ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسلم ڏانهن خط آيو ته سندس
پيءُ سخت بيمار آهي.
اسلم اهو خط کڻي پنهنجي آفيسر وٽ ويو ۽ چيائين
”سائين منهنجو پيءُ سخت بيمار آهي، اجازت ڏيو ته
ڳوٺ وڃي پنهنجي پيءُ جو علاج ڪرايان.“ سندس آفيسر
ڪاوڙجي ويو ۽ وراڻيائين ته ”هڪ نوڪري ملي ٻيو وري
نخرا گهڻا. تو کانسواءِ ٻيا ملازم گهڻا.“
اسلم اداس ٿي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيو. اسلم جي اچڻ
کان اڳ سندس پيءُ هنن کان هن دنيا مان هميشه هميشه
لاءِ جدا ٿي ويو. ان کان پوءِ اسلم نوڪري جي گهڻي
تلاش ڪئي پر هر جڳهه تي جواب مليس پر مايوسين سندس
پٺ نه ڇڏي.
قطب الدين، کنڊ، ڀنگو بهڻ
هو ضرور ايندو
جمال اسڪول کان ٿي مايوس چهرو کڻي گهر پهتو! حسب
معمول اڄ به ماڻس سندس ڪومائل چهرو ڏسي نه سگهي ۽
پڇيائينس ته پٽ! ڇو ڀلا ڪنهن ماريو اٿئي. نه امان
ماريو ڪنهن به نه آهي. باقي اسڪول جا سڀ ڇوڪرا مون
کي نڀاڳو چون پيا ۽ جنهن جو پيءُ نه هوندو آهي
اُهو ٻار نڀاڳو هوندو آهي. ٻڌاءِ امان نڀاڳو
آهيان؟ تڏهن ماڻس وراڻيو نه اهي ڇوڪرا سڀ ڪوڙا آهن
تنهنجو پيءُ ته الله سائين وٽ ويو آهي ۽ جن جا
پيءُ الله وٽ ويندا آهن اُهي يتيم هوندا آهن. تڏهن
جمال معصوميت سان پڇيو ته امان پوءِ اسان به الله
وٽ هلون ۽ بابا سان هلي ملون. ”پٽ! اسان الله وٽ
ڪيئن هلون ڇو جو الله سائين جي مرضي جنهن کي به
گهرائي.“
تڏهن جمال وراڻيو ”امان پوءِ سڀني جا پيءُ الله وٽ
ڇو نٿا وڃن.“ نه پٽ ائين نه چؤ هاڻ چپ ڪري ويهه
اهڙيون ٻاراڻيون ڳالهيون نه ڪندو ڪر.
نه امان نه مون کي ٻڌاءِ ته الله بابا کي ڪڏهن
واپس موڪليندو. ماڻس وٽ ڪو به جواب نه هيو. حيران
هئي ته جمال اهڙا ڪڏهن به سوال نه ڪيا آهن اڄ کيس
ڇا ٿي ويو آهي. وري جمال ساڳيو سوال ورجايو نه نه
امان تون ڪوڙ ٿي ڳالهائين. منهنجي دوست جو پيءُ
تمام پري ويو هو، پوءِ به واپس آيو هيو ۽ اسان جي
ماستر جو ڀاءُ به ٻئي شهر ويو هو، اتان به واپس
آيو آهي. پوءِ الله ڪيترو پري آهي ۽ اتان ماڻهو
ڪيترن ڏينهن ۾ واپس ايندا آهن. امان مون کي جواب
ڏي، چپ ڇو ٿي وئي آهين. ماڻس وٽ ڪو به جواب نه هو
۽ جمال جي معصوم سوالن سندس ڇٽل زخمن تي مرچ ڇڙڪي
ڇڏيا. سوچڻ لڳي ته جمال کي ڪهڙو جواب ڏئي ته الله
وٽان ماڻهو ڪيترن ڏينهن ۾، واپس ايندا آهن ۽ الله
ڪيترو پري آهي.
پٽ الله تمام ويجهو آهي ڪير به ماڻهو پنهنجي مرضي
سان نه ويندو آهي پر جنهن کي الله پاڻ گهرائيندو
آهي. اهو ٻڌي جمال چپ ٿي ويو. ڪو به سوال نه هيس
جو ماءُ کي تنگ ڪري ۽ پوءِ جمال چپ ڪري سوچڻ لڳو ۽
سوچيندي سوچيندي کيس ننڊ اچي ويئي. ماڻس ڪم ۾ لڳي
ويئي ۽ جمال ننڊ ۾ وڦلڻ لڳو امان- امان. ٻڌاءِ
بابا ڪڏهن ايندو، ۽ الله الله ڪيترو... ڪيترو پري
آهي. ماڻس ڊوڙندي آئي ۽ کيس ننڊ مان سجاڳ ڪيائين.
