مينا جڏهن ڳائيندي هئي ته ان جو آواز وڃي ڪڪرن سان
ٽڪرائبو هو ۽ هو ان آواز کي پري پري تائين کڻي
ويندي هئي. ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارا مزدور ٻنين ۾ هر
هلائيندڙ هاري، ڪپڙن ٺاهڻ واريون عورتون، رڪشا
هلائڻ وارا ماڻهو، جانور ۽ پکي پکڻ، ان جو پيارو
آواز ٻڌي پنهنجا ڏک وساري ڇڏيندا هئا ۽ مٿي هن کي
ويٺل ڏسي مسڪرائي ڏسندا هئا ۽ چوندا هئا: هن جو
آواز ڪهڙو نه مٺڙو آهي.
مترجم: غلام رسول سومرو
ريل جي پٽڙي تي بم
پنڌرهن سالا اسلم پنهنجي سائيڪل تي تيزي سان پيڊل
هڻندي اڳيان وڌندو پي ويو. هن کي ڪجهه ميل پار
ڪري، صبح 8 بجي ڀاڻ جي فئڪٽري تي پهچڻو هو. موسم
تمام مزيدار هئي ۽ هن کي سفر ۾ مزو پي آيو.
امجد مئٽرڪ پاس ڪئي هئي. هن وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ
ٿي گهري، پر پيءُ جي غربت سبب، وڌيڪ تعليم حاصل
ڪري نه سگهيو. امتحان جي دوران، امجد بيمار ٿي
پيو، جنهن ڪري هو سٺي پوزيشن حاصل ڪري نه سگهيو،
جنهن ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪري نه سگهيو. تنهن ڪري هو
پيءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ واپس ڳوٺ موٽيو.
هڪ ڏينهن، هن جي پيءُ چيو:
”جيڪڏهن تون ڪٿي نوڪري وٺين پُٽ ته اسان جي مالي
مدد ٿي پوندي.“ ”آئون ائين ڪندس بابا“ اسلم قبول
ڪندي چيو.
ڀاڻ جي فئڪٽري، جيڪا هن جي ڳوٺ کان تقريبن ڇهه
ڪلوميٽر جي مفاصلي تي هئي، امجد انهي ۾ ڪلرڪ جي
پوسٽ لاءِ درخواست ڏني. ڪارخاني وارن سڀني
اُميدوارن کي، اٺ بجي انٽرويو لاءِ گهرايو هو.
اسلم اڄ اوڏانهن وڃي رهيو هو. جڏهن اسلم ريلوي
پٽڙي وٽ پهتو ته ٽپو ڏيئي سائيڪل تان لٿو. جيئن هن
ريلوي پٽڙي پار ٿي ڪئي، ته هن جي نظر پلاسٽڪ جي
بال جيان چمڪندڙ شيءِ تي پئي، جيڪا ريلوي پٽڙي جي
وچ ۾ پئي هئي، هن اُن کي کڻڻ ٿي چاهيو، پر يڪدم
واپس موٽيو هُن سڃاتو ته اهو بال نه پر بم هو.
جيڪو اتي ايندڙ ٽرين کي تباهه ڪرڻ لاءِ رکيل هو.
ڇوڪري ڄاتو ته ”سپر ايڪسپريس، جيڪا ڪلاڪ اڌ ۾
ايندي جيڪڏهن هن بم کي ناڪاره نه ڪيو ويو ته سوين
معصوم انسان موت جو شڪار ٿيندا يا زخمي ٿيندا.
امجد سوچڻ شروع ڪيو ته ”هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي،
هو منجهي پيو جيڪڏهن آئون پوليس کي اطلاع ڪرڻ وڃان
ته انٽرويو کان رهجي ويندس ۽ نوڪري حاصل ڪري نه
سگهندس.
جلد ۾ هن هڪ فيصلو ڪيو ته آئون پوليس اسٽيشن ڏانهن
ويندس! جيڪڏهن مون کي نوڪري نه ملي ته پرواهه نه
آهي. هن پنهنجو پاڻ کي چيو.
