رات آئي، اسٽور ڪيپر ڏڪندو دسترخوان تي آيو. چوڻ
لاءِ ته چئي ويٺو، پر هاڻي هو دل ۾ پڇتائڻ لڳو ته
موت آيو ڪي آيو. بادشاهه دسترخوان ته ڪجهه سڙيل
اَن، ڪجهه مٽي ۽ ڪجهه سٺي ان جون مانيون پچرائي
رکايون. اسٽور ڪيپر کي مٽي جي مانين ڏانهن اشارو
ڪندي، بادشاهه چيو ته ”کائي ڌَؤ ڪر“ ٻارو، ڀلا مٽي
جي ماني ڪير کائي؟ جو نه ڪري ٿو ته مري ٿو. مِٺي
به ماٺ مُٺي به ماٺ. لاچار کي آچار ڪونهي مٽي جي
ماني جو ڀورو ڀڃي وات ۾ وجهي، چٻاڙڻ لڳو. ڀلا، مٽي
۾ ڪهڙو سواد. وات مان ڪاري گپ سندس واڇن مان نڪري
آئي، هن زوري ڳيت ڏيئي، مٽي جو ڍڪ هيٺ لاٿو پوءِ
بادشاهه کيس سڙيل ان جي ماني ڏانهن اشارو ڪري کيس
کائڻ لاءِ چيو هن گپ جو سواد، وات ۽ نڙيءَ مان ڪڍڻ
لاءِ، ان ماني جا تڪڙا تڪڙا گرهه کڻڻ شروع ڪيا،
جنهن مان کيس ڪجهه لطف ۽ ان جو مزو اچڻ لڳو ان تي
مرزا صاحب کانئس پڇيو ته: ”ڪيئن ڪهڙي ماني بهتر
آهي؟ مٽي واري يا سڙيل اٽي واري“ هن چيو.
”سائين سڙيل ڪڻڪ جي“! مرزا ڪڙڪندي چيو ته قنڌار ۾
اوهان کي کائڻ لاءِ، چيڪي مٽي به ڪا نه ملندي هئي
۽ هت سڙيل ڪڻڪ کائڻ کان به مخول ٿا ڪريو. خبردار
آءٌ وري اهڙي شڪايت نه ٻڌان.
ٻارو، بادشاهه جي اها ڳالهه هئي به سئو پئسا سچي.
هڪ دفعي جڏهن سندس ڀاءُ مرزا صالح کيس گادي تان
لاهي ڀڄائي ڪڍيو، تڏهن هو پنهنجن ڪجهه ساٿين سان
دربدر خاڪ بسر رلندو رهيو. هن وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه
به نه هو. بکن کان پاهه ٿيڻ لڳو. ان ڪري دوستن کي
کائڻ لاءِ ڪجهه آڻڻ جو حڪم ڪيو. آخر قاضي خميسو،
ڪتي جا جوٺا، ڪچا چانور ڪٿان ڳولي آيو، جنهن تي
قئي به ٿيل هئي مرزا کيس چيو ته ٺيڪ آهي، رڌي کائڻ
لاءِ کڻي اچ“ پاڻ پوءِ اهي چانور نوش فرمايا.
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي جڏهن هو بادشاهه هو. مون وٽ
گهڻا گهوڙا هوندا هئا. ڇو ته ان زماني ۾ جهنگ ۾
گهوڙا ڪتب ايندا هئا، گهوڙن جي خدمت چاڪري لاءِ
سئو مقرر هئا، جن کي ڪافي مقدار ۾ گهوڙن لاءِ داڻو
ملندو هو.
هڪ ڏهاڙي، بادشاهه جو هڪ خاص ماڻهو مولانا جمال
الدين، گهمندو گهمندو اچي طنبيلي ۾ نڪتو ڏسي ته
گهوڙن جي لڏ ۾ سڄي ان جا داڻا پيا آهن. بس پوءِ هن
ڇا ڪيو جو، ان جي عيوض، سڀ ڪنهن فصل ۾ ڪجهه خرار
اَن جو سئن تي مقرر ڪيو ته اهي ڀري ڏين، بادشاهه
هن جي اها خدمت ۽ پاڻ ڏانهن سچائي ڏسي کيس ڪن هزار
توبچين ۽ توب خاني جو سردار بنائي، آتش خان جو لقب
ڏنو.
