ميمڻ عبدالمالڪ
ڀينڊو ڏچي ۾
ويچارو ڀينڊو گزريل مهيني کڏ ۾ ڪري پوڻ کان پوءِ
بيمار ٿي پيو ھو ۽ لا ڳيتو بيمار رھيو، ڪالھ مليو
ته نٻل نماڻو ٿي لڳو. ڳالهائڻ ۾ به ڍرو ڍرو ۽ ٽهڪ
به جھيڻا ٿي ڏنائين. ڀينڊي کي ھيڻو ڏسي ڏک به ٿيو
ته خوشي به ڏک ان ڳالهه جو ته ڀينڊو اڳي ئي يڪ
تاري جي ڳن جيان پيو نچڪندو هيو، ويتر بيماريءَ
هڻي مڙس کي ڪک بڻائي ڇڏيو، پر خوشي هن ڪري ٿي ته
هاڻي ڪجهه ڏينهن ته ڀينڊي جي اڦٽ مار سوالن مان
جند ڇٽندي.
شام جو اربؤ جي اوطاق تي ويس ته ڀينڊو اڳ ۾ ئي اتي
ويٺو هو. چوندا آهن ته عادت عضوو ٿيندي آهي. جيڪا
آسانيءَ سان ختم نه ٿي سگهندي آهي.
ڀينڊي کي به سوالن پڇڻ جي عادت ٿي وئي آهي. اربؤ
اڃا کيڪر پئي ڪئي ته ڀينڊو وچ ۾ ٽپي پيو ۽ چوڻ لڳو
ته: ”ادا سومر ٻيلي قرب ڪر، مون سان گڏ جي هل،
بازار مان ڪپڙو وٺڻو آهي.“ ڏاڍو سمجهايو مانس ته:
”آءٌ هينئر ڊيوٽيءَ تان ٿڪو ٽٽو پيو اچان، آرام
ڪرڻ ڏي، تون ٻئي ڪنهن کي وٺي وڃ.“ پر سائين جن ڇڏي
ڀوت ڇڏي پر ڀينڊو نه ڇڏي اهڙو جهڙي ڄئور، لاچار
وڃڻو پيو. دڪان تي پهتاسين ته هڪڙو ڪاري رنگ جو
ٿلهو ڪپڙو کڻي پسند ڪيائين. جهليو مانس ته ”نڀاڳا
گرميون اچي ويون آهن، سو ٿلهي ڪپڙي ۾ ته منجهي
مرندين؟“ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو کيس ڳالهه سمجهه ۾
آئي، ۽ سنهڙو ڪپڙو وٺڻ تي تيار ٿيو پر همراهه کي
ڪو ڪاري رنگ سان عشق هو جو وري به ڪاري رنگ وارو
ڪپڙو کڻي پسند ڪيائين، ۽ پڇڻ لڳو ته: ”ادا سومر
مون کي هي ڪپڙو ڏاڍو وڻي ٿو، تون ٻڌاءِ ڪيئن آهي.“
چيومانس ”يار ڪو ٿڌو رنگ وٺ“ چوڻ لڳو ”ڀلا نيرو يا
سائو وٺان“ وري چيومانس ”اڇو يا ڪو هلڪو رنگ
وٺ.“وراڻيائين ته: ”ٿڌي رنگ جو ڪپڙو جلدي ميرو ٿي
ويندو ۽ امان روز روز ته ڪونه ڌوئيندي ، ڀلا
تنهنجي مٿي تي اڇي يا ٿڌي رنگ جو ڀوت ڇو سوار
آهي؟“ ”بابا ڀوت سوار نه آهي، پر ڳالهه هيءَ آهي
ته ڳُوڙها رنگ روشنيءَ کي جذب ڪندا آهن. جڏهن ته
اڇو رنگ روشني کي موٽائيندو آهي ۽ جسم کي فرحت ۾
رکندو آهي انهيءَ ڪري گرميءَ ۾ ٿڌي رنگ جا ۽
سرديءَ ۾ ڳُوڙهن رنگن جا ڪپڙا پائبا آهن.“
ڀينڊي وڏو ساهه کڻندي چيو: ”يار چوين سچ ٿو، هاڻي
ته مان اڇي رنگ کانسواءِ ٻيو ڪپڙو اصل نه وٺندس“
ڪپڙو وٺي بازار کان نڪتاسين ته ڀينڊي چيو ”يار
ڏاڍي اڃ لڳي آهي، اچ ته ڪوڪا ڪولا پيون“ مس مس
ڀينڊي صلاح هنئي هئي، سو چپ ڪري وڃي بوتلن واري جي
بينچ تي ويٺاسين.
