سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل فيبروري، مارچ 1982ع

باب: --

صفحو :3

پيرو جيڪو مس مس هاڻي ٿانوَ ڌوئي اچي ويٺو هو سو سور ٻرندي اٿيو. جو الماس بيگم جي ڪڙڪي مان ڦاسجي ويو هو. سڄو ڏينهن ڪم ڪندو هو ۽ ٿوري دير فاروق جي گهر يا ٽي-وي ڏسڻ ويهندو هو ته ڪئي ڪمائي چٽ. جو بيگم رڙ ڪري سڄي گهر کي ٻڌائيندي هئي ته، هي ته ڪم ڪري ڪو نه ٿو شهر جي سڪ آهستي آهستي پئي لٿيس.

ڳوٺ ۾ ته ڪک ڀڃي ٻه به ڪو نه ڪندو هو سو هتي هيترو سارو ڪم هن کان ڪٿي تي پڳو رات جو به دير سان ڪم ڪار لاهي اچي ڪوارٽر ۾ سمهندو هو، جتي مڇرن کان هن کي ننڊ ئي ڪا نه ايندي هئي، اتي ڳوٺ ۾ سوير ساجهر کليل آڱڻ ۾ سمهي پوندو هو. ماڻس ايستائين پئي تري هڻندي هيس يا زور ڏيندي هيس، جيستائين هن کي ننڊ اچي صبح جو به ڏينهن چڙهي اٿندو هو. ته به ڪا چوڻ واري پهر ڪا نه هيس. هتي ته صبح سوير صاحب لاءِ چانهه ٺاهڻي پوندي هئس سو سوير ڇرڪ ڀري اٿندو هو.

هڪ سڄو ڏينهن ڪم، ٻيا مڇر ۽ اوجاڳو سو شهر جي شوق ۾ سر سان اچي لڳس مڇرن ڪري بخار ٿي پيس سڄي بدن ۾ سور هئس. رهي رهي پنهنجي جيجل ماءُ پئي ياد آيس.

امان مون کي ڪيترو نه گهرندي آهي چوندي آهي ته شل توکي ڪوسو واءُ نه لڳي ڪجهه ٿيندو هو ته ڳچيءَ ۾ پلاند پايو رب کي سوال پئي ڪندي هئي ۽ گهور پئي ويندي هئي. اڄ مون کي ڪير زور ڏيندو ڪير مالش ڪندو.

هن جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا وهاڻي ۾ منهن هڻي سڏڪا ڀرڻ لڳو. در تي ٺڪ ٺڪ ٿي هن جهٽ ۾ لڙڪ اگهي ڇڏيا. هي ٻئي ڪنهن تي پنهنجو ڏک ظاهر ڪرڻ نه چاهيندو هو ڇو ته غلطي سندس هئي.

ڇوڪرا.... او! پيرو اٿي پڻهين جو گهر آهي ڇا جو اڃا ستو پيو آهين.

جڏهن اندران ڪو جواب ڪو نه آيو ته الماس در کي ڌڪو ڏئي اندر آئي.

افوهه! هن نڪ تي رومال رکندي چيو.

ڄٽ سو ڄٽ اڙي پگهار ڪا مفت جي آهي ڇا جو اڃا پيو آرام ڪرين اٿي هن پيرو کي ڌونڌاڙيو.

بيگم صاحبه! مون کي تپ آهي اڄ مون کي معافي ڏيو. پيرو ليلايو.

اڙي شهر وارا ته نخرا ڪن پر هي ڄٽ به گهٽ ڪونهي، تپ ۾ اتي پيا گهلبا باقي هتي.... اٿ ڇڏ؛ بهانا الماس پيرو کي ٻانهن وٺي اٿاريو. پيرو جو سنڌ سنڌ سور ۾ ورتو پيو هو سو وات مان رڙ نڪري ويس. مٿي کي چڪر اچي ويس سو پٽ تي وڃي ڪريو.

