مون کي هڪ ڀاڻيجي به آهي جنهن جو امان سان ڏاڍو
پيار آهي سڄو ڏينهن اسان جي گهر هوندي آهي،
ويچاريءَ سان تمام گهڻو وڙهندو آهي، ڀلا دادلو جو
گهر ۾ گهڻو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان جي ڀل چُڪ ۾ يا
ڪاوڙ ۾ اچي اياز کي ڇڙپ ڏيندو آهيان يا چماٽ هڻندو
آهيان ته روئي ويهندو آهي. بس هن جو روئڻ ۽ ماڻس
جو مون سان جهيڙو شروع، ۽ پوءِ هو ڊوڙندو اچي
منهنجي ڄنگهن ۾ چنبڙندو، ۽ منهنجي ڪاوڙ ڪافور ٿي
ويندي آهي.
اياز ڪڏهن ڪڏهن منهنجي ڀاڻيجي (بي نظير) سان ايڏو
ته وڙهندو آهي جو ڪا حدئي ڪانه هوندي آهي، وڙهي
وڙهي اياز خارن مان چوندو اٿس ”توکي ٻلي کائي
وڃي.“ وري بي نظير چوندي اٿس ”توکي ڪتو کائي وڃي.“
اياز کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ هن ويچاري جي منهن ۽
ٻانهن تي رهنڊون پائيندو آهي. پر بي نظير جڏهن
ڊڄندي آهي ته کيس چڪ پائيندي آهي. بس اياز کي چڪ
پوي ۽ جهڳڙو شروع، بي نظير کي چوٽيءَ کان وٺي ڇڪي
ويندس ماڻس ڏانهن ۽ کيس کي ٻانهن تي ڳلن تي چڪن جا
نشان ڏيکاريندو، ان مهل شڪل اهڙي کڻي ڪندو آهي ڄڻ
ته ڪجهه ڄاڻي ئي ڪين!
هن جي معصوم شڪل کي ڏسي ماڻس کي ايندو آهي رحم ۽
ڳالهائيندي بي نظير کي ”ڇوري منهنجي اياز کي ايترا
چڪ!“
هڪ ڏينهن رات جو خبر ناهي اياز کي ڪهڙو خيال آيو
جو مون سان جيئن ماني ويٺي کاڌائين ته مون کي
چيائين ”بابا بي نظير کي ٻلي ڪڏهن کائيندي!“ مون
ڪو ڌيان ڪونه ڏنو سمجهيم ضرور وڙهيا هوندا.
هوڏانهن بي نظير کي ڪا ڪاوڙ لڳي سو ڇا ڪيائين جو،
چانورن جو گرهه جيڪو هٿ ۾ هوس سو ٺڪا ڪرايائين
اياز کي منهن ۾ لڳو. گرهه جو اياز کي لڳڻ ۽ اون ..
اون... ڪري ٿالهيءَ کي لت هڻي وڃي پنهنجي هنڌ ٿي
ليٽيو!
اسين گهر جا سڀ ڀاتي کل ۾ پئجي وياسين!
هڪ ڏينهن ٻاهران گهر آيس ته ڏٺم ٻئي ڄڻا مٽيءَ جا
گهرڙا ويٺا ٺاهين، راند ڪندي اتفاق سان بي نظير جو
پير اياز جي مٽيءَ جي گهرڙي جي ديوار کي لڳي ويو،
بس پوءِ دير ئي ڪانه ڪيائين، هن کي ڄنڊن کان وٺي
مارڻ لڳو ”منهنجو گهرڙو ڇو ڊاٺئي؟“
مان چپ رهيس. ڀلا ٻارن جي جهڳڙن ۾ مان ڇو پوان،
وري منهنجي لاءِ جهڙو هو تهڙي هوءَ پوءِ ڪنهن جو
پاسو وٺان، ڪنهن کي ماريان وري به اياز ڪو گهٽ
شيطان ڪونهي.
