سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1985ع

باب: --

صفحو :2

سيهڙيندڙ: مينگهراج وارهه.

فڪر جي ڦرهي

ادب جا جيترا به شعبا آهن، تن ۾ ڪهاڻي، سڀ کان زياده، زندگي جي عميق راز جي نقاب ڪشائي ڪري ٿي، سڀ کان وڌيڪ معاشري جي تهذيب ۽ تمدن جي وهڪري کي تيز ڪري ٿي ۽ سڀ کان زياده انسانيت جي سچي تصوير ڪڍي ٿي. ڇالاءِ ته ڪهاڻيءَ جي خاڪي ۾ هر طرح جي نقش نگاريءَ کي سمائي سگهجي ٿو. داخليت ۽ خارجيت جي آميزش، زمان ۽ مڪان جو ڀرپور احساس، انساني فطرت جي مختلف عنصرن جي تشريح، انساني زندگيءَ جي مقصدن جي وضاحت، ڪهاڻيءَ کان وڌيڪ ڪٿي به نه ملندي. اهو ئي سبب آهي جو افساني ۾ هر دور جي زندگيءَ ۽ طرز معاشرت جو عڪس رهجي وڃي ٿو، جو نه رڳو ”ادبيات“ جو، پر تمدني قدرن جو پڻ اهم ترين جزو بڻجي وڃي ٿو.

- سيد احتشام حسين


 

از: سپنڪمار 

سنڌيڪار؛ واشديو ”سنڌو“                    سائنسي ڪهاڻي

 

خوشبوءِ جا ڪرشما

 

جڏھن ڪنهن جي به ڪٿي بيعزتي ٿيندي آھي، تڏھن اسين چوندا آھيون ته فلاڻي جو نَڪُ ڪپجي ويو. اِنساني سماج ۾ نَڪ کي ڏاڍي اھميت ڏني ويندي آھي، پر اها اهميت سماجي آهي. ان کي اسان سائنسي نقطه نظر کان ڪڏهن به نه ڏٺو آهي.

نائلان جا ڪجهه جوراب هڪ امريڪي دُڪان ۾ رکيا هئا. ڪجهه زالون آيون ۽ اُنهن جورابن کي چڱيءَ طرح جاچي جُوچي هڪ خاص قسم جو جوراب چونڊيو. اُنهن چيو ته اهي جوراب هٿ لڳائڻ ۾ سٺا ٿي لڳا. انهن جو رنگ اکين کي نٿي چُڀيو، پر اُنهن کي ڏسڻ سان ائين ٿي لڳو ته کين اُهي خريد ڪرڻ گهرجن. سچ پڇيو وڃي ته ٻين جورابن ۾ صرف هڪ فرق هو ۽ اُهو هيءُ هو ته اُنهن ۾ خاص قسم جو خوشبوءِ وڌي ويئي هئي: خوشبوءِ تمام هلڪي هئي، پر اُن جو اثر گهٽ نه هو.

ان طرح جا ڪيترائي تجربا ڪيا ويا، جنهن مان اِهو ثابت ٿي ويو ته جيڪڏهن دوڪاندارن کي خوشبوءِ جي صحيح استعمال جو فن سيکاريو وڃي ته پڪ ئي پڪ مال جو وڪرو ڪافي وڌي سگهي ٿو.

 

ٽيليويزن تان خوشبودار نظارا

هڪ امريڪي ڪمپنيءَ هڪ اهڙو روغن ٺاهيو آهي، جيڪو مصالحن جيان ٺاهيو آهي، انهيءَ ڪمپني هڪ اهڙو ’ڀاڻ‘ تيار ڪيو  آهي، جيڪو ٻيرن جي وڻ جهڙي خوشبوءِ ڏئي ٿو. اهو زمانو هينئر پري نه آهي، جڏهن اسين گند جي ڍڳ تي خاص قسم جي شيءِ وجهي، اُن کي باغيچي جيان خوشبودار بڻائي سگهنداسين. ڪن ماڻهن کي گوشت پَچڻ جي خوشبوءِ پسند نه ايندي آهي، حالانڪ هو گوشت نه وَرتائيندا آهن. اهڙن ماڻهن جي مشڪلات پڻ حل ٿي ويندي، گوشت ٺاهڻ وقت هو پنهنجي پسند جي گلن جي خوشبوءِ جو لطف وٺي سگهندا اهڙا تجربا ڪاميابيءَ سان ڪيا ويا آهن، جن ۾ ٽيليويزن ڏسڻ وارن کي نظاري سان گڏوگڏ واسطو رکندڙ خوشبوءِ جو پڻ احساس ٿيندو. اهي تجربا اڃا جاري آهن ۽ جلدئي عوام اڳيان آندا ويندا. ڪجهه سال اڳ مشهور اديب آلڊس هڪسلي لکيو هو ته اسين اهڙي تهذيب ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، جنهن جو هر باشندو پنهنجي نڪَ وسيلي وڌيڪ ڪم وٺندو.

