پهريائين انور به ڪم ڪرائيندو رهيو پر پيٽ جي سور
جو بهانو ڪري گهر موٽي ويو. مان ٻين ڇوڪرن سان گڏ
دير تائين ڪم ڪرڻ کان پوءِ ٿڪجي اتي ئي سمهي پوندو
هوس. اهڙيءَ طرح لڳاتار هڪ هفتي ڪم ڪرڻ کان پوءِ
جڏهن مان گهر اچي مضمون کي ياد ڪرڻ لاءِ الماڙي
کولي ڏٺم، ته مضمون الماڙي مان غائب هو. اهو ڏسي
مون کي ڏاڍو ڏک پهتو. مان اهو ڏک جو داستان دل ۾
سانڍي انور سان حال اورڻ لاءِ ويم ته انور مون سان
بي رخيءَ سان پيش آيو. مان پنهنجي مضمون جي گم ٿيڻ
جي خبر دوستن کي ٻڌائي ته انهن کي به افسوس ٿيڻ
لڳو.
اڄ جيئن ته جلسي جو ڏينهن هو تنهنڪري ننڍا خواه
وڏا اڇن اجرن ڪپڙن ۾ ملبوس اسڪول ڏانهن اچي رهيا
هئا. کن پل ۾ اسڪول جو ميدان ماڻهن سان ڀرجي ويو.
راندين کان پوءِ شام جو ادبي جلسي جي ڪاروائي شروع
ٿي. ڪاروائي شروع ٿيڻ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ جڏهن مائيڪ
تي انور جو نالو گونجيو ته منهنجي حيرت جي حد ئي
نه رهي، ڇاڪاڻ ته انور کي ته ادب جي الف جي ئي خبر
نه هئي، پر هي جلدي ۾ اديب ڪيئن بڻجي ويو. مان اڃا
انهيءَ سوچ ۾ گم هوس ته تاڙين جي گونج ۾ انور کي
اسٽيج تي ايندو ڏسي، منهنجي سوچ جو وهڪرو ٽٽي پيو،
انور درسي ڪتابن پڙهڻ ۾ ته ڀڙ هو، پر ادبي ڳالهين
جي هن کي ڄاڻ ئي ڪا نه هئي، ”انور جڏهن مضمون پڙهڻ
شروع ڪيو ته هيءُ ته منهنجو گم ٿيل مضمون هو. مان
اها ڳالهه پنهنجن دوستن کي ٻڌائي جن سڄي هال ۾ شور
مچائي ڏنو. جلسي جي صدر انور کي ڌڪا ڏياري هال مان
ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو. جلسي ختم ٿيڻ کان پوءِ جڏهن مان
ٻاهر نڪتس ته منهنجي نظر انور تي پئي جيڪو مين گيٽ
وٽ ڪنڌ جهڪائي بيٺو هو. مون کي ايندو ڏسي انور وڌي
مون کان معافي وٺڻ لڳو، مون کي اديب بڻجڻ جي شوق
انڌو ڪري ڇڏيو ۽ مان شهريت حاصل ڪرڻ خاطر اها ادبي
چوري ڪئي هئي. اهو چئي انور روئڻ لڳو. مان کيس
ڀاڪر پائي سمجهائڻ لڳس ته ادل! سياڻن سچ چيو آهي
ته پرائي ماڙي ڏسي پنهنجو ڀنگو نه ڊاهجي، سستي
شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ پراوا مضمون ۽ ڪهاڻيون چورائي
۽ نقل ڪري رسالن يا اخبارن ۾ ڇپائڻ نه گهرجن. ائين
ڪرڻ سان شهرت ته ڪا نهه ملندي پر ويتر بدنامي
ٿيندي. پنهنجين صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ سان نالو روشن
ڪجي، نقل ڪري ڪهاڻيون يا مضمون ڇپائڻ وارو ڪڏهن به
اديب ٿي نٿو سگهي.