الماس بيگم ٿورو گهٻرائجي وئي. پر پوءِ وري عادت مطابق نفرت ڀرئي لهجي ۾ چيائين اهي تال پتال نه ڪر سڌو ٿي، آئون هلان ٿي جلد اچ اهي نخرا هتي نه هلندا... الماس زهر ڀريل تير ڇڏيندي ڪوارٽر مان هلي وئي. اڄ پيرو کي احساس ٿيو ته پنهنجي وطن پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو گهر ڇا ٿيندو آهي. پنهنجي گهر ۾ ته هو انگل به ڪندو هو پر هي ڪهڙو شهر آهي هي ڪهڙا ماڻهو آهن جن جي دل ۾ ٻي ڪنهن لاءِ ذري به همدردي ڪانهي هي ڪهڙيءَ ماءُ آهي جنهن جي دل پرائي اولاد جي لاءِ ذرو به رحم ڪونهي. صرف نفرت ئي نفرت هن شهر جي دوکي فريب، ڪوڙي رعب، حسد، لالچ کان ته منهنجو پنهنجو ڳوٺ سٺو آهي. جتي نه بغض آهي، نه ٻيائي جتي صرف پيار، محبت، وفا، خلوص ۽ الفت جي پوک پوکيل آه. اڄ پيرو پڇتاءَ جا لڙڪ لاڙي رهيو هو. اڄ هن کي خبر پئي ته هي ٽيڊي ماڻهو پنهنجي منهن تي پردو چاڙهيو ويٺا آهن جنهن پردي جي اندر واري انسان جو ڀوت ڪيڏو نه ڀوائتو آهي هتي ڇا آهي رڳو ڪوڙو ڏيک ويک ظاهري دوکو... نه! نه! مان هتي نه رهندم مان امان ڏانهن ويندس مون کي هي چمڪندڙ گهر، هي عاليشان بنگلا هي شور نه کپي جتي انسانيت جو سودو ٿي رهيو آهي جتي انسان جو ڪو قدر ڪونهي، مان اتي ويندس جتي هڪ ٻئي سڏ ۾ سڏ ڏيڻ وارا اوکي ويل ڪم اچڻ وارا مارو خلوص جو خزانو پيا لٽائين.... ۽ اڄ....

پيرو گهر جي چائنٺ وٽ بيهي در تي ڏنل ڳوڻ پري ڪري ڏسي رهيو هو گهر ۾ ماٺ هئي. ماءُ اداس رڌڻي ۾ ويٺل هئي ۽ ڪو اداس گيت جهونگاري رهي هئي. مون بنا گهر ۾ ڪيتري نه ماٺ آهي امان ڪيڏي نه اداس آهي، گڏي به پنهنجي ٺڪر جي رانديڪن مان بيزار آهي. منهنجي گهرج ته هتي آهي. جتي ماءُ پنهنجي ممتا کان مجبور، پٽ جي خوشي ۾ خوش آهي پيرو ڊوڙي وڃي ماڻس کان پيرين پئي ڳراٽي پاتي امان! امان! ڏس تنهنجو پيرل موٽي آيو آهي قمر، گڏي هيڏانهن اچو ڏسو آئون اچي ويو آهيان. آئون هاڻي توهان کي ويڳاڻو ڪري ڪڏهن نه ويندس.

هو هڪ ئي وقت سڀني کي ڳراٽي پائي ڪڏهن روئي رهيو هو ڪڏهن کلي رهيوهو.

الهرکيو منور سومرو                                       سائنس

رت – Blood

جيڪڏهن رت جو هڪ ڦڙو خوردبينيءَ سان جاچيو ته اوهان کي ان ۾ بيشمار ننڍڙا ذرڙا ڏسڻ ۾ ايندا، جي رت ۾ پيا ترندا جن کي رت جا ڳاڙها ذرڙا سڏيندا آهن. انهن کان سواءِ رت ۾ ڪيترا اڇا ذرڙا به ڏسڻ ۾ ايندا جن کي رت جا اڇا ذرڙا چوندا آهن. هي ڳاڙها توڙي اڇا ذرڙا رت ۾ ايئن پيا ترندا آهن، جيئن تلاءَ ۾ مڇيون ترنديون آهن.

ڳاڙهن ذرڙن جو مثال پيٽرول مثل آهي، جيئن پيٽرول کان سواءِ انجڻ نه هلندي آهي، ان طرح رت جي ڳاڙهن جزن کان سواءِ انسان زنده رهي نه سگهندو. رت جي اڇن ذرڙن جو مثال موبل آئل مثل آهي. جيڪو انجڻ جي حفاظت ڪندو آهي ۽ ان صلاحيت ۾ اضافو آڻيندو آهي. ان طرح رت جا اڇا ذرڙا انساني صحت جو خيال رکندا آهن جڏهن به ڪو مڇر يا زهريلي مک وغيره چڪ پائيندا آهن ته اڇا ذرڙا ان زهر جي خلاف محاذ آرائي ڪندا آهن. ان ڪري جڏهن به مڇر وغيره جتي به چڪ پائيندو آهي اتي خارش ٿي پوندي آهي.

