سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ  1985ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آگسٽ 1985ع

ايڊيٽر: اڪبر جسڪاڻي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ!

توهان اونهاري جون موڪلون پوريون ڪري هاڻ ساڳي ماڳ تي اچي ويا آهيو ۽ هاڻ وري اسڪول ۾ ساڳيو چهچٽو لڳو پيو آهي. ڪي ٻار خوشي خوشي ۾ پيا ڊوڙن ته ڪي مايوس ٿيو پيا هلن. مايوس اهي ٻار آهن جن گرمي جي موڪلن ۾ استادن پاران ڏنل گهرو ڪم نه ڪيو هوندو ۽ مٿان وري نائين جماعت جو نتيجو به ظاهر ٿيو آهي ۽ انهن ۾ به جيڪي ٻار سڀني ڪمن ۾ پاس ٿيا آهن سي ته خوش آهن پر ڪي ٻار جن جا ڪي ڪم رهجي ويا آهن ته، اهي ٻار هاڻ مايوس آهن. ٻارؤ چوندا آهن ته ”تر جي گٿي سئو چوٽون کائي“ سو هاڻ جيڪا غلطي ٿي سا ٿي. ان کي ورجائبو نه پر ان غلطي کي آڏو رکي محنت ڪبي ۽ محنت سان ماڳ ملندو. مستقبل اوهان جو آهي.

شل توهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب وڃو.

اوهان جو ڀاءُ

اڪبر جسڪاڻي

رحيم بخش ”قمر“

لطيفي لات

هيٺ جر، مٿي مڃر، ڪنڌيءَ ڪؤنر ٽڙن،

ورئي واهو ندن، ”ڪينجهر“ خستوري ٿئي.

(شاهه)

مٿيون ڀلارو بيت، لڄادار لطيف رحمت الله عليه جن جي، ”سُرڪاموڏ“ جي ٻئي فصل ۾ آهي، ”سُر ڪاموڏ“ جو لاڳاپو، سنڌ جي سمي خاندان جي مشهور حاڪم ”ڄام تماچي“ ۽ ”نوريءَ“ سان آهي.

سمجهاڻي:

بيان ڪيل بيت ۾ ڀٽائي گهوٽ جن بهار جي رُت جو بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ ڪنول جي ٻوٽن جا گل ٽڙي پيا آهن. گلن جي ٽڙڻ ڪري، سنڌ جي مشهور ڍنڍ ”ڪينجهر“ خستوري ٿي وئي آهي.

مطلب ته سموري ڍنڍ سرهاڻ ٿي وئي آهي. ۽ سندس ڪنارن وارا سمورا وڻ ٽڻ واسجي ويا آهن. ”ڪينجهر“ هڪ ڍنڍ جو نالو آهي. هيءَ مبارڪ ڍنڍ ٺٽي ضلعي ۾ آهي. سندس نظارو نيڻن ٺار آهي.

معنيٰ:

جر: پاڻي. ڪنڌي: ڪنارو، ڪپر. واهوندا: بهار، بسنت. خستوري: سرهاڻ، خوشبو، کٿوري.

نثار بزمي

اچو اي ساٿيو

اچو اي ساٿيو!

ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾.

گلن سرهاڻ ڦيرائي دليون سرهيون ڪيون آهن.

ٺري اکيون پيون آهن.

رنگيلا پَرَ ڪڍي پوپٽ گلن تي ڏين ٿا ڦيرا ته.

ٻهڪڻ ٿو لڳي هي ديس مارن جو.

سنگهارن جو.

پهنوارن جو.

ڌنارن جو.

پٽن پوشاڪ پهري آ.

سائِي سائي،

ڏسون ٿا ڏينهن سُرميلا،

وسن ٿا وڏ ڦڙا هن پاڪ ڌرتيءَ تي.