ڀينڊي بوتلن واري کي حڪم ڏنو ته: ”بوتل ۽ گلاس ۾
ڌار برف وجهي کڻي اچ“ گلاسن ۾ بوتلون لاٿيوسين ۽
ڍڪ ڍڪ ڀري گلاس ميز تي رکياسين. ڀينڊي عادت موجب
اربؤ جي گلا ڪرڻ شروع ڪئي. جهليندي چيومانس ته:
”پرپٺ ڪنهن جي برائي ڪرڻ وڏو گناهه آهي ۽ اهو ائين
آهي جيئن پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ.“ همراه کي
ڳالهه نه وڻي. سو چپ ڪري گلاس ۾ هٿ وڌائين. ڍُڪُ
ڀريندي چوڻ لڳو ته: ”يار جلدي پي وٺ، نه ته گلاس
مان بوتل وهي ويندي.“ حيران ٿيندي چيومانس ته گلاس
۾ ڪي سوراخ آهن ڇا جو بوتل وهي ويندي؟ گلاس جي
ٻاهران پاڻي جي ڦڙن ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”هي
ڏس!“ مون کان ٽهڪ نڪري ويو چيومانس، ”اڙي چريا هي
بوتل جو پاڻي ناهي، هي ته هوا ۾ شامل پاڻيءَ جا
بخار آهن جيڪي گلاس جي ٿڌن پاسن سان ٽڪرجڻ بعد
پاڻيءَ جي ڦڙن جي شڪل ۾ تبديل ٿي پيا آهن.“ وات
ڦاڙي چوڻ لڳو ته، ”ڀلا هوا ۾ به پاڻيءَ جا بخار
هوندا آهن ڇا؟“
”هائو منهنجا سائين.“ مون وراڻيو.
بوتل پي اٿياسين ۽ گهر ڏانهن هلڻ لڳاسين، واٽ تي
ڀينڊي ايلاز ڪيو ته” يار سڀاڻي گڏجي هلجانءِ ته
درزيءَ کي ڪپڙا سبڻ لاءِ ڏئي اينداسين.“
مون ساڻس گڏ هلڻ جو واعدو ڪيو ۽ موڪلائي اچي گهر
پهتس. ٻئي ڏينهن صبح جو نماز پڙهي اچي اڃان قرآن
شريف جو دور شروع مس ڪيم ته زور سان در کڙڪيو،
جلدي ٻاهر نڪتس، ٻاهر اربو ۽ خميسو ڏاڍا پريشان
بيٺا هئا، چوڻ لڳا ته ”يار ڀينڊي کي صبح سان نماز
تان موٽندي ڪتي چڪ پاتو آهي. هاڻي ڀينڊو،ان ڪتي جي
ڪڍ ڊڪندو ٿو وتي. مڙي اصل نه ٿو. چوي ٿو ته مان به
ڪتي کي چڪ پائي بدلو وٺندس. تون هل ۽ هلي
سمجهائينس.“ ٽئي گڏجي هلياسين، چؤنڪ تي پهتاسين ته
ڀينڊو ٽيليفون جي ٿنڀي سان ٽيڪ ڏئي سهڪي رهيو هو.
سمجهايومانس ته ”ڀلا ماڻهو به ڪو ڪتي کي چڪ
پائيندو! چڱو اهو آهي ته اسپتال هل ۽ ڪتي جي چڪ جي
علاج واريون سيون لاراءِ، نه ته تو ۾ به ڪتي
واريون عادتون پيدا ٿيڻ جو خطرو آهي. همراه کي ڊپ
ٿيو ۽ اسپتال هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ڊاڪٽر کيس پيٽ جي
کل ۾ هڪ سئي لڳائي ۽ ٻڌايائينس ته، روز هڪ سئي
لڳندي ۽ ڪل چوڏهن سئين جو ڪورس آهي.
ڀينڊو روز دانهون ڪوڪون ڪندو سئيون لارائيندو رهيو
ڇو ته کيس ڪتي جهڙين عادتن جو خطرو هو.
عجيب و غريب
آمريڪا جي هڪ رياست ۾ هڪ اهڙو عجيب انسان رهي ٿو،
جيڪڏهن ڪنهن ڪمري ۾ ويهي ستار يا ٻيو ڪو ساز وڄائي
ته ان ڪمري جي کڙڪين ۽ روشندانن ۾ پيل شيشا ڀڄي
پون ٿا. چون ٿا ته ان معاملي ۾ ڊاڪٽرن جو رايو آهي
ته، هو ستار وڄائڻ وقت هوا جي انهن لهرن کان ڪم
وٺي ٿو جن ۾ شيشي کي ٽوڙڻ واري طاقت موجود آهي.