خوشبودار فلم

مسٽر مائيڪل ٽاڊ هڪ فلم سُينٽ آف مسٽِري‘ ٺاهي آهي. ان فلم جي اِها خاصيت آهي ته جيڪڏهن پردي ڏانهن نهاريندي وقت، اوهين گڏوگڏ سنگهندا نه هلو ته فلم جي ڪهاڻي اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندي. مسٽر ٽاڊ جنهن خاص طريقي سان هيءَ فلم تيار ڪئي آهي، اُن جي ڪهاڻي هن ريت آهي.

هڪ انگريز کي خبر پوي ٿي ته سندس سڃاتل هڪ خوبصورت امريڪن ڇوڪريءَ جو خون ٿيڻ وارو آهي. اُهو شخص ان ڇوڪري کي هڪ خاص قسم جي عطر استعمال ڪرڻ ڪري سڃاڻي سگهي ٿو. ڇوڪري پنهنجي رومال ۾ عطر هڻي ٿي. خوني هڪ خاص قسم جو تماڪ ڇڪي ٿو. تماڪ جي بوءِ جي آڌار تي فلم جو هيرو اُن کي پڪڙڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو. پڪ ئي پڪ هيءَ ڪهاڻي اهڙي آهي جو ان کي سمجهڻ لاءِ خوشبوءِ تي آڌار رکڻ بنا ڪم نٿو هلي سگهي.

مسٽر ٽاڊ سوچيو ته جڏهن فلم کي خوشبودار ڪرڻو ئي آهي ته صرف عطر ۽ تماڪ جي خوشبوءِ جو ئي استعمال ڇو ڪيو وڃي. هو پنهنجي ڪم کي جُنبِي ويو ۽ هن ڪاميابي حاصل ڪئي. فلم ۾ اٽڪل 50 قسمن جون خوشبوئون آهن هر هڪ، هڪ خاص مشين ذريعي ٺيڪ موقعي تي مقرر وقت لاءِ سڄي هال ۾ پکيڙي ويندي ۽ پوءِ ڦُڙتيءَ سان واپس ورتي ويندي، جيئن ٻي خوشبوءِ پکيڙي وڃي.

خوشبوءِ جو نڪ سان تعلق

سُنگهڻ جو اثر ڪهڙو ٿئي ٿو، ان کي اڃا تائين ڀَليءَ ڀت سمجهيو نه ويو آهي. خوشبوءِ جا پڻ خاص قسم جا ذرا (ڪڻ) ٿيندا آهن، جيڪي هوا سان گڏ اسان جي نڪ جي اندر پهچن ٿا ۽ نڪ جي نازڪ پردي ڏانهن وڌن ٿا. ان پردي کي آلفئڪٽري‘ چوندا آهن. اهو پردو تمام سَنهن وارن سان ڍڪيل هوندو آهي. گهڻي ڀاڱي وارن جي پاڙن ۾ سجاڳ نَسُون ٿينديون آهن. خوشبوءِ جا ذرا اِنهن ئي نسن وسيلي سڃاتا ويندا آهن. ڪن خاص نسن ذريعي، اِنهن جو سنيهو دماغ تائين پهچي ٿو.

