پرائمري ۽ هاءِ اسڪول ۾ وڏو فرق آهي. شاگردن کي
گهرجي، ته هو پنهنجي ڪلاس جي شاگردن سان سٺو
برتاءُ ڪن ۽ استادن جي عزت ڪن. اهو به هنن جو
اخلاقي فرض آهي ته ماءُ پيءُ وانگر استادن جي عزت
ڪن ۽ ڀائرن وانگر پنهنجي ڪلاس جي شاگردن سان پيش
اچن ۽ استاد جو به اهو اولين فرض آهي ته شاگرد
جيڪي پرائمري کان هاءِ اسڪول پهچن ٿا، تن کي سٺيون
سٺيون سمجهاڻيون ڏين ۽ اخلاقي ۽ ادبي ڳالهيون
سمجهيائين.
شاگرد کي پڙهائي سان گڏ راند ڏي به متوجهه ٿيڻ
گهرجي، ڇاڪاڻ ته راند ۾ ٻارن جو ذهن وڌي ٿو. ايتري
قدر راند به نه کيڏڻ گهرجي، جو اسڪول جو ڪم وساري
راند ۾ لڳي وڃن. پڙهائي سان گڏ راند کي شام جي
ٽائيم ۾ ڪلاڪ کن کيڏڻ گهرجي. شاگردن کي گهرجي ته
جيترو به ٿي سگهي، وقت جي بچت ڪن. وقت هڪ قيمتي
شيءِ آهي. وقت جي ڪابه قيمت نه آهي. اجايو وقت نه
وڃائجي. وقت وڃڻ کان پوءِ هٿ نه ايندو آهي. اهو
سوچي سمجهي اڳتي وڌڻ گهرجي. پرائمري کان هاءِ
اسڪول پهچڻ وقت پنهنجون پرائمري واريون ڳالهيون
وساري ڇڏي. ڇو ته پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي ماحول ۾
وڏو فرق آهي. هاءِ اسڪول ۾ به نظم و ضبط رکڻ
گهرجي.
سيد سلام الله شاهه
سلسلو نمبر 44
مضمون- 2
پرائمري پاس ڪري هاءِ اسڪول پهچڻ...
علم هڪ بي بها دولت اهي، جنهن به انسان کي علم سان
چاهه آهي ۽ سندس ذهن علم پرائڻ جي لاءِ تيار آهي،
اهو انسان دنيا ۾ هر موڙ تي ڪاميابيون حاصل ڪندو
رهي ٿو.
هڪ ننڍڙو ٻار، جيڪو پنهنجي مستقبل جون اميدون کڻي
پنج درجا پاس ڪري پوءِ هاءِ اسڪول ڏانهن منهن ڪري
ٿو ۽ سوچي ٿو ته اڄ مان ڇهين ڪلاس ۾ داخل ٿيو
آهيان. آخر آئون به انهن وانگر هڪ ڏينهن مئٽرڪ ۾
پهچندس ۽ ٻيو ته اهي استاد ڪهڙا نه سٺا آهن جو مون
کي پيار سان پڙهائين ٿا. مون کان هڪ استاد پڇيو ته
تون وڏو ٿي، پڙهي پوءِ ڇا ڪندين؟ ڇا ٿيندين؟ مون
چيو ته ”مان پڙهي مستقبل جو ڊاڪٽر ٿيندس ۽ غريب
ماڻهن جو مفت علاج ڪندس.“
واهه ڙي واهه، هتي اسان جي لاءِ راندين جا ميدان
به آهن، هو ڪهڙو نه سٺو اسڪول جو باغ آهي. مون کي
ڪيترو نه هن نئين دنيا ۾ مزو پيو اچي. منهنجي دل
چوي ٿي، ته آئون روزانو اسڪول وڃان. هڪ ڏينهن به
اسڪول کان نه گسايان. هاڻي ته آئون انگريزي ٻولي
به سکي رهيو آهيان. هاڻي آئون پاڻ کي علم وارو
سمجهي رهيو آهيان ۽ آئون نيٺ هڪ ڏينهن پنهنجي منزل
تي پهچندس. منهنجي دل چوي ٿي ته هر وقت ڪتاب کڻي
ويٺو پڙهان، ته جيئن ٻين شاگردن کان وڌي سگهان.
ٻيا شاگرد پاڻ کي هوشيار ٿا سمجهن، پر تڏهن به
صورتخطيءَ ۾ سندن ڪافي چُڪون ٿينديون آهن. آئون
پنهنجي دوست علي محمد کي به پڙهائيءَ ۾ مدد ڪندو
آهيان. هو جيڪي به مون کان پڇندو آهي، سو آئون کيس
ٻڌائيندو آهيان ۽ جن ڳالهين ۾ آئون منجهندو آهيان،
اُهي بنا ججهڪ جي پنهنجي استاد کان پڇندو آهيان.