محمد ياسين دائودپوٽو
غريبن جو ساهت سال
هونءَ ته جڏهن نئين مهيني جو گل ڦل هٿن ۾ ايندو
آهي ته وڏي شوق سان پڙهندو آهيان. جيستائين پورو
نه ڪندو آهيان تيستائين دل ۾ آنڌ مانڌ هوندي آهي،
پر وري پوري ٿيڻ تي نئين مهيني (ايندڙ مهينو) جو
اوسيئڙو ٿي پوندو آهي.... هميشه وانگر هيءُ مهيني
به ساڳيءَ طرح اوسيئڙو ڪندي گذريو... منٽ ڪلاڪن ۾
ڪلاڪ ڏينهن ۾، ڏينهن هفتن ۾، هفتا مهيني ۾، نيٺ اڄ
گل ڦل وٺڻ لاءِ بوڪ اسٽال تائين اچڻ ٿيو. مهينو
انتظار ڪندي جڏهن گل ڦل تي نظر پيم ته خوشي کان هٿ
ئي ڏڪڻ لڳا، نيٺ ڪتاب هٿن ۾ جهليندي، ڏڪندڙ هٿن
سان فهرست پڙهيم. نه نالو ڇپيو نه مواد.... بهرحال
ڪتاب اٿلائيندي پٿلائيندي واپس ڪرڻ لاءِ هٿ
ڊگهيريم. کيسو ڏٺم، سوچيم کيسي ۾ صرف 15 روپيه
آهن. آخري هفتو آهي، سڀاڻي ڳوٺ به ويندم عجيب
مايوسي پکڙجي ويئي، اپن وارن کي پاسيرو ڪندي هڪ
وار گل ڦل ڏي، هڪ وار کيسي ڏانهن پئي ڏٺم. هيڏانهن
باهه هوڏانهن پاڻي سنڌن ۾ سڪتو اچي ويو... ڪنهن
اخبار جا هانءَ ڏاريندڙ الفاظ من جي ڦرهيءَ تي تري
آيا، جي ذهن کي غوطا ڏيڻ لڳا... ”هي سنڌي ساهت سال
آهي. ان لاءِ سنڌ واسين جو قومي فرض آهي ته سنڌي
اخبارون ۽ رسالا وڌ ۾ وڌ شايع ڪن ۽ خريد ڪن..“ پر
مان ته هڪ غريب جو ٻار آهيان مون کي هتي پڙهڻ لاءِ
موڪليو ويو آهي نه خريداري لاءِ....“ پر مان غريب
آهيان... سنڌي ته نه چئبم.... يا غريب سڏائڻو
پوندو يا سنڌي.... ٻنهي مان هڪ جڏهن سنڌي ڪتاب ڏسي
ڏسي موٽائي رکان ٿو ته پوءِ مون کي سنڌي ٻولي سان
ڪهڙو پيار آهي؟؟.... جڏهن پيار به نه آهي ته اديب
يا شاعر ڪيئن ٿو سڏايان؟... نه نه شايد ڌوڪو کائي
رهيو آهيان. مون کي سنڌي ٻوليءَ سان پيار آهي مان
سنڌ ڀونءِ جو ٻچو آهيان...“ پر مان غريب جو آهيان
هائو.... پيار ۽ محبت پئسي وٽان ئي ته ٿيندي
آهي...“ اهو ته هن دنيا جو اصول آهي....“
پر مغز کي اوچتو زوردار جهٽڪو آيو، سوچن جو رخ
بدلجي ويو.
”ضمير چئي رهيو هو“ ڌرتيءَ سان پاڪ محبت هئڻ گهرجي
۽ پاڪ محبت صرف قربانيءَ سان ٿيندي آهي، ۽ پئسي
ساڻ نه.... سچي نيت ڪجي ته پهاڙ به ڪجهه ڪين آهن.“
سوچيندي ائين ڪتاب کي زور سان هٿ ۾ ڀڪوڙيم ۽ اهو
پڪو ارادو ڪيم ته گل ڦل ضرور وٺڻو آهي، باقي ڳالهه
آ ٻن روپين جي سو ٻه ڏينهن چانهه کڻي نه پيئندس
ٻيو ڇا؟ غير سنڌي فلمون نه ڏسندس. اڳتي پئسا بچائي
سنڌي ڪتاب وٺندس چپن تي هلڪي مرڪ اچي وئي، ۽ گل ڦل
کڻي ٻه رپيا ڏيئي واپس ورتم.
