ۽ ان مان ڳڻي ڏهه سگريٽ کنيا، جنهن بعد سگريٽن جو دٻو زري گهٽ خالي ٿي ويو هو. ان بعد مون خبرداريءِ سان اهو دٻو ساڳي جاءِ تي رکيو ۽ ڊوڙندو واپس آيس جتي ڇوڪرا منهنجو انتظار ڪري رهيا هئا.

”اجهو“ مون ڪيوگياءِ کي چيو ”هي آهن ڏهه سگريٽ“ هن ٻگهه پکي منهنجي حوالي ڪيو ۽ اهڙي طرح دنيا جو هڪ تمام خوبصورت ۽ حسين ٻگهه پکي حاصل ڪري آءٌ فخر محسوس ڪري رهيو هوس.

آءٌ پنهنجي دوست کي الوداع چئي پکيءَ کي گهر کڻي آيس. مون هڪ پراڻي پيتي ۽ ڪجهه بانس جي ڪاٺين مان ان لاءِ هڪ پڃرو ٺاهيو ۽ آءٌ ويهي رهيس ۽ صرف هن پياري ۽ خوبصورت پکي کي ڏسندو ئي رهيس ۽ ايستائين ڏسندو رهيس جو سج لهي ويو ۽ مونکي بورچيخاني مان آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيا هئا، جتي رات جي ماني ٺهي رهي هئي.

رات جي ماني کان پوءِ آءٌ واپس، پر يڪدم پنهنجي پڦيءَ جي دڙڪن، ڌمڪين ۽ گوڙ جي آواز تي منهنجو ڌيان اوڏانهن ڇڪجي ويو، جا چئي رهي هئي، ”ڪير ٿو منهنجا سگريٽ چورائي“؟ هن مون کان سواءِ هڪ هڪ ڪري ٻين سڀني کان پڇا ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن کي خبر هئي ته آءٌ سگريٽ نه ڇڪيندو هوس. تنهنڪري هن ڀلجي به ڪڏهن اهو اندازو نه لڳايو ته ڪو مون هن جا سگريٽ چورايا هوندا.

آخرڪار هن اهو فيصلو ڪيو ته اهو چور هن جي ننڍن ڀائرن ما ڪوٿي سگهي ٿو. منهنجو انڪل سَن آنگ پڻ اسان سان گڏ رهندو هو. پڦيءِ جي خيال مطابق جيئن ته گپ وارن آڱرين جا نشان سگريٽن جي دٻي تي هئا، انڪل جا هٿ ضرور گپ وارا هوندا جڏهن هو ان صبح جو مڇي مارڻ ويو هو. پوءِ ته سچ پچ پڦي هن کي دٻائڻ شروع ڪيو ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته هوءَ هن کي بئنڪ ڦرڻ لاءِ جوابدار ٺهرائي رهي هئي.

”پر مون ته تنهنجا سگريٽ نه کنيا آهن“! انڪل چوندو رهيو ”ڇا آءٌ جڏهين به تنهنجي ڪا شي کڻندو آهيان ته توکان پڇي نه کڻندو آهيان؟ مون وٽ پنهنجا ئي کوڙ آهن ڏس هي منهنجو پاڪيٽ ذري گهٽ ڀريل آهي.“

”پَر اهو تون ئي ٿي سگهين ٿو“ منهنجي پڦيءَ چيو ”ٻيو ڪير ٿو ٿي سگهي“؟

”پر مون ته تنهنجي پراڻن سگريٽن کي هٿ به نه لاتو آهي.“

”تون مون سان ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين. تون چور آهين، آءٌ توکي سڃاڻان ٿي! وري ڪڏهين به مون کي ڪنهن شي لاءِ نه چئجانءِ.“

انڪل سن آنگ مون کي پنهنجي وڏي ڀاءُ وانگي پيارو هو.