منهنجا مائٽ مون کي هميشہ دعائون ڪندا آهن، ته شال
پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿئين ۽ منهنجا استاد ۽ ٻيا
وڏا مون کي نصيحتون ڪندا آهن. آئون سندن دعائون
ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان ۽ سندن خدمت ڪندو آهيان.
کل ته سهي
·
هڪ موالي مرڻ وقت: مائٽن کي چيائين ته: مان مران
ته ”مون کي پراڻي ڪفن ۾ دفن ڪجو“ مائٽن پڇيس ته،
ڇو موالي جواب ڏنو ته ”جڏهن پڇاڻو ڪرڻ وارا قبر ۾
ايندا ۽ پراڻو ڪفن ڏسندا ته سمجهندا ته هي مردو
پراڻو آهي ۽ سوال پڇڻ کان سواءِ موٽي ويندا.“
غلام شبير ڏيپر حاڪم ڏيپر
·
ناني پوڙهي سوچيو ته مايون وار ننڍڙا ٿيون ڪرائن،
سو ڇو نه مان به ننڍڙا ڪرايان، هڪ ڏينهن وڃي وار
ننڍڙا ڪرائي آئي ۽ اچڻ شرط ڏوهٽي کي چيائين، ”ابا
ڏس مان هاڻ پوڙهي ڪانه ٿي لڳان نه؟ ننڍڙي ٻار ڏسي
چيو، ”هاڻ ته تون، ناني پوڙهي نه پر نانو پوڙهو ٿي
لڳين.
سعيد احمد ابڙو
·
استاد شاگرد کي: پٽ تون ڪالهه اسڪول ڇو نه آيو
هئين؟“
شاگرد: سائين مان ڪالهه بيمار هوس
ٻيو شاگرد: سائين هي ڪوڙ ٿو هڻي، مون ڪالهه هن کي
سائيڪل هلائيندي ڏٺو هو.
پهريون شاگرد: سائين مان سائيڪل تي ڊاڪٽر وٺڻ ٿي
ويس.
محمد بخش چنا لواري
·
ٻه دوست، گهڻن سالن کان پوءِ بس ۾ مليا هڪ ٻئي کان
حال احوال وٺڻ لڳا. هڪ ٻئي کان اولاد بابت پڇيو،
ان ٻڌايو ته ”چار پٽ اٿم، جن جا نالا فضل ڪريم،
احسان ڪريم، اعزاز ڪريم چوٿون عبدالڪريم، همراهه
چيس: ادا جي پنجون پٽ ڄمي ته نالو ڇا رکندينس ان
جواب ڏنو ته ان وقت سوچبو اتي ٽيون شخص به ويٺو هو
تنهن ٺهه پهه چيو: ”ادا کڻي آسڪريم نالو رکجوس.
غلام اصغر منگي حسين آباد
·
هڪ بس ۾ هڪ آمريڪي، هڪ هڪ روسي ۽ هڪ پاڪستاني
مسافر سفر ڪري رهيا هئا.
آمريڪي چيو: اسان جي ملڪ جا جهاز آسمان سان گسي
هلندا آهن“ هڪ چيو آسمان سان آمريڪي چيو نه ٿورو
هيٺ.
روسي چيو: اسان جا جهاز سمنڊ ۾ زمين سان گسي هلندا
آهن، ان کي چيائون زمين سان جواب ڏنائين نه ٿورو
مٿي، پاڪستاني سوچي چيو ”اسان جي ملڪ جا ماڻهو نڪ
سان ماني کائيندا آهن.“
ٻنهي پڇيس ”نڪ سان“ پاڪستاني جواب ڏنو ”نه ٿورو
هيٺ“
بشير حسين سمون خيرپورميرس
·
هڪ ماڻهو، جو ڪتو مري ويو. هو روئڻ لڳو، ان سان گڏ
سندس نوڪر به روئڻ لڳو، مالڪ نوڪر کان پڇيو ته،
”تون ڇو روئي، رهيون آهين؟“
نوڪر ٿڌو ساهه ڀريندي چيو: سائين هاڻ سمورا گهر جا
ٿانو، مون کي ڌوئڻا پوندا.
بشارت الياس جوکيو
·
هڪ دفعي ملا نصير الدين، هڪ گابي کي ڪاهي وڃي رهيو
هو پر گابو هلڻ لاءِ تيار نه هو. ملان کي لڳي ڪاوڙ
سو وڃي گابي جي ماءُ، (ڍڳي) کي مارڻ لڳو، ماڻهن
چيس، ”هن کي ڇو ٿو مارين“ ملان جواب ڏنو ته ”انهي
ڪري جو هن پنهنجي اولاد کي ادب ڇو نه سيکاريو
آهي.“
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: گلاب خان پٺاڻ
ڪلاس: نائون اي
وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول قمبر.
·
نالو: حبيب الله مهر
ڪلاس: اٺون
وندر: سائنسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ،
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول لاکو لنجاري.
·
نالو: غلام سرور مهر
ڪلاس: اٺون
وندر: ملهه وڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول لاکو لنجاري.