هضم ٿيل کاڌو پڻ رت ۾ وڃي پوندو آهي. رت کي ڪنهن ريل گاڏيءَ سان مشابهت ڏجي ته بيجا نه ٿيندو، جهڙيءَ طرح ريل گاڏي هڪ هنڌان مال کڻي، ٻئي هنڌ پهچائي ٿي، تهڙي طرح ريت به، آڪسيجن جيڪا ڦڦڙن ذريعي بدن ۾ وڃي ٿو ۽ هضم ٿيل کاڌو جيڪو معدي ۽ آنڊن ۾ تيار ٿئي ٿو کڻي بدن جي هر هڪ عضوي کي پهچائي ٿو، ساڳئي وقت رت بدن جي هر هڪ عضوي مان نقصانڪار مادو ۽ زهريلي گئس ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گڏ ڪري کڻي ڦڦڙن، بڪين ۽ چمڙي ۾ پهچائي ٿو. جتان ساهه ٻاهر کڻڻ سان چمڙي مان پگهر جي صورت ۾ ٻاهر نڪرن ٿا.

رت ساندهه نلين ۾ هلندو پيو هلي جيڪڏهن ڪرائي جي چمڙي ۽ نلين جا پردا جيڪي چمڙي هيٺان ڏسڻ ۾ اچن ٿا سي شيشي جا ٺهيل هجن ته پوءِ رت هنن نلين ۾ هٿ کان ڪلهي ڏانهن چٽو وهندو ڏسڻ ۾ اچي ها.

رت نلين ۾ دل جي زور تي هلي ٿو. دل انسان جي کاٻي پاسي پاسرين اندر ٿئي ٿي. دل جي شڪل سنڌي انگ پنج (5) جي ابتڙ ٿيندي آهي جا اندر پوري يعني، خال وانگر ٿئي ٿي. دل لوهر جي ڌنوڻيءَ مثل ڪم ڪندي آهي ۽ زور سان کلڻ ۽ بند ٿيڻ ڪري رت کي پئي ڌڪي ۽ سڄي جسم کي پهچائي ٿي.

عام انسان جي دل هڪ منٽ ۾ اٽڪل ستر (70) دفعا ڌڪ هڻي ٿي. پر ورزش مهل دل جا ڌڪ تڪڙا ۽ تيز ٿين ٿا، بخار جي حالت ۾ به دل تيز هلي ٿي. عورت جي دل مرد جي دل کان 8 کان 10 دفعا وڌيڪ ڌڙڪي ٿي. ٻارن جي دل بالغ شخص کان وڌيڪ تيز هلندي آهي جهڙوڪ 5 سالن جي ٻار جي دل هڪ منٽ ۾ 90 کان 100 دفعا ڌڙڪندي آهي.

دل جي مٿين کاٻي پاسي کان هڪ وڏي رت جي نلي ڳنڍيل آهي. جنهن کي شاهه شريان سڏين ٿا. اها بدن تي مٿين طرف وڃي ٿي، ٻين ننڍين شاخن ذريعي مٿي ۽ ٻانهن کي رت پهچائي ٿي ۽ پوءِ ٿورو موڙ کائي دل جي پٺيان هلي پنهنجي ننڍين شاخن جي ذريعي هيٺين حصن ڏانهن رت موڪلي ٿي. شاه شريان جو مثال هڪ وڻ جي ٿڙ مثل آهي جنهن مان ڪيترائي ڏار ۽ ٽاريون پوري وڻ کي خوراڪ مهيا ڪنديون آهن.

جڏهن دل بند ٿئي ٿي ته دل وارو رت ڌڪجي شاه شريان ۾ وڃي ٿو ۽ اتان پوءِ ٻين ڪيترين شاخن جي ذريعي سڄي بدن کي پهچي ٿو، جيئن رت اڳتي هلندو وڃي ٿو ته اهو ننڍين ۽ وڌيڪ نلين مان وهندو هلي ٿو ۽ آخر رت اهڙين سنهين نلين ۾ داخل ٿئي ٿو جيڪي ايتريون ته سنهيون آهن جو جيڪڏهن اهڙيون ٽي هزار نليون هڪ-ٻئي ڀرسان رکجن ته هڪ انچ جيتري جاءِ مس والارين، انهن کي وار نليون سڏبو آهي، اهي ايتريون ته گهڻيون ۽ ويجهو آهن جو جيڪڏهن بدن جي ڪهڙي به هنڌ تي چمڙي ۾ هيءَ هڻجي ته اها هنن نلين مان ڪنهن نه ڪنهن ۾ ضرور لڳندي.

