مختار گهمرو
گهوري توتان ماءُ
ويرن تي، ٿئي ڌاڪو تنهنجو،
ڏور ٻجهي، ڏهڪاءُ- او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ.
ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،
پهچي جيئن پڙلاءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
ڪين ڪجان ”مختار“ ڪڏهن تون،
ٺوڳيءَ سان ٺهراءُ- او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
گهوري توتان ماءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
شال وڏو ٿي جواني ماڻين
ڏسين نه ڪوسو واءُ، او پٽڙا
گهوري توتان ماءُ.
علم جي دولت حاصل ڪر تون،
دلبر ٿي داناءُ او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ.
دولهه بڻجي دودي وانگي
دشمن تي ڪر داءُ- او پٽڙا!
گهوري توتان ماءُ
عبدالله آريجو
سائنسي مضمون
زمين ڇڏي انسان ڪاڏي وڃي سگهي ٿو
زمين تي رهي ڪري، اوهان پنهنجي اردگرد جيڪي ڪجهه
ڏسي رهيا آهيو، اهو سڀ ڪجهه ڪائنات ناهي. اسان جي
ڪائنات اسان جي خيال ۽ سوچ کان به وڏي آهي.
سائنس ٻڌائي ٿي ته ايندڙ ڪائنات ان ڪل ڪائنات جو
هڪ حصو آهي، جنهن بابت اڄ جو انسان ڪجهه نٿو ڄاڻي.
اسان جي ڌرتي ته ان ڪائنات ۾ هڪ ننڍو ذرو آهي.
اوهين جيڪي ستارا ڏسو ٿا، چنڊ ۽ سج به ڏسو ٿا سي
سڀ اسان جي ڪائنات جو حصو آهن.
اسان جي ڪائنات ۾ ڪي ستارا، اهڙا به آهن، جن کي
پنهنجي روشني آهي ۽ اهي پنهنجي روشني جي ڪري رات
جو نظر اچن ٿا. پر اصل ۾ اهي ستارا ڏينهن جو به
چمڪندا آهن. اسان کي ڏينهن جو چمڪندي ان ڪري نظر
نه ايندا آهن جو سج جيڪو پڻ هڪ ستارو آهي، پنهنجي
تيز روشني سان سڄي دنيا کي منور ڪري ٿو ۽ آسمان ۾
چمڪندڙ ٻيا ستارا چمڪندي نظر نٿا اچن.
اسان جي شمسي نظام ۾ ڪل نو سيارا آهن، جي پنهنجي
دائري تي اصولن ۽ ضابطن جي تحت چڪر هڻي رهيا آهن.
ڪي سيارا هڪ ٻئي جي چوڌاري پڻ چڪر هڻن ٿا.
شمسي نظام جي انهن نون سيارن جهڙا ٻيا لکين شمسي
نظام هن ڪائنات ۾ موجود آهن.
اسان جي پنهنجي شمسي نظام ۾ هر سياري جي پنهنجي
حقيقت آهي ڪي سيارا نهايت گرم ته وري ڪي نهايت ٿڌا
آهن. ڪن سيارن وٽ هڪ ڏينهن زمين جي 50 ڏينهن جي
برابر آهي ته ڪن جي هڪ رات زمين جي 15 راتين جي
برابر آهي.
سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته انسان انهن سڀني سيارن
مان رڳو زمين تي ڇو وجود ورتو. دراصل ڳالهه هي آهي
ته انسان کي رهڻ لاءِ آڪسيجن گرمي (مناسب) ۽ پاڻي
گهرجي. هيل تائين ڪل تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته
زمين اهو واحد سيارو آهي، جنهن تي مناسب گرمي،
پاڻي ۽ آڪسيجن موجود آهي جنهن جي ڪري اسان جو گهر
به ان جي ڀيٽ ۾ ٻين سيارن تي يا ته گهڻي گرمي هئڻ
آهي يا وري گهڻي سردي ۽ رات جي ڊگهي هئڻ ۽ ڏينهن
جي مها ڊگهي هئڻ جو به هڪ عنصر آهي.
