جيڪڏهن تي – ويءَ تي راند هلندي ته ٻار اسڪول مان
ڀڄيو اچي گهر ۾ ڏسن. جي گهر ۾ ٽي – وي نه هوندن يا
والدين جي مار کان اچي هوٽل تي چانهن جا پئسا به
وڃائيندا ۽ ٽي- وي تي راند به ڏسندا. ڀلي اها راند
هفتو کڻي ڇو نه هلي، پر راند جا شوقين ٻار، ضرور
ڏسندا.
ان ڏس ۾ ٻهراڙيءَ جو ٻار ٽڪو پيسو پڙهي ٿو، پر
شهري ٻار گهر جو ڪم (Home
Work)
به صحيح طور نه ٿو ڪري. هاڻي ان نه پڙهڻ جو صحيح
ڪارڻ اصل راند آهي. ڪهڙي به راند هجي، پر جي دل
لڳي وئي ته ان مان پيو لطف ايندو ۽ ايستائين ان کي
نه ڇڏبو، جيستائين وقت جو چڪر ٻئي پاسي ٿئي يا رات
ٿئي.
جيڪڏهن هر روز ٻار، ٻه ٽي ڪلاڪ شام جو صرف راند تي
ڏئي ته پوءِ، هو اسڪول ۾ ڪهڙو مقام (
Response)
وٺي سگهندو. اهو چوڻ غلط آهي ته راند بلڪل نه ڪجي.
پر مقصد آهي ته اسان اڄڪلهه جنهن سماج جي پيداوار
آهيون. تنهن لاءِ راند ايتري ضروري ناهي، جيترو
مطالعو. مطالعو درسي هجي يا ادبي، پر اسان کي، هن
وقت راند ۾ ماهر کپن، اسان کي سٺا رانديگر (player)،
سٺا سائنسدان، ڊاڪٽر، ڪيميادان طبعي ماهر، اديب،
تاريخدان ۽ هر ميدان (Field)
۾ ماهر (Specialist)
کپن. ڇو ته اسان جي ٻهراڙيءَ ۾ 80 سيڪڙو ڊاڪٽر
ڪونهن اڄ به ڪيترائي ماڻهو صحيح علاج (Treatment)
نه ملڻ ڪري ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏين ٿا.
اسان کي اهڙن هوشيار تعليم دان ۽ ماهرن جي سخت
ضرورت آهي، جيڪي اسان جي معاشري ۾ هڪ انقلابي
واڌارو آڻي، سماج ۾ سک جو ساهه ڦوڪين.
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار.
(شاهه)
رخسانه ناز سومرو
مضمون- 1
سلسلو- 4
پاڙيسرين جي مدد
ڪرڻ
پاڙيسرين مان مراد اهي ماڻهو آهن، جيڪي گهر، ڳوٺ
يا شهر جي ويجهو رهندڙ هجن. پاڙيسري ڪنهن به مذهب
جو ٿي سگهي ٿو. عام اصطلاح ۾ پاڙيسري ان کي چيو
وڃي ٿو جيڪو گهر جي ڀرسان رهندڙ هجي. پاڙيسري جي
حقن ادا ڪرڻ ۾ سڀ کان پهريائين ويجهو پاڙيسري، ان
کان پوءِ پاڙيسري جو پاڙيسري شامل ٿي سگهي ٿو.
پاڙيسري سان سهڻي رويي رکڻ جي اهميت ۽ ضرورت صرف
شرعي بنياد تي نه آهي. بلڪ اخلاقي ۽ معاشرتي لحاظ
کان به ان جي اهميت ۽ ضرورت آهي. انسان دنيا ۾
اڪيلو نٿو گذاري سگهي، بلڪ هر انسان ڪنهن نه ڪنهن
صورت ۾ ٻئي جي مدد جو محتاج آهي. ان ڪري اسلام
گهري ٿو ته هڪٻئي جي ويجهو رهڻ وارا هڪٻئي جي مدد
لاءِ هر وقت تيار رهن. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويو آهي.
”ويجهي پاڙيسري ۽ پري واري پاڙيسري ۽ پاڙيسري جي
پاڙيسري جو خيال رکو.