·
نالو: بشير احمد مهر
ڪلاس: اٺون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ برانچ اسڪول لاکو لنجاري
·
نالو: عاشق حسين شاهه
ڪلاس: اٺون
وندر: سنڌي رسالا پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ برانچ هاءِ اسڪول لاکو لنجاري.
·
نالو: نعمت الله مغل،
ڪلاس: ٽيون
وندر: علم سان چاهه
عمر: 8 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول پنج هٽي خيرپور
·
نالو: پرويز احمد
ڪلاس: ٽيون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول پنج هٽي خيرپور.
·
نالو: غلام حسين
ڪلاس: ٽيون
وندر: ڪهاڻيون پڙهڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول پنج هٽي خيرپور.
·
نالو: مولا بخش
ڪلاس: ٽيون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 9 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول پنج هٽي خيرپور.
·
نالو: تنوير احمد شيخ
ڪلاس: ٽيون
وندر: راند ڪرڻ
عمر: 8 سال
ائڊريس: پرائمري اسڪول پنج هٽي خيرپور.
·
نالو: بشير احمد پليجو
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جنگشاهي.
·
نالو: ڪشور ڪمار ڪلپنا
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڄو خاناڻي.
·
نالو: سلمان ابراهيم ميمڻ
ڪلاس: ستون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيپلو.
·
نالو: اعجاز علي ميمڻ
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: ويجهو پوسٽ آفيس عمرڪوٽ.
·
نالو: وفا اختر حسن قاضي
ڪلاس: اٺون
وندر: قلمي دوستي رکڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول لوهي ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: نسيم الغني قريشي
ڪلاس: ستون
وندر: غريبن جي مدد ڪرڻ
عمر: 2 سال
ائڊريس: گهر نمبر 782 پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد.
·
نالو: ياسر عرفات محمداڻي
ڪلاس: ستون بي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پي هاءِ اسڪول ڏيپلو.
·
نالو: اعجاز علي ڪليري
ڪلاس: ڇهون
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 13 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول لوهي ميرپور ماٿيلو.
·
نالو: ثناء الله، ڪلاس: ڏهون
وندر: بيٽ منٽن کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ پوليٽڪنڪ انسٽيٽيوٽ جيڪب آباد.
·
نالو: غلام رسول هنڱورو
ڪلاس: ستون سي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کپرو
·
نالو: امداد علي پليجو
ڪلاس: نائون سي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: روم نمبر 19 رومي هائوس پبلڪ اسڪول لطيف
آباد حيدرآباد.
سلام سنيها
·
حيدر علي ڀرڳڙي کوسڪي: ادا منهنجو مواد نه ڇپيندا
ته مان رسالو به ڪونه پڙهندس. (ادڙا ٻڪري جي ڪهاڻي
توهان پاڻ پڙهو، توهان کي سمجهه ۾ اچي ٿي)
·
اعجاز حسين ڪلهوڙو نرڇ شريف: ادا، هاڻ رسالو بور
ٿيندو پيو وڃي، خال ڏکيا ٿا ڏيو، مان ڪهاڻي يا
شاعري موڪليان ته شايع ڪندا. (ڀاءُ رسالي ۾ ڪهڙي
شي بور آهيو وضاحت سان لکو ها ته سٺو، خال ته اسان
عام ڏيندا آهيون ڪجهه ذهن به ته ڊوڙايو نه)
·
خادم حسين گل گهنڃو: ادا توهان منهنجو مواد ڪڏهن
ڇپيندا ۽ سلسلا ڪڏهن شروع ڪندا (ادا رسالي ۾ نواڻ
آڻيون پيا جنوري جو انتظار ڪريو)
·
ممتاز علي شاد سولنگي ڪشمور: ادل، هر مهيني مواد
موڪليندا آهيون، پر شايع نه ٿا ڪريو. (ڀاءُ ڇپجڻ
جهڙي شيءِ ڇپبي)
·
حفيظان پروين هڪڙو قمبر: ادا، توهان منهنجو مواد
به شايع نه ٿا ڪريو، ۽ ادا توهان جي اسان سان
دشمني آهي ڇا (نه ڀيڻ، ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي دشمني ڀلا
ٺهندي)
·
گلاب خان پٺاڻ قمبر: ادا نعت موڪلي رهيو آهيان
شايع ڪندا. (ڀاءُ اها نقل ٿيل آهي شاعر جو نالو به
ته نعت ۾ آهي)
·
چمن لعل ڏوڪري: ادا بيت ڇپيندا (ڀاءُ ڏس بيت ته
ڪاپي ٿيل آهي ڏاهو ٿي.
·
عبدالمالڪ آصف پلي: ادا، آڪٽوبر جو سلسلو بهتر هو.
آئون ڪهاڻي، موڪليان ته شايع ڪندا يا نه؟
(ڀاءُ پنهنجي ذهن آهر، ڪا نصيحت آموز ڪهاڻي موڪليو
ته شايع ڪبي.
