اياز چنڊ چاچا جون مهربانيون مڃيون، جنهن کيس سون
جهڙا نسخا ٻڌايا، چنڊ بنجڻ لاءِ ۽ ان ڏينهن کان
پوءِ اياز، همت ۽ محنت سان ڪم ڪري پنهنجي زندگيءَ
ٻين جي مقصد لاءِ وقف ڪري ڇڏي ۽ ماڻهن جون دليون
کٽي ورتيون سندس ڪمن ۽ ڪارڪردگيءَ سبب سندس جو
نالو هميشہ لاءِ روشن ٿي پيو ۽ واقعي هو ڌرتي جو
چنڊ بڻجي ويو ۽ کيس سلطاني سهاڳ ملي ويو.
علي حسن عباسي
عيب جوئي
ڪنهن شهر ۾ هڪ واپاري رهندو هو. ان جو نالو احمد
هو. هو تمام نيڪ ۽ ديانتدار هو. ان جي ايمانداري ۽
نيڪ نيتي جي ڪري هن جو ڪاروبار روز بروز ترقي ڪندو
ٿي ويو. آخر هڪ ڏينهن اهڙو آيو، جو هي شهر جي وڏن
وڏن واپارين ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
احمد کي الله تعاليٰ هر طرح جي نعمتن سان نوازيو
هو. هن کي زندگيءَ جي هر آسائش حاصل هئي، ليڪن
هڪڙو ڏک هو. جنهن جي ڪري احمد ۽ سندس زال کي
زندگيءَ جي ڪنهن به شيءِ مان مزو نٿي آيو، ۽ اهو
هو اولاد جو ڏک. خدا هنن زال مڙس کي اولاد جي نعمت
کان محروم رکيو هو. تمام گهڻا دوا درمل ڪيائون،
باسون باسيائون، ليڪن قسمت ۾ اولاد لکيل نه هئن سو
ڪونه ٿين.
آخر هنن عزيزن ۽ دوستن جي چوڻ تي هڪڙو يتيم ٻار
پاليو، ۽ ان کي پنهنجو پٽ بڻايو. ان ڇوڪري جو نالو
احمد پنهنجي نالي سان ذهين احمد رکيو. هن جو خيال
هو ته نالي جو ٻار تي گهڻو اثر پوندو آهي، ان ڪري
هي ٻار وڏو ٿي يقيناً ذهين ٿيندو، ۽ پنهنجي ذهانت
سان وڏا وڏا ڪم ڪندو، ۽ هن جو خيال واقعي صحيح
ثابت ٿيو.
ذهين جڏهن وڏو ٿيو ته احمد هن کي اسڪول ۾ داخل
ڪرايو ۽ ڏاڍي محنت سان پڙهائڻ لڳس. هن چاهيو پئي
ته هن جو پٽ خوب لکي پڙهي ۽ قوم ملڪ جي خدمت ڪري ۽
باعزت زندگي گذاري. ليڪن ذهين جو رجحان پڙهائيءَ
طرف بلڪل نه هو. هو لکڻ پڙهڻ کان وڌيڪ کيڏڻ ۽ ٻين
ڪمن ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندو هو. مگر احمد کي ان ڳالهه
جو ڏاڍو فڪر هو ۽ هن جڏهن محسوس ڪيو ته ڇوڪري جو
نتيجو تسلي بخش نٿو اچي ته هن ذهين جي استادن سان
صلاح ڪئي، انهي سڀني متفق طور احمد کي صلاح ڏني ته
ڇوڪرو ذهين به آهي ۽ سمجهدار به، ليڪن جيڪڏهن هن
جو ڌيان پڙهائيءَ طرف نه آهي ته ان کي مجبور نه
ڪيو وڃي، بلڪ جنهن ۾ هن جي دلچسپي هجي، اهوئي ڪم
هن کان ورتو وڃي، ته جيئن ان ۾ پنهنجي صلاحيت
ڏيکاري سگهي.
ذهين کي تصويرن ٺاهڻ جو ڏاڍو شوق هو، مطلب ته هن
جي پيءُ هن کي فائن آرٽ جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرائي
ڇڏيو. اتي پهچڻ شرط ذهين پنهنجا جوهر ڏيکارڻ لڳو.
هن ٿورن ڏينهن ۾ اهڙيون ته تصويرون تيار ڪيون جو
ڏسڻ وارا حيران رهجي ويا.