ٻارو، ڏٺو اوهان، ته انسان تي ڪهڙيون نه ڪمهليون
مهلون اچن ٿيون. تڏهن ته چيو اٿن ته ”هڪ سج ٻه
پاڇا“. مرزا محمد باقي، سان جهنگ ۾ ڪهڙو واقعو آيو
۽ پوءِ بادشاهي ۾، ڪهڙي سندس ذهنيت رهي. هر وقت
انسان کي پنهنجي ماضي کي آڏو رکڻ کپي.
ننڍڙا اديب
هيڻي جو دشمن
هڪڙيءَ ڀت تي گهڻا پوپٽ پئي اڏاڻا. هڪڙو ننڍڙو
ڇوڪرو به اتي اچي راند ڪرڻ لڳو ۽ پوپٽ ڦاسائڻ لڳو.
جڏهن گهڻا پوپٽ ڦاسائي چڪو ته ڀت مان هڪڙو وڇون
نڪتو ڇوڪري انهيءَ کي به پوپٽ سمجهي وٺڻ لاءِ هٿ
ڊگهيريو، وڇونءَ پنهنجي ڏنگ کڻي مٿي ڪيو. ڇوڪر
وڇونءَ جو ڏنگ ڏسي ڊڄي ويو ۽ ڀؤ کان پنهنجو هٿ کڻي
پٺتي هٽايائين. وڇون چوڻ لڳس ته ڇو ڇو؟ ڇا لاءِ ٿو
ڀڄين! مون کي به هڪڙو ڀيرو هٿ ۾ جهلي ڏس، مون کي
به وٺ ته غريب پوپٽن جي ڦاسائڻ جو مزو معلوم ٿي
وڃيئي.
پيارا ٻارو! اسان کي گهرجي ته هميشه جانورن ۽ جيتن
کي نه ستايون ڇاڪاڻ ته هنن کي به اسان جهڙو ئي
ساهه آهي.
- نياز حسين تونيو
ٻڌيءَ ۾ طاقت آهي
هڪ شهر تي هڪ ظالم بادشاهه حڪومت ڪندو هو. هاري
جيڪو سڄو ڏينهن محنت ڪري ان اُپائيندو هو سو ظالم
بادشاهه سڀ ڦري ويندو هو پر ماڻهو ظالم بادشاهه کي
ڪجهه به ڪو نه چئي سگهندا هئا. ڇو ته ڪو به اک کڻي
ڏسندو هو ته بادشاهه هن کي سزا ڏيندو هو.
هن شهر ۾ هڪ ماڻهو رهندو هو، هن جو نالو فضل محمد
هو. پر ماڻهو هن کي فضلو چوندا هئا، فضلو هر وقت
سوچيندو رهندو هو ته هن ظالم بادشاهه کان آزادي
ڪيئن حاصل ڪجي.
هڪ ڏينهن فضلوءَ ماڻهن کي چيو ته ”هاڻي ظالم
بادشاهه ڪجهه به گهرڻ اچي ته ان کي انڪار ڪري
ڇڏجو.“
ماڻهن چيو ته ”بادشاهه کي اسان انڪار ڪيو ته هو
اسان کي ماري ڇڏيندو.“
فضلوءَ چيو ته ”اسان ۾ اتحاد ڪونهي جيڪڏهن اسان سڀ
گڏجي ان ظالم بادشاهه کي ڪجهه به چونداسين ته هو
اسان کي ڪجهه ڪونه چوندو. هاڻي جڏهن به بادشاهه
اچي ته سڀ گڏجي ان کي انڪار ڪري ڇڏجو. جيڪڏهن ظالم
بادشاهه وڙهڻ لاءِ اچي ته ان سان وڙهجو پوءِ هو
ڪڏهن به اوهان جو نالو نه وٺندو.“ ٻين ماڻهن چيو
”هاڻي جڏهن ظالم بادشاهه آيو ته هن کي اسان اناج
ڪو نه ڏينداسين اسان سڄو سال محنت ڪري فصل پوکيون
ٿا، سو سڀ ظالم بادشاهه ڦري وڃي ٿو، هاڻي جيڪڏهن
ظالم بادشاهه آيو ته ان کي اَن جو هڪڙو داڻو به ڪو
نه ڏينداسين.“
هڪ ڏينهن جڏهن بادشاهه ۽ ان جا ساٿي آيا. ظالم
بادشاهه چيو ته ”هن سال جيڪو به ان پيدا ٿيو آهي
سو سڀ مون کي ڏئي ڇڏيو نه ته آئون اوهان کي مارائي
ڇڏيندس.“
ظالم بادشاهه جي اها ڳالهه ٻڌي سڀ ماڻهو پنهنجين
ٻنين مان ٻاهر نڪري اچي گڏ ٿيا ۽ بادشاهه کي اَن
ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بادشاهه اهو ڏسي حيران ٿي
ويو، پر گهڻن ماڻهن کي ڏسي خاموش ٿي ويو.