ابن لائق سومرو
روز روئن ٿا رت ڦڙا
مون نماز پڙهي بس ڪئي اڃا دعا ڪا نه گهري هيم ته
اوچتو رڙين جو آواز ٻڌم. منهنجو ڌيان اوڏانهن کڄي
ويو. حجري ۾ مُلو ڪنهن ڇوڪر کي موچڙن جا زيپٽ لايو
پيو هو ۽ ڇوڪر دانهون پئي ڪيون.
سائين الله جو قسم.... خدا جو قسم... مٽ مون ....
سائين.... خو.... خو.... خدا جو قسم مٽ مون ڪو نه
ڀڳو آهي. اڙي وري ڪوڙا قسم ٿو کڻين شرم نه ٿو اچئي
بي شرم. ملي وري لڪڻ وهائي ڪڍيس.
آءٌ يڪدم دعا گهري ٻاهر نڪتس ڇورن جو حجري آڏو ميڙ
لڳو پيو هو. ڪجهه ٻار اندر پڙهي رهيا هئا. رجو
حجري جي در سامهون ڀت کي ٽيڪ ڏيو روئي رهيو هو.
ملو ڪرڙين اکين سان رجو ڏي ڏسي رهيو هو. اڃا به
شايد خار هئس ٻيا ٻار پنهنجي پڙهڻ ۾ مشغول هئا.
ملي جي ڪاوڙ جي ڪري ڪنهن به ڪيڏانهن ڪو نه ٿي
نهاريو.
ملي جون ڳاڙهيون اکيون ڏسي ٻارن ۾ حراس ڇائنجي ويو
هو.
رجو اڃا سڏڪا ڀري رهيو هو. هن پنهنجي اکين مان
وهندڙ لڙڪن کي هر هر ٻانهن ۽ چولي جي اڳ سان پئي
اگهيو. هن ڀيري جيئن ئي هن ڀنل اکيون قميص جي اڳ
سان اگهيون ته هن کي رت لڳل نظر آيو. هن ڏٺو ته
ناسن مان رت پيو وهي. پر مولوي صاحب جي ڊپ کان ڪڇي
ڪين سگهيو.
اوچتو صادق رڙ ڪئي.
سائين....! رجو جي ناسن مان رت ٿو وهي. مولوي رجو
ڏانهن نهاريو. سندس چولي جو اڳ رت سان رنڱجي ويو
هو. هو ڪنڌ هيٺ ڪيو ٽيڏي اک سان ملي ڏانهن نهاري
رهيو هو. اڙي بي شرم اڃا پيو مون ڏي ڏسين. وڃ وڃي
مٿي تي پاڻي وجهاءِ. اڙي ڇورا آچر وڃ وڃي مٿي تي
پاڻي وجهينس ته ناڪيلي بند ٿئيس. سڄو ڏينهن ڇورا
وتن اُسن تي رلندا. ڪم جو چوين ته اصل ٽيئر وٺيو
وڃين.
رجو ڪير آهي، ڪنهن جو پٽ آهي، ڪٿان جو آهي اها مون
کي خبر نه آهي. پر آءٌ هن کي مسجد جا مٽ ۽ حجري جو
پاڻي ڀريندي ڏسندو آهيان. مسجد ۾ پنج وقت نماز به
پڙهندو آهي. شايد ديني تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مائٽن
هتي ڇڏيو اٿس.
ٽيون ڏينهن جي ڳالهه آهي. سانجهي جي نماز پڙهيسين.