حديث آهي ته اهو شخص مومن نه آهي، جنهن جو پاڙيسري
سندس تڪليفن کان محفوظ نه آهي. پاڙيسرين جي مدد
لاءِ پاڻ کي هر وقت تيار رکڻ گهرجي. جيڪڏهن غير
ملسم به ضرورت جي وقت اسان وٽ اچي ته ان جي مدد
ڪرڻ اسان تي فرض آهي ڇاڪاڻ جو اسلام بحيثيت انسان،
اسان کي انهن جي مدد ڪرڻ جي به موڪل ڏئي ٿو.
جيڪڏهن پاڙيسري ضرورت لاءِ قرض گهري يا ڪا ٻي مدد
طلب ڪري، ته ان جي مدد ڪجي. سندس غمن ۽ خوشين ۾
شريڪ ٿجي. جيڪڏهن کين مالي مدد جي ضرورت هجي ته
انهن جي اهڙي مدد ڪجي جو انهن کي اهو محسوس نه ٿئي
ته اوهان انهن تي رحم کائي انهن جي مدد ڪري رهيا
آهيو. غريب پاڙيسرين کي انهن جي غربت جو احساس نه
ڏيارڻ گهرجي بلڪ انهن جي هر طريقي سان مدد ڪرڻ
گهرجي، جنهن سان انهن کي پنهنجي عزت گهٽ ٿيڻ جو
احساس نه ٿئي. جيڪڏهن ڪا شيءِ رڌ جي، ته ان ۾
پاڙيسري جو حصو ضرور رکجي.
جيڪڏهن اسان کي مصيبت جي مهل پاڙيسريءَ جي مالي
مدد نه ٿا ڪري سگهون، ته گهٽ ۾ گهٽ اسان کي گهرجي
ته سندس دلجوئي ڪري سندس تڪليف جي احساس کي گهٽ
ڪيون.
خان محمد ٻروسر پرديسي
مضمون-2
سلسلو -4
پاڙيسرين جي مدد ڪرڻ
پيارا ٻارؤ! اڄ مان اوهان کي ”پاڙيسرين“ جي مدد
ڪرڻ بابت ڪجهه ٻڌائيندس، ته اُها مدد ڪيئن ڪجي.
”پاڙيسري“ ان کي چئبو آهي، جن جا گهر هڪ ٻئي جي ڀر
۾ هوندا آهن. ڏکئي وقت ۾، انهن پاڙيسرين جي مدد
ڪرڻ اسان سڀني تي ”قومي ۽ اسلامي“ فرض آهي.
پاڙيسرين ۾ جيڪڏهن ”هيٺيون“ تڪليفون ۽ ضرورتون هجن
ته اسان سڀني کي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي.
پاڙيسرين جي گهرن ۾ جيڪڏهن اوهان کي ”کاڌي پيتي“
جي تنگي ڏسڻ ۾ اچي، ته اوهان کي انهن جي مدد ڪرڻ
گهرجي.
پاڙيسرين ۽ انهن جي ٻارن لاءِ جيڪڏهن پائڻ لاءِ
ڪپڙا ڪونهن ته اوهان انهن ”عيد براد تي“ کي پائڻ
لاءِ ڪپڙا وٺي ڏيو
پاڙيسرين کي بيماريءَ جي وقت ۾ جيڪڏهن ”دوا“ وغيره
لاءِ پئسي جي ضرورت هجي، ته اوهان کي انهن جي جاني
توڙي مالي مدد ڪرڻ گهرجي.
جيترو ٿي سگهي انهن پاڙيسرين، جن وٽ پنهنجن ٻارن
لاءِ ”تعليم“ ڏيارڻ واسطي پئسي جي پُڄت ڪانهي،
انهن جي ٻارن کي ”تعليم“ ڏيارڻ، اوهان ۽ اسان سڀني
تي قومي فرض آهي.
مطلب، ته ”پاريسرين جي هر حال ۾ مدد ڪرڻ گهرجي.“
جيڪڏهن مٿي ذڪر ڪيل ڳالهين تي عمل ڪندا، ته ڀائرن
جيان انشاء الله زندگي گذاريندا.
اقوال زرين
- جيڪو شخص پنهنجن دوستن جي هر خطا تي غصو ڪندو،
ان جا دشمن گهڻا ٿي ويندا.