پر جمال کي تيز بخار چڙهي ويو. ماڻس پريشان ٿي
وئي. ڪجهه به ته نه هئس جو کيس اسپتال وٺي وڃي ۽
سندس علاج ڪرائي ۽ پنهنجي معصوم جي زندگي بچائي.
جمال کي ڪو به هوش نه هو. ماڻس روئڻ لڳي. دانهون
ڪرڻ لڳي، ڪير هيو جو سندس دانهون ٻڌي. جمال ته
سندس جگر جو ٽڪر هيو، اکين جو نور هيو، جمال سندس
جهولي ۾ ئي ڪنڌ جهڪايو ۽ پنهنجي حقيقي مالڪ سان
وڃي مليو ۽ سندس ماءُ ريهون ڪري ننڍڙي جمال جي جسم
کي ڀاڪر پائي زور سان چوڻ لڳي ته جمال پنهنجي پيءُ
کي وٺڻ ويو آهي ۽ هو واپس ايندو، ضرور واپس ايندو.
- زبيده خانم گوپانگ خيرپور ميرس
نيڪي، نيڪي آهي
ٽي مسافر ڪنهن جهنگ ۾ سفر ڪري رهيا هئا. جڏهن هنن
کي رات پئجي ويئي ۽ هڪ غار ۾ ويا ۽ اتي سمهي رهيا
ته اوچتو ڌماڪو ٿيو. ٽئي ڇرڪ ڀري اٿيا ته پاڻ مان
هڪ ٻئي کان پڇڻ لڳا ته ڇا ٿيو ڇا ٿيو. هڪ ٻئي کي
چوڻ لڳا خبر ناهي ته ڪهڙي آفت لٿي آهي. اندر غار ۾
اونداهه هئي ۽ هت ٻاهر نڪرڻ جو فيصلو ڪيو. پر ٻاهر
وڃي نه سگهيا. ڇو ته غار جي منهن تي هڪ وڏو پٿر
ڪريل هو ۽ هاڻي هنن کي خبر پئي ته اهو ڌماڪو ٿيو
جو هو جيڪو غار جي منهن تي ڏنل هو.
پٿر ايترو ته ڳرو هو جو هنن کان چريو به ڪونه.
پوءِ هنن پاڻ ۾ سوچيو ته هاڻي هتي هڪ نه هڪ ڏينهن
مري وينداسون. سو انهن مان هڪ مسافر چيو ته نيڪي
ڪڏهن به بيڪار نه ٿيندي آهي. اچو ته پاڻ ۾ پنهنجي
پنهنجي نيڪي ٻڌايون ته جيئن خدا کي سٺي لڳي ۽ اهو
ان جي بدلي ۾ اسان کي زندگي بخشي ۽ هن غاز مان
ٻاهر نڪرون. اها ڳالهه ٽنهي مسافرن منظور ڪئي ۽ هڪ
مسافر پنهنجي نيڪي جي ڳالهه شروع ڪئي ته هي ڳالهه
ان زماني جي آهي جڏهن منهنجي مالي حالت خراب هئي،
مون وٽ صرف ڪجهه ٻڪريون هيون تنهن مان اسان جو
گذارو ڏاڍي مشڪل سان ٿيندو هو ۽ منهنجو پيءُ ۽
ماءُ جيئرا هئا ۽ انهن جي ڏاڍي خدمت ڪندو هوس. هڪ
دفعي رات جو مان ماءُ ۽ پيءُ لاءِ کير ۽ ماني کڻي
ويس ته هي ستا پيا هئا ته مون سوچيو ته هي جهٽ
اٿندا. مان کير ۽ ماني کڻي بيهي رهيس. رات جو هڪ
پهرو گذريو. ٻيو گذريو. ٽيون گذريو تان جو صبح ٿيو
۽ صبح اڀريو ته منهنجا ماءُ ۽ پيءُ اٿيا ۽ مون
انهن کي ماني کارائي. ٻنهي مسافرن هن جي ڳالهه ٻڌي
چوڻ لڳا ته هي نيڪي جو ڪم آهي. ضرور الله سائين ان
جي صدقي مدد ڪندو ۽ ان وقت پٿر ٿورو هٽيو ان کان
پوءِ ٻئي مسافر پنهنجي نيڪي جي ڳالهه شروع ڪئي:
مون وٽ مزورن جو ٽولو ڪم ڪندو هو. هڪڙي ڏينهن ڪم
لهڻ کان پوءِ سڀئي مزور پنهنجي مزوري وٺي ويا باقي
هڪ مزور ٻڌائڻ کان سواءِ الائي ڪيڏانهن هليو ويندو
هو. ان جي مزوري مان مون هڪ رڍ ورتي ٻئي ڏينهن ٻي
رڍ ٽئين ڏينهن ٽين ۽ چوٿين ڏينهن چوٿين رڍ ورتي.
