ڪتاب جو ٽائيٽل به نهايت ديده زيب ۽ پرڪش آهي،
اوچي پني ۽ ڪمپيوتر تي ڇپائي سان گڏوگڏ جيڪي
تصويرون ڏنل آهن، ان سان ڪتاب جي خوبصورتيءَ ۾ ٻٽو
اضافو ٿيو آهي. ان لحاظ کان ڪتاب جي قيمت 15 رپيه
صحيح ته آهي، پر ٻارن جي لاءِ 15 رپين وارو ڪتاب
خريد ڪرڻ ڏکيو آهي. ٻارڙا اڪثر ڪري اها شڪايت ڪندا
آهن، ته سائين! سنڌيءَ ۾ اسان جي لاءِ ڪتاب نه ٿا
لکيا وڇن، ۽ جيڪڏهن ڪو ڪتاب مارڪيٽ ۾ ايندو به
آهي، ته ان جي قيمت ڳري هوندي آهي، جنهن ڪري چاهڻ
جي باوجود به اسين اهي خريد نه ڪري سگهندا آهيون،
ان ڪري ڪتاب جي قيمت جيڪڏهن 10 رپيا هجي ها ته
وڌيڪ مناسب هيو.
يشونت مهتا
قسط -4
ڪارٽون ڪهاڻيون
چون چون چاچو
21- موٽر راڪيٽ اندر هلي ويئي، راڪيٽ هينئر اُڏامڻ
لڳو، 22 ۽ شرارت ڪندو سمان طرف اُڏاميو. 23 مٿي
چاڙهڻ لاءِ راڪيٽ جي پوئين حصي کي پٺتي اُڇليو
ويو، چون چون جي موٽر به ا حصي ۾ رکيل هئي، انڪري
اها به ڪرڻ لڳي.
24- ٽوٽو چيو – چوُن چُون، تنهنجي موٽر هينئر ڀڄي
پوندي، چوُن چوُن چيو موٽر هونئن به ته ڀڳل ئي
هئي. 25- اوچتو ٻنهي کي ٽيليويزن جي ڪئميرا نظر
آئي، چوُن چوُن نچڻ جو ارادو ڏيکاريو. 26- راڪيٽ
جي ماڻهن ٽيلويزن تپاسڻ جو ويچار ڪيو. (هلندڙ)
سنڌيڪار: پارس راجڪپور
عجيب گهوڙو
چوندا آهن! دنيا ۾ ڪڏهن هڪ اهڙو ملڪ به هيو، جيڪو
سدائين رات وانگي اونداهو رهندو هو. پر! ان ملڪ جي
بادشاهه جو هڪ گهوڙو هيو، جنهن جي سر تي هڪ اهڙو
نور هو. جنهن مان ڏاڍي تيز ۽ چمڪيلي روشني نڪرندي
هئي. ان گهوڙي جو ڪم ئي هيو ته هو ملڪ جي هن ڪنڊ
کان هن ڪنڊ تائين چڪر لڳائيندو هو. سڄو ملڪ
روشنيءَ سان منور ٿيندو هو. ساوا گاهه، پهاڙ،
درياءَ جهنگ، هر شيءِ هن جي روشنيءَ مان صاف نظر
ايندا هئا. اتفاق جي ڳالهه آهي ته هڪ ڏينهن اوچتو
بادشاهه جو هي عجيب و غريب گهوڙو غائب ٿي ويو. سڄي
ملڪ ۾ بلڪل اوندهه ٿي ويئي. اتان جا ماڻهو ڪوبه ڪم
ڪري نه سگهندا هئا، انهيءَ ڪري بادشاهه سوچيو ته
نوراني گهوڙي کي ڪهڙي طرح تلاش ڪرڻ گهرجي؟“ اهو
سوچي بادشاهه هڪ وڏي فوج تيارڪئي ۽ وڏي لشڪر کي
وٺي ان نوراني گهوڙي جي تلاش ۾ نڪري ويو.
گهڻن ڏينهن جي ڀڄ ڊڪ کان پوءِ بادشاهه هڪ جهنگل ۾
پهتو، اتي هن کي هڪ جهوپڙي نظر آئي، جنهن ۾ هڪ
بزرگ ويٺو هڪ شيشي جي ٿانو ۾ ڪجهه ڏسي رهيو هو. ان
بزرگ بادشاهه کي ڏسي چيو: ”مان هن ٿانءَ ۾ اهو ئي
ڏسي رهيو هيس ته تنهنجو گهوڙو گم ٿي ويو آهي ۽ تون
ان جي ڳولا ۾ هيڏانهن اچين پيو، پر! ڳولا ڪرڻ
بيڪار آهي!! گهوڙو توکي ڪونه ملندو، ان انڪري
منهنجي مڃ! هتان کان ئي واپس هليو وڃ.“
بادشاهه اهو ٻڌي اداس ٿي ويو ۽ ان بزرگ کي پنهنجي
رعيت جون مسڪلاتون ٻڌائيندي اهو به ٻڌايو ته ”تمام
ڪاروبار بند پيو آهي. گهوڙي کان سواءِ روشني ڪٿان
ايندي؟ اوهان انهيءَ ڪم ۾ منهنجي مدد ڪريو.“
بزرگ کي بادشاهه تي ترس اچي ويو. بادشاهه کي
پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ڇڏيائين ۽ پاڻ هڪ سپاهي کي ساڻ
ڪري گهوڙي جي ڳولا ۾ نڪري پيو. دراصل ڳالهه هيءَ
هئي ته اهو عجيب و غريب گهوڙو هڪ پاڙيسري ملڪ جي
راجا وٽ هيو. ان راجا جا ٽي ڀائر هئا ۽ انهن ٽنهي
ڀائرن جي شادي ٽن جادوگرڙين سان ٿيل هئي. سڀ کان
ننڍي جادوگرياڻيءَ جي مڙس وٽ اهو گهوڙو هو بزرگ
سپاهي کي وٺي راجا جي محل ۾ پهتو، جتي هي ٽيئي
جادوگرياڻيون رهنديون هيون. سڀ کان پهرين هو وڏي
جادوگرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ويا ته ان چيو: ”منهنجو
مڙس ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر ويو آهي، هو شام کان
پهريائين ڪونه موٽندو. ان کان پوءِ هو ٻي
جادوگرياڻيءَ جي ڪمري ۾ ويا. هن چيو: ”منهنجو مڙس
ته ٻاهر ويل آهي. هو سڀاڻي شام کان اڳ ۾ ڪونه
ايندو.“ آخر ۾ سڀ کان ننڍي جادوگرياڻيءَ جي ڪمري ۾
ويا، ننڍي جادوگرياڻيءَ ٻڌايو ته ”منهنجو مڙس ٻئي
ڏينهن شام کان اڳ ۾ واپس ڪونه ايندو.“
اهو ٻڌي بزرگ ۽ سپاهي محل کان ٻاهر نڪري آيا. بزرگ
سپاهيءَ کي چيو: ”انهن جادوگرياڻين جي مڙسن جي گهر
واپس ورڻ جي خبر ته پئجي ويئي، هاڻي اسان کي هلي
ان رستي تي ويهڻ گهرجي، جنهن رستي سان هو واپس
ورندا.“
سپاهي ۽ بزرگ ٻئي جهنگ کي پار ڪري هڪ پل جي اڳيان
پهتا. ڇو ته ٽنهي راجائن کي ان پل جي رستي سان
واپس گهر اچڻو هو.