زمين تي رهڻ جي باوجود به اوهان ڏٺو هوندو ته
سائنسدان ٻين سيارن تي ڪروڙين رپيا خرچ ڪري وڃي
رهيا آهن. ان جو سبب هي آهي ته آبادي ۾ واڌ جي ڪري
زمين جي معدنيات ختم ٿي رهي آهي. ڪاربان ۾ واڌ ۽
آڪسيجن ۾ کوٽ به اچي رهي آهي. خيال آهي ته مستقبل
۾ انسان کي هي ڌرتي ڇڏڻي پوندي، تنهن جي ڪري
سائنسدان ڪنهن اهڙي سيارن جي ڳولا ڪري رهيا آهن
جتي انسان جي رهڻ لاءِ مناسب ماحول هجي. تحقيق مان
پتو پوي ٿو ته وينس ۽ مارس ٻه اهڙا سيارا آهن جتي
رهڻ لائق ڪي حالتون آهن. تحقيق جاري آهي ڏسون ته
اڳتي ڇا ٿو ٿئي.
برڪت جيهو
ڪڪر ۽ انهن جا قسم
پيارا ٻارو توهان اڪثر اونهاري ۾ جهڙ واري ڏينهن،
آسمان تي اڇا، ڪارا ۽ خاڪي رنگن جا ڪڪر ضرور ڏٺا
هوندا، اڄ آئون اوهان کي آسمان جي هيٺيان ڦرندڙ
انهن ڪڪرن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيان ٿو اهي ڪڪر ڪيئن
ٺهندا آهن ۽ انهن جا ڪيترا قسم آهن.
هوا ۾ اڪثر پاڻي وارا بخار موجود هوندا آهن، سج جا
ڪرڻا جڏهن سمنڊن، ڍنڍن ۽ ندين جي پاڻي مٿان پون ٿا
ته پاڻي آبي بخارن جي صورت ۾ بدلجي وڃي ٿو. پوءِ
انهي پاڻي مان نڪرندڙ آبي بخارن جو رخ مٿي طرف
هوندو آهي، ڇو ته ڪشش ثقل (ڌرتي تي ڪشش) جو اثر
انهن بخارن تي اثر انداز نٿو ٿئي، جنهن ڪري اهي
بخار چڙهڻ شروع ڪندا آهن. مٿي وري اڪثر هوا ٿڌي
رهندي آهي، جڏهن اهي آبي بخار ٿڌي هوا سان لڳن ٿا
ته اهي ٿڌا ٿي، پاڻي جي ننڍڙن ننڍڙن ڦڙن جي صورت
اختيار ڪن ٿا. اهي پاڻي جا ننڍڙا ڦڙا هوا ۾ ترندا
رهن ٿا ۽ پاڻ ۾ گڏجي ڪڪر جي صورت اختيار ڪن ٿا،
جيڪي سج جي روشنيءَ سبب اسان کي اڇا ۽ چمڪندڙ نظر
اچن ٿا. جن کي ”ڪڪر“ چئبو آهي.
ڪڪرن جا 3 قسم آهن (1) ڪيوميلس (2) سائرس (3)
اسٽرپس
1-
ڪيوميلس: آسمان تي عام طور اڇا اڇا ڦوڦڙاٽيل ڪڪر
نظر ايندا آهن جن کي ”ڪيوميلس ڪڪر“ چئبو آهي، هي
اونهاري جي موسم ۾ نظر ايندا آهن ڪيوميلس جو
هيٺيون تهه اٽڪل هڪ ميل ڌرتيءَ کان مٿي هوندو آهي،
ٻين ڪڪرن جي ڀيٽ ۾ هي زمين کي ويجهو هوندو آهي.
2-
سائرس: سائرس جي معنيٰ آهي ”وارن جهڙيون لهرون“
اهي نهايت باريڪ ۽ برف جي ذرڙن جا ٺهيل ٿين ٿا، هي
هميشہ سفيد رنگ جا هوندا آهن ۽ ڌرتي کان تمام مٿي
هوندا آهن. آسمان تي بي ترتيب سنهڙن پردن وانگر
نظر ايندا آهن. هي ڪڪر ظاهر ڪندا آهن ته هڪ يا ٻن
ڏينهن اندر برسات پوڻ واري آهي.
