حاجي شاهنواز پيرزادو
ڪلام الله
بسم الله الرحمان الرحيم
(الله ٻاجهاري مهربان جي نالي سان ”شروع“)
آسمانن ۽ زمين جي حڪومت الله تعاليٰ جي ئي هٿ ۾
آهي، ۽ مڙني شين مٿان الله تعاليٰ کي اختيار آهي.
(189 سورة آل عمران)
جوهر بروهي
حضور ﷺ فرمايو
حضرت ابو هريره چيو ته، نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو ته،
دنيا مومن لاءِ قيد خانو ۽ ڪافر لاءِ بهشت آهي.
(مسلمه)
حال احوال
پيارا ٻارو!
گل ڦل جو جڏهن هي پرچو اوهان جي هٿن ۾ پهچندو،
تڏهن اوهان نائين ۽ ڏهين جماعت جا شاگرد، ڪجهه
پيپر ڏئي چڪا هوندا، ۽ ڪن جي ڏيڻ لاءِ رات ڏينهن
محنت ڪري رهيا هوندا، ها ٻارؤ ڏسو جي توهان اڳ ۾
مسلسل محنت ڪري، پنهنجي ڪورس کي پڙهيو هوندو ته،
هينئر امتحان ۾ ڪابه ڏکيائي اوهان کي ڪانه ٿيندي
هوندي، پر توهان جي پهرين ڪو ڌيان نه ڏنو هوندو
ته، هينئر پريشان هوندا، ڇو ته سياڻن سچ چيو آهي
ته: گذريل وقت واپس نه ورندو آهي، اسان جي دعا آهي
ته الله تعاليٰ اوهان کي امتحان ۾ سوڀارو ڪندو، پر
جي ڪا غلطي رهجي وئي آهي ته ان جي تلافي ائين ڪري
سگهجي ٿي ته، توهان وقت جو قدر ڪريو، اجايو وقت نه
وڃايو، خوب محنت ڪري پڙهو، ائين ڪرڻ سان ڪاميابي
اوهان جا قدم چمندي.
اسان کي خوشي آهي ته ڏينهون ڏينهن گل ڦل ۾ ٻار
دلچسپي وٺي رهيا آهن. ها ٻارو پنهنجي ٻولي ۽ ادب
کي جيارڻ جو مقصد اهو آهي ته ان ٻولي جو ادب گهڻي
مان گهڻو پڙهيو وڃي.
چڱو ٻارو ساٿ سلامت
اوهان جو ڀاءُ
اڪبر جسڪاڻي.
ڪلياڻ آڏواڻي
لطيفي لات
آدمين اِخلاص، مٽائي ماٺو ڪيو
هاڻ کائي سڀڪو سندو ماڙهو ماس
دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس
ٻئي سڀ لوڪ لباس، ڪو هڪ دل هوندو هيڪڙو.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سربرو وسنڌي جي داستان ٽئين جو، ٽيون نمبر
بيت آهي.
سمجهاڻي:
ماڻهن پنهنجو اخلاق ۽ سچائي، مٽائي جهيڻي ڪري ڇڏي
آهي، هينئر هر ڪو ماڻهو، ٻئي ماڻهو جو ماس پيو
کائي (هرڪو ٻئي جو رت پيو چوسي) اي جانب! هن جهان
۾ هر ڪنهن جي نيڪي جي سرهاڻ وڃي رهندي. ٻين مڙني
ماڻهن کي ظاهري ڏيک آهي (ٻيا مڙئي ماڻهو دولابي
آهن) دل جو سچو ڪو هڪڙو (ڪروڙن ۾ هڪڙو) هوندو.
معنيٰ:
اخلاص
=
سچائي. ماٺو
=
هيڻو، جهڪو. ماس
=
چم، رت. واس
=
سرهاڻ. لوڪ لباس
=
ظاهري ڏيک. هڪ دل
=
دل جو سچو.
الحاج رحيم بخش ”قمر“
رمضان المبارڪ
سال جي ٻين مهينن ۾ رمضان المبارڪ جي مهيني جو شرف
۽ شان، الله تعاليٰ، هن ڪري ڪيو آهي، جو هن ئي
مُبارڪ مهيني ۾، انسان ذات جي هدايت ۽ رهنمائي
لاءِ ازلي ۽ اَبدي ۽ سمورن علمن جو سرچشمو قرآن
مجيد نازل ٿيو آهي. جنهن جي سوجهري ۽ سونهن، ڌرتي
۽ آسمان ۾ انوار ڪيا آهن. قرآن مجيد جنهن مُبارڪ
ماڳ کان آيو آهي. اُن جو نالو ”لوح محفوظ“ آهي.