انهي مهل هو ٽپو ڏيئي سائيڪل تي چڙهيو ۽ فئڪٽري
وڃڻ بجاءِ پوليس اسٽيشن ڏانهن رخ ڪيائين. علائقو
ريگستاني هو ۽ هن کي ٻه ڪلوميٽر پار ڪري پوليس
اسٽيشن تائين پهچڻو هو. جيتوڻيڪ هن جي ٽنگن ۾ سور
پئي ٿيو، پر هن پيڊل هڻڻ بند نه ڪيو، پر تيزي سان
هڻندو پئي ويو. جيڪڏهن مون کي دير ٿي وئي هن
پنهنجو پاڻ کي چيو، ته بم ريل کي تباهه ڪري
ڇڏيندو، هي اڌ رستي تي هو ته اوچتو هن جي سائيڪل
جو اڳيون ٽائر پنچر ٿي پيو. هو ٽپو ڏيئي سائيڪل
تان هيٺ لٿو.
هن وٽ پنچر جو سامان هو پر هن سوچيو جيڪڏهن مرمت
ڪندس ته تمام گهڻي دير ٿي ويندي. هر گهڙي قيمتي
هئي.
هن مدد لاءِ چوڌاري نظر ڦيرائي، پر پري تائين ڪوبه
نظر نه آيو اُتي هڪ دفعو وري ڇوڪري هڪ ٻيو فيصلو
ڪيو ۽ سائيڪل کي ڇڏي، پاڻ پنڌ پوليس اسٽيشن ڏانهن
ڀڄڻ لڳو. هن تمام تيز ڀڄڻ شروع ڪيو، جيترو هن کي
ٽنگن سهارو ٿي ڏنو. هن جي دل تيز ڌڪ ڌڪ ڪري رهي
هئي، ريل جي اچڻ کان اڳ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ دعا ٿي
گهري.
هُن هڪ پوليس وين کي ايندي ڏٺو. ”مهرباني ڪري
روڪيو!“ هُن هٿ ۾ رومال لوڏيندي“ وڏي آواز سان
چيو، جيئن ئي گاڏي بيٺي ته امجد هنن کي سڄي حقيقت
ٻڌائي، پوليس امجد کي کڻي هوڏانهن وئي، جتي امجد
بم ڏٺو هو. سُپر ايڪسپريس جيڪا ان وقت اچي رهي
هئي. پر ان کان اڳ پوليس بم کي بلڪل ناڪاره بنائي
ڇڏيو.
”توهان هڪ سٺي ۽ فرض شناس شهري هجڻ جو ثبوت ڏنو
آهي پوليس آفيسر امجد کي چيو.
حڪومت نه صرف توهان کي هيترن ماڻهن کي بچائڻ تي
انعام ڏيندي، پر توهان گهرو ته توهان کي اعليٰ
تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ڏيندي، ٻئي ڏينهن
اسلم جي خبر فوٽو سان گڏ سڀني اخبارن ۾ ڇپي ۽ اسلم
کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ پڻ ملي.
فقير شهمير خان چانڊيو
روشني
پريل جنهن مقصد تحت ڳوٺ ڇڏيو هو، تنهن مقصد ۾ کيس
هتي به ڪاميابي نصيب نه ٿي هئي. هن وريام جي
مستقبل کي بچائڻ لاءِ پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏيا هئا.
پر شايد کيس قسمت ساٿ نه ڏنو.
هو اڄ ڏاڍو اداس هو. بس کي گئريج ۾ بند ڪري، ٿڪل
قدمن سان گهر موٽيو هو. هو اڃا گهر ۾ پيل ڇنل کٽ
تي ويٺو ئي مس هو، ته دروازي تي سڏ ٿيو هو. دروازي
تي پريل جو پاڙيسري محمد خان بيٺو هو.
”پريل، ڳالهه ٻڌ، پاڻ کي هتي وقت ٿيو، ابي امان
وانگر رهون ٿا. تو واري ڇوري، منهنجي ڇوڪري جا
لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ هو اڄ به گهر کان غائب آهي.
مون کي خبر پئي آهي ته هو تنهنجي ڇوڪري، سان گڏجي
مائي راستيءَ جي ڪڪڙ چورائي وڪڻي سئنيما ۾ ويا
آهن. مان پڇان ٿو ته تنهنجي مون سان ڪهڙي دشمني
آهي!؟“ محمد خان بنا ڪنهن هٻڪ جي، ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو
پيلو ٿيندي، پريل کي دانهن ڏئي رهيو هو.