رحيم بخش شيخ
از:- ڊاڪٽر الطاف سومرو
چنڊ ۽ چنڊ گرهڻ
پيارا ٻارؤ! چنڊ، هڪ ننڍو گرهه يا اُپگرهه (Satelite)
آهي، جيڪو ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو. چنڊ بظاهر ته
صرف هڪ ننڍڙو چمڪندڙ گولو نظر اچي ٿو، پر حقيقت ۾
هيءَ هڪ وسيع دنيا آهي. چنڊ هڪ عجيب دنيا آهي، جتي
نه پاڻي آهي نه هوا، نه ڪو وڻ ٽڻ، نه مٽي، نه ڪڪر،
نه وري بارش يا برف وغيره. چنڊ جي زمين پٿريلي
آهي، جتي وڏا وڏا جبل، وڏيون وڏيون کڏون، غارون ۽
ميدان آهن.
چنڊ، ڌرتيءَ کان 000، 40، 2 ميل پري آهي. ان جو
قطر 2160 ميل آهي، جو زمين جي قطر جو چوٿون حصو
آهي. ڌرتي. چنڊ جي مقابلي ۾ 80 ڀيرا زياده وزني
آهي. چنڊ جي ڪشش ثقل، ڌرتيءَ جي ڪشش ثقل جو چوٿون
حصو آهي. ان جي معنيٰ ته جنهن شيءِ جو وزن ڌرتيءَ
تي 96 پائونڊ ٿئي ٿو. اهو چنڊ تي صرف 16 پائونڊ
بڻبو.
چنڊ تي هوا، پاڻي ۽ مٽي جو وجود نه آهي. انهن شين
جي غير موجودگي ۾ چنڊ تي ڪابه جاندار شيءِ زنده
رهي نٿي سگهي.
چنڊ جو درجه حرارت (Temperature)
تمام جلد ڪڏهن هيٺ ٿي وڃي ٿو ته ڪڏهن مٿي. چنڊ
ڪڏهن تمام گرم ته ڪڏهن تمام سرد ٿي ويندو آهي. هوا
نه هئڻ ڪري، ڏينهن جي وقت، چنڊ جي سطح جو درجه
حرارت
F.
200 يا
c.
93 هوندو آهي ۽ رات جي وقت درجه حرارت
F.
300 يا
c.
180 ٿي ويندو آهي. ان مان ظاهر ٿيو ته چنڊ تي،
ڌرتيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻي ٿڌ آهي.
چنڊ کي پنهنجي ڪابه روشني ڪانه آهي. جڏهن هن جي
مٿان سج جي روشني پوي ٿي، ته هيءُ روشن نظر اچي
ٿو. جيئن ته چنڊ ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري ٿو، تنهنڪري
ڌرتيءَ تي سندس اُهو حصو روشن نظر اچي ٿو، جنهن تي
سج جي روشني سڌي اچي پئي ٿي.
چنڊ اسان جي ڌرتيءَ جي چوڌاري پنهنجو چڪر ساڍا 27
ڏينهن ۾ پورو ڪري ٿو. هڪ ٻه ڏينهن اوندهه ٿيڻ کان
پوءِ، وري نئون چنڊ ساڍا 29 ڏينهن کان پوءِ نظر
اچي ٿو. انهيءَ فرق جي ڪري چنڊ جو مهينو، ڪڏهن 29
ڏينهن جو ٿيندو آهي ته ڪڏهن 30 ڏينهن جو ٿيندو
آهي.
بارؤ، اوهان ڏٺو هوندو ته قمري مهيني جي پهرين
تاريخن ۾ چنڊ جو فقط هڪ سنهڙو ليڪو نظر ايندو آهي.
نئين چنڊ يا پهرينءَ تاريخ جي چنڊ کي ”هلال“
سڏيندا آهن. اهوئي نشان اسان جي پاڪستان جي جهنڊي
تي ٺهيل آهي. آهستي آهستي چنڊ جو گهڻو حصو روشن
ٿيندو ويندو آهي. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته چنڊ جي
ڦيري دوران سندس جيترو حصو سج جي روشنيءَ سان روشن
ٿئي ٿو اهوئي حصو ڌرتيءَ تي چمڪندڙ نظر اچي ٿو
چوڏهينءَ جي رات جو چنڊ سڄو روشن نظر اچي ٿو. اها
رات خاص ڪري روشن ۽ وڻندڙ ٿئي ٿي. ان کان پوءِ وري
چنڊ جو روشن ڀاڱو گهٽبو وڃي ٿو ۽ ڪو وقت اهڙو به
اچي ٿو، جڏهن چنڊ بلڪل نظر نٿو اچي. اهڙي ريت چنڊ
بلڪل نظر نٿو اچي. اهڙي ريت چنڊ جو روشن حصو چوڏهن
ڏينهن تائين وڌندو رهي ٿو ۽ پوءِ وري گهٽجڻ شروع
ٿئي ٿو. |