جنهن نازل ڪيو آهي، اُهو رَبّ العالمين آهي، جنهن
آندو آهي اُهو ”روح الامين“ يعني حضرت جبريل عليہ
السلام آهي. جنهن تي لٿو آهي. اهو رحمت العالمين
سيدنا محمد رسول الله ﷺ آهي ۽ جنهن رات ۾ نازل
ٿيو. اها برڪتن ۽ رحمتن ڀري رات ”ليلة القدر جهڙي
نور ڀري نعمت، رب العالمين پنهنجي آخري رسول رحمت
اللعالمين ﷺ جن کي عطا فرمائي. قرآن مجيد ۾ حديث
پاڪ جي روشني مان معلوم ٿئي ٿو ته روزو اسلام جي
پنجن رُڪنن مان هڪ اهم، ۽ بنيادي رڪن آهي، جيڪو
پاڪيزگي، نفس، صبر، تربت ۽ مثالي برداشت جو عملي
مظاهرو آهي. روزي کي اسلام جي اصطلاح ۾”صوم“ چيو
وڃي ٿو جنهن جي معنيٰ آهي ”رڪجڻ“، بيهي وڃڻ.
انهيءَ مناسبت سان روزيدار کي مِٺي ۽ کاري شيءِ
چکڻ، ڪنهن جي نياڻي ڏانهن بدنظر ڪرڻ، زبان کي گلا،
ڪوڙ ۽ بدڪلاميءَ کان روڪڻ، ڪنهن کي هٿ سان بدارادي
سان ڇُهڻ وغيره کان پاک کي بلڪل روڪڻ گهرجي. ٻيءَ
صورت ۾ روزي جا روحاني رازَ ۽ حقيقي هيرا حاصل ٿي
ڪين سگهندا. انهيءَ ڪري جو روزي جو مرڪزي مقصد
آهي، تقويٰ جو تاج ۽ پاڪيزدگيءَ جي پوشاڪ حاصل
ڪرڻ. روزو فڪر ۽ عمل جي تهذيب تي انحصار رکي ٿو.
بخاري ۽ مسلم شريف ۾ رسول الله ﷺ جن جو ارشاد
مبارڪ آهي ته ”جنهن ماڻهوءَ رمضان جا روزا ايمان ۽
ثواب جي طلب ۾ رکيا ته اُن جا پويان ڪيل سمورا
گناهه بخشيا ويا ۽ جنهن شخص رمضان ۾ قيام يعني
تراويح نماز ادا ڪئي، ايمان ۽ ثواب جي طلب ۾ ته ان
جا اڳيان ڪيل سمورا گناهه بخشيا ويا.“
بيان ڪيل حديث مبارڪ مان معلوم ٿيو ته رمضان مبارڪ
جا روزا ايمان ۽ احتساب سان رکڻ گهرجن ۽ راتين ۾
تراويح نماز جماعت سان ادا ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ۾
رحمت، بخشش، ڇوٽڪارو، ڪاميابي ۾ وڏو اجرُ آهي.
جيڪڏهن روزا الله تعاليٰ جي رضامندي جي لاءِ پوري
ريت پاڻ تي ضابطي سان رکيا ويا آهن ته اڳين ڪيل
گناهن جي بخشش ٿي وڃي ٿي. ٻي صورت ۾ اُڃ ۽ بک کان
سواءِ ڪابه هڙ حاصل ٿي نٿي سگهي.
بخاري شريف ۾ خاتم الانبياء والمرسلين سيدنا محمد
مصطفيٰ ﷺ جن جو ارشاد مبارڪ آهي ته ”جيڪو روزيدار
ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ تي هلڻ نٿو ڇڏي ته انهيءَ کي
اُڃ ۽ بک کان سواءِ ڪو مطلب حاصل نٿو ٿئي.“ يعني
ربُ الاڪرام کي سندس اُڃ ۽ بک ڪاٽڻ ۾ ڪوبه مطلب
ڪونهي.
