سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1982ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1982ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

جڏهن به ڪنهن شخص مان نيڪيءَ جي خواهش رکبي آهي ته ان کان اڳي پاڻ ۾ نيڪيءَ جون خوبيون پيدا ڪبيون آهن، جيئن پنهنجي دل جون خواهشون سولائي سان پوريون ٿي سگهن.

سنڌ جا ٻار، سجاڳيءَ جي هن دور ۾ ڪَرَ موڙي رهيا آهن پر ڪجهه مطلب پرست عناصر سندن ان سجاڳيءَ ۾ رنڊڪون پيدا ڪري رهيا آهن. پر جيڪڏهن سنڌ جي ٻارن ۾ ٻڌي ۽ اتفاق هجي ته ڪير سندن حق غصب ڪري سگهندو ۽ نه ڪو مطلب پرست ئي آڏا اچي سگهندا.

گذريل ڏهن سالن ئان ٻارن ۾ لکڻ پڙهڻ جا جيڪي لاڙا پيدا ٿي رهيا آهن، انهن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اڃا به  وڌيڪ محنت ۽ همت جي ضرورت آهي. ان محنت لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي معلومات ۽ ڄاڻ جي مقدار ۾ واڌارو ٿئي. جڏهن به ڪنهن ٻار ۾ معلومات ۽ ڄاڻ جو مقدار وڌندو ته پوءِ ان جي لاءِ لکڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. لکڻ سان نه رڳو ادب ۾ واڌارو ايندو. پر ان ليکڪ کي تجربي طور هڪ سٺي رهنمائي پڻ حاصل ٿي سگهي ٿي.

گل ڦل جي پڙهندڙن کي به ان نڪتي تي عمل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ڪٿان ڪجهه نقل ڪري، بنا ڪنهن سمجهه ۽ ڏانءُ جي رڳو ليکڪ بنجڻ جي شوق ۾ مستقبل تباهه ڪرڻ دانشمندي ڪانه آهي. اسان کي اميد آهي ته سنڌ جا سجاڳ ٻار هن گذارش تي خاص ڌيان ڏيندا.

اوهان جو ڀاءُ

انور هالائي

لطيفي لات

تون ڍاٽِي ڍَٽَ ڌڻي، ڍولا تُنهنجو ڍَٽ،

پائي تُرِاڙي توريان، مُلڪُ ته تنهنجو مَٽُ

لاهي ڪَسَرَ ڪَٽُ، اچي کوڙِ قناتوُن ڪاڪِ ۾،

(شاهه)

هي بيت حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي ۾ سُر مومل راڻي جي باب ڇهين جو سورهون بيت آهي.

سمجهاڻي:

تون سڄي ملڪ جو مالڪ آهين، راڻا! هي ڪائنات ئي تنهنجي آهي جيڪڏهين انصاف جي ساهميءَ ۾ ملڪ کي توريان تڏهن به ملڪ تنهنجو مٽ نه ٿيندو. هن بيت ۾ گنهگار انسان پنهنجي حقيقي خالق کي ستائي ٿو ۽ طلب ٿو ڪري ته کيس اهڙي نيڪيءَ جي ساڃاهه ڏي جيڪا بديءَ جي سموري ڪسُ ۽ ڪٽ لاهي ڇڏي، اهڙيءَ ريت سندس اندر ۾ سچائي ۽ روحانيت جواجايو پکڙي وڃي

معنيٰ:

ڍٽ = ٿر جو هڪ ملڪ. ڍولا = محبوب. تراڙي = ساهمي. ڪسر = سستي ڍالائي، گيسر وغيره. ڪٽ = ڪس، زنگ، بغص، ٻيائي. قناتون =  تنبن جا پردا. اصطلاحاً تنبو، خيما.

شيخ رشيد آدرش

ٻار

ٻارن جا هن کيل گهڻا.

 کيڏندا ٿي کوڙ ڄڻا

اک ٻوٽ، ونجهه وٽي

خوش ٿي ڊڪندا ويندا

پئسا ڏيئي وٺندا چڻا

ٻارن جا هن کيل گهڻا.

اسڪول ويندڙ ٻار ڏسي

ڪي ٻار، اهڙا ٻار ڏسي

سوچيندا ته آءٌ به جيڪر

هٿن منجهه ڪتاب کڻان

ٻارن جا هن کيل گهڻا.