- بُرن جي صحبت کان اڪيلائي بهتر آهي. (حديث نبوي)
- سڀ کان زياده فياض اهو آهي، جيڪو اهڙن ماڻهن سان
سٺو سلوڪ ڪري جن مان نيڪي جي اميد هجي.
(حضرت امام حسين رضه)
- وڏا ڪم ڪريو، ليڪن وڏا وعدا نه ڪريو. (فيثاغورث)
- طاقت سان دشمن تي فتح حاصل ڪرڻ اڌوري فتح آهي.
(ملٽن)
- ياد رکڻ به ملاقات جي ئي هڪ شڪل آهي.
(خليل جبران)
ننڍڙا اديب
سر آئزڪ نيوٽن
انگلستان جو مشهور سائنسدان ”سر آئزڪ نيوٽن“ سنه
1942ع ۾ انگلستان جي هڪ علائقي ”ولز ٿروپ“ ۾ پيدا
ٿيو. هن جو پيءُ هڪ هاري هو. نيوٽن جي عمر ٽي سال
ئي مس ٿي، ته سندس والد وفات ڪري ويو. نيوٽن کي
سندس ماءُ کيس ڏاڏيءَ وٽ موڪلي ڏنو، ۽ پاڻ ٻي شادي
ڪيائين. نيوٽن 12 سالن جي عمر ۾ جڏهن اسڪول ۾ داخل
ٿيو ته اسڪولي ڇوڪرا کيس چريو سمجهندا هئا. ڇاڪاڻ
ته هي اوزارن مان شين ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
نيوٽن جو ”ڪشش ثقل“ جو نظريو تمام گهڻو مشهور آهي.
هن جي ڪشش ثقل جي نظرئي جو سبب هڪ شام جو سندس وڻ
هيٺان ويهڻ سان ٿيو. ٿيو ڪجهه ائين، جو هڪ شام
نيوٽن صوفن جي وڻن هيٺان ويٺو هو. هڪ صوف وڻ مان
ڪري اچي زمين تي پيو، نيوٽن جي ذهن ۾ هڪدم اها
ڳالهه اڀري ته ”اهو صوف هيٺ زمين تي ڪرڻ بجاءِ
آسمان ڏانهن ڇو نه ويو.“ بس اهوئي سبب هو جنهن ڪشش
ثقل جي نظريي کي جنم ڏنو.
هن نظريي کي خيال ۾ رکندي کيس رائل سوسائٽي جو
ميمبر پڻ چونڊيو ويو.
سنه 1699ع ۾ ٽرينٽي ڪاليج ڪيمبرج ۾ رياضي جو
پروفيسر مقرر ڪيو ويو ۽ اتي روشنيءَ جي باري ۾
تحقيق ڪرڻ لڳو. روشنيءَ جي باري ۾ هي پراڻو نظريو
هو ته روشني هڪ قسم جو رنگ آهي، جيڪا ڪجهه ٻين شين
جي چمڪ سان پيدا ٿيندي آهي. نيوٽن جي اڻ ٿڪ ڪوشش
آخر ڪامياب وئي ۽ هن اهو ثابت ڪيو ته روشني هڪ قسم
جو رنگ نه بلڪ ڪن رنگن جو ميلاپ آهي جيڪا ستن رنگن
تي مشتمل آهي.
انهن ستن رنگن کي گڏي هڪ انگريزي لفظ
Vebgyor
وبگائر ٺهي پوي ٿو.
هن جو ٽيون نظريو هو ته ”هرهڪ عمل جو هڪ رد عمل
ٿيندو.“ انهيءَ اصول تي موجود راڪيٽ ايجاد ڪيو ويو
سنه 1903ع ۾ رائل سوسائٽي جو صدر منتخب ٿيو.
سنه 1905ع ۾ ملڪه انگستان کيس ”سر“جو خطاب ڏنو.
آئزڪ نيوٽن گردي جي بيماريءَ جو مريض هو. هو 20
مارچ 1727ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس انگلستان جي شاهي
قبرستان ”ويسٽ منسٽرابي“ ۾ دفن ڪيو ويو.