ٻيا جماعتي اُٿي ويا. اسين پاڙي جا ٻه ٽي ماڻهو
مولوي سان ڪچهري ڪرڻ ويهي رهياسين. گفتگو ڪندي
ڪندي الائي ڪٿي وڃي پهتاسين ته ڇوڪرا رجو ۽ آچر به
آيا. ٿالهه مانين جو کڻي ملي جي اڳيان رکيائون.
مولوي دانهن ڪندي چيو ”اڙي ڇو.... ڇورا ماني ٿوري
آندي اٿوَ.
اڌ، واٽ تي کائي ويئو ڇا...؟
نه سائين..... اڃا ڪنڀرن جي پاڙي جي ماني وٺي علڻ
وارن جي گهر ٿي وياسين ته اوچتو حجمن جي ڪتي وٺي
لوهه ڪئي. آءٌ ته سائين ڀڄي ويس. رجو ٿالهه سوڌو
وڃي ناليءَ ۾ ڪريو.
انڌا ڇورا وتن ٿاٻا کائيندا. اڙي ڪتن کان به ٿا
ڊڄو. مولوي کي ڏاڍا خار هئا. پر اسان کي ويٺل ڏسي
ڪڇي ڪين سگهيو. چيائين انهي رجو جي اڄ ماني بند
آهي. بکيو رهي ته کيس جهان جي ڪل پوي. پوءِ ڇوڪرا
ٿالهه کڻي حجري ڏانهن ويا. اسان وري حديثن ۾ ڪاهجي
پياسين. تان جو سومهڻي جو وقت ٿيو.
ملي اٿي بانگ ڏني. اسان نماز پڙهي گهر روانه
ٿياسين. پوءِ خبر ناهي رجو جو الائي ڪهڙو حال ٿيو.
صبح جو نماز تي به ڪو نه آيو ملي کان پڇيم ته هو
رجو ڇوڪرو نماز تي ڪو نه آيو. چيائين رولو ڇورو
سڄو ڏينهن رلي سو رات جو اچي بخار ورتس، سو حجري ۾
ستو پيو آهي. اهي به علم پرائيندا، مائٽ هنن جا
خوش آهن ته پڙهي عالم ٿيندا. ملي جو اهو جواب ٻڌي
مون ته کڻي ماٺ ڪئي.
پر دل ۾ سمجهي ويس ته هيڏين مانين هوندي به ملي جو
ڀڀ نٿو ڀرجي ۽ شاگرد جي گرميءَ سردي جو ڪو خيال ڪو
نه ٿو ٿئيس.
عرفانه حبيب شيخ
بنا عنوان جي ..............
هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان مقرر ڪري اسان ڏانهن
اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ 10 اپريل کان
اڳ پهچي وڃي. جنهن ٻار جو عنوان سٺو هوندو ان کي
ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. – ايڊيٽر
اڙي پيرو! او پيرو.... ڏس ڪو ٻڌي ٿو اڙي نڀاڳا
هيڏانهن نٿو اچين سڄو ڏينهن انهي فاروق سان قصن
ڪرڻ ۾ پورو آهين هيڏانهن اچ پڻهين کي ماني ڏئي اچ،
ڪم ۾ هٿو باري ته ڪو نه ڪرائينس پر ڀورَ ڏيڻ جي به
اون ڪانه اٿئي. ٻين جا پٽ به آهن، ڪي رڳو تون هڪڙو
ئي پيدا ٿيو آهين“ ماڻس روز وانگر پيرو کي ڇنڊ
ڪڍي. پيرو، به ڪن ٽار ڪري فاروق سان ڳالهائڻ ۾
پورو هو. پر ماڻس جڏهن سر تي اچي بيٺس، ته ٽپ ڏئي
اٿي بيٺو ته متان امان ڌڪ هڻي ڪڍي. ”ڇا آهي امان؟“
هن نڪ کي موڙو ڏيئي چيو ڇا وري ڇا هوندو؟ روز واعظ
ڪريان تڏهن وڃين- هاج ڪري ٿڪو هوندو بک به لڳي
هونديس، وڃي ماني ڏيئي اچينس ته ايمان ۾ اچي وري
ڪم کي لڳي.