وڏن ماڻهن جا، جي ٻار ڏسندا

ڦاٽل ڪپڙن وارا ٻار چوندا

جيڪر آءٌ به اهڙا ڪپڙا پائي

ڪپڙن کي کوڙ عطر هڻان،

ٻارن جا هن کيل گهڻا.

ماءُ کي ٻارن سان پيار ڪندي

ڪنهن ڳچي جو هار ڪندي

ڏسندوَ ته پينو ٻار سو چيندو

ڇو نٿو مان ڪنهنکي وڻان

ٻارن جا هن کيل گهڻا.

کيڏندا ٿي کوڙ ڄڻا.

ادل سومرو

گابن جي گوءِ

ڳوٺ جا هڪڙا سنگتي چار

گامڻ گلڻ، مٺو ملهار

ويهي ڪرڻ لڳا ويچار

”اڄ جمعو آ؛ واندا آهيون

ڇو نه گابن جي گوءِ پُڄايون

چارئي سنگتي آخرڪار

گوءِ ڪرڻ لئه ٿي ويا تيار

گامڻ جو، ٻولاهو گابو

گلڻ جو هو ڳاڙهو گابو

مٺوءَ آندو اڇو گابو

ڪاهي آيو ڪارو ملهار،

گوءِ ڪرڻ لئه ٿي ويا تيار

گابن کي سينگاري ٺاهي

آيا هوميدان تي ڪاهي

چارئي سنگتي ٿيا هوشيار

اوچتو ٿي وئي الهه توهار-

گوءِ ڪرڻ لئه ٿي ويا تيار.

گابو گلڻ جوسهڪڻ لڳو

مٺوءَ جو ڇڏائي ڀڳو

پٺتي رهجي ويو ملهار

گابو گامڻ جو پهتو پار.

ولڻ واڄو خوب  وڄايو

گامڻ گوءِ کٽي گهر آيو.

ذوالفقار سيال

ٻاراڻيون رانديون

 

هڪڙي نينگر آ اک ٻوٽي،

سارا کيڏن لڪ لڪوٽي.

 

جاڙو، جمن، عالم، آچر،

کيڏڻ آيا ڪوڏي ڪوڏي.

 

ڍير مٽيءَ مان نڪتي جيڪا،

سا به آهي پائي کوٽي.

 

چوڌاري سڀ واجهه وجهن ٿا،

سومر هٿ ۾ ڦر ڦر سونٽي.

 

ننڊڙو شيشن تي آ ليٽل،

ڪهڙو رنگ رچايو روٽي.

 

راڻي ساري راند ڦٽائي،

مومل جي ڪنهن پڪڙي چوٽي.

مير مظفر ٽالپر

سنڌوندي جو سير ڪريون،

۽ موتي ميڙي ڍير ڪريون.

 

هي سکر واري پُل ڏسو،

۽ سهڻا سندس ٺل ڏسو.

 

ڪُن ڪري ٿو ڪيڏو ڪڙڪو،

پاڻي پري کان ڏئي ٿو دڙڪو.

 

جڳ پئي ٿو تنهنجو پاڻي،

تون ئي ندين جي آهين راڻي.

 

شاداب ڪنار دل کي پيارا،

رنگبرنگي ساوا ۽ ڪارا.

 

ملڪ جا موتي جرڪن ٿا،

ڄڻ اُڀ ۾ تارا ٽمڪن ٿا.

زبيده ميتلو

گيت وطن جا

قهري ڪوٽ لاءِ ڏچو آن تون ئي سنڌ سان سچو آن

نه ئي قول پنهنجي جو ڪچو آن.

سنڌ ساري سرهاڻ گهري ٿي ٻچو ٻچو سرواڻ گهري ٿي

محبت جو مهراڻ گهري ٿي.

تنهائن منجهه تات وطن لاءِ محفلن منجهه لات وطن لاءِ

سونپ هر رات وطن لاءِ

مهراڻ واري موج ڪري آ هٿڙا کڻي کوج ڪري آ

سِرُ سينگاري اوج ڪري آ.