وقار احمد شيخ
رحمت الله ڀٽو ”مسڪين“
ٻارو! هن جڳ ۾ جتي چئن عضون ۽ پنجين نور سان ننڍڙا
ٻارڙا خوش وخرم گذارين ٿا ته ٻي طرف گلڙن کان وڌيڪ
سهڻا اوهان جا ننڍڙا ڀائر اهي معصوم به آهن جيڪي
مختلف بيمارين سبب پنهنجن خاص جسماني عضون ۽ خدا
جي ڏنل نعمتن کان محروم آهن. پر اهي جسماني معذور
ٻارڙا معذور هوندي به انهيءَ محروميءَ جو احساس دل
۾ دفن ڪري زماني آڏو خوش وخرم رهن ٿا. زندگي جي هر
شعبي ۾ هو اڳتي هلي پنهنجي محنت سان ڪاميابي حاصل
ڪن ٿا. اهڙن معصوم ٻارڙن سان اگر ملجي ٿو ته ساڻن
منجهان خلوص ۽ پيار پيو ڇلڪندو آهي ۽ پنهنجي
محروميءَ جو ذرا_ذرو به احساس نه ڏيکاريندا آهن.
اهڙن ئي باهمت، بهادر ۽ صحتمند جذبي وارن ٻارڙن
منجهان مان اوهان کي هڪ اهڙي ذهين ٻار جو تعارف
ڪرايان ٿو، جيڪو جسماني معذور (نابين) هوندي به
ذهين شاگرد، ساڳي وقت فنڪار، ڪلاڪار، شاعر ۽ مقرر
به آهي. يقينن اوهان سڀني ٻارڙن کي سندس متعلق
پڙهي خوشي به ٿيندي ته حيرت به ايندي.
ٻارو ! اهو ٻار اوهان جو هم عمر رحمت الله ڀٽو
آهي. جيڪو بئراج ڪالوني سکر ۾ نابينه اسڪول جو
شاگرد آهي.
رحمت الله ڀٽو اڄ کان 12 سال اڳ خيرپور جي ممتاز
ڪالوني ۾ هڪ مزدور الله وڌائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو ۽
هُن مون کي ٻڌايو ته جڏهن هو ڄايو ته هو پيدائشي
نابين هيو. رحمت الله کي نابين هوندي به پڙهڻ جو
شوق جاڳيو، جنهن لاءِ کيس پنج سال اڳ نابينه اسڪول
خيرپور ۾ داخل ڪيو ويو. هينئر اهو اسڪول سکر ۾
آهي، جت رحمت الله هاڻ پنجين درجي جو شاگرد آهي.
هو تمام ذهين آهي ۽ هر امتحان ۾ پهريون نمبر ايندو
رهيو آهي. کيس ڳائڻ جو شوق به ننڍڙي هوندي کان آهي
۽ ان متعلق هن مون کي ٻڌايو ته اسڪول ۾ هن پنهنجي
مرحوم استاد مسيح الحسن زيدي کان هار مونيم جي
شروعاتي تعليم به ورتي ۽ اهوئي سبب آهي جو هو
هينئر هارمونيم تي به ڳائي سگهندو آهي. رحمت الله
ٻيا به ڪيترائي ساز وڄائيندو آهي. جن ۾ بينسري به
شامل آهي. بينسري لاءِ هن ٻڌايو ته ان ۾ سندس ڪو
به استاد ڪونهي ۽ بانسري هن پاڻ وڄائي سکي ورتي.
رحمت الله ڀٽو مختلف فنڪشنن ۾ وڃي هارمونيم ۽
بانسري وڄائڻ ۽ ان تي شاهه لطيف ۽ سنڌ جي ٻين عظيم
شاعرن جا ڪلام ڳائي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو
آهي۽ ڪيترائي انعام ۽ داد حاصل ڪري چڪو آهي. ان
کان سواءِ خيرپور ريڊيو اسٽيشن جي هڪ ٻاراڻي
پروگرام ۾ به فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. ڳائڻ کان
سواءِ رحمت الله سٺو شاعر به آهي ۽ شاعري ۾ سندس
تخلص ”مسڪين“ آهي. هو پنهنجا ڪلام پاڻ سٺي انداز ۾
ڳائيندو آهي. ان کان سواءِ هو سٺو مقرر به آهي ۽
اسڪول ۾ ٿيندڙ هر موضوع جي تقريري مقابلن ۾ پهريون
نمبر انعام حاصل ڪندو آهي.