 

کاڌي جو سواد خوشبوءِ جي آڌار تي

زُڪام جي ڏينهن ۾ اسان کي کاڌي جي سواد جو به پورو پتو نه پوندو آهي. ان جو اهو سبب آهي ته ڪنهن به سواد کي چڱيءَ طرح پرکڻ لاءِ ڄِڀَ ۽ نَڪ، ٻنهي جو ساٿ ملڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان کان پڇيو وڃي ته سواد ڪيترن قسمن جا ٿيندا آهن ته شايد ڪجهه دير لاءِ اوهين منجهي پئو. سواد چئن قسمن جو ٿيندو آهي:

کَٽو، مِٺو، چهرو ۽ تکو. ٻيا سواد انهن سوادن جي گڏجڻ سان ٺهيا آهن. پر خوشبوءِ جي قسمن جي ڄاڻ اڃا تائين نه پئجي سگهي آهي.

هر وقت نه ڄاڻ ڪيترن ئي قسمن جي خوشبوءِ جا ذرا ساهه سان گڏ اسان جي نڪ ۾ ايندا رهن ٿا، پر مشغول هئڻ سبب اسان کي انهن جي پروڙ ڪانه ٿي پوي. ڪڏهن ڪڏهن اوچتو ئي اسين ڪنهن خوشبوءِ کي محسوس ڪندا آهيون. جڏهن اسين غور سان سُنگهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا، تڏهن ئي ان خوشبوءِ جو احساس ٿئي ٿو. سنگهڻ جي خاص ڪوشش ڪرڻ تي نَڪ جي اندر ”سنگهڻ وارن پردن“ جي اوسي پاسي وارو رستو سسي وڃي ٿو. انڪري اتان نڪرڻ وارو ساهه پردي سان وڌيڪ گَهِڪا کائي ٿو.

کاڌي وقت جڏهن اسين ڪا شيءِ چَٻاڙيون ٿا، تڏهن ان جي خوشبودار هوا اسان جي ڳلي ۾ لهي، وري مٿي کڄي ٿي، جتي نڪ جو ”سنگهڻ وارو پردو“ موجود هوندو آهي. ڄڀ کي سواد جو پتو پوي ٿو ۽ ان سان گڏوگڏ نڪ ان سواد جي خوشبوءِ جي ڄاڻ دماغ کي موڪليندو رهي ٿو. ان طرح اسان کي سوادي کاڌي جو لطف ملي ٿو. ڪيترا دفعا ته ائين ٿيندو آهي ته جنهن کي اسين سواد سمجهندا آهيون، اها صرف خوشبوءِ ئي ٿيندي آهي. ڪهڙو شخص ڪهڙي خوشبوءِ پسند ڪندو، ان آڌار تي ڪنهن شيءِ ۾ ڪهڙي خوشبوءِ ملائي وڃي، ان تي ڌيان رکڻو پوندو آهي. انهن طريقن ۾ جيڪڏهن ڪا ڀُل ٿي وڃي ته ان جو وڪرو وڌڻ بدران گهٽجي ويندو آهي.

انڌن شخصن جو نڪ وڌيڪ تيز

جهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهو ٻوڙا ٿيندا آهن، تهڙيءَ طرح ڪيترن ئي ماڻهن کي خوشبوءِ جو گهٽ احساس ٿيندو آهي. ڪا نقصانڪار شيءِ سُنگهڻ ڪري، ”سنگهڻ جي طاقت“ گهٽجي ويندي آهي، اُها هميشہ لاءِ ختم به ٿي سگهي ٿي. انڌن شخصن جو نڪ گهڻي ڀاڱي تيز ٿيندو آهي. جڳ مشهور اکين کان انڌي عورت مئڊم هيلين ڪيلر جو نڪ ايترو ته تيز هو جو جيڪڏهن ڪنهن باغيچي ۾ هن کي گهمايو ويندو هو ته هوءَ باقاعدي ٻڌائيندي هئي ته ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪهڙا ڪهڙا ٻوٽا لڳل آهن.

خوشبوءِ جو واپار تي اثر

خوشبوءِ جَهٽڻ جي ان فن جي جڏهن ترقي ٿيندي، تڏهن انهن ماڻهن جو واپار چمڪي اُٿندو جي پراڻيون شيون وڪڻن ٿا. هڪ اهڙي خوشبوءِ ٺاهي ويئي آهي. جنهن کي پُراڻي موٽر ڪار تي استعمال ڪيو ويندو. ان سان خريد ڪرڻ وارو محسوس ڪندو ته موٽر ايتري پراڻي ڪانهي، جيتري هو سمجهي رهيو آهي. اِها خوشبوءِ رٻڙ، چمڙي، پلاسٽڪ ۽ رنگ جي گڏيل سڏيل ٿيندي آهي.