ٿڌو ٿر ٿي پوي ٿو منهنجي مارن جو

هڻي چهبڪ ٿي بجلي بادلن کي جي ته،

روئن ٿا ڪڙڪن ٿا

چمن ۾ ٿا چَتون چهڪن

ڪري ٿي ”ڀيروين“ بلبل

قصيدا ٿي پڙهي ڪوئل

۽چيها چهنب کولي ٿا عجب ڪن لاتيون بزمي

اچو اي ساٿيو!ڳايون وطن جا ڳيچ سانوڻ ۾.

عزيز ڪنگراڻي

غزل

هيڻي حال ۾ مٺڙن مارن سارن عيد ملهائي،

سڏڪي سڏڪي سکڻي تن ويچارن عيد ملهائي.

 

ڏينهن ڀلاري ڀورڳڀي لئه رئندي رئندي،

کمون، رمون، ڪرڙ ڪانڊيري وارن عيد ملهائي.

 

گرم چاشنيون، حلوا، سيرا، کيرپُڙا کائي،

ببلي، گُڊو، پَپو، مُني پارن عيد ملهائي.

 

ڏڌ ۽ ڌئونري سان، جوئر ٻاجهر جا کائي ڊوڍا،

لوڙهن، لانڍين ۾ آهه پهنوارن عيد ملهائي.

 

ڏيل به ڏٻرا، وار به اڻڀا، لٽا ليڙون جن جا،

روئي تن آ، جهانگيئڙن جي ٻارن عيد ملهائي.

منصور ٿلهو

ڪونجون

ڪونجون ڪاريون، ڏاڍيون پياريون،

ننڍڙيون وڏڙيون جندڙي واريون.

 

کنڀڙيون ٽيڙي پرت ونڊائين،

سهڻيون، ستابيون، ڪومل ڪاريون.

 

پاڻ ۾ پنهنجيون چوڪڙيون ٺاهيون،

مٺڙيون ڪن ٿيون خبرون ساريون.

 

چنهنبون چوري چاهه وڏي مان،

سکن ڏکن جون گهڙيون گهاريون.

 

سنڌ جي سِڪ منصور انهن کي،

ڪٿي لڳن سي ڪنهن کي ڌاريون.

 

وزير منگي

ٻارڙن لاءِ

پاڻ ۾ سڀ، کيڏو ٻار!

هڪ ٻئي سان، ڪيو پيار!

جيڪو ٿئي، ڏکارو سائين،

گڏجي اُن جي، لهو سار!

توهان جي مٺي مرڪ سان،

ٿئي گهر، سموروگلزار!

ادب ڪيو، پاڻ وڏڙن جو،

ٿيندو توهان جو، ناماچار!

پڙهڻ وڃو چُستُ ٿي،

پرائي علم جو، اچو پار!

ديس جي دشمنن کي،

ٺاهوڪي وزير، ڏيو مار!

عاجز جمالي جوهي

نصيحت

ڪري شوق ساٿي پڙهو ۽ لکو

ڪيو علم حاصل عقل ڪو سکو.

 

اوهان وٽ هجي علم جي روشني

ڏِين جان ڪيو هي بسرَ زندگي.

 

صفائي سٺائي سان هر دم رهو

اُٿي صبح ساجهر عبادت ڪيو

 

ڪيو حال معلوم پاڙي سندو

اچي ڪم ٻين جي سُٺو سو بندو

 

ڪجي روز ورزش رهي چُست تن

وٺي زور پنهنجو سڄو هي بدن

 

اوهان کي نصيحت هي عاجز ڪري

رهو گڏ چڱن سان، برن کان پري.

 

”عادل“ حق سنڌي

ٽانڊاڻو

ٽم ٽم ٿا ٽانڊاڻا ٽمڪن،

ڏينهن جو غائب رات جو چمڪن.

 

پَرڙا کولي هو اڏرن ٿا،

پَرن هيٺان بلب ٻرن ٿا.

اڏندي، گهمندي خوب ٿا لمڪن.

 

ڏاڍو پيارو آ ٽانڊاڻو.

