پوءِ جڏهن قاعداعظم کي قيمتي کَلُون ۽ قَراقُلي
ٽوپين جا نمونا ڏيکاريا ويا، ته هُو بيحڊ خوش ٿيو.
محترمه فاطمہ جناح کي به کلون وڻي ويون ۽ هڪدم
چيائين: ”اهڙي ڪا نئين نموني جي ٽوپي تيار ڪريو،
جيڪا بالڪل نرم ۽ جدا قسم جي هجي ۽ ساڳئي وقت
مُنهن تي به ٺَهي اَچي!“
سيّد قيصر اجازت وٺي، قائد جي مٿي جي ماپ ورتي ۽
ڪم شروع ڪيائين.
سيّد قيصر سوچ ويچار ڪري، وڏي محنت سان، ٿورن ئي
ڪلاڪن ۾ ٽوپيءَ جو نمونو تيار ڪري ورتو. قاعداعظم
جڏهن مٿي ۾ وجهي، آئيني ۾ ڏٺو ته ٽوپي کين وڻي
ويئي. پوءِ وري پنهنجي ڀيڻ فاطمہ کي اندر وڃي
ڏيکاريائين؛ جنهن پڻ ٿوري ڦيرڦار سان اهو نمونو
پسند ڪيو.
قاعداعظم محمّد علي جناح، اُن ڇوڪر جي هُنر تي خوش
ٿي کيس ”شاباس“ چئي باقي رهيل ڪم پورو ڪرڻ جي لاءِ
پڻ هدايت ڏني.
شمس الحّق، جيڪو پڻ اُن وقت موجود هو، تنهن موقعي
مان فائدو وٺي، قاعداعظم کي چيو. ”سائين! ٽوپي ته
توهان جي پسند موجب ٺَهي آهي، ته هن ٽوپيءَ جو
نالو ”جناح ڪئپ“ رکيو وڃي! قائداعظم کِلي چيو:
”جيڪا توهان جي مرضي.“ بس، اُن ڏينهن کان پوءِ
ٽوپي جي انهيءَ نموني تي، ”جناح ڪئپ“ نالو پئجي
ويو ۽ اڄ ڏينهن تائين انهيءَ ساڳئي نالي سان سڏجي
ٿي.
(1)
ڪنهن زماني ۾ هڪ غريب نوجوان ”لاڊ“ رهندو هو. هُن
جي سموري ملڪيت، هڪ پراڻو ڏنڊو هو، جيڪو هُن جي
ڏاڏي سندس لاءِ ڇڏي وئي هئي. ٻارڻ جون ڪاٺيون وڪڻي
”لاڊ“ پنهنجو گذر سفر ڪندو هو. هڪ دفعي جهنگ ۾ هڪ
وڏي نانگڻ رڙهندي اچي،ک هن سان ملي، چيائين،“ ”ڇا؟
مان تنهنجو ڏنڊو اُڌارو وٺي سگهان ٿي؟“ هُن ڦڻ مٿي
کنيو. ”ڇاجي لاءِ؟ لاڊ پڇيو. مون سان گڏ اچ ته مان
توکي ڏيکاريان.“ ائين چئي نانگڻ هڪ طرف رڙهڻ لڳي.
(2)
”لاڊ“ نانگڻ جي ڪڍ ۾ ويو، جلدئي هُن هڪ ٻيو نانگ
ڏٺو، جيڪو مئل هو. ”اهو منهنجو مڙس آهي.“ نانگڻ ڦڻ
مٿي کڻي چيو. ”پنهنجو ڏنڊو هِن جي نَڪَ وٽ جهل.“
جيئن ئي نانگ ان ڏنڊي کي سُنگهيو ته هو جيئرو ٿي
پيو.
(3)
”توکي خبر آهي، تنهنجي ڏنڊي ۾ جادو جي بوءِ آهي،
ڪڏهن به ان کي نه وڃائجانءِ.“ نانگڻ چيو ۽ پنهنجي
مڙس نانگ سان گڏ رڙهندي هلي وئي.
(4)
لاڊ پنهنجي ڳوٺ موٽڻ لاءِ روانو ٿيو. رستي ۾ هُن
هڪ ڪُتو مئل ڏٺو. ”مان ڏسان ته منهنجو جادوئي ڏنڊو
ان لاءِ ڇاٿو ڪري سگهي.“ لاڊ سوچيو ۽ پنهنجي
جادوئي ڏنڊو ڪتي جي نڪ وٽ جهليائين. ڪُتو ٽپ ڏيئي
اٿيو ۽ پنهنجو پُڇُ لوڏڻ لڳو.