 

اها دوکيبازي ڪانهي

اوهين چئي سگهو ٿا ته هيءَ دوکيبازي آهي. نه، اهڙي ڳالهه ڪانهي خريد ڪرڻ وارو اهو ته ڄاڻي ٿو ته مال پراڻو آهي. اِهو ضروري ڪونهي ته پراڻو مال سٺو نه هجي. پر اَڪثر گراهڪ اِهو سمجهي بنا خريدڻ جي هليو ويندو آهي ته نه ڄاڻ پراڻي هئڻ سبب هال ڪهڙو هجي! ان جي اهڙن شڪ شُهبن کي دور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيل خوشبوءِ ڏاڍي مددگار ثابت ٿيندي!

 

اڪبر جسڪاڻي

 

اُٺ پتڻ تي

 

ننڍي هوندي جي ڪا حرڪت ڪندا هئاسين ته مائٽ ناراض ٿي جلدي ۾ چئي ڏيندا هئا ته ”ڇورا جيئن اُٺ پتڻ تي ڪٽبو آهي، تيئن ڪٽبين“ ان وقت اهو لفظ سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو ته، اٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو هوندو. اسڪول ۾ به استاد جي واتان اهو لفظ روز ٻڌندا هئاسين، پر اهو تجربو ڪونه ٿيو ته ا‎ٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو آهي.

پرائمري ڇڏي، جڏهن هاءِ اسڪول ۾ داخل ٿياسين ته اتي به انهيءَ لفظ جند ڪانه ڇڏي. ۽ ذهن ۾ ويتر هورا کورا ٿي پئي ته اٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو هوندو. هڪ استاد جيڪو سنڌي پڙهائيندو هو. (اهو ڏاڍي محنت ڪري پڙهائيندو هو. گرامر کان ويندي ڏکين لفظن جي معنيٰ تائين، سڀ بوڪ تي لکرائيندو هو) ۽ جڏهن پڇندو هو. جي ڪا معنيٰ ڪنهن جي ڪچي نڪتي ته توبهه زاري ٿي ويندي هئي. ڇوڪرن به ان استاد جي نفسيات جاچي ڇڏي هئي، جڏهن شلوار قميص ۾ هوندو هو ته ڪونه ماريندو هو، پر جي سوٽ پائي جنهن ڏينهن ايندو هو ته، اسان جي دل پئي ڌڪ ڌڪ ڪندي هئي، سوٽ ۾ جي ڪارو سوٽ پائي آيو ته، ڄڻ اسان لاءِ شامت آئي، گهڻا ڇوڪرا ته ڪارو سوٽ پاتل ڏسي صبح سان ئي ڪلاس مان گولي ٿي ويندا هئا.

هڪ ڏينهن سائين! اسان کي چيو ته بيت ياد ڪري اچجو، ٻئي ڏينهن تي، سائين ڪارو سوٽ پائي آيو، هڪ بيت اڌو گابرو ياد، ۽ ٻيو ڪاري سوٽ جي دهشت، جيڪي سٽون ياد هيون سي به وسري ويون. مان ته ڪلاس مان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هوس، پر ڀڄان ڪيئن، سامهون ڪرسي وجهيو سائين ويٺو هو. ان کي به ڪي پرون پئجي ويا هئا. سو نظر رڳو اسان جي ڪلاس ۾ هوس. بيل وڳو اسيمبلي ڪري اچي، ڪلاس ۾ ويٺاسين، ڪلاس ۾ رڳو خاموشي هئي. هر ڪو ڪتاب منهن تي ڏيو ويٺو هو. مان به قل پڙهڻ ۾ پورو هوس، ايتري ۾ سائين، اندر داخل ٿيو. ڇيهه ئي ڇڄي پيا. وري جو نظر ڪاري سوٽ تي پئي. پوءِ ساهه وڃي لڪي وٽ بيٺو. سائين بيت ٻڌڻ شروع ڪيو، ڇوڪرا ڪي سٽون پڙهي بيهيو رهن ته ڪي، چار سٽون، مان ٽن سٽن تي اچي ائين بيهي رهيس، جيئن پسينجر گاڏي ڪنهن اسٽيشن تي بيهي رهندي آهي.

