هڪ طرف دنيا ۾ ائٽمي هٿيارن جو استعمال روز بروز
وڌي رهيو آهي، ٻي طرف دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم عوام
نجات جي جدوجهد ۾ مصروف آهي، ته دنيا کي جنهن
خطرناڪ هٿيارن کان بچائي سگهجي، هڪ اندازو آهي ته
دنيا ۾ ايترو اسلحو موجود آهي جو پوري دنيا کي
اٽڪل 92 دفعا ختم ڪري سگهجي ٿو، هڪ ٻئي اندازي
موجب پوري دنيا ۾ 55 هزار ائٽم بم موجود آهن، هڪ
طرف هي حالت آهي جو هر ملڪ اسلحي تي اربين رپيا
خرچ ڪري ٿو ٻي طرف مستقبل جا وارث ٻار بک وگهي مري
رهيا آهن. اسان جي ملڪ ۾ جسماني پورهئي تي بندش نه
هئڻ ڪري، اٽڪل 20 لک ٻار معيشت جي مختلف شعبن ۾ ڪم
ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٽوٽل 80 لک ٻار جسماني پورهيو ڪن پيا.
اسان جي ملڪ جا لکين ٻار اهڙا ڀي آهن، جيڪي بک تي
گذارو ڪن ٿا. اسان جي ملڪ جي هوشو جهڙن ٻارڙن وٽ
پائڻ لاءِ ڪپڙو ڪانهي، هيمون جهڙا ٻارڙا بک وگهي
مري رهيا آهن. دودي جهڙا ٻارڙا بيڪرين جي سخت
پورهئي هيٺ سڙي رهيا آهن.
مختلف ملڪن ۾ کاڌي نه ملڻ ڪري ۽ بيمارين جوپورو
علاج نه هئڻ ڪري هر سال ڪيترائي ٻار موت جي منهن ۾
هليا وڃن ٿا. هڪ اندازي موجب ترقي پذير ملڪن ۾ هر
روز 40 هزار، هر هفتي 2 لک 80 هزار ٻار، هر مهيني
12 لک ٻار، هر سال تقريباً هڪ ڪروڙ 50 لک ٻار
مختلف مرضن جو شڪار ٿي موت جي منهن ۾ هليا وڃن ٿا.
اسان جي ملڪ جا ٻار جيڪي اصل ۾ هن ملڪ جا وارث آهن
اهي در در جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، انهي ۾ ڏوهه
اسان جي وڏن جو ناهي، ڏوهه آهي ته هن معاشري جو
جنهن ۾ 90 سيڪڙو فرد ڍورن واري زندگيءَ گذاري رهيا
آهن. پاڪستان جي مشهور سائنسدان هڪ هنڌ تقرير ڪندي
چيو ته مختلف ملڪن ۾ تعليم جو معيار هن ريت آهي.
ترقي يافته ملڪن ۾ 98 سيڪڙو، ترقي پذير ملڪن ۾ 58
سيڪڙو ۽ پاڪستان ۾ 23 سيڪڙو. ان مان صاف ظاهر آهي
ته اسان جي ملڪ جا 77 سيڪڙو اهڙا ٻار آهن، جيڪي در
در ٺوڪرون کائيندي زندگيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا
آهن. اڄ لکين رپيا خرچ ڪري ائٽم بم، نائٽروجن بم،
راڪيٽ ۽ ٻين قسمن جا جديد هٿيار ٺاهيا پيا وڃن، پر
معصوم انسانيت جي مستقبل روشن ڪرڻ لاءِ ڪجهه رپيا
به مخصوص نه ٿا ڪيا وڃن هاڻي اسان کي انسانيت جي
اعليٰ مستقبل بابت سوچڻ کپي، ورنه ڌرتي جي هر ٻار
کي پنهنجي لاءِ پاڻ ئي سوچڻو پوندو!
