حاجي شاهنواز پيرزادو
ڪلام الله
(الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان ”شروع“)
اوڀر ۽ اولهه ٻئي الله جا ئي آهن، جيڏانهن به ڪنڌ
ورائبو تيڏانهن الله آڏو ڏسبو، ڇو ته الله بيشڪ
هرهنڌ موجود آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻڻهار آهي.
(سورت البقر 115)
جوهر بروهي
حضور ﷺ فرمايو
هڪ حديث ۾ آيو آهي، ته هڪ ڀيري حضرت محمّد ﷺ جن
فرمايو ته جي توهان پاڻ کي حقيقي مسلمان سمجهيو
ٿا، ته پوءِ جيڪي پنهنجي لاءِ پسند ڪريو ٿا، اهو
ٻين لاءِ به پسند ڪريو، ائين ڪرڻ سان مسلمانن جي
پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ميٺ محبت وڌندي.
ڳالهه ٻولهه
پيارا ٻارو!
گل ڦل ماهه ڊسمبر 1988ع جو پرچو، اوهان جي هٿن ۾
آهي. پڙهي ڏسو ڪيئن آهي، هن سال ۾ مڪمل 12 ئي پرچا
اوهان کي ڏنا ويا آهن.
نئين سال کان، اسان سوچيو آهي، ته توهان جو پيارو
رسالو گل ڦل اهڙو خوبصورت ڪري شايع ڪريون، جو ڏسڻ
۽ پڙهڻ سان اوهان جي دل خوش ٿي وڃي. نئين سال جو
پرچو نئين خوبصورت سائيز ۾ ڪري ڪڍنداسين، جيڪا
سائيز اوهان کي ضرور پسند ايندي. اوهان جي گهرج کي
آڏو رکندي، اسان صفحن ۾ پڻ اضافو ڪري رهيا آهيون.
جيڪڏهن اڃا به اوهان جون ڪي تجويزون يا صلاحون هجن
ته بنا دير ۽ بغير هٻڪ جي اسان کي لکي موڪليو،
جيئن اوهان جي رسالي گل ڦل کي وڌ ۾ وڌ سهڻو ۽
ڪمائتو بنائي سگهون.
ٻارو اچو ته نئين سال لاءِ ڌڻي در دعا گهرون، ته
هي نئون سال اسان سڀن لاءِ خوشيون آڻي ۽ ڌرتي تي
رهندڙ سڀ انسان هڪ ٻئي سان پيار ۽ محبت سان رهن ۽
هر ماڻهو ٻئي جي خوشي کي پنهنجي خوشي ۽ ٻئي جي غم
کي پنهنجو غم سمجهي.
چڱو ٻارو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
گِهڙي گهڙو هٿ ڪري اِلاهي تُهار!
ڄَنگهه ڄَرڪي وات ۾، سِسي کي سيسار
چُوڙا ٻيڙا چِڪَ ۾، لُڙ ۾ لڙهيس وار،
لکين چُهٽيس لوهڻيون ٿيلهيون ٿر نئون ڌار
مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سُهڻي!
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سر سهڻي داستان پهرين جو 7 نمبر بيت آهي.
سمجهاڻي:
سهڻي، گهڙو کڻي ڌڻي جي آسري درياهه اندر گهڙي،
سندس ڄنگهه ڄرڪي جي وات ۾ هئي ۽ سسي، سيسر جي وات
۾ چوڙا چڪڻ ۾ چٻا ٿي ويس ۽ وار لڙاٽيل پاڻي ۾ پئي
لڙهيس. لکين لوهڻيون ۽ ٿيلهيون (مڇيون) پنهنجي
ماڳن کان ڇڄي اچي کيس چهٽيون ۽ هزارين مڇ اچي
چوڌاري مڙيس هاڻ سهڻي چير جي ٻير ٻيرا ٿيندي.