بزرگ ۽ سپاهي پل جي وچ ۾ هڪ وڏي ڪاٺي رکي، رڪاوٽ
ڪري ڇڏي، جيئن اچڻ واري کي اتي بيهڻو پئي. جڏهن
شام ٿي ته پل جي مٿا گهوڙي جي ٽاپ ٻڌڻ ۾ آئي. هي
پهريون راجا هيو. هو بيهي رهيو ۽ ڪاوڙ وچان چوڻ
لڳو: ”جنهن اها ڪٺي رکي آهي! آئون ان جو سر قلم
ڪري ڇڏيندس.“ بزرگ ۽ سپاهي راجا جي سامهون آيا.
بزرگ، زمين تا مٽي کڻي راجا تي وڌي. راجا بيهوش ٿي
ڪري پيو. سپاهي اُن بيهوش راجا کي گهوڙي تي ٻڌي
ڇڏيو ۽ ۽ سپاهي اُنکي گهوڙي تي ٻڌي گهوڙي کي محل
جي طرف ڀڄائي ڇڏيو. ٻئي ڏينهن شام جو وري به ائين
ٿيو ٻيو راجا گهوڙي تان لٿو بزرگ ان کي بيهوش ڪيو
۽ سپاهي ان کي گهوڙي تي ٻڌي محل جي طرف ڀڄائي
ڇڏيو.
ٽئين ڏينهن اهڙي طرح بزرگ ۽ سپاهي پل جي هيٺا لڪا
رهيا. ٿوري دير کان پوءِ گهوڙي جي ٽاپن جو آواز
ٻڌڻ ۾ آين ۽ سڀني کان ننڍو ڀاءُ ٽيون راجا) ان
روشنيءَ واري گهوڙي تي سوار ’پل تي آيو‘ بزرگ ان
آخري راجا کي به بيهوش ڪيو. هن ڀيري سپاهي ان کي
پنهنجي گهوڙي تي ٻڌو ۽ ان جي گهوڙي کي پنهنجي قبضي
۾ ڪري بزرگ سان گڏجي ان جي جهوپڙيءَ ۾ واپس آيو.
بادشاهه جيئن ئي پنهنجو نوراني گهوڙو ڏٺو، ته
خوشيءَ منجهان ٽڙي پيو، ۽ بزرگ جي وڏي وڏي مهرباني
مڃي ۽ چيائين: ”بزرگ بابا! حڪم ڪريو! ان احسان جي
بدلي ۾ اوهان کي ڇا ڏنو وڃي؟“
بزرگ مرڪندي چيو: ”پٽ! اسان درويش ماڻهو ڪنهن لالچ
جي ڪري، ڪنهن جو به، ڪوبه ڪم نه ڪندا آهيون، پر!
هر ڪم الله جي بندن جي خدمت سمجهي ڪندا آهيون.
تنهن جو هيءُ گهوڙو، ٽن جادوگرياڻين جي قبضي ۾
هيو. مگر مون انهن جي مڙسن کي هڪ ڊگهي عرصي جي
لاءِ بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي هو ڪڏهن به گهوڙو
غائب ڪرڻ جو سوچيندا به نه.“
بزرگ جي مهرباني مڃڻ کان پوءِ بادشاهه اتان کان
هلي پيو. هو جيئن ئي پنهنجي نوراني گهوڙي سان گڏ
پنهنجي ملڪ ۾ داخل ٿيو، چارئي طرف روشني ڦهلجي
ويئي. گهوڙي جي پيشانيءَ کان روشني جو هڪ ڦوهارو
نڪري رهيو هو. شهر جي هر شيءِ روشني ۾ جڳمڳائڻ
لڳي. رعيت پنهنجي بادشاهه ۽ نوراني گهوڙي کي ڏسي
خوشيءَ منجهان نعرا هڻڻ لڳي.
چوندا آهن ته بزرگ جي دعائون جي ڪري ٿوري ئي عرصي
کان پوءِ ان ملڪ ۾ به سج نڪرڻ لڳو، ۽ بادشاهه جو
ملڪ به قدرت جي ان انمول عطيي سان منور ٿي ويو.
سج نڪرڻ جي ڪري روشنيءَ وارو اهو عجيب و غريب
گهوڙو غائب ٿي ويو. اڄ به کوڙ سارا ماڻهو ان گهوڙي
جي ڳولا ۾ الاءِ ڪٿي ڪٿي ڀٽڪندا رهن ٿا.
حسن علي ”قمر“ ابڙو
مٺي ڳالهائڻ ۾ جادو آهي
”اها شيءِ ڪهڙي آهي جيڪا آهي ته ننڍڙي پر اٿوَ
وِهه جي ڳنڍڙي.“ مان سمجهان ٿو ته يقيناً توهان
سڀني جو جواب اهوئي هوندو، زبان، واقعي آهي ته
ننڍڙي، پر ڪم پاڻ کان وڏا ڪندي آهي.