(5)
ان ڳالهه جو جلدئي چرچو ٿي ويو ته لاڊ هڪ هوشيار
ڊاڪٽر آهي، جيڪو مئلن کي جيئاري سگهي ٿو ۽ هميشہ
هر ڪنهن جي مدد ڪري ٿو.
(6)
هڪ ڀيري بادشاهه جي سڪيلڌي اڪيلي ڌيءَ مري وئي،
جنهن جي لاءِ لاڊ کي گهرايو ويو. جڏهن شهزادي
ٻيهر، جيئري ٿي ته بادشاهه لاڊ کي پنهنجو ناٺي
بڻايو. هُو هاڻي شهزادو بڻجي ويو هو، تنهن هوندي
به هُو اڃا تائين انهن ماڻهن جي مدد ڪندو هو، جيڪي
هُن وٽ ايندا هئا.
(7)
”جيڪڏهن ان جي بوءِ مئلن کي جياري سگهي ٿي ته
يقينن اها پوڙهائپ کي به دور ڪري سگهي ٿي.“ هڪ
ڏينهن شهزادي سوچيو.
(8)
هاڻي، هُو ۽ سندس زال روزانو ان جادوئي ڏنڊي کي
سِگهندا هئا. انهي جي عمر ٿوري به نه وڌندي هئي،
ڇاڪاڻ ته انهن جواني جو راز معلوم ڪري ورتو هو.
ڪنهن طرح سان چنڊ، جيڪو آسمان کان سڀ ڪجهه ڏسندو
ٿي رهيو. ساڙ مان ڪاوڙ جندو رهيو هو.
(9)
هڪ دفعي شهزادي، جادوئي ڏنڊي کي ٻاهر هوا ۾ سُڪائڻ
لاءِ رکيو ۽ ڪتي کي چيائين ته، ”ان هڪ دفعو تنهنجي
زندگي موٽائي هئي، ان جي حفاظت ڪر.“
(10)
چنڊ، آسمان تان ٽپو ڏنو ۽ سَٽَ ڏئي جادوئي ڏنڊو
کڻي ويو. جيتوڻيڪ چنڊ جي روشنيءَ ڪتي کي انڌو ڪري
ڇڏيو هو، هو چور جي پٺيان ڊوڙيو.. ان وقت کان وٺي
ڪُتو چنڊ جي پٺيان ڊوڙي رهيو آهي.
(11)
ڪڏهن ڪڏهن هو (چنڊ) چور کي پڪڙي وٺندو آهي، تڏهن
چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي پر چنڊ، ڪُتي کان وڌيڪ هوشيار
آهي. هو ڪتي کان گهوهي هڻي ڀڄي ويندو آهي. تنهن
کان پوءِ ڊوڙ ٻيهر شروع ٿي ويندي آهي.
چيني ڪهاڻي
ياشنگ ٿائو
اڪبر جسڪاڻي
هڪ مينا سنهري پڃري ۾ رهندي هئي. اُس جڏهن پنڃري
تي پوندي هئي ته اهو شاهي محل وانگر چمڪڻ لڳندو
هو. پاڻيءَ جي پيالي سائي پٿر جي جواهرن جي ٺهيل
هئي. پٿر جي خوبصورتي ڪري، پاڻي ائين نظر ايندو هو
جيئن بارش کان پوءِ ڪنول جو تلاءُ نظر ايندو آهي.
مينا جي ويهڻ لاءِ هاٿي جي ڏندن مان ٺهيل ٽي سيخون
هونديون هيون. رات جو خوبصورت ڪپڙي سان مينا جو
پنڃرو ڍڪيو ويندو هو.
مينا جا پر چمڪدار ۽ لسا هئا. هن کي سٺو کاڌو
ملندو هو ۽ ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا وهنجاريندا هوس. هو
ڏاڍي آرام سان رهندي هئي. داڻو کائڻ ۽ وهنجڻ کان
پوءِ، هوءَ پرن کي لوڏيندي هئي ۽ پڃري جي هڪ پاسي
کان ٻي پاسي تائين چڪر لڳائيندي هئي، جڏهن ٿڪجي
پوندي هئي، ته هاٿي جي ٺهيل ڏنڊين تي ويهي آرام
ڪندي هئي. پنهنجي چهنب سان، پنهنجا وار سنواريندي
هئي ۽ آرس ڀڃندي هئي، پر ڦڙڪائيندي هئي ۽ پوءِ
پڃري جي ٻنهي پاسي نهاريندي هئي.