ٻارو ٻارو، ٻار محبت ساڻ کيتي کيڙي، کيڙ الفت ساڻ

رنڱبو ڪو نه رنگ ڪلفت ساڻ.

علي اصغر ڏاهري

سنڌي ٻارڙا

هو ڏس سنڌي ٻارڙا، لڳن ٿا سڀن کي پيارڙا،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

هنن جو ماضي ڏس تون آڏو آڻي، ڪيئن پيسجيو ٿي دولهه گهاڻي،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

ننڍڙا ذهن، وڏڙا خيال، سامهون هنن جي ڪنهن جي مجال،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

اجرڪ ۽ ٽوپي هنن جو شان، اهي رکن ٿا ڌرتيءَ جو مان،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

سڀني سان رکن پريت هي، آزاديءَ ڪاڻ ڳائين گيت هي،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

وڏا ٿي هي مانجهي مڻيادار بڻبا، سچل، سامي ۽ لافاني لطيف بڻبا،

هو ڏس سنڌي ٻارڙا!

 

مختيار ملڪ

پنهنجا پيچرا

هلو ته پنهنجي ماڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

ڪڏڻ ڪنڊن مٿان اچو، ٽپي پئو يا آڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

جاکوڙ جي جهمر هڻو، زندگيءَ جي راڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

بڻايو پنهنجي ڀاڳ کي، سڙو نه ٻي جي ڀاڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

ساعتون ٿيون گهورجن، وقت جي سهاڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

نه حوصلو وڃي ڪڏهن، جس آ اهڙي جاڳ تي

هلو ته پنهنجي ماڳ تي،

وٺو ڪي پنهنجا پيچرا!

 

سوز جلباڻي

محنت

محنت ڪر تون محنت ٻار،

محنت ئي آ عجب هٿيار.

محنت اوندهه ڏور هٽائي،

محنت جڳ کي ٿي مرڪائي.

محنت ساڻ ٿئي ڪم ڪار،

محنت ڪر تون محنت ٻار.

محنت ٻڍڙا ٻار ڪري ٿي،

محنت ترهو تار ڪري ٿي.

محنت سڀ جو آ سينگار،

محنت ڪر تون محنت ٻار.

”سوز“ سڏائي سوز نه ڪر تون،

پٺتي هڪڙو پير نه ڌر تون.

محنت ساڻ سدا رک پيار،

محنت ڪر تون محنت ٻار.

ظفر عباسي

حليم حرڪتي

اوهو – ڀائرو!

اڄ به حرڪت مان برڪت ٿي وئي. اڄ به پادر کاڌم پادر به پادرن جهڙا. اصل صفا ائين، جيئن اُٺ ڪٽبو آ نه پتڻ تي، تيئن صفا تيئن ئي مان وري ڪُٽيس گهر جي اڱڻ تي.

ٿيو ائين جو سڄو سارو مهينو گذري ويو هو آرام سان سوچيم ته ڇو نه ڪا حرڪت برڪت ڪجي نه ته هي مهينو ويندو اجايو گذري وري سنگتي چوندا ته ”هي وقت جو ويري آ.“ سو انهيءَ ويريءَ جي وار کان بچڻ لاءِ اڄ صبح ساڻ مٿي کي هٿ ڏئي ڪا حرڪت سوچڻ لڳس. اڃا سوچن جي سير ۽ سياحت ۾ ئي لڳو پيو هئس ته ادي جي ولائتي ڪڪڙ اچي منهنجي ڀرسان بيهي ڏاڍيان کڻي بانگ ڏني صفا ائين جيئن پاڙي واري مسيت سڳوريءَ ۾ اڱڻ جو پيءُ ڏيندو آهي ۽ سندس صبوحڪي ٻانگ ته مون جهڙي سڀاڳي کان قلفيءَ جهڙي مٺي ننڊ مان چماٽ هڻي قلفي کسي وٺندي آهي.

ائين ئي اڄ وري ادي جي ولائتي ويڙهو ڪڪڙ کڙهه هڻي منهنجي سوچن جي آئيني کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو.