سليم الله اسلم سومرو
مضمون نمبر 2
سلسلو 48
ٻار جو معاشري ۾ ڪردار
ٻار جڏهن ڪجهه ٿورو وڏو ٿئي ٿو ته ان کي اهڙيون
ڳالهيون ٻڌائجن جو هو اڳتي هلي پنهنجي وڏن يا ٻين
سان يعني پاڻ کان وڏا هجن يا استادن سان ادب
احترام سان پيش اچن. جيڪڏهن ننڍي ٻار کي اخلاقن
واريون ڳالهيون ٻڌائبيون ته هو وڏي هوندي سٺن
اخلاقن وارو ٿيندو ۽ برن جي مجلس جي ويهڻ کان پري
رهندو. جيڪڏهن هُن کي خراب عادتون ننڍپڻ ۾
سيکاربيون يعني چوري يا خراب ڇوڪرن سان گهمڻ ڦرڻ
يا نشو ڪرڻ سيکاربو ته هُن کي وڏي هوندي، اهي ٽي
عادتون سامهون هونديون آهن. سنڌي ۾ چوڻي آهي ته
ننڍو ٻار مڇ جو وار.
پراڻي زماني جي ڳالهه آهي ته هڪ مائي پنهنجي پٽ کي
ننڍپڻ ۾ چوريءَ جي عادت وڌي، ان کي چوندي هئي ته
ڪابه شيءِ ڪنهن جي گهر کان يا اوطاق کان هٿ اچئي
ته کڻي ايندو ڪر،پٽ ائين ڪندو رهيو، اڄ ننڍو سڀاڻ
وڏو، آخر وڏو ٿيو، ان کي چوريءَ جي عادت هئي، هي
هڪ چوري تان موٽيو ته هن کي پوليس پڪڙي وڌو، هن کي
ڏاڍي مار ڪڍيائون ۽ هن لاءِ ڦاسيءَ جو آرڊر ڏنو
ويو هن جي جڏهن ڦاسي جو وقت پهتو ته هن کان پڇيو
ويو ته ڪا مراد اٿئي، ته چيائين ته امان سان ملڻو
آهي. ان وٽ ان جي ماءُ آئي چيائين ته ”امڙ ڪن هيڏي
ڪر ته توکي ڳالهه ٻڌايان!“ ”ماءُ ڪن ڪيو ته چيائين
ته جيڪڏهن مون کي چوري نه سيکارين هان ته مون کي
ڦاسي ڇو اچي ها، ائين چئي کڻي ڪن ۾ چڪ هنيائينس،
مطلب اهو ٿيو ته ننڍپڻ ۾ بداخلاقي سيکارڻ پنهنجي
بي عزتيءَ ڪرائڻ. جيڪڏهن ٻار کي ننڍپڻ ۾ پڙهائڻ تي
زور نه ڏبو ته اهو ٻار جي لاءِ به نقصان آهي، ته
پاڻ جي لاءِ به. ٻار جيڪڏهن نه پڙهندو ته وڏي
هوندي چوندو ته بابي نه پڙهايو، جيڪڏهن پڙهي پوان
هان ته هاڻي خط وغيره ٻين کان ڇو پڙهائجي ها.
جيڪڏهن ٻار کي پڙهائجي ٿو ته مائٽ ان جا ان جي
پڙهائي تي زور ڏين ۽ ٻار کي به گهرجي ته هو محنت
ڪري معاشري جي لحاظ سان سٺو نمبر کڻي. ڪافي ٻارن
پنهنجي محنت ڪرڻ جي ڪري هو ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي
اچي حصو ورتو اٿن.
کل ته سهي
·
ٻه بيوقوف رات جو ٻاهر نڪتا، چوڏهين جي رات هئي
هڪ بيوقوف چيو: يار اڄ چنڊ ڇو گهڻو روشن آهي. جڏهن
ته پوين تاريخن ۾ ائين ناهي هوندو.
ٻيو بيوقوف: ڇاڪاڻ ته نوان سيل پيل اٿس.
محمد جعفر بلوچ نواب شاهه.
·
هڪ واپاري کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل ڪيو
ويو، واپاري جي طبيعت نازڪ هئي، نرس هر هر مريض جي
نبض جي ڌڪ- ڌڪ ڊاڪٽر کي ٻڌائي رهي
هئي ته هڪ سئو هڪ- هڪ سو ٻه، ايتري ۾ مريضن کي هوش آيو، چيائين هڪ سئو چار
تي سمورو سامان وڪڻي ڇڏيو.