ان جو آواز مٺو ۽ وڻندڙ هو. ماڻهو ان جو گانو ٻڌي،
جهومي اٿندا هئا. هي مينا، هڪ امير ماڻهو جي پٽ جي
ملڪيت هئي، جيڪو هن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
مينا جي لاءِ پاڻي، هو پهاڙي چشمي مان ڀري ايندو
هو ۽ پيارڻ کان اڳ ۾، ان کي ٻه ٽي ڀيرا ڇاڻيندو
هو. چوڳي جي لاءِ خاص طور تي ٻاجهر جا داڻا
گهرائبا هئا، جن کي صاف ڪري ڌوئبو هو. اهو سڀ ڪجهه
مينا جو مالڪ ڇوڪر ڪندو هو؟ ايترو قيمتي پڃرو ڇو
ٺهرايو هئائين؟ صرف انهيءَ ڪري، جو هُن کي مينا جو
ڳائڻ پسند ايندو هو ۽ هن جو گانو ٻڌي هو ڏاڍو خوش
ٿيندو هو.
مينا کي به اها خبر هئي، ان ڪري هو دل و جان سان
ڳائيندي هئي. ڳائيندي ڳائيندي ٿڪجي پوندي هئي. پر
پوءِ به ڳائيندي رهندي هئي. ان کي اها خبر ئي ڪانه
هئي ته ان جي ڳائڻ ۾ ڪهڙي خوبي آهي ۽ سندس مالڪ کي
گانو ڇو پسند آهي. ڇوڪرو پنهنجن هڪ جيڏن ڀائرن ۽
ڀينرن کي چوندو هو: ”منهنجي مينا ڏاڍي پياري آهي ۽
اچو ته هن جا پيارا پيارا گيت ٻڌون.“ پوءِ سڀ مينا
جو راڳ ٻڌندا هئا ۽ ڏاڍو خوش ٿيندا هئا. مينا
سوچيندي هئي. خبر نه آهي، منهنجي آواز ۾ ڇا آهي؛
جو سڀ منهنجو آواز ٻڌن ٿا. خير انهن کي منهنجي
مالڪ گهرايو آهي. مون انهن جي دل خوش نه ڪئي ته
سٺو نه ٿيندو. اهو سوچي هو مٺڙي آواز سان ڳائيندي
هئي.
هڪ ڏينهن ان جي مالڪ پڃڙي ۾ کاڌو ۽ پاڻي رکيو. پر
در بند ڪرڻ وسري ويس. مينا ٻاهر نڪري آئي ۽
هيڏانهن هوڏانهن نهاري ۽ اڏري وڃي ڇت تي ويٺي. هن
کي ڏاڍو سهڻو منظر اچڻ لڳو. نيري آسمان تي، ڇا
ڪڪر، ڏاڍو سهڻو نظارو پيش ڪري رهيا هئا. بيدمشڪ
جون سايون سايون ٽاريون، هوا ۾ لڏي رهيون هيون. هڪ
گهر ۾ زردالو جي وڻ ۾ اڀريل گل عجيب منظر پيش ڪري
رهيا هئا. تمام پري هڪ پهاڙ، هلڪي دنڌ ۾ ائين نظر
اچي رهيو هو، ڄڻ اڌ کليل اکين سان تصوير ڏسي رهيو
هجي. مينا جو اهو نظارو ڏٺو ڏاڍي خوش ٿي، هو پڃري
کي ڀلجي وئي، پرن کي ڦڙڪائي اڏامڻ لڳي. ان کي ڪا
خبر ڪانه هئي، ته ڪيڏانهن وڃي رهي آهي. هو ساين
ساين ٻنين، ميدانن ۽ دريائن جي مٿان اُڏامندي رهي.
آخر ٿڪجي پئي ۽ هڪ جڳهه تي اچي ويٺي. اها هڪ شهر
جي وڏي ديوار هئي. ديوار تي ويهي، هن هيٺ ڏٺو.
رستن تي انسان، گاڏيون ۽ جانور اچي وڃي رهيا هئا.
ٿوري دير کان پوءِ ان کي هڪ عجيب شيءِ نظر آئي.