3-
اسٽرپس: اسٽرپس جي معنيٰ آهي ”تهه“ جڏهن آسمان تي
خاڪي رنگ جا ڪڪر ڏسڻ ۾ اچن ته اهي تهه وارا ڪڪر يا
اسٽرپس آهن هنن جو ظاهر ٿيڻ مينهن پوڻ جي نشاني
هوندي آهي ڇاڪاڻ ته اهي ڪڪر پاڻ سان مينهن آڻيندا
آهن ۽ هنن جو منهن لڳاتار وسندو آهي.
اياز عالم ابڙو
وقت جو قدر
جيڪو وقت وڃائيندو
وقت نه تنهن کي چاهيندو
رلي وقت وڃائي جيڪو
تنهن کي ڪير نه ڀائيندو
پڙهڻ کان جيڪو ٿو لهرائي
وقت جي مار سو کائيندو
ويل وقت نه واپس ورندو
پوءِ ڏاڍو پڇتائيندو.
وقت جو جنهن به قدر ڪيو
سو ڏاهو ٻار سڏائيندو
ملڪ جي واڳ سنڀاليندو
سو وقت جي واڳ ورائيندو.
عبدالرحمان جتوئي
بهادر عورت
اڄ کان ڪئين، سو سال اڳي ترڪيءَ تي هڪ تمام سٺو
رحمدل بادشاهه بايزيد حڪومت ڪندو هيو. هو پنهنجي
ملڪ ۾ نهايت امن امان سان راڄ هلائي رهيو هو، ته
اوچتوئي اوچتو دنيا جو وڏو فاتح ۽ جابر بادشاهه
امير تيمور سلطنت تي حملو ڪيو. بايزيد ۽ سندس فوجن
نهايت بهادري ۽ دليريءَ سان مقابلو ڪيو. ڪيترن
ڏينهن جي خونخوار جنگ کان پوءِ، آخرڪار بايزيد جي
فوجن شڪست کاڌي. نتيجو اهو نڪتو، جو بي شمار ترڪ
فوجين کي قيدي بنايو ويو. انهن گرفتار ٿيل سپاهين
۾ هڪ بهادر ۽ دلير عورت امة الحبيب نالي پڻ هئي.
ٻئي ڏينهن تي امير تيمور، گرفتار ٿيل سپاهين جي
قتل جو حڪم ڏنو. امة الحبيب جڏهن اهو حڪم ٻڌو ته
سندس پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي، تيمور لنگ جي ان
ظلمانه حڪم ۽ ترڪن جي لاچاري ۽ بي وسيءَ تي ڳوڙها
ڳاڙڻ لڳي. نيٺ دل جهلي تيمور لنگ جي تخت جي آڏو
آئي ۽ بادشاهه کي اچي چيائين ته، ”مون کي ڪجهه عرض
ڪرڻو آهي، ان جي مون کي اجازت ڏني وڃي.“ بادشاهه
پهريائين ته انڪار ڪيو، پر پوءِ پنهنجي خاص فوجين
جي عرض ڪرڻ تي اها ڳالهه مس قبول ڪيائين. اها دلير
۽ سورهيه عورت جيڪا مرداڻي پوشاڪ ۾ تخت جي سامهون
قيدي ٿي بيٺي هئي، تنهن امير تيمور کي مخاطب ٿيندي
هن طرح چيو:
”اي بادشاهه! تون اسان جي ملڪ تي حملو ڪيو آهي،
حالانڪ اسان تنهنجو ڪوبه قصور نه ڪيو آهي. تون
الله تعاليٰ جي بي شمار مخلوق جو ناحق خون وهايو
آهي. ان ڳالهه کي چڱيءَ طرح سمجهي ڇڏ ته اهو تمام
وڏو ۽ سنگين ڏوهه کي، جيڪو ڪڏهن به معاف نٿو ٿي
سگهي. تو ستر هزار بي گناهه ترڪن کي ڌوکو ڏيئي
سرنگ ذريعي اُڏائي ڇڏيو. اي امير! ياد رک!! تو
ترڪن کي قتل نه ڪيو آهي، بلڪ، ترڪيءَ مان اسلام
جون پاڙون کوٽي ڇڏيون آهن. ڪنهن به مذهبي ڪتاب يا
ملڪي قانون مطابق تون ٻڌائي سگهندين ته مسلمانن کي
اهڙي بي رحمي ۽ بي درديءَ سان قتل ڪرڻ جائز آهي؟
سلطان با يزيد لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ تو ڏانهن
صلح جو پيغام موڪليو ته جيئن بي گناهه فوجي قتل نه
ٿين، مگر فوج جي گهڻائي ۽ طاقت جي نشي سبب ان
پيغام کي ٺڪرائي ڇڏيو.