پيارا ٻارو! اوهان کي هن ڪهاڻي مان اهو سبق ملي ٿو
ته ٻڌيءَ ۾ وڏي طاقت آهي.
- پريم چند پريمي
همدردي
اڄ عيد جو ڏينهن هو، صابر صبح جو سوير وهنجي ڪپڙا
پاتا، هو جڏهن ٻاهر آيو ته ڏٺائين ته پاڙي جي سڀني
ٻارڙن کي سٺا ڪپڙا پهريل هئا هرهڪ ٻار پنهنجن نون
ڪپڙن ۾ خوش پئي ٿيو، هيڏانهن ۽ هوڏانهن پئي گهميا،
سڀني ۾ صالح نماڻن وانگر بيٺو هو، کيس ميرا ۽
پراڻا ڪپڙا پاتل هئس، صابر ۽ صالح پاڻ ۾ تمام
گهاٽا دوست هئا. صابر صالح وٽ آيو ۽ چيائينس ته
صالح ادا، اڄ عيد جو ڏينهن آهي، پوءِ تو اهڙا ڪپڙا
ڇو پاتا آهن. صالح آهستي آهستي وراڻيو ته ادا،
انهيءَ لاءِ جو اسان غريب آهيون، منهنجي پيءُ اکين
کان انڌو آهي، منهنجي امان وٽ ايترا پئسا ڪو نه
آهن جو مون کي سٺا ڪپڙا وٺي ڏئي، صابر کي پنهنجي
دوست جي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيس، يڪدم ڊوڙي گهر ويو
۽ گهران صالح لاءِ نوان ڪپڙا ۽ ڪجهه پئسا کڻي آيو
۽ چيائينس ته ادا، هي ڪپڙا پاءِ ته هلي نماز پڙهون
صالح ڪپڙا پاتا ۽ پوءِ ٻئي دوست عيد نماز پڙهي،
گهمي ڦري شام جو گهر موٽي آيا.
ٻارو: اوهان کي به گهرجي ته غريب سان همدردي ڪريو
۽ ڪڏهن به غريب کي ايذاءُ نه ڏيندا ڪريو.
- عبدالمنان رند
اتفاق
بچل هڪ غريب گهراڻي سان تعلق رکندڙ ڇوڪر هو. هو
اڃا ڇهن ستن سالن جو مس ٿيو ته سندس مائٽن کيس مال
چارڻ سان لڳائي ڇڏيو. ڀلا ڇهه يا ست سال هن جي مال
چارڻ جي عمر هئي، پر هو ويچارو ڇا ڪري. سندس مائٽ
غريب ۽ جاهل هئا. ڪنهن به تعليم حاصل ڪانه ڪئي هئي
۽ نه وري بچل به تعليم حاصل ڪري سگهيو. هو ويچارو
ڪنهن تعليم يافته يا شاهوڪار گهراڻي سان تعلق
رکندڙ هجي ها ته پڙهي به سگهي ها ۽ سکي ستابي
زندگي گذاري سگهي ها. پر هو ويچارو هڪ غريب گهراڻي
سان تعلق رکندو هو. بچل هڪ مينهن پنهنجي ۽ پنج ڇهه
ڳوٺاڻن جون مينهون ۽ ٻيا ڍؤر چاريندو هو. ٻيا به
ڌنار سندس ڳوٺ جا مال چاريندا هئا. بچل هڪ غريب
شريف ۽ بااخلاق ڇوڪرو هو، ٻين ٻارن جون گلائون ۽
دانهون هر روز ماڻهو سندن مائٽن کي ڏيندا هئا، اهي
روزانو موچڙا کائيندا هئا پر بچل جي مائٽن وٽ ڪڏهن
به ڪنهن جي دانهن ڪا نه آئي. نه وري بچل ڪنهن سان
ڀوڳ يا مسخري يا وڙهندو هو. جڏهن مال چاريندو هو
ته ڪي ڇوڪرا واهه ۾ رڳو مال کي پاڻي پياري ۽
ويهاري ويهاري منجهند جو اچي ڪنهن ٻٻر جي هيٺان
ويهاريندا هئا، پر بچل چڱي طرح مال کي چاري ۽ سڀني
کان دير سان ۽ سڀني کان ڌار ٿورو پرڀرو ويهاريندو
هو. روزانو پنهنجي منجهند جي ماني پاڻ سان گڏ ڪنهن
ٽوال يا رومال ۾ ٻڌيو ويندو هو.