ڪاٺ جي ڪرسي کي ٻه ڦيٿا لڳل هئا ۽ ان ڪرسي تي هڪ
ماڻهو مزي سان ويٺو هو ۽ ٻيو ان ڪرسي کي چرين
وانگيان گهليندو ڊڪندو ٿي ويو ۽ پوءِ ان قسم جون
ڪيتريون ئي ڪرسيون گذريون، مينا سوچيو جيڪي ماڻهو
انهن ڪرسين تي ويٺا آهن. شايد انهن کي ٽنگون ڪونه
آهن. جي ائين نه هجي ته پوءِ اهي ڪرسي تي ڇو ويهن
۽ ٻيا ماڻهو ڇو ڌڪين؟ ان ڪرسي تي ويٺل هڪ ماڻهو کي
ڏٺو، ان جي جهول ۾ قيمتي ڪمبل پيل هو ۽ پيرن ۾
ڪارا بوٽ چمڪي رهيا هئس. هن کي ته ٽنگون آهن. مينا
سوچيو. پوءِ هو ٻيو ماڻهو، هن کي ڇو گهلي وٺي وڃي
رهيو آهي؟ جي ڪم اهو آهي ته پوءِ سؤ مان پنجاهه
ماڻهو ته هتي بيڪار آهن؟ ان ڏاڍو سوچيو. پر ڳالهه
ان کي سمجهه ۾ نه آئي. هي گهلڻ وارا شايد خوشي سان
ائين ڪن ٿا. پر جڏهن ان انهن جا لٿل چهرا ڏٺا ته
ان کي ٻيو ڪجهه معلوم ٿيو. انهن جي منهن تي پگهر
هو ۽ هو اڳتي جهڪي، اُٺ پکي وانگيان ڊوڙي رهيا
هئا. انهن جو هڪڙو پير اڃا زمين تي کتو ٿي، ته ٻيو
مٿي کڄي ٿي ويو. هي ايتري تڪليف ۾ ڇو آهن؟ ۽
ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن؟ هن جي سمجهه ۾ ڪجهه به نه
آيو. پوءِ ان ڏٺو ته ڪرسي تي ويٺل ماڻهو ڪرسي
گهليندڙ کي هڪ پاسي اشارو ڪيو ۽ هو بيهي وري ان
پاسي مڙي، ڪرسي گهلڻ لڳو. تڏهن مينا سڄو قصو سمجهي
ويئي ته هي چرين وانگيان، جيڪي ڊوڙي رهيا آهن، سي
ٻين کي فائدو پهچائي رهيا آهن. تڏهن انهن جي چهري
تي ڪا مرڪ ڪانهي. اهو ڪم انهن کي خوشي ڪونه ٿو
ڏئي. تڏهن ته دلچسپي سان نه ٿا ڪن.
اهو ڏسي ان کي ڏک ٿيو، ته هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کي
آرام پهچائڻ لاءِ ٽنگن جو پورهيو ڪن ٿا ۽ پوءِ هو
درديلا گيت ڳائڻ لڳي. پنهنجي گيتن ۾، هوءَ انهن
پورهيتن ماڻهن لاءِ همدردي جو اظهار ڪري رهي هئي،
جن تي ٻيا سواري ڪري رهيا هئا. مينا کي هاڻ اتي ڪو
مزو نه ٿي آيو ۽ اڏامي ٻئي هنڌ هلي وئي. اتي هڪ
عمارت هئي. جنهن جي بالڪني ۾ سائي ڇٻر پوکيل هئي.
ان بالڪني جو در، هڪ وڏي ڪمري ۾ کليو ٿي. جتي امير
ماڻهو کاڌو کائي رهيا هئا ۽ چوڌاري عجيب قسم جو
ماحول هو.
اوچتو مينا کي هيٺ گوڙ ٻڌڻ ۾ آيو. ان نهاريو، ته
اتي منظر ئي ٻيو هو. هڪ وڏي تختي تي، ڇري، صاف ڪيل
مڇي، گوشت، جهينگا ۽ ڪڪڙيون پيل هيون. تختي جي
ڀرسان پاڻيءَ جي نادي پئي هئي ۽ گندي پاڻيءَ جي
لاءِ الڳ بالٽي پئي هئي ۽ ڪيترو ئي ٻيو سامان
وکريل پيو هو ۽ ماڻهن کي صرف گنجي ۽ ڪڇو پيل هو.