پڦيءَ جو کهرو ڳالهائڻ ٻڌي آءُ تمام گهڻو شرمندو ٿيس منهنجي غلطي جي ڪري انڪل کي چور ۽ ڪوڙو ٺهرايو ٿي ويو. دراصل مون پنهنجي غلطيءَ جي نتيجي بابت نه سوچيو هو ۽ ان کي ايترو خراب نه سمجهيو هو، اصل چور ته آءٌ هوس، اڃا به جيڪڏهين آءٌ خاموش رهيس ته ڇا آءٌ ڪوڙو ثابت نه ٿيندس؟ ڇا خاموش رهڻ ڪوڙ جو هڪ قسم نٿو ٿي سگهي؟

منهنجي پڦي ڪاوڙ مان انڪل سن آنگ سان رڙيون ڪندي ۽ چيخندي رهي ۽ آءٌ اهو اوهان کي ٻڌايان ته هو تمام ڪاوڙ ۾ اچي رهيو هو ۽ هن جو منهن به گهڻو ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ مون کي ڊپ لڳي رهيو هو ته هو پنهنجي ڀيڻ کي ڌڪ هڻندو ۽ اهو ڪيڏو نه خراب ٿيندو.

آءٌ ڊوڙندو ڪمري ڏانهن ويس جتي هو تيز ڳالهائي رهيا هئا.

”مون کي معاف ڪر پڦي، مون ئي تنهنجا سگريٽ چورايا هئا.“

”ڇا“؟ منهنجي پڦي ۽ انڪل ٻنهي هڪ ئي وقت ڳالهايو.

مون کي ڌارڻ لاءِ ٻگهه پکيءَ جي سخت ضرورت هئي ۽ ان جي قيمت ڏهه سگريٽ رکيل هئي. مون کي اِهو ضرور حاصل ڪرڻو هو.“

آءٌ کين ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هوس.

”اهڙي ڳالهه ڪڏهين ڪنهن ٻڌي“؟ منهنجي پڦي ڇڀندي چيو ”هڪ ٻڍي ٻگهه پکيءَ لاءِ چور ٿيڻ“ ۽ انڪل به مون کي دٻائن ۽ ڇينڀڻ ۾ هن سان شامل ٿي ويو“ ”هڪ عام رواجي چور“ هن چيو. ”ڇا تون ان لاءِ شرمسار نه آهين! صرف هڪ ٻڍي ٻگهه پکيءَ لاءِ چور ٿيڻ.“

”نه، نه، مون هنن کي ٻڌايو. ”اهو هڪ تمام سهڻو ۽ سهڻو ٻگهه آهي ۽ مون کي ان جي سخت ضرورت هئي پر آءٌ ڏسي رهيو هوس ته کين منهنجي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي رهي هئي.“

”تو مون کان ڇو نه پڇيو“؟ منهنجي پڦيءَ چيو.

”مون کي ڊپ هو ته تون انڪار ڪندين“.

”پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ۾ سَچ ڳالهائڻ جي همٿ نه آهي ته هو ڪوڙي هئڻ سان گڏ بز دل به آهي“.

آءٌ واعدو ٿو ڪريان ته وري ڪڏهين به ائين نه ڪندس“ مون چيو.

”چڱو“ منهنجي پڦي رهيل سگريٽن مان هڪ دکائيندي ۽ ٿورو مشڪندي چيو، ”هن ڀيري آءٌ توکي معاف ڪنديس، مگر وري ڪڏهين به اهڙو ڪم نه ڪندين ٻي صورت ۾ آءٌ تو کي گاٽيٽپيا سڏڻ شروع ڪنديس ڇاڪاڻ ته مون کي پڪ آهي ته تون وڏو ٿي اهڙو وڏو چور ٿيندين جهڙو هو هئو“.

”نه، نه، پڦي مهرباني ڪري ائين نه چئو، هاڻي جيئن ته مون سچ ڳالهايو آهي، آءٌ سچ پچ ته چور نه آهيان. ڇا اڃا به آءُ چور آهيان؟ آءٌ گاٽيٽپيا جهڙو نه آهيان. ڇا اڃا به آءٌ ان جهڙو آهيان“؟

”نه، تو چور نه آهين“ هن تمام مشڪندي ۽ منهنجي پٺي ٺپيندي چيو ”هيڏانهن اچ مون کي ۽ انڪل کي اهو سهڻو سهڻو ٻڳهه پکي ڏيکار ۽ پوءِ هوءَ زور زور سان کلڻ لڳاسين.