روزي رکڻ جي ڪري رب العالمين ۽ سندس محبوب رحمت
العالمين راضي ٿين ٿا، روزي رکڻ جي ڪري فڪر ۽ عمل
جي تهذيب ۾ ترقي ۽ اضافو اچي ٿو. روزي رکڻ جي ڪري
غريبن سان غمخواري، مسڪينن ۽ محتاجن سان مدد ڪرڻ
جو جذبو پيدا ٿئي ٿو. روزي رکڻ جي ڪري نفس جي
پاڪيزگي ۽ تقويٰ حاصل ٿئي ٿي.
غلام محمد لاکو
علامه آءِ آءِ قاضي
سنڌ جي عظيم انسانن جي جڏهن به ڪا فهرست ٺهي ۽
اڀياس ٿيو، تڏهن پڪ آهي ته علامه آءِ آءِ قاضي
صاحب جو نالو، اهڙي مطالعي ۾ تمام مٿانهين جاءِ
والاريندو. علامه صاحب جو تعلق دادو ضلعي جي پاٽ
شهر جي انصاري خاندان سان هو. سندن والد جو نالو
امام علي هو، جو ملازمت سبب اچي حيدرآباد ۾ رهيو،
جتي اپريل 1886ع ۾ کيس هڪ پٽ ڄائو. جنهن جو نالو
امداد علي رکيو ويو. هيءُ امداد علي اڳتي هلي، سنڌ
جي علمي، ادبي ۽ تعليمي دنيا تي ڇائنجي ويو. جيئن
ته ٻنهي پيءُ ۽ پٽ جي نالن ۾ انگريزيءَ جو آءِ اکر
پهرين اچي ٿو، ان ڪري دنيا ۾ پاڻ آءِ آءِ قاضيءَ
جي مختصر نالي يا نسبت سان مشهور ٿيا.
علامه امداد علي صاحب جي ابتدائي تعليم، ميان
عبدالعزيز نالي استاد وٽ ٿي، جتي پاڻ قرآن مجيد ۽
فارسي زبان جي تحصيل ڪيائون. خانگي طرح سال 1904ع
۾ سنڌي فائنل ۽ سال 1905ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان
مئٽرڪ پاس ڪيائون. ورندڙ سال علي ڳڙهه ويا پر ٿوري
وقت کان پوءِ واپس وريا. سال 1907ع ۾ انگلنڊ ويا
جتي علم اقتصاديات، نفسيات، فلسفي، بائلاجي ۽
طبيعات جو اڀياس ڪيائون. هي مطالعو ڊگري وٺڻ لاءِ
نه، پر علم ۽ ڄاڻ جي حاصلات لاءِ ڪيائون. سندن
شادي هڪ جرمن ڇوڪري ايلسا سان 1910ع ۾ ٿي. سال
1911ع ۾ بئريسٽر بنجي سنڌ موٽي آيا. ان بعد به
عربي علم جي حاصلات لاءِ ڪوشش جاري رهي. سنڌ ۾ پاڻ
پبلڪ پراسيڪيوٽر، جج ۽ رياست خيرپور ۾ سيشن جج طور
ملازمت ڪري، آخرڪار سروس جي جنجال کان آزاد ٿيا.
ان بعد ڪڏهن انگلينڊ ۽ ڪڏهن سنڌ ۾ رهندي، اسلام جي
اشاعت ۽ ادب جي اڀياس ۾ مصروف رهيا. مشهور انگريزي
اديب جارج برنارڊشا جو ڪتاب ”ڪاري ڇوڪري خدا جي
ڳولا ۾“ 1932ع ۾ ڇپيو، تڏهن علامه قاضي صاحب 1933ع
۾ ”ڀوري ڇوڪري حق جي ڳولا ۾“ نالي سان ڪتاب لکي ان
جو جواب ڏنو. هي ٻئي ڪتاب انگريزي زبان ۾ آهن.