ڪير امان؟ پيرو، شرارت وچان کلي پڇيو. تو جيڏا پٽ
مائٽن جي ڪلهن تان بار لاهيو ويٺا آهن. پر تون ڏيل
اچي ٿيو آهين پر ٽرڙائي ۾ تريو پيو آهين. ماڻس هٿ
هلائيندي چيو، چڱو چڱو امان ڀلا ماني ڏي ته کڻي
وڃان.“
پيرو، مٿي کي کنهندي چيو.
اها ٻڌي رکي اٿئي“ ماڻس کٽ ڏانهن اشارو ڪيو. پيرو
ماني کڻي ٻاهر فاروق ڏانهن ويو.
”فاروق تون هلين ٿو ٻني تي. آءٌ ته وڃان ٿو بابا
کي ماني ڏيڻ.“
ها يار هل مون کي چاچي جانو سان ملڻو آهي. فاروق
ڪپڙا ڇنڊيندي اٿي بيٺو ۽ هي ٻئي ٻني واري پيچري
ڏانهن هلڻ لڳا.
پيرو ۽ فاروق پئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پنج درجا گڏ
پڙهيا پر پوءِ فاروق جي پيءُ نورمحمد جي ڳوٺ جي
اسڪول مان شهر بدلي ويو هو. ڪجهه پڙهيل هو ۽
ماستري ڪندو هو. فاروق جي شهر وڃڻ جو پيرو کي گهڻو
ڏک هو پر فاروق ڏڍ ڏنس ته دل نه لاهي ڳوٺان پيو
ڀيرو ڪندس، پر پيرو کي ٻيو ڪو ڏک هو. هن جو پيءُ
جانو هڪ محنتي هاري هو هن کي پيرو کان سواءِ قمر ۽
گڏي به هئا. هن چاهيو ته پٽ کي به هاڻي پاڻ سان
لڳايان پر پيرو جو دماغ ٻي هنڌ هو هن نٿي چاهيو ته
آئون به هي هارپو ڪريان هي تمام گهڻي احساس ڪمتري
۾ مبتلا هو هن جي به دل ۾ صرف اها خواهش هئي ته
هوند آئون به فاروق جيان شهر وڃان. فاروق اتي
انگريزي به پڙهي ويو هو. هن کي شهر جون ڳالهيون ۽
اسڪول جا واقعا ٻڌائيندو هو ته، پيرو جي دل ۾ هورا
کورا ٿيندي هئي ته، پر هجنم ته اڏامي شهر وڃان ٻني
ٻاري ۾ هن جي دل اصل ڪا نه لڳندي هئي. فاروق اڄ به
ڳوٺ آيو ته هنن جون ڳالهيون ڪو نه ٿي کٽيون. هر
دفعي ائين ٿيندو هو ۽ ماڻس عاجز اچي ٻيڻو فاروق
مان خار ڪڍندي هئي. گهڻن ڏينهن کان پيرو پئي سوچيو
ته ڪيئن فاروق کي اها ڳالهه ٻڌايان نيٺ اڄ هن ٻني
تي هلندي هلندي...
فاروق! او ادا- منهنجي دل ڏاڍو ٿي چئي ته هوند آءٌ
به شهر هلان، مون کي هت اصل سک ڪو نه ٿو اچي مون
کي شهر هلڻ جو شوق آهي بابا ڀانئي ته آئون ٻني ۾
ڪم ڪريان پر منهنجي دل نٿي مڃي. ڪا صلاح ٻڌاءِ!
15 سالن جي پيروءَ پڪن پوڙهن وانگر اندر جو حال
فاروق سان اوريو.
فاروق ڪجهه دير ته سوچيندو رهيو پوءِ چيائين:
پيرو! يار سٺو ته ائين ٿئي ته تون چاچي ويچاري کي
ڪم ڪار ۾ مدد ڪر، پٽ ته پيئرن جا ٻانهن ٻيلي ٿيندا
آهن انهن ڏينهن لاءِ هو الله کان پنهنجي لاءِ
پوينئر گهرندا آهن پر جي نه ته هيئن ٿا ڪريون
جو...