هونءَ جڏهن اڱڻ جو پيءُ ٻانگ ڏئي مون کان قلفي کسي وٺندو هو، تڏهن ادي واري ولائتي ويڙهو، ڪڪڙ ٻانگ ڏئي مون کي قلفي بدران ڳنڍو ڏيئي ساڳي دل خوش ڪرائي ڇڏيندو آهي. پر اڄ جو هن ڪڪڙ منهنجي سوچن ۾ ٽاڪوڙو وجهي ڇڏيو، سو مون سوچيو ته اڄ ڪڪڙ ئي کڻي ٿو پنهنجي حرڪت جو نشانو بنايان اهو سوچي ادي جو ئي پادر کڻي لِڪي لڪي ٺڪاءُ ڪرايم ڪڪڙ کي. ڪڪڙ کي جو ڌڪ لڳو ڏاڍيان ٽان-ٽان-ٽان ڪرڻ تي زور رکيائين. سندس اوچتي ۽ اهڙي خوفائتي ٽان ٽان جي ڪري ادا ڇرڪ ڀري ننڊ مان اٿي پيو.

مون کيس سچي ڳالهه ٻڌائي ته وڏو دک ٻلو آيو اچي ٽاهه ڏنائينس پر اديءَ جي ڪوڙي ڳالهه ته مون کيس پادر هنيو ادو اعتبار ڪري ويهي رهيو ۽ ساڳيو ئي پادر ٿلهو متارو پٺاڻڪو! کڻي اچي منهنجي مٿان بيٺو. هڪ کان ڳڻي نوانوي تي اچي وري ڀلجي پئي پيو. پادر هڻي هڻي پٺي سڄائي رکيائين. اصل ڪڪڙ بنائي ڇڏيائين.

 

زندگي

 

زندگي حقيقت آ          ان کي مڃو

زندگي حسن آ            ان کي پيار ڪيو

زندگي محبت آ          ان جي پرستش ڪيو

زندگي خوبصورتي آ      ان مان لطف وٺو

زندگي چئلينج آ          ان جي سامهون ٿيو

زندگي جدوجهد آ                 ان کي قبول ڪيو

زندگي مهم آ            ان کي پورو ڪيو

زندگي ڏک آ             ان تي قابو پايو

زندگي فرض آ            ان کي نڀايو

زندگي راند آ              ان کي کٽيو

زندگي سفر آ             ان کي مڪمل ڪريو

زندگي خوشي آ           ان کي محسوس ڪريو

زندگي فاني آ             ان کي ضايع نه ڪريو.

- رفيق احمد شيخ قمبر

سنڌيڪار: شيوڪرام نهالچنداڻي

هنگامي جو انعام

سلما جو نالو ٻڌندئي سڀني جي منهن مان هي نڪرندو هو. ”توبهه“ مبي هجي يا پاپا ڀيڻ هجي يا ڀاءُ سڀيئي سلما مان، تنگ هئا.

واقعي سلما جي هنگامي جي اڳيان هرڪو ئي بيوس هو. سلما گهر ۾ به هنگاما ڪندي هئي ته محلي ۾ به. ڪنهن وٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هوس ته ڪو نه ڪو هنگامو ضرور ڪندي هئي. جڏهن کيس اسڪول موڪليو ويو ته اتي به اهي ئي رنگ. ڪنهن جي سليٽ گم ته ڪنهن جي پينسل.

سلما کي هڪ دفعي ممي سفر تي ساڻ وٺي ويئي. سلما جا هنگاما، اسٽيشن کان ئي شروع ٿي ويا. بينچ تي هڪ وڏي چوٽي سان عورت ويٺل هئي. سلما چپ چاپ وڃي انهيءَ عورت جي چوٽي کي ڇڪي آئي. تنهن کان پوءِ سلما هڪ اپ-ٽو-ڊيٽ شخص جي پٺيان انهي جي چال جي نقل ڪندي هلڻ لڳي.

ممي جڏهن کيس ڏٺو، تڏهن رڙ ڪري سڏ ڪيائينس. سلما منهن کي موڙو ڏيئي واپس اچي ممي جي ڀرسان ويٺي. ويهنديئي انهيءَ جي هنگامي دماغ هڪ نئون هنگامو سوچيو. ڪتابن جي دڪان ڀرسان هئي. اتي پهچي سلما هڪ ڪتاب کنيو ۽ کولي تصويرون ڏسڻ لڳي. انهيءَ مان جڏهن کيس خاص مزو نه آيو ته ڪتاب رکي هو هڪ عورت وٽ پهچي ويئي. انهي عورت کي گلن جي ڇاپي واري ساڙي پهريل هئي. سلما ساڙهي جي گلن کي ڳڻڻ شروع ڪيو. ”هڪ.... ٻه... ٽي“.