اميد ته اوهان به هن ننڍڙي نابين پرذهين شاگرد
منجهان سبق حاصل ڪندا.
اختر درگاهي
گل ڦل قلمي دوستي
75- نالو: احمد جت، عمر: 13 سال. وندر: فوٽ بال
کيڏڻ. ڪلاس: اٺون. ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول
جاتي.
76- نالو: رحمت الله پنهور. عمر: 13 سال. وندر:
ڪتاب پڙهڻ ڪلاس: ڇهون. ائڊريس: ساٿي ٻارڙا سنگت
دوڙ لائبرري.
77- نالو: سليم رضا ابڙو. عمر: 11 سال. وندر: قلمي
دوستي رکڻ. ڪلاس: ستون. ائڊريس: گورنمينٽ مڊل
اسڪول مانجهند.
78- نالو: ڪرم حسين هوت. عمر: 14 سال. وندر: ريڊيو
ٻڌڻ. ڪلاس: نائون اي. ائڊريس: ساٿي ٻارڙا سنگت دوڙ
لائبرري.
79- نالو: نياز حسين واسواڻو. عمر: 13 سال. وندر:
عام معلومات پڙهڻ. ڪلاس: اٺون اي. ائڊريس: ساٿي
ٻارڙا سنگت دوڙ لائبرري.
80- نالو: مولابخش بروهي. عمر: 11 سال. وندر: ڪتاب
پڙهڻ. ڪلاس ڇهون. ائڊريس: مولابخش بروهي معرفت
فقير محمد پان هائوس نالا بس اسٽاپ نيو ڪراچي.
81- نالو: منير احمد شيخ، عمر: 15 سال وندر:
معلوماتي ۽ اسلامي ڪتاب پڙهڻ. ڪلاس: ڏهون. ائڊريس:
گورنمينٽ هاءِ اسڪول کهڙا.
82- نالو: گل محمد لاکو. عمر: 15 سال. وندر: سنڌي
ڪتاب پڙهڻ. ڪلاس: اٺون اي. ائڊريس: پوسٽ مشوري
شريف ضلع لاڙڪاڻو.
83- نالو: پرڪاش رميش ڪمار راٺوڙ عمر: 14 سال.
وندر: ڪهاڻيون لکڻ. ڪلاس: نائون اي. ائڊريس: ساٿي
ٻارڙا سنگت لائبرري دوڙ.
84- نالو: حبيب الله رستماڻي. عمر: 14 سال. وندر:
تقرير ڪرڻ. ڪلاس: نائون اي. ائڊريس: ساٿي ٻارڙا
سنگت لائبرري دوڙ.
85- نالو: محمد امين سولنگي. عمر: 14 سال. وندر:
اسلامي ڪتاب پڙهڻ. ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: ڳوٺ جيئندو
خان سولنگي پوسٽ آفيس ساند وايا ٺارو شاهه.
86- نالو: غلام سرور نگاڻي. عمر13 سال. وندر:
آکاڻيون پڙهڻ. ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: پوسٽ مولهڻ
وايا ٺارو شاهه.
87- نالو: ميرخان جسڪاڻي. عمر: 14 سال. وندر: علم
۽ ادب سان چاهه. ڪلاس: نائون اي . ائڊريس: هاءِ
اسڪول ميهڙ ضلع
88- نالو: ظهير احمد عباسي. عمر: 14 سال. وندر:
سنڌي ڪتاب پڙهڻ. ڪلاس: ڏهون. ائڊريس: هاءِ اسڪول
نندو شهر. تعلقو بدين.
89- نالو: لياقت علي سومرو، عمر:13 سال. وندر:
ڪرڪيٽ کيڏڻ. ڪلاس: ڏهون.ائڊريس: پوسٽ آفيس ساند،
وايا ٺارو شاهه.
90- نالو: سجاول ڇٽو. عمر: 14 سال. وندر: گل ڦل
پڙهڻ. ڪلاس: اٺون بي. ائڊريس: هاءِ اسڪول وارهه،
ضلع لاڙڪاڻو.