اي بادشاهه! اسان جي جيڪڏهن اڄ زندگي پوري ٿي ته
ڪو ڀولو نه آهي، پر غور سان ٻڌ! هڪ ڏينهن توکي به
مرڻو آهي ۽ خالق حقيقيءَ جي حضور ۾ پهچڻو آهي.
ٻڌاءِ! تون ان وقت الله جي درٻار ۾ پنهنجي ڀيانڪ ۽
ڪانڊاريندڙ ظلم جو ڪهڙو جواب ڏيندين؟“
جيڪي ماڻهو ان وقت درٻار ۾ موجود هئا، اهي پنهنجي
دل ۾ ڊڄي رهيا هئا ته بادشاهه، ان بهادر قيديءَ
سان الائي ڪهڙو سلوڪ ڪندو؟ هو افسوس ڪري رهيا هئا
ته اهو بهادر ۽ نوجوان سپاهي ناحق قتل ڪيو ويندو،
سچ پچ اهو نوجوان سپاهي پنهنجي موت کي پاڻ دعوت
ڏيئي رهيو هو، تيمور جي درٻار ۾ مڪمل خاموشي
ڇانئجي ويئي. تيمور لنگ جي درٻار ۾ خاموشي ڇائنجي
ويئي. اڄ ڏينهن تائين ڪنهن کي به اهڙي جرئت ۽ همت
نه ٿي هئي، جو تيمور جهڙي ظالم ۽ خونخوار سان اهڙي
نموني گفتگو ڪري.
ٿورڙي دير لاءِ امةالحبيب ساهه کڻڻ لاءِ رڪجي
ويئي. ان کان پوءِ هو هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳي ۽
آخرڪار پنهنجي مٿي تان خود (لوهي ٽوپي) لاهي هيٺ
ڦٽي ڪيائين. درٻار ۾ موجود ماڻهو اهو ڏسي حيران ٿي
ويا ته اهو سپاهي مرد نه پر عورت آهي، جنهن تيمور
بادشاهه سان اهڙيءَ دليري ۽ بي ڊپائي سان گفتگو
ڪئي تيمور پاڻ به حيران ٿي ويو.
وري امة الحبيب پنهنجي بيان کي جاري رکندي چيو،
”اي امير! اسان اهڙي قوم آهيون، جنهن جون عورتون
به نهايت بهادر ۽ دلير آهن، حالانڪ عورتون ڪمزور ۽
بي وس ٿينديون آهن. ان بهادر قوم جي بهادر ماڻهن
جو خيال جن کي تون تباهه ڪري رهيو آهين!“
تيمور جو ڪنڌ شرم وچان هيٺ جهڪي ويو ۽ ان وقت ئي
ترڪ قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيائين. ان
بهادر عورت جي گفتگو سندس دل تي ايترو ته اثر ڪيو،
جو ساڻس شادي ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيائين. امةالحبيب
پنهنجي والدين سان صلاح ڪرڻ کان پوءِ اها آڇ قبول
ڪئي. وڏي ڌام ڌوم سان بهادر عورت جي شادي ٿي ۽
تيمور بادشاهه کيس حميده بيگم جو خطاب ڏنو.