”ادا سائين، ٿورو ٿڌو ٿي ڳالهاءِ. هڪڙو مائٽ
چاهيندو ته سندس اولاد کري. باقي تون اچڻ ڏينس،
وري تو کي شڪايت جو موقعو نه ملندو.“ پريل کيس هٿ
ٻڌندي چيو.
پريل جي ٻيهر گهر ۾ داخل ٿيندي، حليمان (سندس گهر
واري) کيس سواليه نظرن سان ڏٺو هو. پريل جي چهري
مان حليمان سمجهي وئي هئي، ته اڄ وري وريام جي
شڪايت ٿي آهي. کيس سندس چهرو ڪاوڙيل نظر اچي رهيو
هو. هوءَ دل ئي دل ۾ وريام جي لاءِ دعا گهرڻ لڳي؛
آخر ماءُ هئي.
سج پنهنجي آخري ڪني به لڪائي چڪو هو پر وريام اڃا
گهر نه موٽيو هو، پريل جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو هو ۽
حليمان پريشان هئي. ٻنهي کي وريام جي اوسيئڙي ۾
ننڊ نه اچي رهي هئي. اوچتو دروازي تي ٺڪ ٺڪ ٿي
هئي. پريل ڪاوڙ ۾ اٿي دروازو کوليو، سامهون وريام
بيٺو هو. وريام کي ڏسندي، پريل کيس لتن مڪن سان
مارڻ شروع ڪري ڏنو. ماءُ جي مامتا جوش ۾ اچي وئي ۽
هوءَ پٽ کي مار کان بچائڻ لاءِ پريل ۽ وريام جي وچ
۾ ديوار ٿي بيٺي، سڄو پاڙو وريام جي دانهن تي سجاڳ
ٿي چڪو هو. پريل جي در تي ماڻهو گڏ ٿي ويا. آخر
پاڙي جي ماڻهن جي وچ ۾ پوڻ تي مس مس پريل ٿڌو ٿيو.
ان وچ ۾ وريام جي ضمير کيس ملامت ڪئي ۽ ان پڪو عهد
ڪري ڇڏيو، ته هو هاڻي ڪڏهن به چوريون نه ڪندو ۽ نه
ئي برن جي صحبت ۾ اٿندو ويهندو.
صبح ٿيڻ تي هو پيءُ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ ماءُ جي
سيني سان لڳي روئڻ لڳو. هو هاڻي پيءُ ۽ ماءُ جو
چوڻ تي پرائمري اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو هو.
وقت گذرندي، دير ڪانه ئي لڳي، جنهن پاڙي کي وريام
لاءِ شڪايت هئي، سي اڄ سندس ساراهه جا ڍُڪ ڀري
رهيا هئا. پريل کيس هاڻي اسڪول ۾ داخلا وٺائي ڏني
هئي. اڄ پريل ڏاڍو خوش هو. حقيقت ۾ کيس هاڻي خبر
پئي ته علم ۾ روشني لڪل آهي.
زاهده گوپانگ
محنت جو ڦل
جيئن ئي امتحان جي فارم ڀرجڻ جي تاريخ ويجهو ايندي
ٿي وئي، تيئن تيئن گلاب جي ننڍڙي ذهن ۾ هلچل ٿيندي
پئي وئي.“ ويٺو سوچيندو هو، سڄو سال هن جي اکين
آڏو تري آيو“ ايڏي محنت صرف ڏوڪڙن ڪاڻ زيان پئي
ٿي“ ڇو ته جيڪڏهن فارم نه ڀرجي سگهيو ته سڄي سال
جي، هن جي محنت بيڪار ٿي ويندي“ ڇا ڪيان! پنهنجي
منهن ڳالهائڻ لڳو، منجهي پيو هو. گلاب يتيم ڇوڪرو
هو، ماڻس جي پورهئي مان گهر جو خرچ مشڪل سان پورو
ٿيندو هو. اڄ جيڪڏهن پڻس جيئرو هجي ها، ته ائين نه
ٿئي ها. دڳ سان هلندي هن گهڻو سوچيو، پر ڪا ڳالهه
سمجهه ۾ نه آيس. اڄ استاد به چيو هئس، فارم جا
پئسا اڃا ڪونه ٿو آڻين“ ڪلاس ۾ هو سڀن ڇوڪرن جي
آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري بيهي رهيو. استاد جا چيل لفظ ڄڻ
هن جي اندر کي ڪوري رهيا هئا. اوڏي مهل ائين لڳس،
اکين ۾ ڄڻ ڪنهن مرچن جي لپ وجهي ڇڏي هجيس، لڙڪ
پنبڻين ۾ اچي اٽڪي بيهي رهيا هئس. دڳ سان هلندي
هلندي اوچتو وکون هڪ طرف کڄڻ لڳس، جتي کوڙ، مزدور
تغاري ۾ گارو ۽ سرون ڍوئي رهيا هئا. هن جي من ۾ به
آس جاڳي پئي. مايوس چهري تي هلڪي مرڪ تري آيس، ها
هن به ٻين مزدورن سان گڏ تغاري ۾ گارو کڻڻ شروع
ڪيو ۽ پنهنجي پتڪڙي هٿن سان ڳريون سرون کڻندي لڦون
پئجي ويس، پر هن کي ته هر حالت ۾ امتحان ڏيڻو هو.