ڇوڪرا جڏهن مال ويهاري ۽ پاڻ ۾ رانديون ڪندا ۽
وڙهڻ شروع ڪندا هئا ته بچل ويچارو سڀني کان پري
ويٺو هوندو هو ۽ پنهنجي مال سان گڏ جڏهن ڇوڪرا
منجهند جي ماني کائڻ ۽ ٻين جي لاءِ کڻڻ ويندا هئا
ته بچل ويچارو به پنهنجي رُکي سُکي ماني ڪڍي
کائيندو هو. ٻيا ڳوٺاڻا ڇوڪرا تازي ماني کائيندا
هئا ۽ پوءِ ڪي اچي بچل کي ستائيندا هئا. پر بچل
خاموش رهندو هو ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان نه وڙهيو. هو
هميشه دل ۾ اهو سوچيندو هو ته ”هنن جي مائٽن کي
روزانو گلائون ۽ دانهون ماڻهو ڏين ٿا تڏهن به نٿا
مُڙن.“ هو انهيءَ ڳالهه تي گهڻي سوچ ويچار ڪندو هو
۽ پاڻ کي هميشه پرهيز ڪندو هو.
هڪ ڏينهن شام، بچل مينهون ڳوٺ ڏانهن ڪاهي وڃي رهيو
هو ته واٽ تي سندس هڪ ڳوٺاڻو ڪنهن واٽر ۾ مينهن
چاري رهيو هو. بچل به انهيءَ جي ڀرسان مينهون اچي
لانگهائون ڪيون ته بچل جي هڪ مينهن اوچتو وڃي سندس
ڳوٺاڻي جي مينهن سان وڙهي ۽ مينهون پاڻ ۾ وڙهي
پيون. بچل به ڊوڙ پاتي پر اڳ ۾ ئي مينهن هڪٻئي کي
ڊوڙايو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺاڻي کي مينهن ٽڪر هنيو
ته ڳوٺاڻو ويچارو وڃي گپ ۽ پاڻي واري واٽر ۾ ڪريو.
بچل مينهن کي ورائي ڳوٺاڻي کان معافي ورتائين ۽
”چيائين چاچا مونکان اتفاق سان اوچتو مينهن اوهان
جي مينهن کي ٽڪر هنيو آهي سو مونکي معاف ڪندا.
تنهن تي ڳوٺاڻي هن کي چيو ”پٽ! واقعي مينهن مونکي
اوچتو ٽڪر هنيو آهي ۽ شايد تنهنجو خيال ٻي پاسي
هوندو.“ هن ڳوٺاڻي سندس مائٽن کي دانهن به ڪا نه
ڏني.