نظم
سوق هردم علم سان دلدار رک،
جَهلَ لاءِ جي تلوار رک
اخلاق پنهنجي سان وڻائي پاڻ کي
خُلق جا دل جي اندر گلزار رک
ٿو بنائي پاڻ کي هر دل عزيز،
علم جي ان روشنيءَ تي آر رک،
پاڻ پنهنجي هٿن سان جلاءِ شمع،
جا اجهامڻ جي نه آهي، تنهن کي برقرار رک
حق چوڻ کان ڪين ڪر ڪنهن حجاب
دم ”آصف“ سندا سيني سنسار رک
عبدالمالڪ ”آصف“ پلي
غلام مصطفيٰ سولنگي
اسان جا اديب
عبدالقادر جوڻيجو
مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ڪامياب ڊرامه نگار محترم
عبدالقادر جوڻيجي جي شخصيت اسان لاءِ ڪنهن به
تعارف جي محتاج ناهي. بت ۾ ڀريل نه جوان نه پوڙهو
يعني اڌڙوٽ وهيءَ وارو ڏٽو متارو جوان، ڇهه والي
سٿڻ ۽ چار والي قميص ۾ ملبوس، سنڌ يونيورسٽي ڄام
شورو جي ڪالونيءَ جي رستن يا ڪکاون هوٽلن تي چئن
ڄڻن جي چؤٻول ۾ ساڄي هٿ ۾ مُٺ تي جهليل سگريٽ جا
وڏا سوٽا هڻندڙ ڪو شخص ڏسو ته پڪ سمجهو ته اهو
عبدالقادر جوڻيجو آهي، اهوئي عبدالقادر جوڻيجو
جنهن راڻي جي ڪهاڻي ۽ ٻيا ڪيترائي سنڌي اردو ڊراما
لکي پنهنجي حيثيت مڃرائي آهي. سندس سلوڻي ڍاٽڪي
ٻولي جا خوبصورت ۽ مٺڙا لفظ جن کي پڙهي ائين ٿو
محسوس ٿئي ڄڻ قادر سنڌي ليکڪ نه پر، ٿري ليکڪ آهي.
پاڻ هن وقت جڳ مشهور اداري سنڌالاجي جا انچارج
ڊائريڪٽر آهن. سو مناسب سمجهيم ته اهڙي وڏي ڪلاڪار
سان اوهان جي ملاقات ڪرايان. اچو ته ساڻس ڪيل
ڳالهه ٻولهه پڙهون.
غلام مصطفيٰ: سائين! توهان ڪٿي ڄاوا؟ تعليم ڪيئن
حاصل ڪئي؟ ۽ ڪهڙا لَڪَ لنگهي هن منزل تي رسيا؟
عبدالقادر: ڳوٺ جنهاڻ تعلقي مٺي ضلعي ٿرپارڪر ۾
ڄائس. جيئن ٻيا غريب جا ٻار تعليم حاصل ڪندا آهن،
ائين ڪيم. مئٽرڪ کان پوءِ نوڪري ڪندي تعليم پرايم
۽ ڏيپلي وارو لَڪُ لنگهي هن منزل تي پهتس.
غلام مصطفيٰ: توهان جي ننڍپڻ جو دؤر ڪيئن گذريو؟
توهان جي دؤر ۽ هاڻوڪي دؤر جي ماحول ۾ فرق؟
عبدالقادر: ننڍپڻ ماستر هٿان مارون کائيندي، بي
عزتو ٿيندي، ذهانت وڃائيندي گذريو. اسڪول جي تعليم
پوري ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو پاڻ کي سنڀاليم ۽ وقت
سٺو گذريو. هاڻي به رب پاڪ جي مهرباني آهي ٽيلي
ناٽڪن وڏي عزت ڏياري آهي. اسان جي دؤر ۾ تمام وڏو
فرق آهي. هاڻوڪي جديد دؤر ۾ اسان کي ڪافي سهوليتون
ميسر آهن جيڪي اڳ نه هيون.