·
لطيف ڏنو مڱڻهار عبدو: ڀاءُ، رسالو مون کي وڻندو
آهي توهان ٻڌايو ته، واندڪائي ۾ اسان ڇا ڪريون؟
اسان ته واندا هوندا آهيون ته فضول راند ڪندا
آهيون، پڙهڻ تان به دل کڄي وئي آهي جو هر هنڌ ڪاپي
ٿي هلي (ڀاءُ اوهان جو خط پڙهي ڏک ٿيو ته توهان
مايوس ٿي پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. ڀاءُ راند جي وقت راند
ڪريو ۽ پڙهائي وقت پڙهائي ڪريو. بچت وقت ۾ علمي ۽
ادبي ڪتاب پڙهو ڪاپي وارو ٻار جڏهن چٽا ڀيٽي ۾
ايندو ته پاڻهي فيل ٿيندو.)
·
فياض حسين چنڊ ڪليري نواب شاهه: ادل توهان منهنجو
مواد نه ٿا ڇپيو، ادو منور ابڙو چوندو آهي ته،
اوهان سفارش تي مواد ڇپيندا آهيو؟ (ڀاءُ پهرين
پنهنجو لکيل مواد پاڻ پڙهي ڏسو پوءِ سوچيو ته اهو
ڪيئن آهي)
·
امان الله ڌانڌو عادلپور: ادل، هي مواد موڪلي رهيو
آهيان شايع ڪندا. (ڀاءُ ٻٽاڪستان ڪونه ڇپبو هاڻ ته
ڀائر رڳو نالو مٽائي لکي موڪلن ٿا.)
ننڍڙا اديب
نصيحت
ادب استاد جو بلڪل ڪرڻ
گهرجي هميشہ حڪم ان جو ئي مڃڻ گهرجي
گلا ۽ ڪوڙ کان نفرت هجي هردم
سچائي ۽ صفائي سان رهڻ گهرجي
نه هرگز جاهلن سان واسطو رکجي
محبت علم وارن سان رکڻ گهرجي
علم سان واسطو جاري رهي دائم
برائي ۽ جهالت کان پچڻ گهرجي
چڱا ڪم سڀ ڪجن پنهنجي حياتيءَ
۾ خرابيءَ، بي حيائيءَ کان ڀڄڻ گهرجي
ڪجي پيءُ ماءُ جي خدمت گهڻي دل سان
سدا قربان انهن تان ٿيڻ گهرجي
عمل ڪر سڀ ڀلا ”شائق“ نه ٿي غافل
سياڻن جي هدايت تي هلڻ گهرجي
شائق ڪمبوه
معاف ڪجو
اڄ سوچيم پي ته راڻي باغ جو چڪر هڻي اچان، سو
تياري ڪري هلڻ شروع ٿيس ۽ هاڻي مان نياز اسٽيڊيم
جي ويجهو اچي پهتس اتي ڪجهه ڇوڪرا ڪرڪيٽ راند کيڏي
رهيا هئا، اتي هڪ ڇوڪر بال کي تمام زور سان بئٽ
هنئي، بال سڌو اچي منهنجي منهن ۾ لڳو، اهو ڇوڪرو
ڀڄندو آيو ۽ چيائين ”ڀائو معاف ڪجو! اصل ۾ بال ئي
اهڙو ٺهي آيو“ خير سائين! مان ته ڪجهه به نه
چيومانس ڇو ته مون به ائين ٻن ٽن ماڻهن جا ٻوٿ
سڄايا هئا، ان کان پوءِ مون ڪجهه پنڌ ڪيو ته هڪ
ڪتو اچي مون کي گڏيو، بس پوءِ ته اچي مون کي
ڊوڙايائين ۽ مون کي راڻي باغ جي دروازي تائين
پڄائڻ ۾ مدد ڪيائين، ڇو ته هونئن ته شايد مان
آهستي آهستي هلان ها. بهرحال مون کي ڇڏي، ڪتو اچي
ٻين جي ڪڍ پيو. بس پوءِ ته هرهڪ جي وات ۾ هو، ڇتو
ڪتو ڇتو ڪتو، اتي هڪ همراهه کڻي مون کي ڌڪو ڏنو،
سو ذري گهٽ گٽر ۾ ڪريو هوس، اهو ماڻهو آيو ۽
چيائين ”ادا معاف ڪجو! اصل ۾ پويان ڪتو هو، ان ڪري
توهان کي ڌڪو اچي ويو“ اتان نڪري فن لينڊ ۾ آيس
واهه واهه مزو اچي ويو، مون دل ۾ چيو، هڪ ٽڪيٽ
ورتم، ڇو ته مون سوچيو ته ڊائجم ڪار ۾ ويهي ڏسان ۽
وجهه وٺي هڪ ڪار ۾ وڃي ويٺس، ٽڪيٽ چيڪ ڪرڻ وارو
آيو، مون ٽڪيٽ ڏني مانس، گهنٽي وڳي ۽ سڀني جون
ڪارون هلڻ شروع ٿيون، پر منهنجي ڊائجم ڪار ته هلڻ
جو نالو ئي نه، وٺي رهي هئي، ٽي منٽ گذريا، ته هڪ
ٻئي ڊائجم ڪار اچي منهنجي ڪار کي لڳي، ته ڪار هلڻ
شروع ٿي، وري جو ٽڪر لڳس ته بيهي رهي، سو مان
ٽائيم ختم ٿيڻ کان پوءِ، سڌو مئنيجر صاحب جي ڪمري
۾ ويس ۽ وڃي شڪايت ڪئي مانس، مئنيجر صاحب چيو
”سائين معاف ڪجو! توهان کي تڪليف ٿي، پر توهان
ڪنهن خراب ڪار ۾ ويٺا هوندؤ، بهرحال اُتان هليس پر
جيئن ئي فن لينڊ جي دروازي کان ٻاهر نڪتس، هڪ
ماڻهو پان جي ٿڪ اُڇلي جا اچي منهنجي ڪپڙن کي لڳي.