هڪ ڏينهن ذهين کي خبر ناهي ڪيئن خيال اچي ويو. هڪ
هڪڙي تمام خوبصورت تصوير ٺاهي. ان تصوير تي هن هڪ
مهيني کان وڌيڪ وقت لڳايو ۽ وڏي محنت سان ڏينهن
رات هڪ ڪري اها تصوير مڪمل ڪئي.
تصوير ڇا هئي؟
واقعي آرٽ جو هڪ لافاني شاهڪار هو. ذهين اهو
شاهڪار کڻي شهر جي گهنٽا گهر وٽ پهتو ۽ تمام
احتياط سان تصوير گهنٽا گهر جي هيٺيان لٽڪائي
ڇڏيائين. تصوير جي هيٺيان هڪڙو جملو لکي ڇڏيائين.
هن تصوير ۾ جيڪڏهن ڪنهن جاءِ تي ڪو نقص هجي ته
نشان لڳايو وڃي.
اهڙي طرح عوام جي راءِ وٺي، هن پنهنجي فن کي پرکڻ
ٿي چاهيو. تصوير صرف چوويهن ڪلاڪن لاءِ گهنٽا گهر
تي لٽڪائي وئي هئي. اهي چوويهه ڪلاڪ ذهين جي لاءِ
چوويهه سال ٿي ويا هئا. هو ڏاڍي بي چينيءَ سان
چوويهه ڪلاڪ گذرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، ته جيئن
تصوير جي باري ۾ عوام جي راءِ معلوم ٿي سگهي.
الله، الله ڪري چوويهه ڪلاڪ گذريا ۽ ذهين احمد
پنهنجي تصوير واپس کڻڻ لاءِ گهنٽا گهر پهتو.
هن جو خيال هو ته هن جي تصوير هن مصوري جي
ڳالهائيندڙ تصوير آهي. ان ۾ ڀلا ڪو ماڻهو ڪهڙي
غلطي ڪڍندو، ليڪن جڏهن هو تصوير لاهڻ لڳو ته هن جي
حيرت جي انتها نه رهي جو پينسل جي نشانن تصوير کي
بلڪل پاڻ اندر لڪائي ڇڏيو هو. پنهنجي تصوير جي
هيءَ حالت ڏسي ذهين جي دل کي ڏاڍو صدمو پهتو ۽ هن
کي ڏاڍو ڏک ٿيو، گهر اچي هن اها تصوير پنهنجي پيءُ
کي ڏيکاري ۽ ان کي سموري صورتحال کان آگاهه
ڪيائين.
احمد نهايت غور سان پنهنجي پٽ جي ڳالهه ٻڌي ۽ پوءِ
ان کي صلاح ڏنائين ته ان جهڙي هڪ ٻي تصوير تيار
ڪر.
اوترو ئي وقت لڳائي، ذهين اوتري ئي محنت سان هڪ ٻي
تصوير ٺاهي تيار ڪئي، ۽ پيءُ جي اڳيان اچي
رکيائين. احمد پنهنجي پٽ جي فني مهارت ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيو، ان کي شاباس ڏنائين ۽ چيائينس، ”هاڻي وري
وڃي پنهنجي تصوير گهنٽا گهر وٽ لٽڪائي اچ.“
بابا هن جي ساڳي حالت ٿيندي، جيڪا پهرين تصوير جي
ٿي چڪي آهي. ذهين مايوسيءَ واري انداز ۾ جواب ڏنس.
”نه پٽ هن دفعي تون ان تصوير جي هيٺيان ٻيو جملو
لک.“ احمد پٽ کي سمجهائيندي چيو.
”هن تصوير ۾ جيڪا به خرابي هجي ان کي درست ڪيو
وڃي.“ پيءُ جي چوڻ موجب ذهين عبارت ۾ تبديلي ڪري
تصوير ساڳي جاءِ تي لٽڪائي آيو.
هن دفعي ذهين لاءِ انتظار جون گهڙيون واقعي موت جي
گهڙين کان به شديد ٿي پيون. هو سڄي رات سمهي نه
سگهيو، هر گهڙي هن جي دماغ ۾ اهو خيال پئي آيو ته
خبر ناهي، هن دفعي منهنجي محنت تي ماڻهو ڪهڙي
نموني پاڻي ڦيرائيندا. صبح ٿي ته هو ناشتو ڪرڻ بنا
تصوير جي قسمت جو فيصلو ڏسڻ لاءِ هليو ويو. گهنٽا
گهر وٽ پهتو ته هو اهو ڏسي حيران ٿي ويو، ڇو ته
تصوير بلڪل صاف ۽ صحيح سلامت هئي، ان تي هڪڙو به
نشان ڪونه لڳايو ويو هو.