هڪ ڏينهن بي نظير ۽ سندس ساهيڙي بيبي پاڻ ۾ گُڏي
راند رهي رهيون هيون. راند ڪندي ڪندي خبر نه آهي
ڪيئن پاڻ ۾ وڙهي پيون. وڙهندي بيبيءَ بي نظير کي
پَٽَ تي ڪيرائي مٿان چڙهي ويٺي.
اياز ڪيتري دير تائين ويٺي ڏنو. پر خبر ناهي ڪيئن
يڪدم ڪاوڙ اڇي ويس ۽ ڊڪندو آيو ۽ اچي بيبيءَ کي
ڄڊن کان ورتائين، مان تڪڙو تڪڙو اچي اياز کي پري
ڪيم، اياز مون ڏانهن ڏسي چيو ”بابا ڏس بي بي ادي
بي نظير کي ماري پئي ان ڪري مون کيس کي ڄڊن کان
ورتو.“ مون ڏٺو ته بي نطير جي منهن تي مرڪ هئي،
مان ٻارن کي اتي ڇڏي سوچڻ لڳس ٻار پاڻ ۾ ڪيترو
وڙهن ٿا پر ٻئي جي وڙهڻ تي ڪيئن هڪ ٿي وڃن ٿا. اهو
سوچي مون کي به پنهنجو ٻارو پڻ ياد اچي ويو ۽ چپن
تي مرڪ تري آئي.
ڊبل روٽي
ماءُ ٻار کي ڊبل روٽي ڏني ته کير سان کاءُ. ٻار
ڊبل روٽي کي کير ۾ وڌو. سڄو کير ڊبل روٽي چوهي
ويئي. ٻار روئڻ لڳو. ماءُ ڊوڙندي آئي ٻچا ڇا ٿيو.
ٻار جلدي ۾ چيو. امڙ سڄو کير ڊبل روٽي پي ويئي مان
ڇا پيئندس. اهو ٻڌي ماڻس کان کل نڪري ويئي!
منظور جوکيو
عقلمند پوڙهو
هڪ ڳوٺ ۾ هڪ غريب شخص رهندو هو. ڏاڍو محنتي هو. هن
کي پنج جريب ٻني هئي، جنهن تي هي ٻچن ۽ زال جو
گذران ڪندو هو. هن کي ٻه پٽ هوندا هئا. جيڪي ڏاڍا
ڪم ڪوس ۽ سست هوندا هئا. هنن پنهنجي زندگيءَ ۾
ڪڏهن به ڪو ڪم نه ڪيو هو. تان جو اچي جوان ٿيا،
هنن جو پيءُ به اچي پوڙهو ٿيو هو، پوڙهي جي ڪمزور
هڏن به اچي ڪم کان جواب ڏنو هو. هن هڪ ڏينهن
پنهنجي زال کي چيو ته ”مان اچي ڪراڙو ٿيو آهيان،
اڄ مران يا سڀاڻي حياتيءَ تي ڪوبه ڀروسو ڪونهي،
منهنجي مُئي کان پوءِ هي ٻئي ڇورا ڇا ڪندا، هي ته
پنهنجو به پيٽ پالي ڪونه سگهندا. اها جيڪا ٻني
آهي، سان به کائي کپائي ويندا، تنهن ڪري هنن ٻنهي
کي ڪا نصيحت ڪجي ته ٻئي سستي ڇڏين ۽ ڪم ڪن،“
جوڻس وراڻيو ”نصيحت هنن کي ڇا ڪندين هي ته ٻئي ڍڳا
آهن ڍڳا“ ته پوءِ هاڻي ڪهڙي ٽل ڪجي پوڙهي وراڻيو
ٻه ٽي ڏينهن گذريا پوڙهو بيمار ٿي پيو نيٺ مرڻ جي
گهڙي به اچي مٿان بيٺس. ٻنهي پٽن کي گهرائي چيائين
”منهنجي مرڻ کان پوءِ توهان ٻئي ڪم ڪونه ڪندو
تنهنڪري جيڪا منهنجي ٻني آهي، ان ۾ هڪ سون جي ديڳ
پوريل آهي جيڪڏهن توهان ٻئي همت ڪري ان کي اتان