مون منهن اهڙو ڪيو ڄڻ ٽوهه کاڌو هجيم، ان ماڻهو
چيو ”ادا معاف ڪجو اصل ۾ منهنجو ته ان طرف خيال ئي
ڪونه هو.“ راڻي باغ کان واپس پي ويس ته خيال آيو
ته ڇونه مان به ڪنهن کي معاف ڪجو! چوان اهو
سوچيندو مان راڻي باغ جي وڏي دروازي وٽ پهتس ۽
اتان ڪيلي جون ڦريون ورتم ۽ کائيندو ۽ کلون
اڇليندو ويس ٻئي پر هڪ ڀنگي اتان لنگهيو ۽ گند سان
گڏ ڪيلي جون کلون به صاف ڪندو ويو ۽ منهنجو منصوبو
خاڪ ۾ ملي ويو.
غلام مرتضيٰ پتافي
آس
احمد هڪ سلڇڻو ۽ ذهين ڇوڪر هوندو هو ۽ هي ڏهين
جماعت ۾ پڙهندو هو اڄ خميس جو ڏينهن هو، احمد
وهنجي سهنجي تيار ٿي نيرن ڪري اسڪول روانو ٿيو،
اسڪول ۾ پهرين پيرڊ کان پوءِ ٻيو پيرڊ سنڌي جو هو
۽ هي پيرڊ احمد جي پسنديده سبجيڪٽ ٽيچر، مسٽر سليم
جو هو. سائين سليم اڄ هنن کي ليڪچر ڏنو هو. جنهنجو
مطلب هي هو ته ڪنهن به ٻولي ۾ ٻي ڌاري ٻولي جا لفظ
استعمال نه ڪجن ڇو ته پوءِ اها ٻولي پنهنجو وجود
وڃائي ويهي ٿي ۽ خاص ڪري ته اسان جي هن سنڌي ٻولي
جيڪا اٽڪل پنج هزار سالن کان وڌيڪ پراڻي آهي،
تنهنڪري اسان کي صحيح ۽ سٺي نموني سان ڳالهائڻ
گهرجي ۽ هن ۾ ڪنهن به پرائي ٻولي جو ڪوبه لفظ نه
وجهڻ گهرجي. سائين سليم جي هن ليڪچر احمد تي تمام
گهڻو اثر ڪيو ۽ سوچڻ لڳو، بلڪل سائين ڳالهه سچي
پئي ڪئي، جيڪڏهن اسان مان ڪوبه سنڌي ٻولي ۾ ٻي،
ٻولي جا لفظ وجهندو، ته يقيناً اسان جي هي ٻولي
پنهنجو وجود وڃائي سگهي ٿي تنهنڪري هن پاڻ سان
واعدو ڪيو ته آئون سنڌي ٻولي کي بچائڻ جي هر ممڪن
ڪوشش ڪندس. سنڌي جي پيرڊ کان پوءِ ٻيا ٻه پيرڊ
هليا، ساڍي يارهين بجي موڪل ٿي ته هي گهر آيو ۽
ماني کائي آرام ڪيائين ۽ شام جو جڏهن احمد راند تي
ويو ته اتي هن ڏٺو ته ڪيترائي دوست ۽ عزيز سنڌي
ٻوليءَ ۾ انگريزي جا لفظ بار بار ڳالهائي رهيا
هئا. انهن کي احمد سمجهايو ته ائين نه ڪريو ائين
ڪرڻ سان سنڌي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي جو وجود ختم ٿي
سگهي ٿو. احمد جي گهڻي سمجهائڻ جي باوجود به ڪنهن
دوست يا سندس عزيز تي هن جي ڳالهه جو اثر نه ٿيو
احمد کي تمام گهڻو ڏک ٿيو ته آخر ڇا!....... ٿي
ويو آهي ماڻهن کي جيڪي پيدائشي سنڌي آهن ۽ هنن جي
مادري زبان پڻ سنڌي آهي، تنهن هوندي به هي ماڻهو
سنڌي ٻولي کي سنڌي ٻولي ڪري نه ٿا سمجهن ۽ نه وري
صحيح ڳالهائن ٿا.