انهيءَ زبان لاءِ ئي هڪ ڳالهه مشهور آهي ته ”لقمان
حڪيم پنهنجي هڪ شاگرد ک چيو ته ”اڄ مون کي اهڙي
شيءِ کاراءِ جيڪا دنيا جي مڙني شين کان مزيدار
هجي.“ شاگرد ويو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڍاڪون آڻي
لقمان حڪيم جي اڳيان رکيائين، لقمان جڏهن ڍڪ لاٿو
ته هن کي زبان نظر آئي، پڇيائين ڇا دنيا جي سڀني ۾
سٺي شيءِ زبان آهي؟ شاگرد جواب ڏنس ”ها سائين“
لقمان حڪيم وري چيس دنيا جي ڪني ۾ ڪني شيءِ کاراءِ
شاگرد وري به ”زبان“ پيش ڪيس. قلمان اهو ڏسي ڏاڍو
خوش ٿيو، چيائين ته واقعي خراب ۾ خراب شيءِ به
”زبان“ ۽ سٺي ۾ سٺي شيءِ به ”زبان“ ئي ٿي سگهي ٿي،
اهائي زبان ڪڏهن عزت بخشي ته ڪڏهن وري ذلت.
زبان تي قبضو ڪيئن ڪجي؟ بس رڳو هر ڪنهن سان مٺو
ڳالهائڻ ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪجي، پوءِ توهان ڏسندؤ ته
هر هنڌ توهان کي عزت ملندي، جهڙي آرسي تهڙو پاڇو.
توهان تجربو ڪيو، جڏهن اسڪول کان موٽي گهر ۾ پير
پايو، ان وقت جڏهن توهان جو ننڍو ڀاءُ توهان ڏي
ڊوڙندو اچي ته توهان ان سان ڪڙو ڳالهايو ته ڏسندؤ
ته ان جي گل جهڙي ٽِڙيل منهن تان مُرڪ ئي موڪلائي
ويندي. جي وَري کيس مٺي آواز ۾ سڏيندؤ ته هو اوهان
ڏي خوشيءَ مان ڊوڙندو ايندو ۽ اچي ڀاڪر پائيندو ۽
سندس مکڙو ٽڙي گل ٿي پوندو، توهان اهو ساڳيو تجربو
ڪنهن جانور تي به ڪري سگهو ٿا. توهان ڪنهن ڪتي کي
ڪاوڙ مان دڙڪو ڏيئي ڪڍو هو اتان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندو،
پر جيڪڏهن وري کيس پيار مان سڏڻ جي ڪوشش ڪندؤ، ته
هو پُڇ لوڏيندو اچي پيرن ۾ ڪرندو.
مطلب ته مٺي ڳالهائڻ ۾ جادو آهي، سٺا ٻار هميشه
هميشه سچ ڳالهائيندا آهن ۽ ڪوڙ کان پاسو ڪندا آهن.
هونئن به چوڻي آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“ سچ
ڳالهائيندڙ کي هر هنڌ مان ملندو ۽ ڪوڙي لاءِ ساڳي
ڌڪار، سچ ۽ ڪوڙ ٻئي ڇا سان ڳالهائن ”زبان سان!“
پوءِ ڇو نه اهو ڳالهائجي جنهن ۾ عزت هجي، مرتبو
وڌي ۽ ماڻهو مانائتو ٿئي، يعني مٺو ڳالهائجي، پوءِ
اچو ته سڀئي اڄ گڏجي عهد ڪيون ته ڪڏهن به زبان مان
گار گند ۽ ڪوڙ نه ڳالهائينداسين، نڪي زبان مان
گُٿا لفظ ڳالهائينداسون، سدائين مٺو
ڳالهائينداسين.
عطاءَ الله ڀٽو
اميد
”بس بابا بس، آءُ پڙهڻ ڇڏي ڏيندس، اهڙي پڙهڻ مان
ڪهڙو فائدو سڄو سال سيڙهائجي ۽ ان کانسواءِ اوهان
جا پئسا اجايو ضايع ٿين ۽ منهنجي ڄمار پڙهڻ ۾ گذري
وئي. سڄو سال پڙهيس ۽ نتيجو اهو نڪتو جو هڪ پرچي ۾
فيل ۽ باقي ٻين ۾ سي گريڊ جون مارڪون....؟“
جمال اڪيلو ڪمري ۾ ويهي ڳوڙها اگهندي پنهنجي پيءُ
کي چئي رهيو هو.
”پٽ تون فڪر نه ڪر هي دنيا اميد تي قائم آهي، مان
سچ ٿو چوان ته تون اميد ڪر ته هڪ ڏينهن نيٺ ضرور
توکي پنهنجي محنت جو ڦل ملندو، پڻس پٺي تي هٿ رکي
کيس سمجهائيندي چيو.
”بابا منهنجي دل چوي ٿي ته اڄ ئي اڄ آءُ تعليم جو
وزير ٿيان ۽ ان ڪاپي ڪلچر واري نظام کي ختم
ڪرايان.“ جمال ڪاوڙ واري لهجي ۾ چيو، تنهن تي پڻس
آٿت ڏيندي چيو ”پٽ تون مايوس نه ٿي خدا گهريو ته
ايئن ئي ٿيندو.
وقت پنهنجو سفر تيزي سان طئه ڪندو رهيو ۽ جمال فيل
پرچو ڏنو ۽ مئٽرڪ سي گريڊ ۾ پاس ڪيائين.
هن مجبوراً پڻس جي چوڻ تي فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي.
پهريان ته پڙهڻ ۾ دلچسپي نه وٺي رهيو هو، پر پڻس
جي نصيحتن ۽ سندس ڏينهن رات جي محنت ڏسي هن ويتر
وڌيڪ محنت شروع ڪئي. ۽ استادن جي رهنمائي ۽ شفقت
حاصل ڪرڻ لڳو ۽ ڏسندي ئي هن فرسٽ ايئر جي امتحان ۾
80 سيڪڙو مارڪون کنيون۽ پنهنجي محنت ۽ استادن جي
شفقت سان هن انٽر جو امتحان به ڏئي ورتو ۽ رزالٽ
اچڻ جي انتظار ۾ هو ۽ سٺي اميد به ڪري رهيو هو، ڇو
ته انٽر جا به پرچا سٺا ٿيا هوس، انٽر جي به رزلٽ
آئي، جيڪا ڏسي جمال ڏاڍو خوش ٿيو ڇو ته هن انٽر ۾
- اي گريڊ کنيو هو.