سيارو پارو هجي، سڄي ڪلاس ۾ صرف ٻن ڇوڪرن جو بيت پڪو هو ٻيا سڀ اسان سان گڏ بيٺا هئا. سائين مانيٽر کي جنهن وقت چيو، وڃي مولابخش (لڪڻ) کڻي اچ. ان وقت اسان جي منهن تي 12 وڄي ويا. ائين ڏڪي رهيا هئاسين ڄڻ ته 80 سالن جا پوڙها هجون. مانيٽر مولابخش کڻي آيو، سائينءَ اچي ورتو لڪڻن سان، ڪلاس ۾ رڳو ڇوڪرن جون رڙيون هجن ۽ ائين منهنجو وارو به اچي ويو بس مان ته سائينءَ جي پيرن تي ڪري پيس، سيءُ کان پوتڙو ڪنن کي ويڙهيل هو، سائين انهيءَ کان وٺي کڻي، مون کي مٿي ڪيو، ائين جيئن مڇي کي پڇ کان وٺي مٿي ڪبو آهي! پوتڙو لهي ويو، ۽ منهنجا ٻئي هٿ وڃي لڪڻ ۾ پيا، سائين ڀري ڪري چماٽ هنئي، هڪ سيءُ ٻيو چماٽ اهڙي لڳي، سنگهه وڃي هيٺ ڪري، سائين کان کل نڪري ويئي، مون سمجهيو ته جان ڇٽي، پر سائين وري وارن کان وٺي سڌو بيهاري چيائين ته هٿ ڪڍ. هٿ ٻاهر ڪڍيم سائين لڪڻ هڻڻ وارو هو ته، وري وڃي پيرن تي ڪريو مانس، پوءِ ته اتي ئي اچي لڪڻن سان ورتائين، سائين جا لڪڻ هڻڻ جا وسڪارا هجن، ۽ منهنجي رڙين جا رانڀاٽ هجن، سڄي ڪلاس ۾ مان ليٽندو رهيس، ۽ سائين ڪٽيندو رهيو، ماري ماري جڏهن بس ڪيائين، پوءِ هئا اسان جا  سڏڪا ۽ سڏڪن سان گڏ سرڙاٽ به، ڇو ته منهنجي سنگهه هيٺ لهي ٿي آئي ته مون ڇڪي مٿي ٿي ڪيومانس، سائين سڀني کي ڪُٽي بس ڪيو، پوءِ ته رڳو ڪلاس ۾ هجن اسان ٻارن جا سڏڪا ۽ رڙيون، آخر ۾ سائين وارننگ ڏيندي چيو ته، جي سڀاڻي بيت ڪچو هوندو ته، انهيءَ کان وڌيڪ مار ڏيندو سانو، ائين جيئن اٺ پتڻ تي ڪٽبو آهي، سائين ائين چئي هليو ويو.

اسان جا هٿ سيءَ ۾ صفا سڄي پيا هئا، منهنجي ته جسم جو ڪو حصو واندو ڪونه هو، جتي لڪڻ جا نشان نه هجن. جڏهن روئي روئي بس ڪيم ته، سوچڻ لڳس ته ڇا اٺ ويچارو پتڻ تي انهيءَ کان به وڌيڪ مار کائيندو هوندو.