معنيٰ: 1- تُهار: الله جي آسري 2- ڄرڪي: وڏي مڇي
3- سيسار: سائي رنگ جو واگهو (سيسر) 4- لُڙ:
لڙاٽيل پاڻي 5- لوهڻيون، ٿيلهيون: (مڇين جا قسم)
6- ٿر نئون: اصلوڪن ماڳن تان 7- مڇ: مانگر مڇ.
طارق عالم
الف- ب- پٽي
ا- ب- ٻ- ڀ وڻ تان ماکي لاهي ڏي
ت- ٿ- ٽ- ٺ ڪير ٿو راند ۾ اڳ کٽي؟
ث- پ- ج- ڄ ڪُوڙي ٻار جي ڄِڀَ سڙي
جهه- ڃ- چ-ڇ جِهرڪي ويٺي ڇَڄَ مٿي
ح- خ- د- ڌ اجرڪ پنهنجو لالَ گُلال
ڏ- ڊ- ڊ- ذ ٻارنهن مهينا، بڻجن سال
ر- ڙ- ز- س هاري ٻار وڄائي بِينَ
ش- ص- ض- ط ٻلي ڊوڙي پُٺيان ڪوئي
ظ- ع- غ- ف ڪنهن کي ڀي تون ڏک نه ڏي
ڦ- ق- ڪ- ک منڊيءَ ۾ هيرو چمڪي
گ- ڳ- گهه- ڱ مَانُ؛ ملي ٿو؛ ٻار چڱي
ل- م- ن- ڻ پير پچي ويا؛ ٽاريون ڌُوڻِ
و- هه- عه- ي گِهنڊُ وڳو موڪل ٿي ٿئي.
سيد اظهر گيلاني
ٽي وي
منهنجي ڏِسُ اي حيدر ٽي وي،
ڪهڙي آهي بهتر ٽي وي،
آندي سکر شهر مان آهي،
منهنجي برادر اختر ٽي وي.
سهڻي ٿي تصوير پسائي،
ڏاڍي وڻندڙ سندر ٽي وي،
نوان نظارا نظر اچن ٿا،
قدرت جو آ منظر ٽي وي.
شام ٿئي ٿي ڏسڻ اچن ٿا،
پاڙي وارا ڇوڪر ٽي وي،
جهنگل ۾ ڄڻ منگل آهي،
پهچي ويئي گهرِ گهرِ ٽي وي.
سيارن جي ذريعي رانديون،
پيش ڪري ٿي اڪثر ٽي وي،
ناٽڪ، فلم ۽ خبرون، خاڪا،
ڏيکاري ٿي هر هر ٽي وي
زردارن کي آهِه سهوليت،
وٺي نه سگهندو بي زَرِ ٽي وي،
عالم، فاضل تقريرون ڪن،
پيش ڪري ٿي گوهر ٽي وي.
شاعر، راڳي، اديب، فاضل،
ڏيکاري ٿي اظهر ٽي وي.
ڪئي ترقي بيشڪ انسان،
اُن کي طاقت بخشي يزدان.
منصور مارو
گيت
ننڍڙا نينگر جڏهن هلين ٿو
مٺڙا ڏاڍو مون کي وڻين ٿو
ڌرتيءَ جو رکوالو آهين،
توڙي ٻار اٻالو آهين،
گلڙن جيان نرالو آهين.
دولهه بڻجي ديد کڻين ٿو،
مٺڙا ڏاڍو مون کي وڻين ٿو.
ماءُ پيءُ سيني سان لائي،
ڳل ڳراٽيون توکي پائي،
ساهه ۾ توکي ڇڏين سمائي.
تون به تن کي پيار ڪرين ٿو،
مٺڙا ڏاڍو مون کي وڻين ٿو.
علم سان دل لڳائين،
پاڻ پڙهي ٻيا پڙهائين،
اهڙي سمجهه رک سدائين،
تون وڏڙو جيئن ٿين ٿو،
مٺڙو ڏاڍو مون کي وڻين ٿو،
”مارو“ مون کي پيارو آهين،
سنڌڙيءَ جو سهارو آهين،
سورهه تون سچارو آهين،
سنڌوءَ سان چاهه رکين ٿو،
مٺڙا ڏاڍو مون کي وڻين ٿو.