غلام مصطفيٰ: توهان جي ننڍپڻ جون وندرون ۽
مصروفيتون ڪهڙيون هونديون هيون؟
عبدالقادر: حساب ڀڃڻ، تاريخ جو مطالعو ڪرڻ ۽
اڪيلائي ۾ وقت گذارڻ. بس اهي ئي وندرون ۽
مصروفيتون هونديون هيون.
غلام مصطفيٰ: اسڪول وڃڻ وقت توهان کي ڪيتري خرچي
ملندي هئي ۽ ان کي ڪهڙيءَ طرح استعمال ڪندا هئا؟
عبدالقادر: خرچي وري ڪهڙي ملندي هئي، بس! عذاب ئي
مليا خرچيءَ ۾.
غلام مصطفيٰ: ننڍپڻ ۾ توهان وڏا ٿي ڇا بنجڻ جو
ارادو ڪيو هو؟
عبدالقادر: اهو سوال نه پڇين ها ته سٺو، ارادا ته
گهڻا ڪيا هئا، پر وڏو ٿي الائي ڇا بنجڻ جو سوچيو
هوم ياد ئي ناهي.
غلام مصطفيٰ: ننڍپڻ ۾ ڪهڙن استادن ۽ بزرگن توهان
جي ڪردار تي گَهرا نقش ڇڏيا؟
عبدالقادر: استاد گهڻو ماريندا هئا، اڄ به پنهنجي
هٿن ڏانهن نهاري، اکيون پوري ننڍپڻ ياد ڪندو آهيان
ته هٿن تي مولابخش وسندي محسوس ڪندو آهيان. انهيءَ
ڪري ڪنهن به استاد کان متاثر ٿي نه سگهيس. بزرگن
مان قيصر نالي ڀيلڻ ذات جي هڪ عورت کان گهڻو متاثر
ٿيس، جيڪا مون کي لوڪ گيت ٻڌائيندي هئي. مامي
رمونءَ جوڻيجي کان به متاثر ٿيس، جيڪو ٿر ۾ ڀاڙي
تي اُٺ هلائيندو هو ۽ موٽي اچي قصا ٻڌائيندو هو.
ائين سمجهيو ته انهن ٻن بزرگن وٽان ڪهاڻي بيان ڪرڻ
جو فن سکيم. ٻئي حال حيات آهن الله وڏي ڄمار ڏئين.
غلام مصطفيٰ: هڪ باشعور اديب کي ٻارڙن لاءِ ڪهڙي
قسم جو ادب تخليق ڪرڻ گهرجي؟
عبدالقادر: عوام جي زندگيءَ چٽڻ کپي ۽ پنهنجا عذاب
بيان ڪرڻ گهرجن.
غلام مصطفي: موجوده دور ۾ ٻار جي حيثيت ڪهڙي آهي ۽
ڪهڙي هئڻ گهرجي؟
عبدالقادر: ٻار کي مائٽن جي سختيءَ ۽ اسڪول ۾
ملندڙ مار کان بچائڻ گهرجي، ٻار کي تحفظ ملي،
اهوئي ڪافي آهي.
غلام مصطفيٰ: ڇا هر ٻار ۾ اها صلاحيت موجود هوندي
آهي ته هو محنت ۽ لگن سان عظيم انسان ٿي سگهي؟
عبدالقادر: انهيءَ ڳالهه تي سڀ ڄاڻو متفق آهن ته
هر ٻار ۾ ڪانه ڪا وڏي صلاحيت هوندي آهي، جنهن کي
اسان جي معاشري ۾ تباهه ڪيو ويندو آهي. جيڪو
انهيءَ تباهيءَ کان بچيو وڃي اُهو وڏو قسمت جو ڌڻي
آهي.
غلام مصطفيٰ: توهان وڏڙن لاءِ جڳ مشهور ڊراما لکيا
آهن، پوءِ توهان ٻارڙن لاءِ به اهڙا ڊراما نه ٿا
لکي سگهو جيئن ٻار باشعور ٿي سگهن؟
عبدالقادر: ٻارڙن لاءِ سٺو ناٽڪ لکڻ لاءِ وڏيون
صلاحيتون کپن، مون ۾ ايڏيون صلاحيتون ناهن، انهيءَ
ڪري ئي وڏن لاءِ لکندو آهيان.