ڪڍندؤ ته توهان هميشہ سٺي زندگي گذاري سگهندو ٻئي
پٽ دل ۾ خوش ٿيڻ لڳا وري پوڙهي چين ته ۽ ها پاڻ ۾
به ڪڏهن نه وڙهجو ۽ پاڻ ۾ اتحاد هوندوء ته توهان
کي اها سون جي ديڳ هٿ ايندوَ نه ته اها غائب ٿي
ويندو اهي لفظ چئي پوڙهي دم ڏنو. ٻئي ڏينهن ٻئي
ڀائر ڪوڏريون کڻي وڃي ٻنيءَ کي کوٽيائين پنج ئي
جريب کوٽايون مگر ڪجهه نه نڪتو. هي ٻئي ڏاڍا غمگين
ٿي ماءُ وٽ آيا ۽ چيائونس ته ”امان بابو اسان کي
چئي ويو هو ته ٻني ۾ ديڳ آهي هاڻي ها ڪٿي آهي.
ماءُ چين ته ”ابا هاڻي هيئن ڪيوجو ٻنيءَ ۾ ڪچي جي
واڙي ڪيو“ ٻنهي پٽن ماءُ جو چيو مڃيو ۽ واڙي
ڪيائون جڏهن ڀاڄي پچي وئي ته هنن اها کپائي ته هنن
کي پئسا گهڻا مليا. ماءُ چين ته ”ابا هونءَ نه
توهان ڪڏهن به اهو ڪم نه ڪري سگهو ها تنهنڪري
پڻهين توهان کي ديڳ جي لالچ ڏئي توهان کان اهو ڪم
ڪرايائين دراصل ٻنيءَ ۾ ديڳ ڪانه هئي پر ان مان
محنت سان پيسا نڪتا اها آهي دولت اوهان جي ديڳ
جيڪڏهن سستي ڪريو ها ته اها ٻني هاڻي تائين کپائي
وڃو ها ٻئي ڀائر خوش ٿيا ۽ ماءُ کي چيائون ته
”امان اڳتي اسان ڪڏهن به سستي نه ڪنداسون ۽ هميشہ
محنت ڪري کائينداسون
نتيجو بنا عنوان
ماهه سيپٽمبر- آڪٽوبر جي پرچي ۾ رخسانه انجم جي
ڪهاڻي بنا عنوان ڏني ويئي هئي، جنهن جو عنوان
پڙهندڙن کي مقرر ڪرڻو هو. پر ججن جي فيصلي موجب
عنوان ڪهاڻي جي نسبت سان ٺهڪندڙ ڪنهن به ٻار جو ڪو
نه هو.
انچارج ايڊيٽر
از: ارباب علي ”عادل“ چوهاڻ
محبت موٽي آيو
ڳوٺ سلطان خان جو اسڪول تازين برساتن سبب ڪري پيو
هو. تنهنڪري مان وڻ هيٺان پڙهائڻ لاءِ بينچون
سڌيون ڪرائي، ڪرسي تي ويهندي، ميز جي خاني مان
حاضرين جا ڪتاب ڪڍي، پهرين پنهنجي حاضري ڀريان ٿو،
پوءِ شاگردن جي حاضري کولي بلند آواز سان نالا وٺڻ
شروع ڪيان ٿو ؛
قدير! حاضر سائين.
احسان! جي سائين.
رفيق! حاضر جناب.
محبت! غير حاضر سائين!!!
ٻڏل آواز ۾ ڇوڪرا چون ٿا ۽ ساري ڪلاس ۾ بيچيني
ڦهلجي وڃي ٿي. مان سندن انهيءَ بيچيني کي محسوس
ڪيان ٿو. حاضري پوري ڪرڻ کان پوءِ کانئن انهي
بيچينيءَ جو سبب پڇان ٿو. سائين! محبت کي ... يڪدم
خاموشي ڇائنجي وڃي ٿي. مان پڇان ٿو ها! ها! ڇا ٿيو
محبت کي؟ سائين! ڪالهه محبت کي لا لا کڻي ويا آهن.