هن کي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ مفت داخلا ملي ۽ ٺيڪ چئن
سالن کان پوءِ هن جو امتحان ٿيو،هن انجنيئرنگ جو
امتحان به سٺن نمبرن ۾ پاس ڪيو، ۽ هو هڪ سرڪاري
انجنيئرنگ جي عهدي تي فائظ ٿيو.
اڄ جمال پنهنجي پيءُ سان گڏ گهر ۾ ويٺو هو ته
ٽپالي آيو ۽ جمال کي هڪ خط ڏنائين، جيڪو جمال کولي
پنهنجي پيءُ سان وڏو ڀاڪر پاتائين، ڇو ته جمال کي
سٺي ڪارڪردگي تي هڪ سال لاءِ سرڪاري طرفان جاپان
پئي موڪليو ويو، تنهن مهل جمال پنهنجي پيءُ سان
ڀاڪر پاتو ۽ فخر وچان چيائين ”بابا اوهين سچ ئي
چيو هو ته دنيا اميد تي قائم آهي.“
عظمى پنهور
صوف
دنيا صوف جون ڪي 8000 کن جنسون آهن، پر واپاري
لحاظ کا ڪي هڪ درجن جنسون مشهور آهن.
ڪاڪس، جيڪا سونهري ۽ ڳاڙهي جنس آهي، اها سڀ کان
وڌيڪ مشهور آهي، ٻي جنس ”رسيٽ“ آهي، جيڪا ڳولڻ سان
ملي ٿي پر ان ۾ خوشبو ۽ مٺاڻ سرس آهي.
صوف بابت هڪ انگريزي چوڻي مشهور آهي، جنهن جو مقصد
آهي، ته جيڪڏهن اوهان روزانو هڪ صوف کائو ته اوهان
کي ڊاڪٽر وٽ ڪڏهن به وڃڻ جي ضرورت نه آهي.
عام طور صوف لاءِ اهو چيو ويندو آهي ته ان ۾
فولاد، وٽامن سي ۽ عام عذائي طاقتون آهن، پر
سائنسدانن ان ميوي تي هاڻي تحقيقي ڪئي آهي ان مان
هنن کي ڄاڻ ملي آهي ته ”بورهن“ نالي هڪ طاقت جو
مادو به صوف ۾ موجود آهي، جيڪو هڏن کي مضبوط ڪري
ٿو.
صوف، ناسپاتي، گريپ ۽ اکروٽ وغيره ۾ ”بورون“ وارو
مادو آهي، جنهن ڪري اهي خاص ڪري عورتن جي جسماني
واڌ لاءِ بيحد مفيد آهي.
اڄ ڪلهه ميون جي پئدا وار ۽ ڪيميائي ڀاڻ واري زهر
جو ڀاڻ ۾ جذب وارو سرشتو ٿي ويو آهي، ان ڪري
صحتمند ماڻهن کي صلاح ڏني ويندي آهي ته اهي صوف کي
پاڻي ۾ 20 منٽ تائين رڌي ان کائڻ وارا چار چمچا
لوڻ ملائي پوءِ کائين جيئن ڪيميائي زر جو اثر ختم
ٿي سگهي.
ڪئلريز 42، 81 138 گرام.
غلام مصطفى کهاوڙ
مريخ –
Mars
هي سيارو سج کان 14،15،00000 چوڏهن ڪروڙ پندرهن لک
ميل پري آهي، هن جو قط 4212 چار هزار ٻه سئو ٻارهن
ميل آهي. هي سج جي چؤگرد 687 ڏينهن ۾ ڦيرو پورو
ڪري ٿو.
هن کي ٻه چنڊ آهن، جن مان هڪ اوڀر کان اڀرندو آهي،
ته ٻيو اولهه کان هي سيارو دوربين کان سواءِ ڳاڙهي
رنگ تي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، يوناني هن کي وري ”جنگ جو
ديوتا“ سڏيندا آهن.
سائنسدانن ڌرتي کان پوءِ ٻئي نمبر تي هن سياري جو
چڱي طرح مطالعو ڪيو آهي.
آمريڪا ۽ روس وارن هن سياري ڏانهن ڪيترائي راڪيٽ
موڪليا آهن، جن اوزارن جي وسيلي اتي جي حالات کان
زمين وارن کي آگاهه ڪيو آهي، علم هيت جي ماهرن جو
خيال آهي ته مريخ تي انسان رهي سگهن ٿا، ڇو جو اتي
ابهوا ملندڙ جلندڙ آهي، سمجهجي ٿو ته هن جي فضا ۾
آڪسيجن ۽ پاڻي آهي. ڪن هيتدانن جو چوڻ آهي ته هن
تي مندون ٿين ٿيون، ڇو جو هن جي مٿاڇري جو رنگ وقت
بوقت مٽبو ري ٿو پر ڪن جو چوڻ آهي ته هن جا قطب
ڪڪرن سان ڍڪيل آهن جن جو رنگ مٽبو رهي ٿو. هن
سياري تي ڏينهن جو وڌو ۾ وڌ گرمي پد
50f
ڊگري کان
60f
ڊگري تائين ٿئي ٿو ۽ رات جو برف
جي درجي کان به گهٽ ٿي وڃي ٿو، ان ڪري يقين سان
چئي نٿو سگهجي ته هن تي انسان جو رهڻ ممڪن آهي
بهرحال سائنسدان، مريخ جو مطالعو ڪندا رهن ٿا.
رابيل جوکيو
پوپَٽ پويان ڊوڙ
آصف کي رنگ برنگي هوا ۾ اڏرندڙ پوپٽن سان گهڻو
پيار هو. هو پوپٽن کي پڪڙي انهن سان رانديون ڪندو
هو. ڪڏهن ڪڏهن ته آصف پوپٽن کي پڪڙي ڪتاب ۾ وجهي
ڇڏيندو هو ۽ اهڙي طرح پوپٽ ڪتاب ۾ مري ويندا هئا.
زاهد آصف جو هڪ سٺو دوست هو، هن کي آصف جو پوپٽن
کي پڪڙڻ سٺو نه لڳندو هو ۽ کيس اهڙي عمل ڪرڻ کان
منع ڪندو هوس، ۽ چوندو هوس ته ”پوپٽن کي پڪڙڻ کان
پوءِ هنن سان راند روند ڪري پوءِ کين آزاد ڪري ڇڏ“
پر آصف زاهد جي ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو.