سڀ کان نيارو آ ٽانڊاڻو،

ٻهه ٻهه سي ته خوب ٿا ٻهڪن.

 

ٽانڊاڻو چمڪاٽ ڪري ٿو،

”عادل“ روشن واٽ ڪري ٿو،

ڏينهن ۾ ٻرڻ تن ڪونهي ممڪن.

منير ڪليري ڪنڊيارو

مولانا دين محمد وفائي

سنڌ جي املهه ڌرتي، هر دور ۾، انيڪ بزرگ، محب وطن ۽ انسان دوست شخصيتن کي جنم ڏنو آهي. جن سندس نالي کي روشن ڪرڻ لاءِ، هر ممڪن ڪوشش ڪئي. اهڙن ماڻهن کي اڄ به هتان جا ماڻهو عزت ۽ احترام جي نظرن سان ڏسن ٿا. اهڙين عظيم شخصيتن مان مولانا دين محمد وفائي جو نالو قابل ذڪر آهي. جنهن سنڌ جي تاريخ، تهذيب و تمدن ۽ سياست جي ميدان ۾، ناقابل فراموش خدمتون سر انجام ڏنيون.

مولانا دين محمد وفائي، 4 اپريل 1984ع تي، ڳوٺ کٽي عرف نبي آباد، تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جنم ورتو.

مولانا صاحب مشرقي انداز ۾، مدرسن ۾ تعليم حاصل ڪئي. جتي هن فارسي، عربي ۽ پنهنجي مادري زبان سنڌي ۾ ڪمال جي حد تائين عبور حاصل ڪيو. تعليم ختم ڪرڻ کانپوءِ، درس وتدريس جو پيشو اختيار ڪيائين ان دوران سندس ملاقات مخدوم حاجي حسن الله پاٽائي سان ٿي، جنهن جي صحت جي اثر هيٺ، 1919ع ۾، ”خلافت تحريڪ“ ۾ حصو ورتائون ۽ ڀرپور ڪردار ادا ڪيائون.

مولانا صاحب ”الوحيد“ اخبار ۾، 22 سال خدمتون سرانجام ڏنيون. 1932ع ۾ پاڻ هڪ ماهوار رسالو ”توحيد“ جاري ڪيائون. انهي اخبار ۽ رسالي جي ذريعي، هن سنڌ جي ديني، علمي، مذهبي ۽ سياسي فلاح ۽ بهبود بابت هر هڪ عملي قدم کان، سنڌ جي ذري ذري کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. هڪ محب وطن سنڌي جي حيثيت سان، هن روزانه ”الوحيد“ اخبار جي ذريعي، سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگي واري تحريڪ ۾، قلم وسيلي جيڪو جهاد ڪيو، اهو سنڌ جو  عوام ڪڏهن به وساري ڪونه سگهندو. ”الوحيد“ سندس سنڌ سان بي پناه محبت ۽ وابستگي جي آئينه دار آهي.

مولانا دين محمد وفائي پنهنجي عظمت جي باوجود، پاڻ کي هميشہ مولانا عبيدالله سنڌي جو هڪ ادنيٰ پيروڪار چورائڻ پسند ڪندا هئا. عبيدالله سنڌي اها انقلابي شخصيت آهي، جنهن انگريزن سان جنگ ڪرڻ لاءِ 1915ع ۾ افغانستان هجرت ڪئي.

مولانا دين محمد صاحب هڪ مؤرخ، اديب، صحافي، مبلغ، دانشور، آزادي جا سپاهي، سنڌي زبان ۽ تهذيب جا عاشق هئا. هنن پنهنجي زندگي ۾، پنجاه کان وڌيڪ، ٺوس ۽ جامع ڪتاب تحرير ڪيا. ان کان علاوه مختلف موضوعن تي، ”الوحيد“ ۽ ”توحيد“ جي شمارن ۾، تقريباً روزانو لکندا هئا. سندن هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن.