اسير ملاح
گيت
سهڻا سهڻا پيارا ٻار
هر ڪنهن دلڙيءَ جا دلدار
گلڙن وانگر مهڪن ٿا هي
ڄڻ ته پکيئڙا چهڪن ٿا هي
گهر گهر جن جي آ گونجار
پوپٽ جهڙا پار هن جا
ڀنڀوريون ڀنوريون يار هنن جا
هير اُٺي جي ڪا هٻڪار
ڀاڪر پائن ڳل ڳراهٽيون
کير ڪٽورا مکڻ ماٽيون
مٺڙا مٺڙا ماکيءَ لار
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالغفور سنڌي
جِناحُ ڪئپ
سال 1945ع جو زمانو هو. هڪ ڏينهن قاعداعظم مُحمّد
علي جناح جو هڪ پيارو دوست، نواب شمس الحّق، جيڪو
دهليءَ مان نڪرندڙ ”مَنشور“ اخبار جو چيف ايڊيٽر
هو، ٽوپين ٺاهڻ واري هڪ واقفڪار دوڪاندار، مسٽر
مقصود رضا وٽ ويو، ۽ چيائينس ته ”توهان جي دوڪان
تي ٽوپيون سٺيون ٺهن ٿيون ۽ اسلامي دنيا ۾ پڻ انهن
جي گهڻي گُهرَ آهي، اسان جي قائد کي به ٽوپي
ٺهرائڻي آهي. سڀاڻي تيار هُجو، ته آئون توهان کي
وٽس وٺي هلندس، جيئن سندس مٿي جي ماپ ڪري، سندس
منهن تي ٺهندڙ سُهڻي ٽوپي تيار ڪري ڏيو!“
مقصود رضا، جيڪو ڪجهه عرصو ”منشور“ اخبار ۾
اڪائونٽنٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري چڪو هو ۽ بعد ۾
سيّد قيصر نقوي امروهي سان گڏجي ”فائن ٽريڊنگ
ڪمپني“ نالي ٽوپين جو دوڪان کوليو هئائين. سيّد
قيصري نقوي مقصود رضا جي پيارن شاگردن مان هڪ هو،
۽ هُن جو پيءُ سيّد علي حسن، جيڪو دهليءَ ۾ ٽوپين
جو مشهور واپاري سڏبو هو، سو وري مقصود رضا جو
گهاٽو دوست هو. مقصود رضا، اهو موقعو غنيمت سمجهي،
ٽوپين جا ڪجهه نمونا کڻي، سيّد قيصر نقوي ۽ نواب
شمس الحّق سان گڏجي مقرر وقت تي، جناح صاحب جي
دهليءَ واري رهائشگاهه، اورنگزيب نمبر 10 تي پهتو.
قائداعظم به مقرر وقت تي، پنهنجي ڀيڻ فاطمہ جناح
سان گڏ بنگلي جي ايوان ۾ آيو ۽ دعا سلام ۽ خوش خير
عافيت بعد، نواب شمس الحّق کان ٽوپين واري جو
پڇيائين. نواب صاحب، سيّد قيصر ڏانهن اشارو ڪري،
وراڻيو: ”سائين! اجهو هي حاضر آهي. هن ڇوڪر جو
هُنر، پري پري تائين پسند ڪيل آهي، ۽ خاص ڪري وڏا
وڏا اَمير ۽ نواب به هن جون ئي ٺاهيل ٽوپيون
پائيندا آهن.“
نواب شمس الحّق جا اهي لفظ ٻڌي قائداعظم هن ڏانهن
نهاريو، جنهن يڪدم چيو، ”سائين! هن ڇوڪر کي توهان
ٻار نه سمجهو- ٽوپين جي فن ۾ وڏو ماهر آهي. مان به
هن جي ئي مدد سان ٽوپين جي واپار ۾ ساڻس گڏجي ڪم
ڪريان ٿو. توهان دلجاءِ ڪريو، انشاءالله توهان جي
پسند موجب ٽوپي تيار ڪري ڏيندو.“ |