هڪ ڏينهن اسڪول ۾ رسيس جي وقت سڀ ٻار راند روند ۽
شيون کائي رهيا هئا ۽ آصف به اسڪول جي باغ ۾ ڇٻر
تي ويٺو هو، ٿوري دير بعد آصف جي نظر هڪ پوپٽ کي
ڏٺو ته گهڻو خوش ٿيو ۽ کيس پڪڙڻ جي ارادي سان ان
گل طرف وڌيو ۽ پوپٽ کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوپٽ
ان گل کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر پوپٽ ان گل تان
اڏري وڃي ٻئي گل تي ويٺو ۽ آصف به پوپٽ جي پويان
ايندو رهيو، هن دفعي به آصف پوپٽ کي پڪڙڻ ۾ ناڪام
ويو ۽ پوپٽ اڏري وڃي هڪ وڻ تي ويٺو ۽ آصف به پوپٽ
کي پڪڙڻ جي لاءِ وڻ تي چڙهي ويو ۽ جڏهن آصف پوپٽ
جي ويجهو پهتو ته پوپٽ وري به اڏري ويو ۽ آصف
مايوس ٿي وڻ ان لهڻ لڳو ۽ لهڻ وقت آصف جو پير هڪ
ننڍيءَ ٽاريءَ تي پئجي ويو ۽ گهڻو زور پوڻ تي اها
ٽاري ٽٽي پئي ۽ آصف هيٺ ڪري پيو. ڪنهن راهگير آصف
کي زخمي ڏسي اسپتال کڻي آيو. وڻ تان ڪرڻ ڪري آصف
کي گهڻا ڌڪ لڳا. ۽ جڏهن زاهد کي آصف جي خبر پئي ته
هو جلدي آصف وٽ آيو. آصف زاهد کي ڏسي چيو ته،
”منهنجا پيارا دوست تون سچ چوندو هئين اگر مان
تنهنجي چوڻ تي عمل ڪريان هان ته هوند منهنجي اهڙي
حالت نه ٿئي ها ۽ هاڻي آءُ ڪڏهن به پوپٽن کي نه
پڪڙيندس.“ آصف جي اها ڳالهه ٻڌي زاهد گهڻو خوش ٿيو
۽ آصفجي گهڻي دلجوئي ڪئي.
آزاد مير محمد ڪليري
سائنسي راز
·
عام ماڻهوءَ جي بدن ۾ ڪُل 239 مُشڪون ٿين ٿيون.
·
انسان جي بدن ۾ ٻه سئو اٺ هڏا آهن.
·
انساني جسم ۾ ٽي ڪروڙ سوراخ ٿين ٿا، جن مان پگهر
ٻاهر نڪري ٿو.
·
پکين جي دل هڪ منٽ ۾ اٽڪل پنج سئو ڀيرا ڌڙڪندي
آهي.
·
دنيا ۾ فقط چمڙوئي اهڙو پکي آهي، جيڪو ٻچا ڏيندو
آهي.
·
جيلي فِش
(Jelly Fish)
اها مڇي آهي، جيڪا ترڻ بدران ٽپا ڏيندي آهي.
·
سڀ کان پهرين ٽيليويزن لنڊن ۾ سال 1936ع ۾ ڏيکاري
وئي.
·
سڀ کان پهرين واچ، خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾
”بغداد“ ۾ ايجاد ڪئي وئي.
·
آلجبرا جو باني هڪ مسلمان عرب ”موسى الخوارزمي“
هو.
·
سال جو ڪئلينڊر عمر خيام ايجاد ڪيو.
·
مشهور سائنسدان ايڊيسن جو آخري ايجاد ”نقلي رٻڙ“
هئي.
·
دنيا ۾ پهريون ايٽمي ڌماڪو 16 جولاءِ 1945ع تي
جاپان ۾ ڪيو ويو.
·
ريڊيم، مئڊم ميري ڪيوري، نالي هڪ اطالوي اٽليءَ جي
عورت ڳولهي لڌو.
·
پاري جي ڪنهن به ڌات سان ملاوٽ کي ”املگم“ چئبو
آهي.
·
دنيا سڀ کان پهرين ڪيميادان جابربن حيان هو.
·
سڀ کان وڌيڪ چمڪندڙ گُل جو نالو اورچڊ
(Orchid)
آهي.
·
مصنوعي رنگن جي خالق جو نالو وليم هينري ڪوپن آهي.
·
اوزون اها گئس آهي، جيڪا اسان کي سج جي خطرناڪ
شعائن کان محفوظ رکي ٿي.
·
چانهه ۽ ڪافي ۾ ڪيفين نالي مٺو زهر شامل هوندو
آهي.
·
”پوسٽ مارٽم“ اهو لاطيني زبان جو لفظ آهي، جنهن جي
معنى آهي ”مرڻ“
محمد موسى سولنگي
ڄاڻ جي کاڻ
گهڙيءَ ۾ ٽيليويزن:
هي ٽي وي جاپان جي مشهور واچ ڪمپني ”سيڪو“ جي
ايجاد آهي، هي دنيا جي ٽيليويزن واري پهرين گهڙي
آهي. ان جو وزن 12 اونس آهي. ان ۾ ايف ايم اسٽيريو
ريڊيو نشريات به وصول ڪري سگهجي ٿي.
دنيا جو سڀ کان وڏو ڪتاب:
هي ڪتاب وزن جي لحاظ کان دنيا جو سڀ کان وڏو ڪتاب
آهي، جيڪو برطانيه جي برٽش ميوزيم ۾ رکيل آهي، هي
ڪتاب چارلس ٻئي جي زماني ۾ لکيو ويو هئو. ان جي
پنن جي ڊيگهه ڇهه فوٽ ۽ ويڪر سوا ٽي فوٽ آهي، ڪتاب
جي ٿولهه ست فوٽ آهي. ان جي جلد بنديءَ ۾ اٺن ٻڪرن
جو کلون استعمال ٿيل آهن.
سج جا رنگ:
سري لنڪا جي اولهه ۾ ڪجهه اهڙيون جبل جون ٽڪريون
آهن، جيڪي حضرت آدم عليه اسلام جون ٽڪريون چورائين
ٿيون. انهن ٽڪرين جي ويجهو جڏهن سج لهڻ لڳندو آهي،
ته پهريائين سج ڳاڙهي رنگ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو پوءِ
هلڪو ٿي سائو رنگ اختيار ٿو ڪري، ايتري تائين جو
ستن رنگن ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ لهندو آهي.