اهو ٻڌي منهنجا ته ٺپ ئي ٺري ويا. بي اختيار
منهنجي منهن مان نڪري ويو ته اي خدايا! تنهنجي
ننگري م ڪهڙا ڪهڙا پاپ ٿي رهيا آهن؟ آخر مسلمانن
کي ڇا ٿي ويو آهي جو ننڍڙن گلن جهڙن ٻارڙن کي اغوا
ڪري انهن کي جرم ۽ بي راه روي جي دنيا ۾ ڌڪين ٿا.
مون کي خاموش ڏسي، شاگردن ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ٿئي
ٿي. مان سوچن جي دنيا مان واپس موٽي اچان ٿو.
شاگردن کان واقعي جو تفصيل معلوم ڪريان ٿو. ڇوڪرا
ٻڌائين ٿا ته ڪلهه اسڪول مان موڪل ملڻ کان پوءِ
محبت پيءُ ماءُ سان گڏجي عيد جا نوان وڳا وٺڻ لاءِ
شهر ويو هو. جتان شيءِ وٺڻ لاءِ ٿورو اڳڀرو وڌي
ويو. ان بعد وري موٽي نه آيو. سندس ماءُ پيءُ سڄي
بازار ۾ رلندا آخر نا اميد ٿي گهر موٽي آيا ۽ اڃا
تائين محبت جو پتو نه پئجي سگهيو اٿن محبت جي هم
جماعت ساٿين ۾ هڪ عجيب پيچيني ۽ تڙپ هئي. پنهنجي
ساٿيءَ جي وڇڙڻ سبب سڀني جا چهرا لٿل ۽ دليون
مغموم هيون. مون کي اهو وقت به ياد هو. جڏهن اسان
پنهنجي ننڍڙي اسڪول ۾ جشن ”عيد ميلا دالنبي“
ملهايوسين. حد جي تعليمي آفيسرن کي به دعوت ڏني
هئي، جشن ۾ سيرت پاڪ ٿي محبت جيڪا يادگار تقرير
ڪئي هئي، اها سڀني حاضرين کي چڱي طرح لفظ به لفظ
ياد هئي. ان وقت محبت جو پيءُ ڪپڙن ۾ ئي نه پئي
ماپيو. انهيءَ يادگار تقرير جي موقعي تي محبت کي
بهترين تقرير ڪرڻ جو ايوارڊ به مليو هو.
محبت ڪير هو؟ هي هوشيار شاگرد چاچي عظمت جو سڪيلڌو
پٽ هو. مان رسيس ۾ چاچي عظمت جي گهر کيس آٿت ڏيڻ
لاءِ ويس. اهڙن موقعن تي اگر ڪنهن سان ٻه ٻول پيار
۽ محبت جا ڳالهائبا ته اڳئين ماڻهو کي وڏي آٿت اچي
ويندي آهي. چاچو عظمت ته يارويس ماڻهو آهي. سڀني
سان پيار محبت سان پيش ايندو آهي. پرا لائي ڪهڙي
ناڪرده گناه جي کيس سزا ملي هيس. سارو گهر روڄ
راڙي سبب قيامت جو منظر پيش ڪري رهيو هو. محبت جي
ماءُ ته هٿن مان پئي وئي، سندس ننڍڙي ڀيڻ به
اوڇنگارون ڏيئي روئي رهي هئي. چاچو عظمت به اندر
ئي اندر آوي جيان پيو پچي. رکي رکي دانهن به پئي
نڪري وڃيس. هڪ اک هزار ڳوڙها پيا وهن. اوڙي پاڙي
جا ماڻهو به هنن جي حالت ڏسي به اختيار ڳوڙها پيا
ڳاڙين. مون کان اهومنظر ڏٺي نه ٿيو. اڳتي وڌيم
چاچي کي ۽ سندس زال کي آٿت ۽ دلاسا ڏٺو ڏيندي چيم
ته صوبيدار صاحب منهنجو گهاٽو دوست آهي. مان کيس
زور ڀريندس ته جيئن تيئن ڪري محبت جي ڳولها ڦولها
ڪري اوهان سان اچي ملائي منهنجن انهن لفظن ايترو
اثر ڪيو جو سڄي گهر ۾ سانت لڳي وئي مان لوهه کي
گرم ڏسي ٻيو ڌڪ هنيم ته جيڪو ايتروئي اثرائتو ٿيو.