علامه صاحب جي ڪتاب جو سنڌي ترجمون بورڊ ڇپرايو
آهي. ان بعد انگلينڊ جي ادبي دنيا ۾ سندن وڏي مڃتا
ٿي. اهوئي سبب آهي جو قاضي صاحب کي 1924ع ۾ اتان
جي ”پوئٽري سوسائٽي“ جو نائب صدر چونڊيو ويو. پورا
چوويهه سال هي عهدو وٽن رهيو. کين سال 1929ع ۾
انگلينڊ جي فلاسافيڪل جماعت جو لائيف فيلو پڻ
بنايو ويو. لنڊن ۾ رهندي علامه صاحب جو اورينٽل
اسڪول سان به لاڳاپو رهيو، جتي پاڻ سنڌي زبان جو
استاد ۽ ممتحن پڻ رهيو. پاڪستان ٺهڻ بعد مستقل
رهائش جي ارادي سان لنڊن هليا ويا، ليڪن دوستن جي
زور ڀرڻ تي 1951ع ۾ موٽي آيا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي
وائيس چانسيلر جو عهدو سنڀاليائون. هن عهدي تي،
مئي 1959ع تائين ڪم ڪيائون. ان بعد سنڌي ادبي بورڊ
جي تحقيقي ڪمن سان وابسته ٿي ويا. سندن زال ايلسا
جي وفات 28 مئي 1967ع تي ٿي، جنهن بعد قاضي صاحب
جو اڪثر وقت ويڳاڻپ ۾ گذريو. خود علامه صاحب 13
اپريل 1968ع تي هي جهان ڇڏيو. سنڌ جي هنن ٻنهي
لازوال هستين جو آخري آرام گاهه، سنڌ يونيورسٽي
ڄام شوري جي کليل ميدان تي موجود آهي.
علامه قاضي صاحب جي حياتي، لکڻين ۽ خطن جو اڀياس
ڪندي خبر پوي ٿي ته، پاڻ هڪ مقصد ڀري زندگيءَ
گذاريائون، جنهن لاءِ ابتدا کان ڪري پاڻ ڪي قاعدا
مقرر ڪيا هئائون. ملازمت ۽ پيسي جي ڀيٽ ۾ هميشہ
عزت ۽ وقار کي فوقيت ڏنائون. سڄي زندگيءَ علم جي
حاصلات ۾ صرف ڪري، اڪثر خانگي سطح تي تحصيل
ڪيائون. ننڍي توڙي وڏي سان عزت ۽ شفقت سان پيش اچڻ
سندس خاص خوبين ۾ شامل هو. عيش عشرت جي حياتيءَ کي
ٿڏي سادي گذربسر تي مطمئن رهيا. قاضي صاحب کي سنڌي
ٻولي، سنڌ جي سر زمين ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ
سان وڏي محبت هئي. ان محبت جو عملي ثبوت ڏيندي پاڻ
شاهه جي رسالي جي سنڌي ڇاپي تي ڪم ڪيائون ۽ ان جي
انگريزي ترجمي ڏي به ڌيان ڏنائون. سموري علمي ۽
ادبي ڪم ۾ کين محترمه ايلسا جو ساٿ شامل رهيو.
قاضي صاحب حياتيءَ جو وڏو حصو انگلينڊ ۾ گذاريو ۽
گهڻي ڀاڱي انگريزي زبان ۾ لکيو اٿن، تڏهن به کين
سنڌي زبان تي وڏو عبور حاصل هئو. هو هميشہ صاف
سٿري سنڌي ڳالهائيندو هو ۽ ٺيٺ توڙي آسان ٻوليءَ ۾
سنڌي تحرير لکندو رهيو. سندن ڪجهه ڪتاب سنڌي ادبي
بورڊ ڇپيا آهن، ليڪن سنڌيءَ ۾ لکيل سرمايو اڃا گڏ
نه ٿيو آهي. بلاشڪ آءِ آءِ قاضيءَ جهڙا انسان صدين
کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. خدا مٿن رحمت ڪري.
آصف مٺياڻوي
اڄوڪو ٻار
ڪلهه جو ٻار اڪيلو هو پر،
وقت سان ساٿ نباهي ويٺو،
چاهي پَٽيءَ منجهه پڙهي تب،
ڌارين کي ٿو ڌاريو سمجهي،
حال جو پتڪڙو آ ليڪن،
پنهنجا ساٿي ساڻ ڪري هو،
سڀئي ساري هڪ هڪ واري
ڪيڏي سوچ رکي ٿو سائين،
هن جي چاهت، ننڍي وڏي سان
آزاديءَ جا گيت چپن تي،
هن جو ذهن پڪو ۽ پختو،
هن جي سوچ کي سوچي سوچي،
هن جي وک آزاديءَ خاطر،
هن جا پيرَ اگهاڙا توڙي لٽي،
اڄ جو ٻار نه هڪڙو آ
واقعي ڏاڍو تڪڙو آ.