”سلما“ ممي زور سان رڙ ڪئي. ”هيڏانهن اچ“. ممي کي زبان ڏيکاريندي، سلما واپس آئي. ويچاري ممي سلما جي هنگامن مان تنگ اچي چڪي هئي.

ٿوري دير ۾ گاڏي سيٽ وڄائيندي اچي پهتي. پليٽ فارم تي گوڙ گهمسان مچي ويو.

سلما کي ساڻ ڪري ممي ڌڪا کائيندي هڪ ”ليڊيز دٻي“ ۾ گهڙي ويئي. مشڪل سان کيس ويهڻ جي جڳهه ملي. ڪجهه دير کان پوءِ گاڏي هلڻ لڳي. پليٽ فارم تي ۽ دٻي جي اندر ”ٽا ٽا“ ۽ ”باءِ باءِ“ جو شور برپا ٿي ويو.

پليٽ فارم ختم ٿيڻ تي گاڏي پنهنجي اسپيڊ وڌائي. سلما بجلي جا ٿنڀا ۽ وڻ ڳڻڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن انهن مان تنگ ٿي ته دٻي جي اندر نظر ڊوڙائڻ شروع ڪيائين. سلما کان ٿورو پرڀرو هڪ عورت جي گود ۾ ننڍڙو ٻار سمهيل هو ۽ عورت دري کان ٻاهر ڏسڻ ۾ محو هئي. سلما آهستي آهستي ٻار طرف سرڪڻ لڳي. جلدي ۾ هن ٻار کي چهنڊڙي پاتي ۽ ٽپ ڏيئي اچي پنهنجي جاءِ تي ويٺي. ٻار يڪدم گلو ڦاڙي روئڻ لڳو. تڏهن عورت حيران ٿي ويئي ته سمهيل ٻار يڪدم گلو ڦاڙي اچي روئڻ لڳو. سلما بلڪل اڻ ڄاڻ بڻي ويٺي هئي.

سلما دل ئي دل ۾ خوش ٿيڻ لڳي ڇاڪاڻ ته انهي هنگامي ۾ هوءَ ڪامياب ويئي. انهي خوشي ۾ هوءَ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. هاڻي هن ساري دٻي ۾ نچڻ ٽپڻ شروع ڪيو. ڪنڊ ۾ ويٺل هڪ عورت وٽ پهچي ويئي. انهيءَ عورت جو سارو بدن ڪاري برقعي سان ڍڪيل هو.

برقعو پهريل عورتن کي سلما رستي ويندي ڪيئي دفعا ڏٺو هو. هميشه هوءَ سوچيندي هئي ته ڪاش! ڪنهنجو مٿي ڪري سندس چهرو ڏسان، پر رستي ويندي ته ڪنهن جو برقعو  لاهي نٿو سگهجي. سلما هميشه نااميد رهجي ويندي هئي. ممي کيس ٻڌايو هو ته برقعي کي چهري تان مٿي ڪري سگهجي ٿو. اڄ جڏهن هڪ برقعي واري عورت کي دٻي جي اندر ويٺل ڏٺائين. تڏهن من ۾ هڪ دفعو وري اها تمنا جاڳي پيس. ڇا آءٌ هن جو برقعو مٿي ڪري ڏسي نٿي سگهان؟ هن جو چهرو ڪهڙو هوندو؟ گورو يا ڪارو؟ کلڻو يا اداس؟ هڪ نه پر انيڪ سوال هن جي هنگامي ذهن ۾ اڀري آيا؟