مسعود احمد قريشي
همدردي
راحيل ۽ ڪريم پاڻ ۾ گهاٽا دوست هئا. جتي به ويندا
هئا، ماڻهو هنن جي تعريف ڪندا هئا. ٻئي گڏ اسڪول
ويندا ۽ ايندا هئا ٻئي ڏاڍا ذهين هئا پر ڪن ماڻهن
کي اها دوستي ٺيڪ نه لڳي. هو انهن کي پاڻ ۾
ويڙهائڻ جون سازشون ڪرڻ لڳا، راحيل سڀ ڪجهه سمجهي
ويو، پر ڪريم انهن ماڻهن جي ڀڙڪائڻ ۾ اچي ويو ۽
ڳالهه ڳالهه تي راحيل سان وڙهندو هو. راحيل هن کي
گهڻو سمجهايو، پر هو نه مڃيندو هو ۽ وڙهڻ شروع
ڪندو هو. هن هاڻ آواره ڇوڪرن سان دوستي رکڻ شروع
ڪئي، هن جو ذهن پڙهائي کان بلڪل هٽي ويو، هاڻي هن
سگريٽ به پيئڻ شروع ڪئي ان جي برعڪس راحيل پنهنجي
پڙهائي ڏانهن خاص توجهه ڏيندو هو ۽ دعا گهرندو هو
ته ”يا الله، ڪريم کي سڌي رستي تي آڻ، هاڻي امتحان
به اچي ويجها ٿيا. راحيل سخت محنت ڪرڻ لڳو، مگر
جڏهن هو ڪريم جو حال ڏسندو هو ته اکين ۾ پاڻي اچي
ويندو هوس، آخر امتحان به ٿي ويا. هاڻي سڀني کي
نتيجي جو انتظار هو. سڀني شاگردن جو خيال هو، ته
پهرين پوزيشن راحيل کڻندو ۽ ڪريم اهو ٻڌندو هو
تڏهن سڙندو هو ۽ هن لاءِ عجيب منصوبا ٺاهيندو هو
آخرڪار نتيجي جو ڏينهن به آيو. سڀئي شاگرد اچي گڏ
ٿيا آخر پهرين پوزيشن تي راحيل جو نالو پڪاريو ويو
شاگردن خوشي وچان تاڙيون وڄائڻ شروع ڪيون پر جڏهن
ڪريم جو نتيجي وارو ڪارڊ مليو ته هو سڀني مضمونن ۾
فيل هو هاڻي ڪريم ڇا ڪيو جو راحيل وٽ ويو ۽ هن جي
نتيجي وارو ڪارڊ کڻي وٺي ڀڳو راحيل به ان جي پٺيان
ڀڄڻ لڳو. هاڻي رستي تي ڪريم اڳيان ڊوڙي رهيو هو ۽
راحيل پٺيان، راحيل رڙيون ڪندي چئي رهيو هو ته خدا
جي واسطي بيهه پر ڪريم ڊوڙندو پي ويو. اوچتو
سامهون کان ٽرڪ اچي ويئي ۽ ڪريم کي ايترو زور سان
ٽڪر هنيائين جو هو رستي کان هيٺ ڪري پيو. هن جي
منهن مان رت وهي رهيو هو، سڄا ڪپڙا رت ۾ ڳاڙها لال
ٿي ويا. راحيل جلدي هڪ بس بيهاري ڪريم کي کڻي
اسپتال پهچايو. ڪريم جو ڪافي رت وهي چڪو هو راحيل
جلدي ڪريم جي مائٽن کي اطلاع ڪيو ته ڊاڪٽر کي
چيائين ته ”هو سندس رت ٽيسٽ ڪري، اتفاق سان گروپ
ملي ويو ۽ ڊاڪٽر راحيل جو رت ڪريم کي پهچائڻ شروع
ڪيو، ايتري ۾ ڪريم جا والدين به پهچي ويا ۽ ڪريم
هوش ۾ اچڻ لڳو، جڏهن ٻنهي دوستن هڪٻئي کي ڏٺو ته
راحيل ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪريم راحيل کان معافي وٺڻ
لڳو. راحيل چوڻ لڳو ”تون مون کي ڇڏي سگهين ٿو پر
مان توکي نه ڇڏي سگهندس، هاڻ انشاالله پاڻ کي ڪير
به جدا ڪري ڪونه سگهندو اڄ ڪريم ۽ راحيل ڏاڍا خوش
هئا.
رائچند مڪواڻي
اچو ته مضمون لکون- 46
مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ- 30 ڊسمبر 1988ع آهي.
اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن لاءِ انهي ڪري شروع
ڪيو ويو آهي، ته جيئن انهن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ
اچي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾
ڪتاب موڪلبا.