اسان ٽئي ڄڻا ٻگهه پکيءَ جي پڃري ڏانهن هلڻ لڳاين مون هڪ ڀيرو وري پنهنجو پاڻ کي چيو ته ”آءُ ڪڏهين به گاٽيٽپيا جهڙو نه ٿيندس.“

نوٽ: هن ڪهاڻي جي آخر ۾ جنهن چور گاٽيٽپيا جو ذڪر آهي، اهو برما جي ڏند ڪٿائن جو هڪ مشهور ڪردار آهي، بلڪل اهڙو، جهڙو رابن هُڊ جو ڪردار هو، جيڪو سرمائيدارن جون چوريون ڪري غريبن کي ڏيندو هو.

خادم ٿهيم                                             (سائنس)

زلزلن اچڻ لاءِ پيشنگوئي ڪندڙ اوزار

ڇا زلزلن اچڻ کان اڳ ۾ خبر پئجي سگهي ٿي ۽ انسان کي تباهي کان بچائي سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ آمريڪي سائنسدان جيمس وارويڪ 20 سالن کان کوجنا ۾ لڳو پيو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين سائنسدانن جي ٽيم ۾ اٿس ۽ انهن ڪيترائي اوزار ٺاهيا آهن، پر انهن ۾ ٽيلٽ ميٽر، ٽائڊ گيج ميگٽو ميٽر ۽ سموگرافس اڄڪلهه وڏي مدد ڏين ٿا. پر اڃا تائين اهڙو اوزار تيار ڪونه ٿيو آهي جيڪو وڏي پئماني تي زلزلن جو اطلاح ڏئي. پر آمريڪي سائنسدان مسٽر وارويڪ چئي ٿو ته اڄڪلهه هو هڪ اهڙو ريڊيو سيٽ تيار ڪري ويندا، جو زلزلي اچڻ کان اڳ ۾ خبر ڪندو ۽ انهن جو پيغام هر انسان تائين جلد ريڊيو ذريعي پهچي ويندو.

16- مئي 1960ع تي مشن گن، نيوميڪسيڪو ۽ ڪلوراڊر ۾ مسٽر وارويڪ براڊ ڪاسٽ فريڪوئنسي جي مدد سان ڏهن منٽن تائين زمين ۾ ٿيندڙ تغير جو مشاهدو ڪندو رهيو ۽ ان کان پوءِ جلدي چلي ۾ زلزلو آيو پر ان وقت انهن ريڊيائي سگنلز جو زلزلي سان ڪو واسطو ڪونه هو. ڇو جو ان وقت هو سج جي شعاعن جي باري ۾ کوجنا ۾ مشغول هو، پر جلدي ان جي ذهن ۾ ريڊيو سيٽ ذريعي زلزلي اچڻ جو نظريو ذهن ۾ آيو ۽ ان سلسلي ۾ هن ڪافي ماهرن جا زلزلن جي باري ۾ لکيل ڪتاب پڙهيا ۽ اهو معلوم ڪيائين ته جڏهن جبلن جا وڏا وڏا ٽڪر ٽٽن ٿا ته لهرون پيدا ٿين ٿيون، ان ڏينهن کان وٺي مسٽر وارويڪ ۽ ان جي ٽيم زلزلن اچڻ جي لاءِ خبردار ڪرڻ جي اوزارن ٺاهڻ ۾ مشغول آهي ۽ مسٽر وارويڪ تجربن مان اندازو لڳايو آهي ته 1960ع چلي ۾ زلزلي وقت ريڊيوسيٽ صحيح اطلاع فراهم نه ڪري سگهيو ۽ ان کان پوءِ نئين آلي ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ اڄڪلهه سائنسدان ڪيلي فورنيا علائقي ۾ تجربن ڪرڻ کي اهميت ڏين ٿا جو اتي زمين جي سطح جي ويجهو معلوم ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ تمام جلد اهڙو اوزار اچي ويندو جيڪو زلزلن اچڻ جي اڳواٽ صحيح پيشنگو ئي ڪندو.