آخرڪار هڪ مهينو گذريو ٻيو مهينو گذريو هو مزور ڪو
نه آيو. هڪ ڏينهن هو مزور مون وٽ آيو ۽ پنهنجي
مزوري جي گهر ڪيائين: مون به رڍن جو ڌڻ ڪاهي
ڏنومانس ۽ اهو مزور مون کي ڏاڍيون دعائون ڏيندو
ويو ۽ چيائين ته هي نيڪي الله سائين کي وڻي هوندي
ته اسان جي مدد ڪندو، ان وقت پٿر ٿورو اڳتي چريو.
ٽئي مسافر چيو ته هڪ دفعي آءٌ پنهنجي فائدي لاءِ
هڪ ماڻهو کي تباهه ٿي ڪري سگهيس پر منهنجي ضمير
چيو ته پنهنجي خوشي لاءِ ٻي کي ڇو ٿو تباهه ڪرين.
اهو فيصلو مون پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏيو ۽ مون کي
ڏاڍي خوشي ٿي آهي ته مون ٻئي کي تباهه نه ڪيو ۽
پوءِ چيائين الله سائين کي اها نيڪي وڻندي ته اسان
جي مدد ڪندو. ان وقت پٿر ايندو پري هٽيو جو هو ٽئي
مسافر سلامت سان ٻاهر نڪري آيا.
ٻارو، اوهان کي هن ڪهاڻي مان اهو فائدو مليو ته
نيڪي ڪڏهن به ڪو نه ويندي آهي ۽ هنن ٽنهي مسافرن
جون نيڪيون الله سائين کي وڻيون ان جو بدلو هنن کي
مليو.
عبدالعليم سومرو سڪرنڊ
ٻڌي
احمد نالي هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو، جو پيءُ جي هن
بي بقا ۽ دارالفاني دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ ڪري
ڳوٺاڻي وڏيري جو نوڪر ٿيو هو. جنهن جي ڪمائي تي
ننڍڙي معصوم ڀاءَ ۽ ٻن لڄادار ڀيڻن ۽ ماءُ جو پيٽ
گذران ٿيندو هو ۽ زندگيءَ جا ٿورا گهڻا ڏينهن سٺي
نموني سان پيا گذاريندا هئا.
احمد وڏيري جو ڌڻ چاريندو هو. صبح جو ڀر واري جهنگ
ڏي ڪاهي ويندو هو ۽ شام جو وري موٽائي ماڳ ورندو
هو. احمد کي ماکي لاهڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو.
صبح جو مال جهنگ ڪاهي وڃي اتي ڪرڙن ۽ ڪنڊن جي جهپن
۾ وتندو هو ليئا پائيندو ۽ ماکيون ڳولهيندو. ائين
ئي احمد جو وقت سٺو گذرندو هو. ماکيون لاهي ڪجهه
شهر ۾ وڪڻندو هو ۽ ڪجهه پاڻ کائيندا هئا.