شرط:
1-
هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن
ٿا.
2-
هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون- 46 جو ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي.
3-
مضمون ٻن وڏن پنن تي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي
لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪبو.
4-
مضمون سان گڏ اسڪول جي ائڊريس لکڻ گهرجي، ڇو ته
گهڻا وڏا (نوجوان) به حصو وٺن ٿا ان لاءِ ٻي ڪنهن
ائڊريس تي ڪتاب نه موڪلبا. انعامي ڪتاب رجسٽرڊ بڪ
پوسٽ ڪري ٿا موڪلجن. نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل
نه رهندو.
عنوان
(ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070، ڄام شورو
سنڌ.
نتيجو اچو ته مضمون لکون- 44
ماهه آڪٽوبر 1988 ع جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون
جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾
هيٺين ٻارن حصو ورتو.
1-
منظور احمد شاهاڻي 2- سيد سلام الله شاهه ٺٽو 3-
عبدالمالڪ آصف پلي ڍورو نارو 4- اختر نيڪ محمد انب
فقير 5- شبير احمد چنا ڪارياڻي 6- غلام مرتضيٰ
ميمڻ دادو 7- ارشاد علي سومرو سڪرنڊ 8- غلام اصغر
چانڊيو لاڙڪاڻو 9- ممتاز علي شاد سولنگي ڪشمور 10-
قمرالدين ڀٽي چام شورو ڦاٽڪ 11- رجب شعبان ڪلوڙ
ڪشمور 12- فياض حسين چنڊ ڪليري نواب شاهه 13-
رضوانه بيگم قمبر 14- حفيظان پروين قمبر علي خان
15- نياز حسين چنا دادو 16- عظيم علي لاکو سڪرنڊ
17- ضمير احمد سوهو ڏوڪري 18- افشان ناز ڀنڀرو
بڇيري 19- سليم رضا شيخ لاڙڪاڻو 20- الهه بچايو
ڏاهري سرهاري 21- سعيد احمد سومرو مٺياڻي 22- غلام
شبير سيلرو پيٽارو 23- محمد موسيٰ رند شهدادپور
24- امتياز هارون ميمڻ راڻيپور 25- سعيد احمد سنڌي
هنڱورو 26- اعجاز علي خاصخيلي ميرپورخاص 27-
خورشيد ڪلوڙ ڪشمور 28- امتياز علي سومرو سڪرنڊ 29-
محمد امين مهتم لوهي 30- شهديو ڪمار ڀاڳچنڊاڻي
ڏيپلو 31- ايم رمضان سيلرو ڳڙهي ياسين 32- برڪت
علي شيخ لاڙڪاڻو 33- اعجاز حسين ڪلهوڙو نرڇ شريف
34- آفتاب حسين کٽياڻ ميرپورخاص 35- ليلارام پنو
عاقل 36- ڀڳوان بي ڏيپلائي ڏيپلو 37- شبير احمد
لغاري داد لغاري 38- اعجاز علي جاگيراڻي نئون ديرو
39- زينت الله حاجي خان جمالي 40- شاهد حسين کوسو
ميهڙ 41- ذوالفقار علي ميمڻ پنگريو 42- علي رضا
عمراڻي سجاول 43- شاهد حسين کوسو ميهڙ 44- ونود
ڪمار ڏهرڪي 45- خادم حسين دائود پوٽو ڇاڻو دادو
46- محمد نور گاڏهي ميهڙ 47- اما.م دين ڌڱاڻو
جمالي 48- رياض علي مغل ٺٽو 49- الهڏنو پريمي بدين
50- سڪندر اعظم ڳوٺ ڪيهر خان جمالي 51- عباس علي
قاضي ماڪن ڪوري 52- ممتاز علي بوزدار کپرو 53-
نندن ڪمار مينگهواڙ ڪوٽ ميرس 54- اياز حسين سومرو
سومرا وليج 55- عبدالغفور ملاح ڳوٺ عليم 56- محمد
بخش سڌايو نئون ديرو 57- فاروق احمد قريشي دادو
58- محمد يعقوب ڊهيو نئي ٻڍ 59- ممتاز جروار
ڪارياڻو 60- شاد خالد احمد ٻانڀڻ حامد آباد 61-
عبدالعزيز شهدادپور 62- خادم حسين گل ڳوٺ حاجي
گهنڃو 63- غلام مجتبيٰ ڪلوڙ گهوٽڪي 64- علي اڪبر
ڳوٺ احمد ميتلا 65- غلام مصطفيٰ ڀيو ڳوٺ حاجي خان
گهنڃو 66- هدايت الله سومرو گهوٽڪي 67- خان محمد
لاشاري ٺل 68- فقير غلام محمد ڳوٺ انب فقير 69-
ذوالفقار بڙدي ڳوٺ محمد شاهه 70- ٿانور داس مڪواڻي
71- شڪيلا لاڙڪ گڊو 72- نسيم الغني قريشي هالا
پراڻا 73- مشتاق احمد ڀرڳڙي دادو 74- اعجاز علي
ميمڻ عمرڪوٽ 78- روشن علي جعفراڻي سجاول 79- ضمير
حسين شيخ ڳوٺ سکيو 80- محمد، سالڪ ڳوٺ انب فقير
81- بخشل بروهي بڇيري 82- محمد ياسين بوزدار کپرو
83- وفا اختر حسين قاضي ميرپورماٿيلو 84- جميل
احمد جتوئي ميرپورخاص 85- رسول بخش قاضي ماڪن ڪوري
86- توفيق حيدر پريو تنيا.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن، انهن کي
انعامي ڪتاب حصي آهر موڪلبا.