پر بچل کي دل ۾ هرکر پيدا ٿي پيئي ۽ اچي سڄي حقيقت
پنهنجن مائٽن سان ڪيائين. سندس ايتري قدر سچ
ڳالهائڻ تي سندس مائٽن کيس شاباس ڏني ۽ چيو ”پٽ
اتفاق ۾ برڪت آهي ۽ سچ ڳالهائيندڙ جو مانُ سدائين
مٿانهون آهي.“
- در محمد بيوس
سليٽ ۽ قلم
مون اڃا قلم جو منهن سليٽ جي پٺ تي رکيو ئي مس ته
سليٽ قلم کي هڪل ڪئي ته متان مون تي لکڻ شروع ڪيو
اٿئي. مون گهڻو ئي تنهنجو سٺو آهي، هاڻي وڌيڪ ڪانه
سهنديس“ قلم پنهنجو منهن هٽائيندي چيو ”خير ته
آهي- اڄ مس مس پنهنجي ڳجهي زبان کولي اٿئي. ڪهڙي
مون توکي تڪليف پهچائي آهي جو اڄ صفا پاڻيءَ کان
ٻاهر نڪري پئي آهين“ مون ڏٺو ته سليٽ اڀامندي پيئي
وڃي، سمجهيم اڄ خير ڪونهي تڪليف جو ثبوت ڏيڻ لاءِ
سليٽ پنهنجي پٺي ڏيکاريندي چيس ”هيڏي ڏس جيڪي تو
مون تي ڪڪر وڌا آهن، ڏس ته ڦٽن جهڙا ٿي پيا آهن يا
نه منهنجي سڄي جان پئي ڏکي ۽ تون سو وري به آيو
آهين مون تي لکڻ؟“ قلم سمجهائيندي چيس ”ادي سليٽ
خاتون هي ڪهڙي تڪليف آهي جو تون آسمان ٿي ڏارين.
علم جي ڦهلاءُ لاءِ جن خوشيءَ سان تڪليفون سٺيون
آهن، انهن کان وڃي پڇ جي توکي خبر پوي ته جيڪر تون
ڪنبي وڃين. پر انهن تڪليفن ڪري وري جيڪا عظمت حاصل
ٿئي ٿي. اها ته ڪئين دفعا ان کان وڌيڪ آهي. حيف
هجي توکي جو تون يڪدم بيزار ٿي پئي آهين.
توکي احساس جاڳائڻ لاءِ مان پنهنجو مثال به ڏئي
ڇڏيان. توکي خبر آهي ته اڳ منهنجو قد پورو هڪ
گرانٺ هو. پر جڏهن علم جي ڦهلاءَ لاءِ مون پنهنجي
قرباني پيش ڪئي ته هاڻي چيچ جيترو ئي مس وڃي بچيو
آهيان، ايترو گسندي به مون ڪڏهن دانهن ڪئي آهي؟
انهيءِ لاءِ ته مون کي وڏو فخر آهي جو آءٌ علم جي
خدمت ۾ ڪم آيو آهيان ڀلا اهڙي قرباني ڏيڻ کانسواءِ
ٻي اسان ڪهڙي نموني سان علم جي خدمت ڪري سگهون
ٿا؟“ سليٽ سڄي ڪٿا ڏاڍي غور سان ٻڌي ۽ پوءِ
شرمائيندي چيائين ”ادا قلم ڀلائي ڪري هاڻي وڌيڪ
مون کي شرمندو نه ڪر. آءٌ پاڻ کي وڏي گستاخ تسليم
ٿي ڪريان. هاڻي ڪڏهن به ڪا شڪايت منهنجي چپن تي نه
ايندي. اڄ ته تو منهنجون اکيون کولي ڇڏيئي.“ ٻيو
هاڻي سندن وڃ ۾ تکيون ڳالهيون مٽجي مٺيون ٿي پيون.
هاڻي مون کي به پوري پڪ ٿي ته اڳتي ڪڏهن به پاڻ ۾
ڪڙو ڪو نه ٻولينداسون. پوءِ قلم سليٽ جو مون ڏانهن
ڌيان ڇڪائيندي چيو ته مون ڏانهن ڏس سوجهري کي به
ضرور اسان جي ڳالهين ڪري رنج پهتو هوندو. هاڻي
اڳتي جي لاءِ پڪو واعدو ڪريون ته اهڙي صورتحال
ڪڏهن به پيدا نه ڪنداسين جنهن ڪري اسان جون خدمتون
رائيگان وڃن. هاڻي اسان کي سچي دل سان خدمت ڪرڻ
گهرجي. ان علم جي جيڪو جهالت کي ختم ڪري صدين جا
طلسم ٽوڙي ٿو ۽ سچائي جو سج اڀاري ذهنن کي جلا
بخشي ٿو پوءِ ٻئي پاڻ ۾ پرچي پون ٿا ۽ قلم پنهنجو
منهن ورائي سليٽ جي پٺ تي آڻي ٿو. موتين جهڙا اکر
سڄي سليٽ تي پکڙجي وڃن ٿا.
غلام مرتضيٰ ڪورائي |