فاروق به خالص بزرگانه انداز ۾ سمجهايو.... اسان
جي پاڙي ۾ هڪ آفيسر آهي انهن کي اڄڪلهه نوڪرن جي
سخت ضرورت آهي شهر ۾ هڪ ته پهر ملي ڪا نه جي ملي
ته به انهن جا مانَ ٿيو پون. منهنجي لاءِ بابي کي
چيئين پر آءُ پڙهان پيو جو تون جي ڪم ڪرين ته چاچو
جانو به خوش ٿيندو چار پئسا به ملندئي، ماني ٽڪي
به ۽ شهر جو شوق به پورو.... ڪيئن؟؟
فاروق پيرو ڏانهن ڏسي مرڪيو.
واهه جي ٻڌايئي يار! پيرو خوشي مان نعرو هنيو.
هاڻي هيئن ڪر رڳو بابا کي .....
پيرل فاروق جي ڪن ۾ سس ڦس ڪرڻ لڳو.
* * * *
ٻنيءَ ۾ پهتا ته فاروق جانو کي دعا سلام کان پوءِ
پيرائتي ڳالهه ڪري ٻڌائي.
جانو پهرين ته نٽايو پر پوءِ ڏٺئين ته پيرو جي به
مرضي آهي. سو کڻي ها ڪيائين ۽ پيرل جي سرير ۾ ساهه
پيو.
وڃڻ وقت ماڻس ڏاڍي اٻاڻڪي هئي دڙڪا ته ڏيندي هيس
جو اهو به ماءُ جي پيار جو هڪ انداز آهي. پر پٽ
پيارو هوس موڀي پٽ پري پرڏيهه ٿي ويو سو ڏاڍي اداس
هئي. اکين ۾ آيل لڙڪن کي ڳلن تي اچڻ کان اڳ مهٽي
ٿي ڇڏيائين پٽ جي خوشيءَ ۾ خوش رهڻو هوس.
گڏي به ڀاڻس کي ڳراٽي پائي پئي انگل ڪيا. پيرو تي
شهر جو شوق سوار هو سو جهٽ پٽ سڀني کان موڪلائي
شهر روانو ٿيو. آفيس وارن، هن کي هٿوهٿ ورتو. پيرو
کي صاحب جو گهر ڏاڍو وڻيو. چلڪندڙ فرشن تي نرم
غاليچا هر ڪمرو سنواريل پنکا ايئرڪنڊيشنر ٽي-وي
فرج ۽ هر ڪم لاءِ کوڙ مشينون مطلب ته هر شيءَ صاحب
جي گهر هئي جن جا نالا ئي پيرو کي ڪو نه ايندا
هئا. هي ٻارن کي گهمائيندو هو ۽ ننڍو ننڍو ڪم به
پيو ڪندو هو.
هي ته ڇورو سڄو ڏينهن ٽي-وي تي ويٺو آهي الماس
بيگم پنهنجي ڪڙڪيدار آواز ۾ صاحب سان ڪوڙي گلا
ڪئي.
آيو هو ته لپ تيل جي مٿي ۾ ڏوئي سان سرمو پائي
دکيءَ مان ڪپڙا ڪڍي پائي آيو هو. هاڻي ته ويچارو
سهي سنبري اچي وڏو شوقين ٽي- وي ڏسڻ ويٺو آهي.
”آ مئا اٿي ڪو ڪم ڪر!!“ الماس بيگم پنهنجي عادت
مطابق هن کي ٻانهن کان وٺي اٿاريندي چيو.
”اٿي گڊو کي گهمائي اچ ۽ ڪجهه شيءِ به وٺي ڏينس.“
”ممي منهنجو برائون پيپر ۽ پينسل به وٺي اچي“ روبي
کلندي کلندي رڙ ڪئي. |