مان چاچي عظمت کي هڪ ترڪيب ٻڌايم. جنهن تي سڪون
محسوس ٿيو. ترڪيب اها هئي ته اسڪول مان موڪل ملڻ
کان پوءِ چاچو عظمت هڪ ڇوڪري کي وٺي شهر ويندو. ان
ڇوڪري جي نگراني ڪندو رهندو ۽ اتان چاچي جي مان ۽
منهنجو دوست صوبيدار ۽ پوليس پارٽي سان جيڪي سڀ
بنا ڊريس هوندا نگراني ڪندايسن مان ان ڇوڪري کي
جيڪو اسڪول جو شاگرد هيو. چڱي ريت سمجهائي ڇڏيم.
ان تي ڇوڪرو تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ٻئي ڏينهن
مان پنهنجي دوست صوبيدار کي فون ذريعي اطلاع ڏيئي
ڇڏيم. جنهن مون کي ڏسيل جڳهه تي عملي سوڌو موجود
رهڻ جو واعدو ڪيو. اهو ڏينهن مان ڳوٺ ۾ ئي گذاريم.
ٻئي ڏينهن صبح جو اسڪول جي مصروفيات کان پوءِ چاچي
عظمت ۽ ڇوڪري سان گڏ شهر جو رخ ڪيم. انهيءَ ساڳيءَ
جڳهه تي چاچو ڇوڪري کي ڇڏي پاڻ ڪنڊائتو ٿي بيٺو ۽
اسان جون سموريون نظرون چاچي ۾ کتل هيون، ٿوري ئي
چرپر تي اسان هوشيار ٿي وڃون پيا. اهڙي طرح پهرين
ڏينهن تي اسان کي ناڪامي نصيب ٿي جنهن سبب اسان
سڀني جا چهرا لٿل هئا. ٿڪاوٽ ۽ انتظار سبب سنڌ سنڌ
سور ڪري رهيو هو. پر اسان همت ڪونه هاري ٻئي ڏينهن
به اسان ساڳيو عمل دهرايوسين پر ڪو کڙ تيل ڪونه
نڪتو. جيئن جيئن روزن واري عيد ويجهو پئي ايندي
وئي. تيئن تيئن چاچي عظمت جي گهر ۾ ڏکن جا پهاڙ
ڪرڻ شروع ٿيا. محبت جي ماءُ ته روئي روئي پنهنجا
برا حال بنائي ڇڏيا جيئن جو پاڙي جي ٻارن کي راند
روند، کيل تماشي ۾ مصروف ڏسندي ته آنڊا منهن تي
اچي ويندا هئس. ممتا جي ڄر کيس اچي کٽ ڀيڙو ڪيس.