رت جڏهن وار نلين مان لنگهي موٽ کائيندو آهي ته وري نسن جي ذريعي واپس دل ۾ ايندو اهي. دل جا ٻه حصا آهن، هڪ سڄو، ٻيو کاٻو، صاف رت دل جي کاٻي پاسي کان نڪري شاهه شريان ۾ داخل ٿيندو آهي ۽ جيڪو رت بدن سڀني حصن مان واپس ايندو آهي سو دل جي ساڄي پاسي کان داخل ٿيندو آهي ۽ پوءِ اهو رت وري ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿو، جتي رت جو ڪچرو صاف ٿيندو آهي ۽ ساهه اندر کڻڻ ڪري جيڪا آڪسيجن گئس ڦڦڙن ۾ داخل ٿئي ٿي، سا رت سان ملي وڃي ٿي ۽ خراب مان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت ۾ خارج ٿي وڃن ٿا.

رپورٽ: ناز سهتو

تارا تارن هيٺ

ظفر عباسيءَ جي ڪتاب جو مهورت

 

ساهت سال جي سلسلي ۾ ساهتي پبليڪيشن ڪنڊياري طرفان ظفر عباسيءَ جي ڪتاب ”تارا تارن هيٺ“ جو مهورت 10 ڊسمبر 1981ع تي ٿيو. هن ڪتاب ۾ ظفر عباسيءَ ٻارن لاءِ ڪهاڻيون لکيون آهن. رات جو نائين وڳي، ننڍن ٻارن اياز احمد، خالد حسين عباسي، خالد حسين لنجار ۽ جاويد احمد ٻاراڻن ٻاراڻن ٻولن سان تقريب جو آغاز ڪيو. هن تقريب جو صدر ۽ مهورتڪار انور هالائي هو ۽ خاص مهمان عبدالمقيم سهتو هو. اسٽيج سيڪريٽري عرفان مهدي صدر کي ڪتاب جي مهورت لاءِ گذارش ڪئي ۽ انور هالائي تاڙين جي گونج ۾ ڪتاب جو مهورت ڪيو. هن ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ پهرين خادم سهتو آيو جنهن ظفر جي خامين ۽ خوبين جو ذڪر ڪيو. الهڏتي بالاديءَ چيو ته ظفر هروڀرو ڪنهن سان گهرو ڪو نه ٿئي پر جي ٿئي ته هڪ ڏينهن نيٺ هڪ هڪاڻي ڪريس. الطاف مگسيءَ چيو ته ظفر گهرا گهرا گهاءِ کان وٺي تارا تارن هيٺ تائين معاشري سان لاڳاپيل آهي. وسيم سومري چيو ته، ظفر آئندي جو سٺو ڪهاڻيڪار ٿي سگهي ٿو بشرطيڪ هو جائز تنقيد برداشت ڪري. عزيز گوپانگ ظفر کي ادب جو شهزادو سڏيو. اصغر آزاد چيو ته ظفر سنڌي ٻار جي مستقبل جي ڇوٽڪاري ۽ خوشحاليءَ جي علامت آ. انجم سومري چيو ته ظفر جيترو پڙهڻ جو تيز آهي، اوترو لکڻ جو تيز آهي لياقت رضوي جي خيال ۾ ته ظفر جو هي مجموعو ڪنهن به فني حصي کي ڪو نه ٿو ڇهي. آغا قيوم چيو ته ٻار ظفر جي ڪمزوري آهن، ظفر ٻارن لاءِ لکي ڪهاڻين سان نياءُ ڪيو آهي. ناز سهتي چيو ته ظفر جا انيڪ روپ آهن ۽ هو هر روپ ۾ ڪامياب ويو آهي. نصير مرزا چيو ته ظفر جهڙا ٻه چار ٻيا به سپتيا نقاد پيدا ٿي پون ته سنڌي ادب نئون رخ اختيار ڪري سگهي ٿو. مهمان خصوصي عبدالمقيم سهتي زور ڏنو ته نوجوانن کي تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي خاص ڪري يارهين ۽ ٻارهين جماعت ۾ سخت محنت جي ضرورت آهي، جتان ڪيترائي فني مدراج شروع ٿين ٿا. هن چيو ته مان نٿو چاهيان ته هر سنڌي ڪلاڪار فنڪار رت جون الٽيون ڪندو بي واهو مري وڃي. آخر ۾ مهورتڪار ۽ صدر سائين انور هالائي صدارتي تقرير ڪندي چيو ته ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جا ٻار خود ٻارن تي لکي رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته ٻارن لاءِ وڏا ليکڪ نٿا لکن شايد هنن کي ٻارن لاءِ لکڻ ڪو نه ٿو اچي. ظفر جو هي ڪتاب ڪن خامين هوندي به گهڻيون خوبيون رکي ٿو کيس گذارش ڪندس ته هو تنقيد جي خوف کان سواءِ لکندو رهي.