هڪ دفعي جي ڳالهه ته، هن کي هڪ ڏينهن هڪ ماکي به
ڪا نه لڌي ۽ ان ڏينهن نااميد ٿيو. شام جو وڏيري جو
مال ڳوٺ ڪاهيو پيو اچي ته هن جي نظر هڪ ماکي تي
پئي جا صفا ٻاهر چٽي ظاهر سج جي سامهون ويٺي هئي
عام چوڻي آهي ته ”سج جي سامهون واري ماکي نَر
هوندي آهي.“ نر تمام ويڙهو ۽ ڏنگو هوندو آهي. ڏسڻ
سان ئي احمد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ الله تعاليٰ جو احسان
مڃڻ لڳو. پر جڏهن اهيو دماغ ۾ خيال آيس ته نر آهي
۽ نر تمام ڇتو ويڙهو ٿيندو آهي ۽ مون سان وڙهندو
سو دل هڻڻ لڳو. پر پوءِ لاپرواهه ٿي مال کي ڳوٺ جو
رستو وٺرائي ۽ ماکي جي لاهڻ ۾ شروع ٿي ويو. مگر
ماکي چيو ته اهي ٻيون ٿئي جو لاهيندو آهين. بس
پهريون ئي ڌڪ جيئن ماکيءَ واري ڏار ۾ هنيائين تيئن
سڀ ماکيءَ جون مکيون احمد کي چوڌاري ڦري ويون ۽
جٿي ڪٿي بدن تي ويهي ويس ۽ ٿوريءَ ويرم ۾ ئي احمد
کي هڻي سڄائي ڇڏيائون. احمد ماکيءَ جي ڏنگن جي درد
کان جيئن ئي رڙ ڪئي ته ڀر ۾ ٻيو ڌنار مال کي ڪاهيو
پيو وڃي سو ڊوڙندو آيو ۽ اچي احمد کي ماکيءَ کان
ڇڏايائين.
احمد ته ان ڏينهن خير سان رڙهندو رڙهندو وڃي ڳوٺ
پهتو پر ٻئي ڏينهن وري پاڻ سان گڏ ماچيس به ساڻ
آندائين اڄ هن کي تمام ماکيءَ تي ڪاوڙ هئي. اڄ هن
اهو فيصلو ڪيو ته ماکيءَ تي جيڪو به حيلو وسيلو
هليو سو هلائبو پر ماکيءَ کي هٿان نه ڇڏبو سو احمد
مال کي پنهنجي ڀرپاسي ۾ ڇڏي، ماکيءَ جي لاهڻ لاءِ
ڇيڻو دکائڻ لڳو. جڏهن اهو دکي تمام گهڻو دونهون
ٿيس ته ماکيءَ جي ويجهو دونهي کي رکيائين پر
ماکيءَ جي اها اک هجي جو دونهي جي ته پرواهه ئي نه
پئي ڪڍي.
احمد جي اها رٿا به ناڪام وئي پر پوءِ ٻي تجويز
رٿيائين ته ماکيءَ جي ڀرسان باهه جا وڏا مچ
ٻاريان. گهڻي باهه جي تو تاب تي پاڻهي ماکيءَ جون
مکيون پنهنجو مانارو يعني ”گهرگهاٽ“ ڇڏي اڏامي
هليون وينديون ۽ پوءِ مان سهوليت سان ماکيءَ کي هٿ
ڪندس. اهو سوچي موئو ڊڀن جو ٺاهي کڻي ڀرسان باهه
ڏنائينس. اهي ڏينهن چاليهي جا هجن بس باهه جي به
ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن هجن. باهه به چيو ته اڄ نه
لڳان ته ڪڏهن لڳا. بس ڪک پن ساڙيندي اڳتي ماکيءَ
ڏانهن وڌندي رهي. احمد انتظار جون گهڙيون ڪاٽيندو
رهيو ته اجهو ٿيون ماکيءَ مکيون اڏامن ۽ مان
پنهنجي مطلب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيان. پر پوءِ جان
کڻي نظر ڦيرائي ڏسي ته باهه وڃي ماکيءَ کي ويجهو
پهتي آهي ۽ ساڙڻ شروع ڪري ڏنو اٿائينس پر تنهن
حالت ۾ به ماکيءَ جون سڀ مکيون ساڳي پوزيشن ۾ آهن
جهڙي باهه کان اڳ ۾ هين ۽ هڪ به مک هيڏي هوڏي نه
اٿي يا باهه جي تاب کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش نه ٿي
ڪيائين. اهڙو ڪو سوال ئي نه پيو اڀري ته هو پاڻ کي
باهه کان نه بچائن ۽ ماکيءَ ماناري کي ڇڏي اڏامي
نه وڃن پر اهي سڀئي هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڪري ٻرنديون
رهيون ۽ نيٺ سڙي ٻري مري ڍير ٿي ڪري پيون.
احمد اهو سڀڪجهه ڏسندو رهيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بنا
مطلب حاصل ڪرڻ جي ڦڪو ٿي واپس مال ڏي وريو.