سلما نه ڪئي هم نه تم، برقعي واري جي چهري تان جلدي ۾ برقعو مٿي ڪري، جهڪي کيس نهارڻ لڳي. ليڪن انهي چهري کي هو غور سان ڏسي نه سگهي. اڃا چهري تي نظر وڌائين مس ته عورت سلما کي پري ڌڪو ڏيئي وري برقعو هيٺ ڪري ڇڏيو. ويچاري سلما! دٻي جي فرش تي ڪري پيئي. اتان اٿي.... سڌو ممي وٽ آئي ۽ پڇڻ لڳي، ”ممي ماسي کي مڇون ڇو نه آهن؟ ڏاڏيءَ کي مڇون ڇو نه آهن؟ هن دٻي ۾ ڪيتريون عورتون ويٺيون آهن، انهن سڀني کي مڇون ڇو نه آهن؟

ممي چڙ مان چيس، ڇا ٿي بڪين! عورتن کي به ڪڏهن مڇون ٿيون آهن؟

سلما چئلينج ڏنو، ”ها! ڇو نه ٿيون ٿين.“

”خاموش“ ممي ڪرڙي اک سان نهاريس، ”بڪ بڪ نه ڪر. ڪو ٻڌندو ته ڇا چوندو؟ ڪنهن عورت کي به ڪڏهن مڇون ڏٺيون اٿيئي؟“

”ها! ڪنڊ ۾ جيڪا برقعي واري عورت ويٺل آهي نه انهيءَ کي ته ڊگهيون ڊگهيون مڇون آهن.“ سلما معصوميت مان چيو.

ممي مسڪرائيندي چيو، ”ائين نه چئبو آهي، شيطان“

ڪجهه دير سلما چپ چاپ ويٺي رهي، تنهن کان پوءِ وري ممي کان پڇڻ لڳي، ”ڇو ممي توکي مڇون ڇو ڪين آهن؟“

ممي ڪاوڙ مان ڳاڙهي لال ٿي ويئي ۽ ڪڙڪيدار آواز ۾ چيائين، ”خاموش! بلڪل پاڳل آهين: اهي ڳالهيون به پڇڻ جهڙيون آهن؟“

ڀرسان ويٺل عورت مشڪندي چوڻ لڳي، ”اوهان جي هي ڪڪي ڏاڍي چالاڪ آهي!“

ممي مٿو پٽيندي چوڻ لڳي، ”ڌوڙ چالاڪ آهي! ڪهڙيون ڳالهيون پڇي رهي آهي، نه منهن نه مٿو.

ويچاري سلما ممي جا، دڙڪا کائي چپ ڪري دريءَ کان ٻاهر وري ٿنڀا ۽ وڻ ڳڻڻ لڳي.

گاڏي هڪ وڏي اسٽيشن تي اچي بيٺي، ممي جي ڀرسان ويٺل عورت اٿي بيٺي ۽ ممي کي چيائين، ”ڀيڻ، منهنجي سامان جو خيال ڪجو، آءٌ پاڻي پي اچان.“

اها عورت دٻي مان هيٺ لٿي. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن هو واپس آئي ته اڪيلي نه هئي. ٻه سگهارا وڏي قد وارا پوليس وارا هن سان گڏ دٻي ۾ گهڙيا. انهيءَ عورت برقعي واري عورت ڏانهن اشارو ڪيو.

پوءِ جيڪو ٿيو، اهو حيرت انگيز ئي هو.

پوليس کي ڏسنديئي برقعي واري عورت ٽپ ڏيئي اٿي بيٺي ۽ برقعو لاهي هن پري اڇليو.... تڏهن سڀني ڏٺو برقعي مان هڪ ڊگهو ۽ لمبي لمبي مڇن وارو مرد نڪتو. جلد ئي هن کيسي مان چاقو ڪڍيو ۽ هٿ ۾ جهليو ۽ پوليس ڏانهن وڌڻ لڳو. تڏهن هڪ پوليس واري پنهنجو ڏنڊو اهڙي ته زور سان ٻانهن ۾ هنئس جو چاقو هٿ مان ڇڏائجي پري وڃي پيو. تڏهن ٻئي پوليس واري ٽپ ڏيئي انهيءَ مرد کي پنهنجي ٻانهن ۾ جڪڙي ڇڏيو. انهي وچ ۾ پهرئين پوليس واري کيسي مان رَسي ڪڍي اُن جون ٻانهون ڇڪي ٻڌيون.