ان کان پوءِ ٻي نشست مشاعري جي شروع ٿي جنهن جي صدارت خاڪي جويي ڪئي ۽ مهمان خصوصي نصير مرزا هو. جڏهن ته انائونسمنٽ وسيم سومري ڪئي هن نشست ۾ نذير شهزاد، فرمان شاهه، ڪاظم علي شاهه، سڪندر سومرو، اڪرم منصور، عبدالستار عبد، قربان منگي، آغا قيوم، خدا بخش جويو، قادربخش پريم، غلام محمد مسڪين، اختر درگاهي، انجم سومرو، عزيز گوپانگ، عرفان مهدي، وسيم سومرو، آدم هنڱورو، ڪنول سنڌي، مرتضيٰ سيال، اسرار شام، ناز سهتو، لياقت رضوي، نذير منگي، سوز هالائي، انور هالائي، معشوق خانوانهڻي، نصير مرزا ۽ خاڪي جويي پنهنجا شاهڪار شعر پيش ڪيا.

آخري نشست، مزاحيه خاڪن، راڳ رهاڻ جي هئي جنهن جي صدارت اسرار شام ڪئي ۽ مکيه مهمان ذوالفقار هيسباڻي هو. هن نشست ۾ وفا گل، عرفان مهدي، اختر درگاهي خدا بخش جويو، الهه رکيو ڪليري، اسرار شام، محمد عمر مڱڻهار ۽ ذوالفقار هيسباڻي پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. رات جي ٽين وڳي ڌاري هي يادگار تقريب ”هو جمالو“ سان پوري ٿي.

ننڍڙا اديب

ڪتاب

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب،

هر هڪ آ مون لاءِ بيتاب.

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب.

منهنجي اندر ۾ آ علم جو درياءُ،

جنهن سان هرڪو پڙهي ٿئي داناءُ،

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب.

ننڍي وڏي جي هٿ ۾ رهان،

ڪنهن کي مان ڪين ايذايان،

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب.

سڀڪو مون کي پيار ڪري ٿو،

مون کي پاڻ سان ساڻ کڻي ٿو،

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب.

امتحان ۾ به سندن ٿيان رهبر،

پوءِ به ڪن مون کي زير و زبر،

مان آهيان هڪ سهڻو ڪتاب.

- منير احمد منير ڇڄڙو

مايوس چهرو

اسلم هڪ غريب ڇوڪرو هوندو هو. سندس پيءُ ۽ ماءُ تمام غريب هوندا هئا. اسلم کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هو. اسلم جي پيءُ جي به اها، خواهش هئي ته هو اسلم کي پڙهائيندو.

اسلم جي پيءُ اسلم کي ڳوٺ جي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. اسلم پنج درجا پهرئين نمبر ۾ پاس ڪيا ۽ پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڳوٺ کان 4 ميلن جي مفاصلي تي شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن اسڪول کان موٽي ايندو هو ته پنهنجو گهرو ڪم پورو ڪندو هو ۽ پوءِ پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻنيءَ جو ڪم ڪار ڪرائيندو هو.

ائين وقت ويو گذرندو، اسلم ڏهه درجا وري سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيا. پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخل ٿيو جتي هو محنت سان پڙهندو رهيو جتي هن ٻارنهن درجا پاس ڪيا. اسلم وڌيڪ پڙهي نه سگهيو ڇو ته سندس پيءُ پوڙهو ٿي چڪو هيو، هو تمام غريب هئا ۽ اسلم کي پڙهائي جو خرچ نه مليو. پوءِ اسلم نوڪري جي تلاش ۾ نڪتو پر هر هنڌان جواب مليو آخر کيس هڪ هنڌ نوڪري ملي سا به ڪلارڪي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com