عبداللطيف شيخ لاڙڪاڻو
·
هڪ شخص عينڪ جي فريم ۾ نظر جو شيشو لڳرائڻ لاءِ
دڪاندار کي فريم ڏنو. دڪاندار ڀل مان، نظر جي شيشي
بدران دوربين جا شيشا لڳائي ڏنا، ان همراهه جڏهن
ٻاهر چشمون پاتو ته دنيا ٻي هئي، گاڏي واري کي
چيائين ”هي گدرو گهڻي سير آهي؟“ گاڏي واري چيس
”چشمو لاهي ڏسو، هي گدرو نه پر انگور آهن.“
الطاف حسين سومرو ڪوٽ غلام محمد
·
هڪ پرديسي ڪنهن کان سٺي هوٽل جو پڇيو، ان هن کي
اسيمبلي هال ڏانهن موڪليو، ان وقت اجلاس
هلي رهيو هو،
اسپيڪر ڪنهن ڳالهه تي، آرڊر، آرڊر چئي رهيو هو، ان
غريب گيلري ۾ ويهندي جلد ۾ چيو ”دو روٽي ايڪ دال.“
نور نحمد نور ڪنڀر عمرڪوٽ.
·
هڪ بس اسٽاپ تي بس بيٺي، ڊائيور لهي چانهه پيئڻ
ويو. هڪ پوڙهو ڊرائيور جي سيٽ تي ويهي رهيو،
ڊرائيور آيو پوڙهي کي اٿڻ جو چيائين- پوڙهي چيس:
ابا، مان اٿي نه ٿو سگهان، مهرباني ڪري ٻي سيٽ تي
ويهي بس هلاءِ.
ڪامريڊ محمد شريف واهرو.
·
استاد شاگردن کان سوال ڪيو، پٽ ٻڌايو ته قطب الدين
جو مينار ڪٿي آهي، ڇوڪرن هٿ مٿي کنيو، هڪ شاگرد
بينچ تي ننڊ ڪري رهيو هو، استاد وڃي ڪن کان
وٺي مٿي ڪري
پڇيس، مون ڇا پڇيو آهي” ڇوڪر جواب ڏنو ته سائين
توهان پڇيو هو ته قطب الدين جو ڪتو ڪٿي آهي.
محمد هاشم جروار ٽنڊوالهيار.
·
هڪ همراهه گرم پاڻي ۾ ڪڪڙ کي ٽٻيون ڏياري رهيو
هئو. ٻئي همراهه چيس، اهو ڇا ٿو ڪرين، ان همراهه
چيس ته يار صبح جو بيدو بوائل ڪرڻ ۾ وقت ٿو لڳي سو
ڪڪڙ کي گرم پاڻي ۾ ٽٻيون ٿو ڏياريان، جيئن بوائل
بيدو لاهي.
اياز قربان نانگور مختيار آباد.
گل ڦل قلمي دوستي
·
نالو: عرفان علي شيخ
ڪلاس: ٽيون
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 8 سال
ائڊريس: برهان بڪ اسٽال اردو بازار ڪراچي.
·
نالو: ذوالفقار علي ساند
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪاڇيلو فارم.
·
نالو: رتن ڪمار
ڪلاس: اٺون اي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ اين ڊي اي وي هاءِ اسڪول گهوٽڪي.
·
نالو: مظفر احمد چانڊيو
ڪلاس: چوٿون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 10 سال
ائڊريس: اسلاميه ڪاليج وارهه
·
نالو: پون ڪمار دولتاڻي
ڪلاس: نائون اي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيات پتافي
·
نالو: بخشل خان سومرو
ڪلاس: نائون ڊي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ.
·
نالو: رميش ڪمار ڪي- ايس
ڪلاس: اٺون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: مهراڻ ماڊل اسڪول پنوعاقل
·
نالو: وزير علي عباسي
ڪلاس: نائون اي
وندر: علم سان شوق
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر 1 سکر.
·
نالو: اياز احمد شيخ
ڪلاس: نائون اي
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ نيشنلائيزڊ هاءِ اسڪول ڪشمور
ڪالوني نمبر 1
·
نالو: مهيش ڪمار
ڪلاس: ستون بي
وندر: بيڊمنٽن راند ڪرڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل
·
نالو: محمد نواز سومرو
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: ادب سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول گهوٽڪي.