اهو سوچي هو ڪم کي لڳي ويو. جڏهن شام جا پاڇا لڙي
ويا ۽ سج پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽ کاڌي، تڏهن پنهنجي
هٿ جي تري تي ٽي ساوا ڪورا نوٽ، ڏسي من خوشي ۾
مرڪڻ لڳس، پئسن کي مٺ ۾ ڀڪوڙي ڊڪندو ماءُ ڏانهن
آيو. خوشي ۾ اوڏي مهل ٿڪ ئي لهي ويس. هي ڏس امڙ،
هيترا ڏوڪڙ، مون پنهنجي محنت سان ڪمايا آهن. امان،
امان، مان هاڻي امتحان ۾ ويهي سگهندم، هو يڪساهي
سڀ ڪجهه چئي ويو. ماڻس ڏوڪڙ وٺي، هن جي مٽي ۾ ٿڦيل
هٿن کي چمڻ لڳي اوڏي مهل اکين جو درياهه اٿلي پيس،
پوءِ گلاب ڏهاڙي ڪم تي وڃڻ لڳو. ايستائين ويندو
رهيو، جيستائين هن فارم جا پئسا پورا ڪيا، اڄ کيس
اندر جي اڻ تڻ جهڪي محسوس ٿيس، رات جو جڏهن هڙئي
ستاپيا هئا، پر هن کي ته اڄ خوشي مان ننڊ نه پئي
آئي، صبح ٿيڻ جو اوسيئڙو هيس، صبح ساجهر اکيون
مهٽي اٿيو، لڱن ۾ تمام گهڻو سور ۽ لڱ ڪوسا لڳس، پر
هو تڪڙ ۾ هٿ منهن ڌوئي، ماني کائڻ کانسواءِ ئي
اسڪول روانو ٿي ويو ڏڪندڙ هٿن سان استاد کي پئسه
ڏنائين استاد کيس حيرت سان ڏسڻ لڳو. بخار تمام تيز
هيس، پر چپن تي هلڪي مرڪ هيس، ڇو ته هن سڄي سال جي
محنت کي پنهنجي محنت سان زيان ٿيڻ کان بچائي ورتو
هو.
عبدالرحمان جتوئي
شهزادو ۽ جادوگرياڻي
ڪنهن ملڪ ۾ هڪ بادشاهه رهندو هو، کيس هڪ ئي پٽ هو.
جڏهن شهزادو جوان ٿيو، ته بادشاهه کيس ٻاهرين ملڪن
جي سير ڪرڻ لاءِ موڪليو ۽ کيس چيائين ته، ”اتان
پنهنجي لاءِ ڪا ڇوڪري چونڊي آڻجانءِ، جنهن سان
تنهنجي شادي ڪرائي وڃي.“
بادشاهه کان موڪلائي شهزادو سفر تي روانو ٿيو، هن
ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو، پر ڪٿي به پنهنجي پسند
جي نينگري نظر نه آيس، جنهن سان هو شادي ڪري سگهي.