صبح و شام محبت جي ڪپڙن کي ڏسي پئي نير وهائيندي
هئي. سندس اکيون ڏرا ڏئي ويون هيس، آواز ضعيف ۽
ڪمزور بڻجي ويس. ننڊ مان ڇرڪ ڀري محبت! محبت! جا
نالا وٺي رڙيون ڪندي هئي. اها حالت ڪنهن کان ڏٺي
نه پئي ٿئي. هوڏانهن اسان ٽئين ڏينهن خدا کي
ٻاڏائي، گهران نڪري ساڳئي جاءِ تي اچي بيٺاسين
ڪلاڪ ڏيڍ کان پوءِ اسان هوشيار ٿي وياسين- جڏهن
چاچي عظمت کي اڳتي وڌندو ڏٺوسين- اسان به آهستي
آهستي تعاقب ڪندا رهياسين- اسان جون سموريون نظرون
چاچي عظمت ۾ کتل هيون ته جيئن ڪنهن ننڍڙي غلطي سبب
بڻيل کيل بگڙي نه وڃي، ڪجهه وقت بازار مان هلڻ کان
پوءِ ساڄي پاسي واري گهٽيءِ ۾ چاچي عظمت کي مڙندو
ڏسي اسان به هيڏانهن هوڏانهن ڏسي اطمينان ڪري اڳتي
وڌڻ لڳاسين – ساڄي پاسي واري گهٽي ختم ٿيڻ تي هڪ
چور گهٽي شروع ٿي- اسان جيئن ئي ان گهٽيءَ م پير
پاتوسين ته اسان کي پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي
آيو ته ڪو ائين به ٿيندو آهي. چاچي کي اسان چڱو
ڀلو ويندو ڏٺوسين پر هينئر ته چاچو رت ۾ ريٽو ٿيل
هو- اسان جلديءَ ۾ اڳتي وڌياسين ۽ چاچي کي وڃي
ڀاڪر پائي جهليو سين جيڪو عنقريب گٽر ۾ ڪرڻ وارو
هو. اسان کي پنهنجي مٿان بيٺل چاچي کي ڪجهه پيٽ ۾
ساهه پيو ۽ چوڻ لڳو ته جيئن ئي مان چور گهٽيءَ ۾
قدم رکيو ته مون کان کنگهه نڪري وئي جنهن ته همراه
خبردار ٿي ويو ۽ جلدي ۾ سائي رنگ واري بنگلي ۾
گهڙي ويو ۽ ملن به پٺيان ويس. مان جيئن ئي سائي
رنگ واري دروازي تي پهتس ته اتان ٻه همراهه نڪتا ۽
مون کي چاقن سان مارڻ لڳا ۽ ايترو ماريائون جو مان
ڪري پيس، پوءِ مون کي ٻه- ٽي لتون هڻي اتي ڇڏي
اندر هليا ويا. جڏهن مان انهن کي پري ٿيندو ڏٺم ته
اٿي اوهان ڏانهن اچڻ لڳس. اهو سمورو واقعو اکڇنڀ ۾
ٿي ويو. اسان کي مدد ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليو
برحال جوڪجهه ٿيو. ان کي قضا الاهي ڄاڻي صبر
ڪيوسي.
آخرڪار اسين سائي رنگ واري بنگلي جي دروازي وٽ
بيهي ماحول جو جائزو ورتوسين. ڪن ڏئي اندر جي
ڳالهه ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي سين پر اندر سانت لڳل هئي،
اسان ٻن ٻن جي گروپن ۾ تقسيم ٿي، دروازي مان اندر
داخل ٿياسين ۽ ٻاهر ٻه سپاهي نگراني ڪرڻ لڳا. اسان
جيئن جو ورانڊي ۾ قدم رکياسين ته اسان کي ڀڻ ڀڻ جو
آواز ٻڌڻ ۾ آيو. انهيءَ ڪري جو ڪمري جا تمام در ۽
دريون بند هيون. اسان مان هڪ سپاهي دروازو کڙڪائڻ
کان پوءِ ساڄي پاسي واري ٿنبي سان لڳي بيٺو.
دروازو جديد نموني جو هو، چرڙاٽ سان دروازو کليو.