تذڪره مشاهير سنڌ، تاريخ محمد مصطفيٰ، غوث اعظم، اذڪار حسين، توحيد اسلام، خاتون جنت، سيرت عثمان، راحت الروح، فاروق اعظم، صديق اڪبر، حيدر ڪردار ۽ آفتاب سنڌ.

مولانا دين محمد وفائي کي، شاعري سان به سٺي دلچسپي هئي. سندس پهريون شعر 1913ع ۾، .الاسلام“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

سنڌ جي هن مايه ناز شخصيت، 10 اپريل 1950ع ۾، هن فاني جڳ مان رحلت فرمائي.

غلام محمد گرامي، مولانا دين محمد وفائي کي، سنڌ جي موضوعن تي، اهڙن نادر، ٺوس ۽ جامع ڪتابن جو خالق چيو آهي جن جي افاديت جي ڪري، سندس نالو سنڌي عوام ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي. حسام الدين راشدي کيس سنڌي مؤرخن جا امام چيو آهي. پيرعلي محمد راشدي هڪ جاءِ تي، کيس هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا جو نالو ڏنو آهي.


 

نثار حسيني

رني ڪوٽ

پيارا ٻارؤ! اڄ مان توهان کي دنيا جي وڏي کان وڏي قلعي رَني ڪوٽ‘ جي  باري ۾ ڪجهه ڄاڻ ڏيندس.

ڇا اوهان کي خبر آهي ته اڳئين زماني ۾ قلعا يا ڪوٽ ڇو  جوڙايا ويندا هئا؟!

ٻارو! اڪثر قلعا شهرن ۽ شهرواسين جي بچاءُ لاءِ ٺاهيا ويندا هئا. ته جيئن حملي آور دشمن سان مقابلو به ڪري سگهجي ۽ پنهنجو بچاءُ به ڪجي!

رني ڪوٽ به هڪ اهڙي قسم جو قلعو يا ڪوٽ آهي!

اوهان کي خبر آهي ته اهو ڪٿي آهي؟

رني ڪوٽ اسان جي سنڌ صوبي جي ضلعي دادو ۾ آهي ۽ ڪوٽڙي لاڙڪاني ريلوي لائين تي سن ريلوي اسٽيشن جي ڏکڻ _ اولهه پاسي 18 ميلن جي پنڌ تي آهي ۽ سن جو شهر حيدرآباد  شهر کان 56 ميل پري اُتر ۾ آهي. معنيٰ رني ڪوٽ حيدرآباد کان 64 ميل پري آهي.

رني ڪوٽ کي مختلف نسبتن جي حوالي سان ٻين به ڪيترن ئي نالن سان ڪوٺيو وڃي ٿو جهڙوڪ: راني ڪوٽ، روڻي ڪوٽ، نيرون ڪوٽ، نئين رني ڪوٽ يا موهن ڪوٽ.

رني ڪوٽ 18 کان 22 ميلن جيتري گهيري ۾ پکڙيل آهي. ڪوٽ جي چوڌاري جيڪا ڀت ڏنل آهي اُها سراسري 30 فوٽ اوچي ۽ 6 فوٽ ويڪري آهي ۽ اُن جي سمنڊ جي سطح کان اوچائي  ٻه هزار فوٽ جي لڳ ڀڳ آهي. ڀت جو رنگ هيڊو آهي ۽ اُها چن جي چورس پٿرن جي ٺهيل آهي، ڀت ۾ گهٽ وڌ فاصلي تي گول ۽ مستطيل ٺلهه يا منارا ٺهيل آهن. ٻارو! اها ديوار صرف ٽن پاسن کان آهي، يعني اولهه، اوڀر ۽ ڏکڻ پاسي، باقي اترئين پاسي اوچيون ۽ اتاهيون ٽڪريون قدرتي طرح ڀت جو ڪم ڏين ٿيون.