لوڻ ۽ موت:
فرانس جي فوج جو فيلڊ مارشل نڪولس جيڪو گهڻن جنگن
جو فاتح هو، پر هو ڏاڍو وهمي انسان هو، فيلڊ مارشل
نڪولس کاڌي دوران لوڻ دانيءَ کي پاڻ کان پري رکندو
هو، ڇو ته کيس وهم هو ته جيڪڏهن لوڻ دانيءَ مان
لوڻ ڪري پيو ته هو مري ويندو.
اهوئي وهم سندس موت جو سبب بڻيو، هڪ دعوت دوران
ٻئي مهمان جي هٿ لڳڻ سان ميز مٿان لوڻ داڻي ڪري
پئي، لوڻ وکري ويو ۽ نيڪولس جي اکين ۾ پيو ۽ هو
اُتي ئي مري ويو.
سڀ کان ويجهو سيارو:
سائنسدانن کي هڪ ٻيو سيارو نظر آيو آهي، جيڪو هن
وقت سڀني کان ويجهو سيارو تصور ڪيو وڃي ٿو، هن کان
پهريائين سڀ کان جيڪو ويجهو سيارو هيو، اهو هڪ لک
ستر هزار (نوري سال) زمين کان پري هيو، پر نئون
لڀجندڙ سيارو صرف 80 هزار (نوري سال) سج کان پري
آهي.
عطا حسين ”عطا“ سولنگي
علم
·
علم لازوال دولت آهي.
·
علم انسان جي ٽين اک آهي.
·
علم ذريعي انسان چنڊ تي قدم رکيو ۽ مريخ تي پهچڻ
جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
·
علم جي ذريعي انسان سج ۽ چنڊ ۽ تارن جي بناوت،
ماهيت ۽ بلندي معلوم ڪئي.
·
اسان جي چوڌاري جيڪي به ايجادون آهن مثلاً: ريل
گاڏي، هوا ئي جهاز، ٽي وي، بجلي، هوائي پکو ۽ بلب
وغيره اهي سڀ علم جي وسيلي تيار ٿيا.
·
علم هڪ نُور آهي، جنهن سان جهالت ۽ گمراهي جون
ترڪيبون دور ٿي وڃن ٿيون.
·
علم ذريعي انسان پنهنجي خالق کي سڃاڻي ٿو.
·
دنيا ۾ مان ۽ مرتبي جو ضامن علم آهي.
·
علم انسان جي دل ۾ اها جرئت پيدا ڪري ٿو، جنهن سان
هو بي خوف سمنڊ جي گهرايُنِ ۾ تري ٿو.
·
علم جي مقابلي ۾ مال ۽ دولت کي ڪابه اهميت حاصل نه
آهي.
·
علم انسان کي پنهنجي فرائض کان آگاهه ڪري ٿو.
·
علم ذريعي انسان پنهنجي چڱائي يا برائي سمجهي سگهي
ٿو.
·
علم روشني جو هڪ اهڙو مينار آهي، جيڪو پنهنجي
روشني پري تائين پهچائي ٿو.
·
هنر ۽ ڌنڌي وغيره جو مدار علم تي آهي.
·
علم انسان کي حيوان مان ڦيرائي انسان جي قطار ۾
پهچائي ٿو.
·
علم انسان کي ڌوٻيءَ جي ڪپڙي جيان صاف ڪري آئيني
مثل چمڪائي ٿو.
·
اقبال احمد ميمڻ
·
ڏاهن جا قول
·
جنهن جي زبان مٺي ان جا ڀائر گهڻا (حضرت علي رضه)
·
جنهن جي ڳالهه آهي، ان کي نه ڏسو، پر ان جي ڳالهه
کي ڏسو (حضرت علي رضه)
·
جڏهن توهان ڪنهن دشمن تي قابو پائي ورتو ته ان جو
شڪرانو، اهو آهي ته ان جو ڏوهه معاف ڪري ڇڏيو.
(حضرت علي رضه)
·
هر شخص کي خوش رکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. (ڊي
ڪارينگي)
·
ڪاميابي جو بس اهوئي راز آهي ته ٻين جو نقطئه نظر
سمجهيو وڃي. (هنري فورڊ)
سهڻا سخن
1.
هميشه سچ ڳالهايو ۽ ڪوڙ کان بچو
2.
ڪنهن مسلمان لاءِ اها ڳالهه ٺيڪ ناهي، جو ٻئي
مسلمان سان ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رٺل رهي.
3.
طاقتور اهو ناهي، جو ٻئي کي دسي وجهي، پر بهادر
اهو آهي جيڪو ڪاوڙ وقت پاڻ تي قبضو ڪري.
4.
ڪنهن سان به حسد نه ڪريو، ڇو ته حسد نيڪين کي ائين
برباد ڪري ٿو، جيئن باهه ڪاٺين کي ساڙي ٿي.
5.
ڪنهن تي چغلي نه هڻو، سڀني کان خراب اهي ماڻهو
آهن، جيڪي چغليون هڻن ٿا ۽ دوستن جي وچ ۾ جدائي
وجهن ٿا.
6.
ڪنهن کي گار ياد ڪو طعنو نه ڏيو ۽ نه ڪا گندي
ڳالهه وات مان ڪڍو.
7.
مخلوق خدا جو ڪٽنب آهي، تنهن ڪري خدا سڀ کان پيارو
اهو آهي، جيڪو سندس مخلوق سان سهڻو سلوڪ ڪري ٿو.
8.
الله انهيءَ ماڻهو تي رحم نه ٿو ڪر، جيڪو ماڻهن
مٿان رحم نه ڪندو آهي.
9.
جيڪو ننڍن سان پيار ۽ وڏن جي عزت نه ٿو ڪري تنهن
جو مسلمانن سان ڪوئي لاڳاپو ڪونهي.
10.
جڏهن واعدو ڪريو ته اهو پاڙيو.
موڪليندڙ: عبدالقيوم اوڳاهي ڳوٺ مٺڻ اوڳاهي.
گل ڦل قلمي دوستي
نالو: قدير عادل سومرو، ڪلاس: نائون
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: مهراڻ ڪلينڪ ڊاڪٽر فدا حسين گاجي کاوڙ روڊ
نصير آباد.