غلام مصطفيٰ: ٽيليويزن تي ٻارڙن لاءِ تمام گهٽ (نه
هئڻ برابر) پروگرام ڪيا وڃن ٿا، ڇا اهي ٻارڙن جي
ذهني تربيت لاءِ ڪافي آهن؟
عبدالقادر: ٽيليويزن کي ٻارن جي تعليم لاءِ صحيح
استعمال ڪجي ته پوءِ انهيءَ کان دنيا ۾ ڪو به وڏو
ميڊيا ناهي، پر افسوس آهي جو ٽيليويزن وارا انهيءَ
پاسي ڌيان ئي ڪونه ٿا ڏين.
غلام مصطفيٰ: ٻارڙن لاءِ آخر ۾ ڪو پيغام؟
عبدالقادر: ٻارڙن کي ڪو پيغام ڏيڻ جي بدران کين
دعا ٿو ڪريان ته الله سائين انهن کي زندگيءَ جي هر
موڙ تي ڪامياب ڪري.
لال لکواڻي مٺي
مضمون نمبر 1
سلسلو 48
معاشري ۾ ٻار جو ڪردار
ٻار آئيندي جا ابا آهن، ٻار قوم جا معمار آهن، ٻار
سماج جو ايڪو، يونٽ آهن مطلب ته ٻار هن سماج ۾ اهم
ڪردار ادا ڪري ٿو. ٻار پنهنجي معصوم مرڪ سان ڪيڏي
به غمگين انسان جا غم کن پل لاءِ دور ڪري ڇڏيندو
آهي. ٻار لاءِ ڪنهن مفڪر ڪجهه هن ريت چيو آهي ته
”جيڪڏهن ٻار
جو وجود نه هجي ها ته ڪنهن به خوشي جو وجود نه هجي
ها.“
هڪ ٻئي مفڪر چيو آهي ته ”هر نئون ڄاول ٻار پاڻ سان
اهو سنيهو آڻي ٿو ته خدا اڃا انسان مان مايوس نه
آهي ٿيو.“
ٻار جي ايتري اهميت جي باوجود اسان جي سماج ۾ ٻار
کي ڪجهه به نٿو سمجهيو وڃي، اسان جي سماج ۾ ٻار کي
رحمت جي بدران زحمت سمجهيو وڃي ٿو. گڏيل قومن جي
اداري اقوام متحده جي چارٽر ۾ اها ڳالهه واضح ٿيل
آهي ته 16 سالن جي گهٽ عمر وارن ٻارن کان جسماني
پورهيو نه ورتو وڃي، پر اسان وٽ بلڪل ان جي ابتڙ
آهي. اسان وٽ اٺن سالن جا ٻار به روڊن تي چڻا
وڪڻندي، بوٽ پاليش ڪندي ۽ بيڪرين ۾ سخت پورهئي هيٺ
سڙندي نظر اچن ٿا. معصوم گلڙن جي هٿن ۾ ڪتاب هئڻ
گهرجن اهي معصوم گلڙا طرحين طرحين جون ٺوڪرون
کائيندي نظر ايندا آهن ڇاڪاڻ ته اسان وٽ تعليم عام
نه آهي، اسان وٽ هر ٻار تعليم پرائي نٿو سگهي، ان
جا ڪيترائي سبب آهن، جيڪي اسان کي تعليم کان محروم
رکن ٿا، هڪ ته اسڪول ۽ ڪاليج ڳوٺن بدران، شهرن ۾
آهن، ٻيو ته ڳاٽي ڀڳيون فيون اسان کي تعليم کان
محروم رکن ٿيون ۽ ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي سبب
آهن، جنهن جي ڪري ڪيترائي گلن جهڙا ٻارڙا صبح جو
سوير اسڪول وڃڻ جي بدران يا ته مال سان ويندا آهن
يا وري جهنگ ۾ گاهه پٺو ڪرڻ لاءِ هليا ويندا آهن. |