پيارا ٻارو، ڏسو ته ڪيترن ننڍڙن ساهوارن جيتامڙن
پرندن کي به اها خبر آهي ته جيڪڏهن جوءِ لاءِ ساهه
ويو ته به پرواهه ناهي انهن ۾ ٻڌي ۽ محبت ۽ وطن
لاءِ پيار آهي. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان
پاڻ ۾ ٻڌي ۽ محبت ڪريون ۽ وطن ساڻ محبت ڪيون. ان
لاءِ اسان کي ماکيءَ جي مکين کان سبق حاصل ڪرڻ
گهرجي.
- وزير علي منگي، ٽاٽري
محمد اسلم انصاري
اسلامي شخصيتون
حضرت خالد بن وليد
حضرت خالد جو پورو نالو ابو سليمان خالد بن وليد
المخرومي هو. سندن خاندان نبي ڪريم صلعم جي ستين
پشت سان ملي ٿو. سندس تعلق قريش جي مشهور قبيلي
بنو مخزوم سان هو. مخزوم حضرت خالد جو پنجون ڏاڏو
هو. بنو هاشم کان پوءِ بنو مخزوم قبيلو وڏي حيثيت
رکي ٿو.
حضرت خالد ننڍي هوندي کان ئي بهادر ۽ باهمت هو.
سندس شمار قريش جي بهادر نوجوانن ۾ ٿيندو هو. پاڻ
اسلام آڻڻ کان اڳ قريشن قبيلي جي ڪمان سنڀاليندا
هئا. اسلام آڻڻ بعد اسلامي فوج جو هڪ بهادر سپاهي
ثابت ٿيو ۽ آخري وقت تائين باطل جي قوتن کي ختم
ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. جنهنڪري نبي ڪريم صلعم جن کين
سيف الله جو لقب ڏنو.
اسلام آڻڻ بعد پاڻ غذوه موته ۾ شريڪ ٿيو. جنهن ۾
کيس فتح نصيب ٿي. مڪي جو فتح ٿيڻ ۾ به حضرت خالد
جو هٿ هو. ان کان سواءِ ٻين گهڻين لڙاين ۾ حضرت
محمد صلي الله عليه وسلم سان گڏ هو ۽ انهن ۾ به
کين فتح نصيب ٿي. دمشق جي فتح کان پوءِ ڪافي عرصي
تائين حضرت خالد بدستور اسلامي سپه سالار اعليٰ
رهيو. بعد ۾ حضرت عمر رضه جن کين ڪن غلطفهمين جي
ڪري هٽائي ڇڏيو ۽ اتان هٽڻ بعد به جهاد جي لاءِ
ڪوششون ڪندا رهيا. اها ئي شي سندن اعليٰ سيرت جو
سبق ڏئي ٿي.
حضرت خالد جي هيءَ تمنا هئي ته شهادت حاصل ڪيان پر
سندن اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. حضرت خالد بن
وليد وٽان دنيا جا وڏا وڏا فاتح به مقابلا نه ڪري
سگهيا. جنگ يرموڪ ۾ دشمنن جي سٺ هزار فوج جي
مقابلي ۾ سٺ مجاهدن سان گڏ هوا، ۽ نيٺ يرموڪ جو
قلعو فتح ڪيو حضرت خالد جن تقريباً سوا سو لڙاين ۾
حصو ورتو. پر ڪنهن به لڙائي ۾ کين شڪست ڪانه ملي.
پاڻ اڪثر جنگ ڪرڻ جا طريقا به ايجاد ڪيا. ۽ موقعي
مطابق ان تي عمل به ڪيو. پاڻ هميشه پنهنجي ڪردار
کي بلند رکيو. لڙائي کٽڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي ڌوڪي
يا فريب کي پاڻ جائز نه ڪيو. هميشه پنهنجو پاڻ کي
خطري ۾ وجهندا هئا ۽ پهرين صف ۾ دشمنن سان جنگ
ڪندا هئا. انهيءَ ڪري سندن نالو اڄ به روشن آهي ۽
قيامت تائين روشن رهندو.
حضرت خالد جي وفات کان پوءِ سندن سامان جو جائزو
ورتو ويو ته معلوم ٿيو ته پاڻ هڪ غلام، هڪ گهوڙو ۽
ڪجهه هٿيار ڇڏي ويا هئا. سندن وفات وقت حضرت عمر
جن فرمايو ته ”مسلمانن کي هڪ اهڙو نقصان پهتو آهي،
جنهن جي تلافي ناممڪن آهي. حضرت خالد جن اهڙا
جرنيل هئا جو سندن جڳهه شايد ٻيو ڪو نه وٺي سگهي.