دٻي ۾ ويٺل عورتون ۽ ٻار هي ڏسي دنگ رهجي ويا. تڏهن هڪڙو پوليس وارو چوڻ لڳو، ”ڀينرون! ڊڄو نه، هي شخص پوري ملڪ جو نامي گرامي گنڊو آهي. اسين ڪيترن ئي مهينن کان انهيءَ جي تلاش ۾ پريشان آهيون. اڄ اسان جي هٿ چڙهيو آهي.

جيڪا عورت سلما جي ممي جي ڀرسان ويٺل هئي، تنهن کي پوليس واري چيو، ”اوهان کي شاباش هجي جو اوهين هڪ نامي گرامي گونڊي کي پڪڙائڻ ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.

تڏهن ان عورت مشڪي چيو، ”انهيءَ کي ته هن ننڍڙي سلما پڪڙيو آهي. هي ته انهي جو برقعو مٿي ڪري مڇون ڏسي آئي هئي. انهي راز کي فاش ته انهيءَ ڪيو.

پوليس واري پيار مان سلما کي گود ۾ کڻي چوڻ لڳو، توکي هن جو وڏو انعام ملندو. هن گنڊي کي پڪڙائڻ تي حڪومت هڪ وڏو انعام رکيو آهي.“

سلما جو پورو نالو ۽ پتو نوٽ ڪري پوليس وارا گُندي کي ساڻ وٺي ويا.

سلما خوشي مان ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي. هنگامو ڪرڻ ۽ وري انعام حاصل ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه ته ڪانهي!

ارباب علي عادل چوهاڻ

مضمون جي چوري

سڄي هال ۾ سس پس ٿيڻ کان پوءِ گوڙ وڌڻ لڳو. شرم! شرم! جي نعرن سان هال گونجڻ لڳو. اهو آواز ٻڌي جلسي جي صدر جلسي جي ڪاروائي بند ڪرائي، گوڙ جو سبب معلوم ڪرڻ لاءِ ٻن ٽن ڇوڪرن کي پاڻ وٽ گهرايو. انهن ڇوڪرن جڏهن صدر کي سڄي ڳالهه ٻڌائي، تڏهن هو به تپي ڳاڙهو ٿي ويو. اسٽيج تي پگهر ۾ شل بڻيو، ندامت کان هيٺ ڪنڌ ڪيو بيٺو هو. پنهنجي ڪئي تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو، پر هاڻي ڇا ٿئي سياڻن جو سچ چيو آهي ته ’پنهنجي ڪَئي جو نڪو ويڄ نه ڪو طبيب.‘

هر سال اسڪول جي گرائونڊ ۾ ٻارڙن جي عالمي ڏينهن تي راند سان گڏ ادبي جلسو به وڏي شان شوڪت سان ملهايو ويندو هو، پر هن سال ته خاص اهتمام ڪيو ويو هو. ڇاڪاڻ ته هن سڄي سال کي ”ٻارڙن جو عالمي سال“ قرار ڏنو ويو هو، سڄي ميدان ۽ هال کي رنگ برنگي جهنڊين ۽ بتين سان سينگاريو ويو هو. هال کي عاليشان گلم ۽ غاليچن سان آراسته ڪيو ويو هو. ضلعي جي سمورن وڏن توڙي ننڍن، اديبن ۽ شاعرن کي دعوتون ڏنيون ويون. مون کي به دعوت مليل هئي. موقعي جي مناسبت سان مان لڳاتار هڪ هفتو محنت ڪري هڪ مضمون تيار ڪيو هو. جيڪو مان انور کي پڻ پڙهي ٻڌايو هو. جڏهن مان مضمون کي پنهنجن ٻين ڪتابن سان گڏ الماڙيءَ ۾ رکي رهيو هوس تڏهن انور به مون وٽ ويٺل هو. انور منهنجو سٺو دوست هو. هيءُ مون سان گڏ هڪ ئي ڪلاس ۾ پڙهندو. انور هڪ هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. اسان جي دوستي کي سال کن ٿي ويو هو. جيتوڻيڪ هو غريب مزدور جو پٽ هو پر سندس پيءُ پنهنجي پٽ کي خوش رکندو هو. جيئن ته جلسو اسان جي اسڪول ۾ ٿي رهيو هو. تنهن ڪري اسين استادن سان گڏ ڏينهن رات ڪم ڪندا هئاسين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com