1-
منظور احمد شاهاڻي، ڪلاس نائون گورنمينٽ ووڪيشنل
انسٽيٽيوٽ فار بوائز دادو.
2-
سيد سلام الله شاهه، ڪلاس نائون اي گورنمينٽ هاءِ
اسڪول ٺٽو.
ٻه سئو رپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو 10 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر 20
ٻارن کي انعام ڏبو.
جواب:
1.
1958ع 2- 1998ع 3- سرڪاري طور تي 1951 4- 1963 5-
1800ع
2.
غلام مرتضيٰ ڏيٿو ڪلاس نائون پي ايڇ هاءِ اسڪول
قاضي احمد.
3.
عبدالجبار جوڻيجو، ڪلاس ستون بي هاءِ اسڪول ڏيپلو.
4.
خادم حسين سومرو ڪلاس پنجون پرائمري مين اسڪول
جوهي.
5.
مشتاق احمد ميمڻ ڪلاس ڏهون بي هاءِ اسڪول کهڙآ.
6.
مير حسن لاشاري ڪلاس نائون بي هاءِ اسڪول مٺي.
7.
سريش ڪمار چترومل ڪلاس نائون اي هاءِ اسڪول مٺي.
8.
ٻيجل مل ڪلاس نائون هاءِ اسڪول ڪوٽ ميرس.
9.
مظهر حسين ڀٽي، ڪلاس ستون مڊل اسڪول سيهڙ تعلقو
ڏوڪري.
10.
نندن ڪمار مينگهواڙ ڪلاس پنجون پرائمري اسڪول ڪوٽ
ميرس.
11.
اجيت ڪمار مانڌواڻي ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول ٺل.
12.
عظيم جروار ڪلاس نائون ڊي ڪمپريهنسو هاءِ اسڪول
ميرپورخاص.
13.
دليپ ڪمار پي ڪوٺاري ڪلاس ڏهون اي گ هه اسڪول مٺي.
14.
الطاف حسين شر، شاهه لطيف پرائمري اسڪول انب فقير
ضلح خيرپور.
15.
ايم بير چند شرما ڪلاس نائون هاءِ اسڪول ڪوٽ ميرس
تعلقو ڪوٽ غلام محمد.
16.
عبدالرحمٰن چنڙ ڪلاس ڏهون جي پي هاءِ اسڪول نواب
شاهه.
17.
ريجهو مل ڪلاس ڏهون اي ڪوٽ ميرس لانڊي ڪوٽ غلام
محمد.
18.
ديا رام مڪواڻي ڪلاس ڏهون ڊي ڪمپريهنسو هاءِ اسڪول
ميرپورخاص.
19.
غلام رسول ڀٽي ڪلاس نائون اي هاءِ اسڪول ڏوڪري.
20.
نظير احمد سومرو ڪلاس ڏهون اي هاءِ اسڪول جوهي.
21.
محمد عالم قمبراڻي ڪلاس چوٿون ڪوٽ ميرس پرائمري
اسڪول ڪوٽ غلام محمد.
گل ڦل خال ڀريو- 12
ٻه سؤ رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 30 ڊسمبر 1988ع آهي.
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1-
رسالي ۾ شامل گل ڦل خال ڀريو حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي.
2-
ويهن کان مٿي جواب صحيح اچڻ تي صرف ويهن ٻارن کي
انعام ڏبو، باقي نالا شايع ڪبا.
3-
گهڻا ”نوجوان“ ٻارن جي سلسلي ۾ حصو وٺن ٿا. ان
لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي، ٻار اسڪول جي
ائڊريس موڪليندا، انهن کي انعام موڪلبو.
4-
ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو، ان کي ڪير به چيلنج
ڪري نٿو سگهي.
گل ڦل خال ڀريو-12
1.
ڊارون هڪ بحري جهاز جنهنجو نالو........... هو ان
تي نوڪري ڪندو هو.
2.
صحت جو عالمي ادارو
W.H.O............
سن ۾ قائم ٿيو.
3.
صلاح الدين ايوبي جو اصل نالو................ هو.
4.
پاڪستان ۾ ننڍي مان ننڍي درياء جو
نالو.............. آهي.
آمريڪي صدر ڪينيڊي کي............ سن ۾ قتل ڪيو
ويو هو. |