پاڻ دشمن لاءِ مصيبت هئا.“
حضرت خالد جي زندگي مان اسان کي بهادري ۽ همت جو
سبق ملي ٿو. اسان کي به گهرجي ته اسان انهن بهادرن
جي همت کي اجاگر ڪريون.
الطاف حسين آگرو
ٻارن جي اخبار
”دنيا جي سڀ کان وڏي لئبرري“
دنيا جي سڀ کان وڏي ۾ وڏي لئبرري آمريڪا جي گادي
واري هنڌ واشنگٽن ۾ واقع آمريڪي ڪانگريس جي لئبرري
آهي. جنهن ۾ ڪتابن کان سواءِ فوٽوگراف فلمون ۽
قلمي مسودن جو تعداد ڪروڙن تائين پهتل آهي. انهيءَ
لئبرري ۾ صرف انڌن جي لاءِ پنج هزار ڪتاب رکيل
آهن. ان کان سواءِ بائبل جو اهو جلد به اتي آهي جو
1445ع ۾ بريل ٽائيپ ۾ ڇپيو هو.
”اخبار رومال“
ڪيترائي سال اڳي فرانس مان هڪ اخبار ”رومال“
نڪرندي هئي. هي اخبار رومال تي شايع ٿيندي هئي.
انهيءَ اخبار جي ايڊيٽر جو چوڻ هو ته اخبار پڙهندڙ
ماڻهو هن اخبار مان ٻن قسمن جو فائدو وٺي سگهن ٿا.
هڪ هيءَ ته تازيون خبرون پڙهڻ لاءِ ملي وڃن ٿيون ۽
ٻيو فائدو هي آهي ته پڙهڻ کان پوءِ اها هٿ منهن
اگهڻ جو ڪم به ڏئي سگهي ٿي.
”اٺ جي کل“
سڀ کان پهريائين قرآن مجيد اُٺ جي کل تي لکيو ويو.
”ڪئن کي پڪڙڻ واري مشين“
تمام ٿورا اهڙا ماڻهو هوندا جي ڪُئن جي آزار کان
بچيل هوندا. ڪيتريون ئي دوائون استعمال ڪريو.
هزارها جتن ڪريو انهن جي فوج ۾ برابر اضافو ايندو
رهندو آهي. انهي خوف کان ڪجهه ماڻهو ٻليون به
پاليندا آهن خدا ڀلو ڪري ملفورڊ جي ”ڊييس ڪيسر“ ۽
”رابرٽ“ جو جن ڪئن پڪڙڻ لاءِ هڪ مشين تيار ڪئي
آهي. جنهن جو نالو آهي ”ڪلين ڪيل مائوس ٽريپ“
”لاعلاج“
جڏهن هنگري جو مشهور سائنسدان ”ڪائونٿ استوان“
چريو ٿي پيو ته ڊاڪٽرن هن جي دوا شطرنج کيڏڻ تجويز
ڪئي. چنانچ هن جي دوستن هڪ نوجوان کي ڪرائي تي
حاصل ڪيو، جو ڇهه سال هن سان شطرنج کيڏندو رهيو.
انهن ڇهن سالن کان پوءِ سائنسدان ته ٺيڪ ٿي ويو،
ليڪن ان سان گڏ کيڏندڙ نوجوان ايتريقدر پاڳل ٿي
ويو جو ڊاڪٽرن هن کي لاعلاج قرار ڏئي ڇڏيو!
”ايل ڇا آهي“
ايل
(Ell)
هڪ مڇي جو قسم آهي. جا نانگ وانگر ٿيندي آهي. سمنڊ
۽ دريائن ۾ ملندي آهي. ننڍي جانورن ۽ ڪيڙن مڪوڙن
تي گذر ڪندي آهي. انهي جو گوشت تمام لذيذ ٿيندو
آهي ۽ ماڻهو وڏي شوق سان کائيندا آهن.
”اولمپڪ رانديون“
پهريون اولمپڪ رانديون سن 1892ع ايٿنس جي شهر ۾
ٿيون هيون. جنهن ۾ ڪل نون ملڪن حصو ورتو هو.