دونهين ۽ ٻاڦ جي ڪري پگهر ۾ شل هئا. هڪ ماڻهو چلهي
تي تري رهيو هو ۽ پگهر ۾ ٻڏل هو. ان تريل شيءِ کي
پليٽ ۾ لاٿو ۽ پوءِ هڪ اڇن ڪپڙن وارو اها پليٽ کڻي
مٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ، مٿي وڏا وڏا ٽهڪ ٻڌڻ
۾ آيا ۽ ميز جي چوڌاري ويٺل ماڻهو، ڇريون چمچا کڻي
کائڻ ۾ لڳي ويا.
مينا سوچيو، انهن غريبن جي چهرن تي خوشي ڇو نه
آهي؟ هو جو کاڌو تيار ڪري رهيا آهن. خود ڇو نه ٿا
کائين ۽ ظاهر اهو ٿي رهيو هو، ته هو سفيد ڪپڙن
واري جي حڪم سان کاڌو تيار ڪري رهيا هئا. هو ٻين
کي کاڌو کارائڻ لاءِ کاڌو تيار ڪري رهيا هئا. مينا
اهو ڏسي اداس ٿي وئي ته ماڻهو ٻين کي کاڌو کارائڻ
لاءِ مشينن وانگيان ڪم ڪري رهيا هئا، ۽ پوءِ اداسي
مان هڪ اداس گيت ڳائڻ لڳي. پنهنجي گيت ۾ هوءَ انهن
جو ذڪر ڪرڻ لڳي، جيڪي ٻين لاءِ کاڌو تيار ڪري رهيا
هئا.
مينا جي دل ڀرجي آئي. اتان اڏامي هلي هڪ عمارت تي
اچي ويٺي، جتي هڪ ڇوڪري جي ڳائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو. مينا ڏاڍو خوش ٿي، اندر نهاريو ته، هڪ ماڻهو
ساز وڄائي رهيو هو ۽ هڪ ڇوڪري نچي رهي هئي. مينا
ڏسندي رهي. ڇوڪري جڏهن ٿڪجي پئي ته ساز وڄائيندي
ڇوڪري کي ڳالهاءِ ڏيڻ لڳو. جي ٿو ائين ناچ ڪيو ته
پاڻ کي پئسا ڪير ڏيندو. ڇوڪري وري ڳائڻ ۽ نچڻ لڳي.
سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا هئا.
مينا ڳالهه سمجهي. ها. هي به روٽي ڪمائڻ لاءِ ڳائي
ٿي ۽ هو سازندو به روٽي لاءِ ساز وڄائي ٿو. انهن
سڀني ڳالهين جو مطلب ڇا آهي؟ اهو انهن خواب ۾ ڪونه
سوچيو هوندو. مينا وري اداس ٿي وئي ۽ انهن ماڻهن
لاءِ گيت ڳائڻ لڳي. هاڻ مينا، اهو فيصلو ڪري ڇڏيو
هو ته هو وري پڃري ۾ ڪانه ويندي. اهڙن بدقسمت
ماڻهن کي ڏسي، ان کي ڏک ٿيو. اهي گيت به بي مقصد
هئا. انهن پورهيتن لاءِ سوچيو، ته هن کي وڌيڪ ڏک
ٿيو. ان جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا ۽ بلبل وانگيان آهه
زاري ڪرڻ لڳي. هو برن پٽن ۾ اڏرندي رهي. رات جو
جهنگلن ۾ سمهندي هئي. اڏرندي اڏرندي ان جي دل ۾
جيڪو ايندو هو سو ڳائيندي هئي. بک لڳندي هيس ته
جهنگلي ميوو کائيندي هئي، پَرَ ميرا ٿي ويندا هوس،
ته ڪنهن ندي ۾ ڏٻي ڏئي. وهنجي وٺندي هئي. هاڻ هو
پڃري ۾ قيد نه هئي، پر پنهنجي مرضي جي مالڪ هئي.
غريب کي ڏسي اهو انهن جي لاءِ گيت ڳائيندي هئي ۽
ان کي ڏاڍو سڪون ملندو هو ۽ سڀ ڏک وسري ويندا هوس.
هن کي هاڻ پنهنجا گيت بامقصد لڳي رهيا هئا. ڇو ته
هو هاڻ دکي ماڻهن لاءِ ڳائي رهي هئي. هن جا گيت
هاڻ ڪنهن هڪ ماڻهو جي خوشي جي لاءِ نه هئا، پر
سڀني پورهيتن لاءِ هئا. |