ان ڪري جڏهن هن سوچيو، ته ايتري پئسا ۽ وقت ضايع
ڪرڻ کان پوءِ به پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو
آهيان، تڏهن مايوس ٿي خود ڪشيءَ (آپگهات) جو ارادو
ڪري هڪ وڏي جبل تي چڙهي ويو. اتان هو سولائيءَ سان
خودڪشي ڪري ٿي سگهيو. شهزادو جبل جي چوٽي تان ٽپ
ڏيڻ وارو ئي هو، ته سندس پٺيان هڪ آواز ٿيو، ”او
ڇوڪرا! خدا جي واسطي پاڻ کي هيٺ نه ڪيرائي؟“
شهزادو ڪنڌ ورائي پوئتي نهاريو، ڪوبه انسان نظر نه
آيس. اتي شهزادي رڙ ڪري پڇيو، ”ادا! تون ڪير آهين،
جو مون کي خودڪشيءَ کان روڪي رهيو آهين، مهرباني
ڪري سامهون اچ!“
ٿوري دير مس گذري ته جبل جي هڪ اونهيءَ غار مان هڪ
ڪراڙو ماڻهو ٻاهر نڪتو. هن جا وار ڪپهه جهڙا سفيد
هئا ۽ سندس سونهاري سيني تائين پهتل هئي. هو نهايت
نيڪ پرهيزگار ۽ بزرگ شخص ڏسڻ ۾ ٿي آيو. اهو ماڻهو
جڏهن شهزادي جي سامهون پهتو ته شهزادي پڇيس، ”بزرگ
سڳورا! توهان مون کي خود ڪشي ڪرڻ کان ڇا جي لاءِ
منع ڪئي؟“ بزرگ چيو، ”ٻچڙا! اهڙي نموني جان ڏيڻ،
سراسر بزدلي ۽ بي همتي آهي. شريعت جي لحاظ کان اهو
هڪ بڇڙو عمل آهي. خدا اهڙي ماڻهوءَ تي سخت ناراض
ٿيندو آهي. ڏکئي وقت ۾ صبر ۽ همت کان ڪم وٺجي.
ڏکئي مسئلي کي مڙس ٿي منهن ڏجي. اهڙي ماڻهوءَ جي
خدا به مدد ڪندو آهي.“
شهزادي بزرگ کي سڄي ڳالهه تفصيل سان ٻڌائي ته
هيترن ملڪن گهمڻ بعد به هن کي پسند جي ڪابه ڇوڪري
هٿ نه آئي آهي. تنهنڪري هاڻي هو جيئڻ نٿو چاهي.
شهزادي جي ڳالهه ٻڌي بزرگ سامهون هڪ جبل ڏانهن
اشارو ڪندي چيو ته، ”هو سامهون جبل جي چوٽي ڏسي
رهيو آهين نه؟“ شهزادي وراڻيو ته، ”هائو سائين.“
بزرگ وري چيو، ”ان چوٽي جي آس پاس سنگ مرمر جا بت
توکي نظر اچي رهيا آهن يا نه؟“ شهزادي وري به
”هائوڪار“ ڪئي.
ان تي بزرگ کيس تفصيل ٻڌائيندي چيو ته، ”ان چوٽيءَ
جي مٿان هڪ سونهري وارن واري پوڙهي عورت رات ڏينهن
هڪ جهرڪيءَ کي ڪڇ ۾ کڻي ويٺي هوندي آهي. جيڪو
ماڻهو ان جهرڪيءَ کي حاصل ڪندو، ان کي هڪ نهايت
خوبصورت شهزادي ملندي. ڇو ته اها پوڙهي هڪ
جادوگرياڻي آهي ۽ هڪ ملڪ جي شهزاديءَ کي جهرڪي
بڻائي پاڻ وٽ رکيو اٿس. جهرڪيءَ کي هٿ ڪرڻ جي اها
ترڪيب آهي ته، تون اهڙي نموني ان طرف وڃ جو پوڙهي
توکي ڏسي نه سگهي، ۽ تون ان جا وار مضبوط نموني
جهلي ان کان جهرڪي حاصل ڪر ۽ وار تيستائين نه
ڇڏجان جيستائين توکي جهرڪي نه ملي. پر جيڪڏهن
پوڙهي توکي وارن جهلڻ کان اڳ ۾ ڏسي ورتو ته پوءِ
تون به سفيد سنگ مرمر جو هڪ بت بڻجي پوندي، جيئن
ٻيا ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ ناڪام ٿي بت بڻجي ويا آهن.“ |