”نيويارڪ تي ڀولڙن جو قبضو“
11 مئي 1964ع تي صبح جي وقت نيويارڪ پوليس اسٽيشن
تي خطري جو الارم وڄڻ لڳو. ماڻهو هيڏي هوڏي ڀڄي
رهيا هئا، پوليس تائين سڀ هراسان هئا. اوچتو ڪنهن
رڙ ڪري چيو ”نيويارڪ تي ڀولڙن جو قبضو“! ڳالهه
هيئن آهي ته 205 ملٽن اسٽريٽ نيويارڪ تي جانورن جو
هڪ وڏو دوڪان هو جتي ڀولڙا گهڻي تعداد ۾ موجود
هئا. 11 مئي جي صبح جو هڪ ڀولڙي جو ٻچو لوهين سيخن
۾ ڦاسي پيو. انهيءَ ٻچي کي ٻاهر ڪڍڻ واري دروازي
کي تالو هڻڻ وساري ڇڏيو. پوءِ ڇا هو! ڪجهه دير کان
پوءِ نيويارڪ شهر جي رستن ۽ عمارتن تي ڀولڙا نظر
اچي رهيا هئا. ۽ آزادي سان هيڏي هوڏي ڊڪي رهيا
هئا. هي قبضو ٽن مهينن کان پوءِ ختم ٿيو.
هاٿين جي تربيت
سن 1969ع ڌاري ٿائيلينڊ ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو ويو
آهي. جتي هاٿين کي ڪاٺ ڍوئڻ جي تربيت ڏني وڃي ٿي.
دنيا اندر پنهنجي نموني جو اهو واحد اسڪول آهي.
جتي سال ۾ اٺن کان ٻارهن هاٿين تائين سکيا ڏني وڃي
ٿي. هڪ هاٿي کي تربيت ڏيڻ لاءِ هزار روپيه سالياني
في وصول ڪئي وڃي ٿي.
هوائي اڏو
آمريڪا جو ”ڪينڊي ايئرپورٽ“ دنيا جو وڏي ۾ وڏو
هوائي اڏو
(Air Port)
سمجهيو وڃي ٿو.
واچون
دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ واچون ٺاهڻ جو اعزاز هانگ ڪانگ
کي حاصل آهي.
اوهان جو امتحان
امتحان نمبر- 74
صبح جو نيرن مهل، گل بانو ۽ اشفاق ٻنهي ٻارن کي
چانهه ملي. اشفاق، ڪوپ ۾ کنڊ وجهي چمچو تيز هلايو
۽ گل بانو ڪوپ ۾ کنڊ وجهي چمچو آهستي آهستي هلايو
۽ ٻڌايو ته ٻنهي ٻارن ۾ اشفاق چمچو تيز ڇو هلايو ۽
گل بانو آهستي ڇو هلايو؟
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا
ويندا جواب موڪلڻ لاءِ، اسان وٽ پهچڻ جي آخري
تاريخ 20- اپريل آهي: جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار
ڏنل ڪوپن نمبر 74 موڪلڻ ضروري آهي.
انعام
امتحان نمبر 72 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن،
انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا
آهن.
1- شبير تنيو اڳڙا ضلع خيرپورميرس. 2- مس عائشه
پروين جوکيو ڀان سعيد آباد ضلع دادو. 3- ٽيڪم داس
ٽنڊوآدم ضلع سانگهڙ. 4- خدابخش ڪلوئي ٽنڊوآدم ضلع
سانگهڙ 5- واسومل نيو سعيدآباد ضلع حيدرآباد.
سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي
ڪتاب گهرائي وٺن.
امتحان نمبر – 72
چار ڍڳيون ۽ ڇهه مينهون 5100 روپين ۾ ملن ٿيون
جڏهن ته ٻارهن ڍڳيون ۽ اٺ مينهون 9800 روپين ۾ ملن
ٿيون. ٻڌايو ته هرهڪ ڍڳي ۽ هرهڪ مينهن جي قيمت
ڪيتري آهي.
جواب
ڍڳيءَ جي قيمت 450 روپيا ۽ مينهن جي قيمت 550
روپيا آهي جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن اهي هيٺ
ڏجن ٿا.
ضلع شڪارپور: ”ڳڙهي ياسين“: ريکا راڻي بٺيجا، الله
بخش سومرو، ثناءُ الله انصاري، شاهينه بلوچ،
شاهين، نظير احمد انصاري. ”شڪارپور“: خليفه محمد،
فتح الله سومرو. ”مرزاپور“ آزاد قمرالدين سومرو.
ضلع سکر: ”قادرپور“: سروانند پريتم. ”ڳوٺ نئون
ڪوٽ“: شوڪت علي گولو. ”ڳوٺ بچل شاهه مياڻي“:
عبدالحفيظ انصاري. ضلع خيرپور: ”ڳوٺ ملهيراڻي
سولنگي“: رياض حسين سولنگي. ”نانڪ يوسف“: مختيار
عباسي، بشير کوکر، غلام محمد سومرو، محمد سيد.