هن مشهور قلعي جا چار لنگهه يا دروازا آهن سن دروازو اوڀر پاسي، آمري دروازو اُتر اوڀر پاسي، شاه پير دروازو ڏکڻ پاسي، ۽ موهن دروازو اولهه پاسي ۾.

هڪ خاص ڳالهه ته انهيءَ قلعي اندر ٻه ٻيا به ننڍا ڪوٽ آهن جن مان هڪ کي ميري ڪوٽ ۽ ٻئي کي شير ڳڙهه چيو وڃي ٿو. اهي سن دوازي کان اتر پاسي 4- 5 ميلن جي مفاصلي تي آهن.

ميري ڪوٽ ڏسڻ کان پوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو شاهي رهائش گاه هو يعني ته ملڪ جي حاڪم جا ڀاتي وغيره اچي اتي رهندا هئا. شير ڳڙهه تمام مٿاهين اوچائي تي ٺهيل آهي، اُن اندر وڃڻ لاءِ هڪ اُڀڪپرو رستو وڃي ٿو ۽ شيرڳڙهه جي ويجهو ئي هڪ پراڻو قبرستان به پڻ آهي.

ٻارو! هي ته هو ڪوٽ جي قلمبندي يا اڏاوت جو احوال پر اچو ته اوهان کي اُن جي اڏاوت جي زماني بابت به ڪجهه ٻڌايان:

رني ڪوٽ جو ايڏو وڏو قلعو ڪڏهن ٺهيو، ڪنهن ٺهرايو؟! اُن باري ۾ ڪيترائي رايا آهن. ڪن جو چوڻ آهي ته اهو سٿي قوم، جيڪا آرين جي هڪ شاخ هئي تنهن 0 0 2 يا 100 سال قبل مسيح ۾ ٺهرايو هو، ته ڪن جو ويچار آهي ته اهو قلعو سنڌ جي ٽالپر حڪمران ”مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ سندس ڀاءُ مير مراد علي خان ٽالپر 1812ع ڌاري ٺهرايو هو. پوئين راءِ جي سلسلي ۾ ڄاڻن جو خيال آهي ته ميرن وٽ ايترا وسيلا ڪونه هئا جو اهي ههڙو وڏو قلعو ٺهرائي سگهن. البت ٽالپرن ان قلعي جي ڪن حصن جي مرمت ڪلهوڙن يا پنهنجي حڪومت جي ايامڪاريءَ  ۾ ضرور ڪرائي هوندي.

بهرحال دنيا جي انهيءَ تمام وڏي ۾ وڏي قلعي جي ٺهڻ جي صحيح تاريخ ۽ ٺاهي  مڪمل ڪرڻ بابت ڄاڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ کوجنائون هلندڙ آهن ۽ اُميد ته صحيح معلومات ضرور ملندي.

ٻارو! هتي هي ڳالهه به اوهان کي ٻڌائڻ جهڙي آهي ته سرڪار انهيءَ قلعي کي سيلانين جي سير گاهه بنائڻ لاءِ تمام سٺا اپاءُ وٺي رهي آهي. تازو 1981ع ۾ رني ڪوٽ سيمينار به ڪوٺايو ويو هو، خبر پئي آهي ته ملڪ جي وفاقي سرڪار هن قلعي جي مرمت ۽ تحقيق لاءِ اٺ ملين رپين جي رقم منظور ڪئي آهي ۽ اها به خبر پئي آهي ته عالمي ثقافتي ۽ قدرتي ورثي واري ڪائونسل جي نشاندهي تي يونيسڪو طرفان هن قلعي کي ”عالمي ثقافتي ورثي“ طور تسليم ڪرڻ جي ابتدا ٿي آهي.

پيارا ٻارو!جيڪڏهن اوهان جو ڪڏهن دادو ضلعي ڏانهن وڃڻ ٿئي ته، هن تاريخي هنڌ يعني رني ڪوٽ جي قلعي کي ڏسڻ نه وسارجو.

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان).

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com