اسان سڀ هوشيار ٿي وياسين. هڪ ماڻهو نڪتو جنهن جي
هٿ ۾ روالور هو. جيئن ئي هن ساڄي پاسي منهن ڦيرايو
ته مون مٿس روالور جي دستي سان حملو ڪيو. جنهن سبب
بنا آواز ڪڍڻ جي همراهه ڪري پيو. پوءِ اسان وري
ساڳيو عمل دهرائيندا رهياسين اهڙي نموني چئن
همراهن کي بيهوش ڪرڻ کان پوءِ اندر شيشي مان نهاري
ڏٺوسين ته هڪ همراهه ديو قيامت، ڪارو، ٺڪر، ڪرسي
تي ويٺو هو. سندس ٽيبل تي هڪ روالور پيل هو.
صوبيدار دروازي مان ڪلابازي کائي اندر ويو. ڏسندي
ڏسندي اسان سڀ اندر پهچي وياسين فقط ٻه سپاهي
بيهوش همراهن جي نگراني تي رهجي ويا. اسان کي
پنهنجي مٿان اوچتو بيٺو ڏسي، هو بد حواس ٿي ويو ۽
ٽيبل تي پيل روالور ڏانهن هٿ وڌائڻ لڳو پر ان کان
اڳ ۾ صوبيدار روالور تي قبصو ڪري ورتو. اهڙي طرح
اسان سڄي ڪمري تي قبصي ڪرڻ کان پوءِ بيهوش همراهن
کي به ٻڌي اندر ڪمري ۾ وٺي آياسين. اوچتو هڪ
دروازو کولڻ سن اسان کي اغوا ٿيل ٻارن جو سراغ ملي
ويو. اندر ويهارو کن ٻار تهه خاني ۾ بند ٿيل مليا-
جنهن مان محبت ۽ ان جو ساٿي به مليا. صوبيدار فون
ذريعي وڌيڪ پوليس پارٽي گهرائي. انهيءَ ڪري ڌنڌي ۾
ملوث تمام افراد کي جيل اماڻيو ويو. اهڙي طرح ديس
جي دشمنن کي ڪُڌن ڪرتوتن جي سزا ملي وئي. چاچو
عظمت محبت سان ڳراهٽڙي پائي مليو. ان بعد کي
اسپتال مان دوا ڪرائي مان پنهنجي گهر وٺي آيس.
چاچي کي معمولي چاقو لڳل هئا. زخم هڪ ٻن ڏينهن
اندر ڀرجي ويا. جيئن ته رات ڪافي گذري چڪي هئي.
اها رات مان چاچي سان پنهنجي گهر ۾ گذاريم. صبح جو
اسان جيئن ڳوٺ پهتاسين ته اسان کي محبت سميت ڏسي
تمام ڳوٺاڻا ننڍا توڙي وڏا خوش ٿيڻ لڳا. اسڪولي
ڇوڪرا محبت موٽي آيو! محبت موٽي آيو! لئي ۾
جهونگارڻ لڳا. اڳ جتي عظمت جي گهر روئڻ جو آواز
ايندو هو، اڄ اتي ٽهڪڙن جا آواز اچي رهيا هئا.
سنڌيڪار: محمد امين بلوچ
برما جي ڪهاڻي
سهڻو، سهڻو ٻگهه
آءٌ ۽ منهنجو هڪ راند ڀائي (ڀيچي) چيڪي مٽيءَ مان
ننڍڙيون ڍڳيون ٺاهي رهيا هئاسين. اها مٽي چيڙهالي
چلڪيدار ۽ لسي هئي جا اوڏهي واري ٽڪريءَ مان آندي
ويئي هئي ۽ اها وارياسي مٽيءَ وانگي الڳ نه ٿي رهي
هئي. اها برساتي موسم جي شروعات هئي ۽ هلڪي هلڪي
سنهي ڦڙ ڦڙ وسي رهي هئي، ان ڪري اسين وڏي وڻ جي
هيٺ پنهنجي پنهنجي مٽيءَ مان شڪليون ٺاهي رهيا
هئاسين.
اُن وقت ڳوٺ جي ٻئي طرف کان ٻه وڏا ڇوڪرا گڏ آيا.