”ڳوٺ جادو واهڻ“: محمد نواز ڄامڙو. ”ڳوٺ ڪيچي
واهڻ“: محمد ابراهيم ڪوري. ”اڳڙا“: شاهد ابراهيم
زاهدي، جاويد شفيع ملڪ، رسول ٻڌ، قادر منگي، خان
محمد سومرو، مجيب الرحمان ٽالپر، شبير تنيو،
افتخار حسين تنيو، صغرا، جاويد احمد تنيو. ”ڀنگو
بهڻ“: قطب الدين کنڊ، ضلعو لاڙڪاڻو ”شهدادڪوٽ“:
عبدالرؤف شيخ، آفتاب احمد شيخ، رحمت الله شيخ،
اعجاز شيخ، ياسر عرفان شيخ. ”لاڙڪاڻو“: الطاف علي
سيال، اسد الله شيخ، لالا نثار احمد سومرو. ”غلام
قادر خشڪ“: الطاف حسين خشڪ. ”نئون ٺارو وڌو“: مسرت
حسين وڌو. ”رتو ديرو“: شبرو بيگم جوڻيجو. ”ميرو
خان“: منظور احمد ڀٽي. ”نئون ديرو“: منٺار علي
سولنگي، اياز علي ميمڻ. ضلع نواب شاهه ”غريب
آباد“: قيصرمل، رب نواز اعواڻ. ”لاکا روڊ“: غلام
محمد زرگر، خادم حسين زرگر. ”مٺا خان جوکيو“: محمد
حنيف جوکيو. ”حاجي وزير لاکو“: امداد علي لاکو.
”حاجي غلام نبي ڪمبوه“: محمد علي طاهر. ”نئون
سڪرنڊ“: عبدالخالق گبول. ”چنيهاڻي“: غلام قادر
عباسي، محمد عثمان عباسي. ”ليٽڻ مڱريه“: عبدالغني
مڱريو. ”حاجي جلال ڊکڻ“: نثار احمد سومرو. ”ڳوٺ
سکيو مناهيجو“: انورالدين جهنڊير. ”ڳوٺ حاجي
دودو“: عاشق حسين شيخ، محمد طالب ڏاهري، غلام علي
ڏاهري. ضلع دادو. ”ڀان سعيد آباد“: مس عائشه پروين
جوکيو. ”راڌڻ“: ديپڪراج، درشن لعل. ”ايل-ايم-سي
ڪالوني“: رفيعه قريشي. ”دادو“: غلام رسول ميمڻ،
ممتاز علي قريشي، تسنيم ڪوثر قريشي. ضلعو ٿرپارڪر:
”ڏيپلو“: قمرالزمان ميمڻ. ضلع بدين. ”نندو شهر“:
غلام مصطفيٰ ميمڻ. ضلع ٺٽه. ”دانڌاري“: الهه بخش
انڙ. ضلعو سانگهڙ. ”ٽنڊوآدم“: پيسومل، منصور احمد
چنه، مختيار علي رند بلوچ، محمد اسماعيل مڪراني،
خدابخش جهنڊو خان زرداري، ڪلوئي محمد عثمان ٿهيم،
عقيل احمد ميمڻ، ٽيڪم داس، غلام رسول خلجي، اختر
حسين هڪڙو، غلام محمد پٺاڻ“ مسعود احمد چنه، نظام
الدين. ضلعو حيدرآباد. ”ٽنڊومحمد خان“: آصف علي
دايو. ”کيبر“: امام علي سومرو، نظير احمد ميمڻ،
شير محمد کيبر، محمد جمن صابراڻي، شمس الدين شيدي،
رفيق احمد، حاجي محمد ميمڻ، رتن ڪمار مينگهواڙ.
”ڳوٺ شير محمد ٺوڙها“: ضامن حسين مڱڻهار، محمد
صديق ميربحر، مشتاق احمد. ”نوهو تذاني“: مير محمد
نوح پوٽو. ”سهتا“: عبدالستار سومرو. ”محمد عثمان
بلوچ“: محمد رمضان بلوچ. ”اڏيرولعل“: محمد بخش
خاصخيلي. ”جمع شهوڪ“: عبدالعزيز شهوڪ، اعجاز علي
شهوڪ. ”نيو سعيد آباد“: واسومل. |