”مطلب ته هن جي تصوير ۾ ڪوبه نقص ڪونه هو.“
هن اهو سوچي سک جو ساهه کنيو، ليڪن اهو ڪيئن ٿو ٿي
سگهي ته ماڻهن جي اڳيان هڪ تصوير ۾ تمام گهڻا نقص
هجن ۽ ٻي بلڪل اهڙي ئي تصوير غلطين کان بلڪل پاڪ
هجي. اها ڳالهه هن جي سمجهه ۾ نه آئي.
هو تمام گهڻو خوش ٿيندو نچندو ٽپندو، تصوير واپس
گهر کڻي آيو، ۽ پيءُ کي تصوير ڏيکاريندي راز جي
ڳالهه پڇيائين.
پٽ ٻئي جي شيءِ مان نقص ڪڍڻ ۽ ان تي تنقيد ڪرڻ
ماڻهن جي عادت هوندي آهي، ليڪن ان شيءِ کي درست
ڪرڻ يا ان کان بهتر ٺاهي پيش ڪرڻ انهن لاءِ ڏاڍو
مشڪل هوندو آهي.
ڊاڪٽر جي. ايم. مهڪري
ترجمو: نانڪ
آئون ”تاريخ“ لکان ٿو
”تون مصروف ٿو ڏسجين، اڪرم“
”ها آهيان.“
اسڪول جو ڪم ٿو ڪرين ڇا؟“
”نه“.
”ته پوءِ؟“
”تاريخ لکڻ جو ڪم!“
”تاريخ لکڻ؟ ڪڏهن کان؟“
”تقريباً ٽي سال!“
”ٽن سالن کان تون تاريخ پيو لکين! ڪهڙي تاريخ؟“
”منهنجي پنهنجي، ذاتي تاريخ“
”ذاتي تاريخ! انهي جو ڪهڙو ضرور آهي.“
”ٻڌ، ٽن سالن کان روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ آئون
ڊائري لکي رهيو آهيان.“
”ته ائين چئو نه! پوءِ انهي کي تاريخ ڇو ٿو چئين؟“
”منهنجي ڊائري منهنجي تاريخ کان سواءِ ڪجهه به
ناهي. آئون بنا وقفي لکان ٿو. مهينن کان پوءِ جڏهن
آئون پڙهان ٿو ته مون ڇا لکيو آهي ته منهنجو ماضي،
منهنجو حال ٿي وڃي ٿو. آئون دلچسپ ڳالهيون ڏسان ٿو
جيڪي مون سان ۽ منهنجي چؤگرد پيش آيون. هي منهنجو
بهترين ساٿي ۽ سستو شوق آهي.“
”پر تون انهي ۾ لکين ڇا ٿو؟“
مون توکي ڪونه ٻڌايو؟ آئون هن ۾ جيڪا به ڳالهه مون
سان واسطو رکي ٿي. اها ڇا، ڪهڙي، ڇو، ڪٿي ۽ ڪڏهن
ٿي اهي سڀ ڳالهيون لکان ٿو. خوشخبريون، غمگين
خبرون. هر اها ڳالهه جيڪا مون تي اثر وجهي ٿي. هن
۾ درج ٿي وڃي ٿي ۽ وقت تي هيءَ سڄي گهر لاءِ
ڪارائتي ثابت ٿئي ٿي.“
”گهر لاءِ ڪيئن؟“
”جڏهن اسين تاريخي، ڳالهيون ۽ واقعا وساري ويهون
ٿا، تڏهن آئون انهن لاءِ پنهنجي تاريخ کوليان ٿو ۽
اهڙي طرح آئون هڪ تير سان ٻه شڪار ڪريان ٿو.“
”اهو ڪيئن؟“
”بنا ڪنهن خاص ڪوشش جي آئون مضمون ۽ ننڍڙا مقالا
لکڻ سِکي وڃان ٿو. آئون هڪ ليکڪ ٿيڻ جي راهه تي
آهيان.“
(روزانه ”ڊان“ جي ٿورن سان) |