هر ڪنهن کي هو ڄاڻي ٿو،
پنهنجا سڀ سڃاڻي ٿو،
آئيندي جو وڏڙو آ.
راند ڪرڻ جي ويندو آ.
واپس موٽي ايندو آ،
چاهي ٻالڪ ننڍڙو آ.
ڪيڏي سوچ رکي ٿو،
ڪڏندو ڪيئن اچي ٿو،
هوشو، هيموءَ جهڙو آ.
”آصف“ جوڙي ويٺو شعر
هن جو پوءِ نه پوندو پير
ڪپڙي ڪنڙو آ.
دريا خان سهاڳ
سچل سرمست
سورت سڀ سلطان
پاڻ ڏسڻ آيو پنهنجو تماشو
سچل سرمست فاروقي خاندان جي اولاد مان هو. سچل
سرمست خيرپور ضلع جي تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ درازا لڳ
راڻيپور ۾ ميان صلاح الدين جي گهر ۾ هجري سن
1152هه مطابق سن 1739ع ۾ تولد ٿيو.
سچل سرمست اڃان ننڍي عمر جو ئي هيو ته سندس والد
ميان صلاح الدين هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
جنهن ڪري سچل سرمست پنهنجي چاچي ميان عبدالحق جي
سنڀال هيٺ رهيو. ميان صلاح الدين عرف ميان صاحب
ڏنو درويش جي وفات کان پوءِ ان جو فقيراڻي گادي
ڌڻي ميان عبدالحق ٿيو. جنهن ڪري سچل سرمست جو مرشد
به ميان عبدالحق هيو.
سچل سرمست سان ميان عبدالحق جو ڏاڍو پيار هوندو
هو. جنهن ڪري هن سچل سرمست کي فيض به چڱو بخشيو.
سچل سرمست پنهنجي فارسي توڙي سنڌي ڪلام ۾ پنهنجي
چاچي (مرشد) جي فيض بخشڻ جي تمام گهڻي تعريف ڪئي
آهي.
سچل سرمست جو تعليمي استاد حافظ عبدالله هو. جنهن
جي تربت (مزار) سچل سرمست جي (مقبري) جي ايوان ۾
سائي رنگ جي سرن سان ٻڌل اڃا موجود آهي.
سچل سرمست کي قرآن شريف برزبان ياد هُيو ۽ عربي ۽
فارسي جو پڻ سٺو عالم هو، سچل سرمست جواني جي
شروعات ۾ پنهنجي وڏن وانگر روزي، نماز ۽ ٻين شرعي
ڪمن تي پورو هوندو هو.
سچل سرمست سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف
ڀٽائي وانگر وڏا سفر ڪيا، جڏهن به سچل سرمست جن
سکر، روهڙي، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي تائين ويندا هُيا
ته جتي به سندن منزل ٿيندي هئي، اتي فقيرن ۽
صحبتين جا ميڙا ٿي ويندا هُيا.
جڏهن کان وٺي سنڌ جي شاعرن جا ڪلام ظاهر ٿي چڪا
آهن. تنهن زماني کان وٺي اڄ تائين ٻئي ڪنهن به
شاعر فارسي، اردو، پنجابي، سرائڪي ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾
ايترو گهڻو ۽ اهڙي طرز جو شعر ڪونه چيو آهي، جيترو
سچل سرمست چيو آهي. جنهن جي ڪري سچل سرمست کي ”هفت
زبان“ شاعر سڏيو ويندو آهي. سندس شاعري جا ڪيترائي
ڪتاب ڇپيل آهن، جن ۾ ”ديوانه آشڪار“، ”راز نامه“،
”رهبر نامه“، ”نارنا“، ”رساله سچل 1 (سنڌي ڪافيون
۽ غزل)- رساله سچل سرائڪي (سنڌي ۽ پنجابي ڏوهڙا).
ٻيو دفعو رهبر نامه ۽ ان کان پوءِ به سچل سائين جي
سنڌي شاعري جا خاص ڪري ڪيترائي جلد ڇپيا آهن.
سچل سرمست ۽ لطيف سائين جي ڪلامن جو مضمون ساڳيو
ئي نج تصوف يعني روح ۽ رب جو تعلق ۽ سچو عشق يا
حقيقي عشق آهي. |