نالو: مڪيش ڪمار، ڪلاس: ڇهون (اي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 11 سال
ائڊريس: ڀٽائي بوڪ اسٽور مين روڊ ميرپور ماٿيلو.
نالو: حاڪم علي بروهي، ڪلاس: ستون (اي)
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: مدرسه عربيه محمديه فريد آباد،.
نالو: قربان علي سومرو، ڪلاس: ڇهون (اي)
وندر: قرآن شريف پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڻي پور
نالو: طارق احمد منگي، ڪلاس: اٺون (سي)
وندر: سير ڪرڻ، عمر: 12 سال
ائڊريس: حاجي جنرل اسٽور ٿيٻا روڊ ميهڙ.
نالو: سندر ڪمار، ڪلاس: يارهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 18 سال
ائڊريس: ميٺا مل ماڻڪ رام ڪلاٿ مرچنٽ جروار
گهوٽڪي.
نالو: غلام اصغر درياڻي، ڪلاس: نائون (بي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: خادم حسين درياڻيءَ مين روڊ ميهڙ
نالو: گلزار احمد، ڪلاس: ڏهون (سي)
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: شبير ٽيلرز سجاول
نالو: عبيدالله خان ٽالپر، ڪلاس: نائون
وندر: پڙهڻ لکڻ، عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ باڪس نمبر 3 جنرل پوسٽ آفيس
ميرپورخاص.
نالو: پرويز علي لانگاهه، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: واجد ڪلينڪ مين روڊ دولتپور صفن،
نالو: غلام مرتضى جوڻيجو ڪلاس: ٽيون
وندر: راند کيڏڻ، عمر: 8 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس حاجي ذڪريا جوڻيجو معرفت علي
انور جوڻيجو باڊهه.
نالو: سيد عمران علي ڪلاس: اٺون
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: سخاوت ميڊيڪل اسٽور محرابپور جنڪشن.
نالو: زبير النصار ميمڻ، ڪلاس: اٺون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ (بي) هاءِ اسڪول هالاڻي.
نالو: احمد علي شيخ، ڪلاس: نائون (سي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شهدادڪوٽ.
نالو: بيهاري لال، ڪلاس: اٺون
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: سٽي گيٽ هوٽل ويجهو ٽيڪسي اسٽينڊ عمرڪوٽ.
الو: منور علي مهڙ، ڪلاس: پنجون
وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 9 سال
ائڊريس: عظيم ڪالوني سڪرنڊ روڊ نوابشاهه.
نالو: پرڪاش ڪرشن، ڪلاس: نائون،
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال،
ائڊريس: سونا ميوزڪ سينٽر ويجهو يوٽيلٽي اسٽور
عمرڪوٽ.
نالو: ايم اسماعيل تارا، ڪلاس: ڏهون
وندر: قلمي دوستي رکڻ، عمر: 16 سال
ائڊريس: پوسٽ پير مڱيون تعلقو خيرپور ميرس.
نالو: منظور احمد بهلول، ڪلاس: يارهون
وندر: ڊرائنگ ڪرڻ، عمر: 17 سال
ائڊريس: سنڌ بوڪ اسٽور وارهه.
نالو: مختار منگي، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: فوٽو گرافي ڪرڻ، عمر: 18 سال
ائڊريس: گلستان هيئر ڊريسر نيو بس اسٽينڊ لاڙڪاڻو.
نالو: جاويد احمد چنا – ڪلاس: نائون (اي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول شاهه پنجون سلطان
نالو: رجب علي راهي، ڪلاس: ڇهون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هائير اسيڪنڊري اسڪول ٿاڻو
بولاخان.
نالو: منظور علي خاصخيلي، ڪلاس: ڇهون (سي)
وندر: ڪتاب پڙهڻ، عمر: 10 سال
ائڊريس: معرفت قاسم خاصخيلي آڪٽراءِ ناڪو سڪرنڊ.
نالو: ظفر علي ملاح، ڪلاس: ستون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس ڳوٺ خواجه تعلقو ٽنڊو الهيار.
نالو: سنجي ڪمار کيماڻي، ڪلاس: اٺون (بي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: سنجي ڪلاٿ هائوس شاهي بازار خانپور مهر.
نالو: ڪنيا لال اوچاڻي، ڪلاس: ستون (اي)
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول راڌڻ اسٽيشن.
نالو: سروڻ ڪمار، ڪلاس: ستون
وندر: رسالا پڙهڻ، عمر: 13 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس ڳوٺ خواجه تعلقو ٽنڊو الهيار.
نالو: ايم راجه بلوچ، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: گل ڦل پڙهڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول درگاهه لواري شريف
نالو: مسعود احمد بليدي، ڪلاس: نائون (اي)
وندر: هاڪي کيڏڻ، عمر: 15 سال
ائڊريس: محمد بن قاسم هائوس ڪٽ نمبر 9224 ڪيڊٽ
ڪاليج پٽارو.
خط
ادا، جيئن ته جولاءِ وارو پرچو پڙهيم، تمام گهڻو
پسند آيو، ڪهاڻين ۾ ڪوئو ۽ بجلي، ٻڍڙيءَ جو
انصاف، بادشاهي ڪوڙ پسند آيون، شاعري به بهتر
هئي، خاص ڪري، انجم قاضي، اسماعيل سليم، محسن
چانڊيو، نثار بزمي ۽ علي محمد درد سولنگي جي
شاعريءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو، پر افسوس جو منهنجو
ڪوبه مواد شامل نه هو، ادا هي خط لکي رهيو آهيان،
اميد ته همت افزائي ڪندا.
اوهانجو: شاهنواز علي پنهور، دادو.
ادا سائين توهان جو گل ڦل منهنجي هٿڙن ۾ آهي، ادا
سائين اسان کي سڀ کان وڌيڪ سپنن جو سنسار، ايفل
ٽاور، وڏي لائبريري ۽ ٻڍڙيءَ جو انصاف تمام گهڻيون
پسند آيون، ادا سائين هي اسان جو، ٽيون خط آهي،
جيڪڏهن اهو به شامل نه ٿيو ته ڪا ڳالهه نه آهي،
اسان جو هميشه ساٿ سلامت رهندو.
لکندڙ: شڪيل انصاري شڪارپور.