نوٽ: هيڊ ماستر صاحب جي مهر کان سواءِ نالو شايع
نه ٿيندو. _ ايڊيٽر
اچو ته مضمون لکون
”اچو ته مضمون لکون“ سلسلو ٻارن ۾ تمام گهڻو مقبول
ٿي ويو آهي. اسان پهريون ۽ ٻيو نمبر ايندڙ مضمون
نگارن کي انعام ۾ ڪتاب موڪليندا آهيون.
شرط:
1- سترنهن سالن تائين عمر جو ٻار مضمون لکي سگهي
ٿو.
2- هن ئي پرچي ۾ ”اچو ته مضمون لکون“ ڇهه جو ڪوپن
ڀرڻ ضروري آهي.
3- مضمون اهڙي طرح موڪليو، جو اسان وٽ 24 آگسٽ
1985ع تائين پهچڻ گهرجي.
4- مضمون گل ڦل جي ٻن يا ٽن صفحن کان مٿي نه هجي.
5- مضمون پني جي هڪ پاسي لکيل هجي، ٻنهي پاسي لکيل
مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪيو ويندو.
6- مضمون سان گڏ پوري ائڊريس لکڻ گهرجي. (گهڻا ٻار
مڪمل پتو نه ٿا لکي موڪلين. ان لاءِ انعامي ڪتاب
واپس موٽي ٿا اچن.)
اچو ته مضمون لکون- 6
عنوان
(سوڙ آهر پير ڊگهيرڻ)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل پوسٽ باڪس -12، حيدرآباد.
نتيجو اچو ته مضمون لکون
ماهه جون جي پرچي ۾ ”اچو ته مضون لکون“ جي عنوان
تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾ هيٺين ٻارن
حصو ورتو.
1- رخسانه ناز سومرو2- خان محمد ٻروسر لانڍي 3-
غلام اصغر مهر. خانپور مهر 4- امير بخش ڏيٿو 5-
دين محمد ٻروسر. ميرپور ساڪرو 6- عمران علي ميمڻ.
شڪارپور 7- مشتاق علي وڳڻ 8- وزير علي ابڙو.
شاهپور 9- در محمد بهراڻي 10- ارشد علي قادري.
کهڙا 11- زاهد علي شاهه. کپرو 12- مير اعجاز علي
ٽالپر 13- عبدالغفور گگو 14- امتياز احمد نائيچ
حيات پتافي 15- صفدر علي ملاح. خانواهڻ 16- غلام
شبير قمبر علي خان 17- علي نواز ٻرڙو 18- وسيم
راجا ميمڻ. ڏيپلو 19- مختيار احمد شر 20- امتياز
علي عباسي 21- شنڪر لعل. قادرپور 22- اجيت ڪمار.
ٺيڙهي 23- شمس الدين لاشاري. نواب شاهه 24- محمد
عمر پهنور 25- زاهد حسين صديقي. گمبٽ 26-
عبدالوحيد لاڙڪ 27- آفتاب مغيري. قمبر علي خان 28-
لياقت علي مغيري 29- ارشد رحيم جوڻيجو 30- منير
احمد شيخ 31- جئرام حيات پتافي 32- امجد عباسي.
سوڙهو 33- اعجاز علي ڏيٿو 34- پرشوتم لال. ڪشمور
35- نويد حسين ميمڻ. کهڙا 36- سهيل احمد. ڳوٺ قاسم
37- مير عبدالرحمان. مارو خان ٽالپر 38- وڪرم پال.
حيات پتافي 39- اقبال نائيچ 40- عذار پروين عباسي.