·
نالو: برڪت شيخ
ڪلاس: اٺون اي
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ ڊي پي هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو.
·
نالو: صوڀو خان گندرو
ڪلاس: نائون اي
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول جهمپير.
سلام سنيها
·
خالد حسين جسراڻي مگسي شهدادڪوٽ: ادا، اسان توهان
جون مينهون ٻڌيون آهن ڇا، جو مواد شايع ئي نه ٿا
ڪريو.
(ڀاءُ مون وٽ ته مينهون آهن ئي ڪونه، مواد شايع
ٿيڻ لاءِ صبر ڪريو)
·
عبدالواحد سومرو وڳڻ: ادا رسالي ۾ غلطيون ڏاڍيون
ٿا ڪريو. (ڀاءُ نشاندهي لاءِ مهرباني، ڪوشش ڪبي ته
غلطيون نه رهن)
·
زينب شر ڳوٺ زوار حسين شر: ادا، فيبروري واري پرچي
کي ڏسي، وات ۾ پاڻي اچي ويو، اهڙا ٽائيٽل ڏيو ته
مٺائي به موڪليو.
·
خادم حسين نوناري انڙواهه: ادا پهريون ڀيرو مواد
موڪلي رهيو آهيان شايع ڪندا، ۽ ساليانو خريدار
ڪيئن ٿجي. (ادا ڪهاڻي نقل ٿيل آهي باقي ساليانو
خريدار ٿيڻ لاءِ 30 رپيه مئنيجر بڪ اسٽال جي نالي
موڪليو)
·
آغا شرف الدين پٺاڻ ڪنڌڪوٽ: ادا مواد موڪليان ته
شايع ڪندا يا نه؟ ٻيو ته هوشيار شاگردن جا انٽرويو
هلايو (ادا مواد موڪليو باقي هوشيار شاگردن جا
انٽرويو ملندا ته شايع ڪبا)
·
الاهي بخش گانداهي محبت ديرو جتوئي: ادا مواد پئسن
تي شايع ڪريو ٿا ته سئو جو نوٽ موڪليون (ادا اهڙي
ڪابه ڳالهه ڪانهي)
·
احمد شيخ بدين: ادا مواد موڪليان ٿو شايع ڪندا
(ادا مواد الڳ الڳ لکي موڪليو(
·
يعقوب بروهي ادا ڪيترا خط لکيا اٿم جواب ڪونه ٿا
ڏيو. ڇا پئسا موڪليون (ڀاءُ پئسا ڪنهن گهريا آهن؟)
·
شبانا پروين شيخ لاڙڪاڻو: ادا ترجمو ٿيل ڪهاڻي
موڪليان ٿي شايع ڪجو (ڀيڻ جيڪا ڪهاڻي ترجمون ڪريو
ان ڪتاب جو نالو ضرور لکو)
·
خالد حسين گل گهنڃو: ادا رسالي جو ڏينهون ڏينهن
خانو خراب ٿيندو پيو وڃي ترجما گهٽ ڏيو، مواد
موڪليان ٿو شايع ڪجو (ڀاءُ جنهن مواد لاءِ اوهان
چؤ ٿا ان کي ٻيا پسند ڪن ٿا توهان جي مواد ۾ به ته
اها ڳالهه ڪانهي جو شايع ڪجي)
·
سعيد احمد چنه شڪارپور: ادا خالن وارو حصو ڪٽي ٿا
موڪليون جواب اچڻ تي خبر ڪانه ٿي پئي ته سوال ڪيئن
هو (ڀاءُ اهو سوال پاڻ وٽ نوٽ ڪري ڇڏيو)
·
مسعود احمد قريشي دادو: ادا هي ترجمون ٿيل ڪهاڻي
موڪليان ٿو شايع ڪجو (ادا هي ڪهاڻي اڳ ۾ گل ڦل ۾“
ڇپجي چڪي آهي)
·
محمد بخش مراد جوڻيجو نئون ديرو: ادا فوٽو موڪلي
رهيو آهيان شايع ڪجو (ڀاءُ حاضر واري سان شايع
ڪبو) |