انهن مان هڪ تمام سگهو ۽ طاقت وارو هو ۽ هن جو
بگڙيل ۽ چيڙ وارو نالو ڪيو گياءِ هو جنهن جي معنيٰ
وڏا سانهه هو. هن وٽ هڪ زندهه ٻگهه هو جو هن جي
قميص هيٺ لڪايل هو.
”توهي ٻگهه ڪٿان آندو“؟ منهنجي دوست ڪيو ڳياءِ کان
پڇيو. ”ڇا تو اهو گليل جي ڌڪ سان ڪيرايو“؟ هائو
مون هن کي تلاءَ جي ڀر ۾ ڌڪ هڻي ڪيرايو“ ڪيوگياءِ
جواب ڏنو،
”مون پڻ هڪ کي ڌڪ هنيو“ ٻئي ڇوڪري جواب ڏنو، ”پر
هو ڀڄي ويو“.
” انهي کي ٻاهر ڪڍ ته آءٌ ڏسان، مون ڪيو گياءِ کي
چيو. ڪيوگياءِ راضي نه هو انڪري بهانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ
لڳو مگر هن آخر ڪار ان پکيءَ کي پنهنجيءَ قميص مان
ٻاهر ڪڍيو. هنن هن کي ڊاک جي ول سان ٻڌي ڇڏيو هو،
انڪري هي ڀڄي نٿي سگهيو. مون ان پکيءَ کي وٺي
پنهنجي هٿن ۾ جهليو ۽ هڪدم ان تي عاشق تي پيس.
ڪهڙو نه سهڻو ۽ خوبصورت آهي! هن جا کنڀ کير جهڙا
اڇا هئا، هن جي چهنب ۽ ٽنگون وڻندڙ ساواڻ مائل
نيريون هيون، ڪهڙو نه عجيب ۽ وڻندڙ هو، مون دل ئي
دل ۾ ٻگهه ڌارڻ جو خيال ڪيو. مون کي لاڏ طور ڌارڻ
جو ڏاڍو شوق هو ۽ ان وقت به هڪ ڪتو، هڪ ٻلي ۽ هڪ
وڏي ڪڪڙ ڌاريل هئي.
ڪُڪڙ ان وقت جا ڏهن بيضن جي آري تي ويهڻ واري هئي
۽ آءٌ اڳواٽ انهن بيضن مان ڦٽڻ بعد ڪيترن ئي ننڍن
ٻچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس. پر هاڻي ته منهنجي ٻي
ڪابه خواهش نه هئي سواءِ ان جي ته ڪيوگياءِ جو
سهڻو ٻگهه جلد کان جلد ملي وڃي.
ڪيو گياءِ منهنجي منهن ڏانهن نهاري معلوم ڪري ورتو
ته آءٌ ڇا بابت سوچي رهيو هوس.
هن پڇيو ”ڇا توکي اهو پالڻ لاءِ گهرجي“؟
”هائو“ مون يڪدم جواب ڏنو ”ڇا تون مون کي اهو
ڏيندين“
”خاطري سان اهو توکي ملي ويندو پر توکي ان جي عيوض
ڪجهه مون کي ڏيڻو پوندو. مون کي ڏهن سگريٽن جي
ضرورت آهي.“
منهنجي ٽولي مان ڪو به ڇوڪرو سگريٽ نه پيئندو هو،
پر ڪيوگياءِ ۽ هن جو دوست جيڪي ڪجهه وڏا هئا، هنن
اڳيئي لِڪ ڇپ ۾ سگريٽ پيئڻ شروع ڪيو هو.
”مون کي ٻگهه جي تمام سخت ضرورت آهي، پر مون وٽ هڪ
به سگريٽ نه آهي“ مون چيو.
”پر تنهنجي پڦي جيڪا توهان جي گهر ۾ رهي ٿي. اها
سگريٽ پيئندي آهي. ڇا اها سگريٽ نه پيئندي آهي؟ هن
جي سگريٽن مان ئي ڪجهه کڻي اچ.“ |