نوابشاهه 41- منجي مل مينگهواڙ 42- آمن علي
خاصخيلي 43- چندر لعل. پنڱريو 44- دينو سنڌي دڙو
45- منور حسين حيدري. لاڙڪاڻو 46- عبدالرسول شر
47- اسحاق مغل ميرپور ٻرڙو 48- جاويد ميمڻ. گمبٽ
49- اي- ايڇ باگراڻي 50- مسرور سهتو. ٺري ميرواهه
51- خالد شيخ. باڊهه 52- منير راڄپر 53- اختر
ملاح، موريو ملاح 54- الطاف الرحمان 55- پرڪاش
ڪمار 56- رفيق احمد چاچڙ 57- غلام رباني ٺل 58-
شبير لوهر ميهڙ وليج 59- اشفاق احمد ميمڻ 60-
احسان ٻگهيو وارهه 61- مفتي فيض محمد سومرو 62-
اقبال انصاري. ٺل 63- مسعود لوهار. بدين 64- پروين
ڀٽي نواب شاهه 65- بابو ولد موهن حيدرآباد 66-
بصرالدين ڳاهوٽي 67- شڪيل نائيچ. حيات پتافي 68-
ارشاد چنا. سکر 69- صفدر شيخ آربي 70- محمد اشرف
سمون نصرپور 71- امان الله ڳوٺ سجاول خان 72- قائم
الدين ڪلوڙ 73- گل محمد لاکو 74- اروڌن لعل حيات
پتافي 75- محمد بخش سومرو لاڙڪاڻو 76- منور لاکو
مٽياري 77- اصغر ابڙو لاڙڪاڻو 78- شوڪت دستي بلوچ
79- عزيز شر فضل آباد 80- نصير سومرو 81- طفيل
منگي خيرپور 82- انور علي شاد 83- منظور عباسي وڳڻ
وڏا 84- مختيار احمد پيرزادو 85- سڪندر سرڪي 86-
سريش ۽ سريش ڪيسواڻي 87- بدرالدين ميمڻ ڦل 88- علي
محمد چنو 89- عبدالغفار بلوچ راڌڻ 90- سڪندر علي
ڪلوڙ 91- کينراج چوهاڻ 92- پرڪاش ڪمار 93- حزب
الله سومرو 94- جي اي چنڙ 95- سپاش ڪمار سنڌوجا
96- ڪپيل ڪمار 97- محمد حيات بهراڻي 98- ممتاز
قاضي پنو عاقل 99- سجاد احمد حيدرآباد 100- اجيت
ڪمار گهوٽڪي 101- وحيد احمد شيخ لاڙڪاڻو 102- امجد
جوڻيجو وڏا وڳڻ 103- فتح محمد گولو علي شير خان
گولو 104- سڪندر علي شاهه لاڙڪاڻو 105- عبدالوحيد
رستم 106- جان محمد زرداري نواب شاهه 107- اعجاز
علي ٻگهيو ڪنڊيارو 108- عاجز سليم نهڙيو 109- غلام
اڪبر قاصر.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين مضمون نگارن جا مضمون
پهريون ۽ ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن. اهي پنهنجي
صحيح ائڊريس موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.
1- رخسانه ناز سومرو سکر.
2- خان محمد ٻروسر معرفت پير احسان الله لانڍي
پوسٽ باڪس نمبر 1103، ڪراچي – 22
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو- 4 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هڪ ٻار جو جواب صحيح پهتو کيس هڪ سؤ روپين جا ڪتاب
موڪليا ويندا.
جواب 1: 1948. 2: ايران. 3: 1880 ميل. 4: 355 ق- م
5: 2 ڀاڱي 3.
نالو: لياقت علي ٿهيم جوهي.
گل ڦل خال ڀريو- 6
هڪ سؤ روپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ: 24- آگسٽ 1985ع
نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ: 25- آگسٽ 1985ع
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1- هن سلسلي ۾ 16 سالن تائين عمر جا ٻار حصو وٺي
سگهن ٿا.
2- جن ٻارن جا جواب صحيح هوندا انهن کي هڪ سؤ
روپين جا ڪتاب حصي آهر انعام ۾ ڏنا ويندا، جي ڪنهن
جو به جواب صحيح نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطي واري
ٻار کي ڏنو ويندو. جي هڪ غلطي ۾ به ڪنهن ٻار جو
جواب صحيح نه آيو ته اهو انعام رد سمجهيو ويندو.
گل ڦل خال ڀريو-6
1- ايران جو پراڻو نالو..........آهي.
2- شاهه لطيف جي دؤر ۾ صوفي......... کي شهيد ڪيو
ويو هو.
3- ڊاڪٽر گربخشاڻي ................ع ۾ حيدرآباد ۾
ڄائو.
4- 1982ع ۾ سنڌالاجي ٻارن جو انعام........ اديب
کي ڏنو هو.
5- محترمه فاطمہ جناح ڊپلوما آف ......... ڪلڪتي
مان پاس ڪئي هئي. |