جادوءَ جا وار

ٻار وارن تي بحث ڪري رهيا هئا. هڪ چيو ته منهنجي پيءُ جا وار اهڙا سهڻا سونهري آهن جو رات جو چمڪندا آهن. ٻئي چيو ته منهنجي پيءُ جا وار ايڏا وڏا آهن جو سياري ۾ چادر ڪري ويڙهيندو آهي. ٽئين ڇوڪري چيو، بس! ڳالهه اها، منهنجي بابي جا جادوءَ جا وار آهن. جڏهن وڻيس پائي، جڏهن وڻيس ته ٽيبل تي لاهي رکي.

مهرباني

هڪ شاهوڪار ماڻهو اسپتال ۾ بستري تي ليٽيل هو. ڀرسان ڀائيٽو بيٺو هوس. شاهوڪار ماڻهو ڀائٽيئي کي چيو ته ”ابا ڪو وڪيل وٺي اچ ته ملڪيت توکي لکي ڏيان“ ڇوڪري جلدي ۾ چيو نه چاچا اللہ سائين اوهان کي وڏي ڄمار ڏئي، ”پوڙهي ماڻهو ٿڌو ساهه کڻي ڀائيٽئي کي چيو ”پر پٽ خدا جي واسطي- آڪسيجن واري نلي تان پير هٽاءِ منهنجو ساهه ٿو منجهي“ ڇوڪري اهو ٻڌڻ شرط ککو وکو ٿي ويو.

دادا سنڌي                       سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

مٽي جون مانيون

بادشاهه به عجيب طبيعتن جا مالڪ ٿيندا آهن. عجيب و غريب خيال من ۾ جيڪي اچي، اهو امالڪ ٿئي. ٿيا جو بادشاهه، ڪير کين چوي ته سائين ائين نه ڪريو. ڪير کانئن پڇي ته ”سائين ائين ڇو ٿا چئو“. هو ته صرف زبان مان لفظ ڪڍڻ جا مالڪ آهن. سنڌ جو حاڪم مرزا محمد باقي ترخان به اهڙي طبيعت جو مالڪ هو. ڪنهن کي مجال نه هئي جو ڪو سندس سامهون ٿئي. هر ڪو هن آڏو ايندي، ڊڄندو ڏڪندو هو. سندس ظلم جي ڪابه انتها نه هئي. ٿوري شڪ ۾ به پنهنجا خاص ماڻهو به مارائي ڇڏيندو هو.

چون ٿا ته مرزا محمد باقي جو دستور هوندو هو ته فصل لهڻ وقت پنهنجا خاص ماڻهو اناج تي ڪاراوا مقرر ڪندو هو، جيڪي ساري سنڌ جي هارين ۽ زميندارن کان، زوري ان کسي، ٺٽي جي مرڪزي گدام ۾ اچي گڏ ڪري رکندا هئا. پراڻي ان مٿان نئون ان رکي، ساري گدام کي ٽپ ڪري ڇڏيندا هئا. جيتوڻيڪ اتي ان پيو سڙندو هو، ڀتو ٿيندو هو ۽ گهوڻو پيو کائيندو هو، پر بادشاهه نه پاڻ اناج ڪم آڻيندو هو ۽ نه وري غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي کائڻ لاءِ ڏيندو هو،“ هڪ ڏينهن جي ڳالهه آهي ته5- اسٽور ڪيپر بادشاهه کي اچي عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، قلعي اندر اناج رکڻ جي جاءِ ڪانه رهي آهي پراڻي ان مٿان نئين اناج ڀرڻ ڪري، اناج جو گهڻو حصو سڙي بيڪار ٿي ويوآهي جيڪڏهن اجازت ملي ته ڪجهه اَن تقاوي طور ڏيئي ڇڏيون، جيئن فصل لهڻ وقت انهي مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهجي ته مرزاباقي چيس ته: ان جو جواب، مون کان رات منهنجي دستر خوان تي وٺجانءِ“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com