اتفاق سان هڪ ڀيري سيوهڻ ويس ۽ درياء واري پاسي گهمندي، اتي اچي پهتس جتي کوڙ ساريون ٻيڙيون بيٺيون هيون ۽ ماڻهو ٻيڙين ۾ چڙهي پنهنجي ماڳ وڃي رهيا هئا، اتي هڪ اٺ کي به ٻيڙي ۾ چاڙهڻ لاٰءِ ڪاهي آيا، مان ڏاڍو خوش ٿيس ته اڄ اٺ پتڻ تي ڪٽبو. سو ڏسندس. اٺ کي ٻيڙي ۾ اندر ڇڪڻ لڳا، ٻين اچي لٺين سان وسڪارو لاتس، پر اٺ هجي، جيڪو اڳتي وڃڻ بجاءِ پٺتي پيو ٿئي، پر همراهن به لٺين جو وسڪارو لائي ڏنس، اُٺ لٺين جي باهه کان وٺي اندر ٻيڙي ۾ ته اڌ حصو پاڻي ۾، مان ته کل کي روڪي نه سگهيس ۽ کلڻ لڳس، پر اٺ ويچاري سان حالت هجي، پوءِ ته ڊگها لڪڙا کڻي اٺ جي پيٽ جي هيٺان ڏنائون ۽ ويهارو کن ماڻهن، انهن کي مٿي ڇڪيو ۽ ٻين لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. گهڻي دير کان پوءِ اٺ ويچاري وري اڇل ڏني ۽ وڃي ٻيڙي ۾ ٽپو ڏنو پر سندس جسم اڌ اندر ٻيڙي ۾ پيو. ان وقت منهنجي آڏو اهو ڪلاس جو نقشو هو. جنهن ۾ اسان به ائين ڪٽجي رهيا هئاسين. ان ڏينهن خبر پئي ته اُٺ پتڻ تي ڪيئن ڪٽبو آهي. پر هاڻ ته سائنس جو زمانو آهي. اخبار ۾ فوٽو ڏٺم ته اٺ کي ڪرين کڻي جهاز ۾ وجهي رهي هئي، سوچيم  ته اٺ ويچارو موچڙن کان ته بچيو، پر جڏهن ڳوٺ ويس ته ڀاڻج کان پڇيم ته ڪير پرهائيندو اٿو تڏهن ساڳي سائين جو نالو ورتائين، چيومانس ته پوءِ ته جام موچڙا کائيندو هوندين، ٺهه پهه چيائين، توهان وارو زمانو ڪونهي. هاڻ ته ڪاپي به زنده آباد لڳي پئي آهي مون ڦڪي کل کلندي چيو، واقعي هاڻ نه شاگرد مار کائيندو ۽ نه اٺ نه پتڻ تي ڪٽبو، ڇو ته سائنسي دور آهي هرڪو پنهنجي ڪم ۾ ماهر ٿي ويو آهي. پر ڪاپي زنده آباد تي هڪ دوست جو ٻڌايل قصو ياد اچي ويو. ڪنهن ننڍي ڳوٺ ۾ همراهه جي شادي هئي. هن جي نوڪري ڪنهن ٻئي ضلعي ۾ هئي هن مائٽن ڏانهن تار ڪئي ته مان، هڪ ڏينهن شادي کان اڳ ۾ ايندس، انتظار نه ڪجو جيئن ته انهن جو ڳوٺ شهر کان پري هو. سو پوسٽ وارن ڪنهن سان تار ان جي مائٽن ڏانهن موڪلي ڏني. ڳوٺ وارا اچي پريشان ٿيا ته تار ڇا جي آهي ۽ ڪنهن کان پڙهائجي. اتي خيال آين ته فلاڻي جو پٽ انگريزي پڙهي آيو آهي، سو ان کان پڙهائجي تار ان وٽ کڻي ويا. ان جا حال هئا ”ڪاپي زنده باد“ وارا، سو تار پڙهي چيائين ته هو فوت ٿي ويو آهي، لاڏا بند ٿي ويا. جنهن گهر ۾ خوشيءَ جو سماءُ هو اتي رڳو روڄ راڙو پئجي ويو، هڪڙا ان وقت ئي ڀڳا اوڏانهن. ٻئي ڏينهن تي گاڏي وڃي انهن کي ان شهر ۾ لاٿو ۽ هو وڃن ته همراهه آفيس ۾ ويٺي ڪم ڪيو، پهرين ته مائٽ ڀاڪرين پئجي ويس، پوءِ سڄي ڳالهه ڪيائونس ته ان چيو ته مون ته لکيو هو ته مان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ايندس، پوءِ ڳوٺ ۾ اچي ان ڇوڪري کي چيائون ته ابا تو ڇا پڙهيو هو ته، ٺهه پهه چيائين ته ”مون سمجهيو ته تار مئل ماڻهو جي ايندي آهي“ سو جي ڪاپي جو اهو حال آهي ته پوءِ هر ٻار تعليم پرائڻ کان پوءِ به ان ۾ اڻپڙهيل ۾ ڪو فرق نظر ڪونه ايندو. ڪاش اسان جو ٻار ”ڪاپي زنده آباد بدران ڪاپي مرده باد“ چئي محنت ڪري پڙهڻ شروع ڪري ڏيئي!.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com