ادا، جولاءِ 1995ع وارو گل ڦل10 جولاءِ تي مليو،
جيڪو مون پڙهيو ۽ سٺو لڳو، (عالمي ادب) مان ڪتو
ڪار جي پويان ڇو ڊوڙندو آهي، فن ۾ مهارت، کچڻي،
قلمي دوستي، خط، نتيجو خال ڀريو، ڏاڍو سٺو لڳو،
مان هي خط پهريون ڀيرو لکي رهيو آهيان، اميد ته هن
خط کي گلن جهڙي گل ڦل ۾ شايع ڪندا.
اوهانجو: امداد علي سومراهه
ادا، آءُ ”گل ڦل“ جو تمام پراڻو پڙهندڙ آهيان، ۽
مون ڪيترائي خط لکيا آهن، پر هر دفعي مايوسي مقدر
۾ آهي گهڻي اميد سان هي خط لکي رهيو آهيان، اميد
ته مايوس نه ڪندا، جولاءِ وارو پرچو تمام گهڻو
پسند آيو، ڪهاڻين ۾، الطاف شيخ جي ڪهاڻي ”جادوءَ
جون سوغاتون“ ”ڪوئو ۽ بجلي“ ٻڍڙي جو انصاف ۽ حفيظ
جي ڪهاڻي پسند آئي. آصف مسعور پنهور جو مضمون غذا
تمام گهو پسند آيو.
منير احمد پنهور، دادو.
ادا، رسالي ۾ پنهنجو مواد ڏسي ايتري خوشي ٿي،
جيتري اوهان جي جولاءِ واري رسالي ۾ کلندڙ ٻار جي
هئي. ادا، هن ڀيري رسالو ڪجهه دير سان مليو، ان جو
ڪهڙو سبب هئو. رسالو تمام گهڻو پسند آيو، جنهن ۾
لطيفي لات، شاهه عبداللطيف، ارپنا، ڪتو ۽ ڪار،
ڪوئو ۽ بجلي، وقت، استاد، ٻارن ۾ ساهه، ٻار ۽
بادشاهي ڪوڙ بيحد پسند آيا ۽ مستقل سلسلن ۾ کل ته
سهي، قلمي دوستي، خال ڀريو پسند آيا، ادا مون
اوهان ڏانهن هڪ ڪهاڻي موڪلي هئي، جيڪا اوهان اڃان
تائين شايع نه ڪئي آهي.
اوهانجو: اياز علي سهتو، ڪوٽ غلام محمد
ادا، جولا 1995ع وارو گل ڦل هٿ ۾ آهي، مان هڪ
سيهيليءَ ڏي ويم ته نظر وڃي هڪ سهڻي رسالي گل ڦل
تي پئي، گل ڦل پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي، جولاءِ جي رسالي
۾ کل ته سهي، نتيجو رنگ ڀريو، خط، بادشاهي ڪوڙ، وڻ
جي ڪهاڻي، کچڻي، ٻڍڙي جو انصاف، ڏاڍيون دلچسپ
هيون. اميد ته هي خط شايع ڪندا.
توهان جي ڀيڻ شازيه بلوچ ميرپور ماٿيلو.
ادا، عرض ته جولاءِ 95 جو گل ڦل ورتم مواد تمام
بهتر هو، ڪهاڻين ۾ بادشاهي ڪوڙ، ڪراچي گهمڻ جو
شوق، ڪتو ڪار جي پٺيان ڇو ڊوڙندو آهي. شاعري ۽ ٻيا
سلسلا تعريف وٽان آهن، مان هن دفعي ڪهاڻي موڪلي
رهيو آهيان. اوهان شايع نه ڪئي ته آئينده لکڻ بند
ڪندس، اسان اوهان ڏانهن پنهنجو قيمتي وقت وڃائي
ڪهاڻيون موڪليون، توهان وري اسان کي نظر انداز ڪري
ٿا ڇڏيو.
اوهان جو ساٿي ”پرديسي“ بلاول خان پنهور.
ادا، جولاءِ وارو ”گل ڦل“ ڪجهه دير سان مارڪيٽ ۾
پهتو، جڏهن شهر کان واپس اچان پيو ته گل ڦل تي نظر
پئي، جڏهن خريد ڪيم ته ان ۾ سهڻيون سهڻيون
ڪهاڻيون، نظم ۽ ٻيو سڀ ڪجهه پڙهيم تمام بهترين
پرچو ثابت ٿيو. ادا اوهان جي طرف کان مئي، جون،
واريون ”گل ڦل“ جون اعزازي ڪاپيون دير سان مليون
وري به توهان جا لک احسان جو اوهان ياد ڪريو پيا،
لک ٿورا، ادا جولاءِ واري پرچي ۾ ڪهاڻيون، نظم، کل
ته سهي گل ڦل قلمي دوستي تمام بهترين لڳا.
اوهان جو، محمود علي ”شاد“ ڀٽو.
ادا، ماهوار گل ڦل جولاءِ 1995ع جو شمارو هڪ دوست
کان هٿ آيو. پڙهي ڄاڻ وڌايم اميد ته هن ڪوشش کي
هميشه زندهه رکندا ۽ رسالو مقرر ٽائيم تي جاي
ڪندا. ادا، هن ڀيري گل ڦل جو سرورق سٺو هيو، لطيفي
لات، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ، جوهر بروهي جي
ارپنا، چون چون چاچو، دنيا جي سڀ کان وڏي
لائبريري، جسم جي لاءِ ضروري غذا، فن ۾ مهارت، وڻ
جي ڪهاڻي، استاد جي عظمت پوءِ هو سڏڪا ڀرڻ لڳو،
هميشه علم حاصل ڪريو، ايفل ٽاور، گل ڦل قلمي دوستي
۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پسند آيو.
باڊاهي علي محمد اثر.
ادا، مان گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان ۽ مان فريد
آباد شهر ۾ گل ڦل جو ٻن سالن کان هاڪر آهيان،
جولاءِ 1995ع وارو پرچو اسان جي هٿن ۾ آهي، پڙهي
ڏاڍي خوشي ٿي، ڪهاڻين ۾ ٽي جادوءَ جون سوغاتون،
ڪوئو ۽ بجلي، ٻڍڙيءَ جو انصاف، بادشاهي ڪوڙ ۽
استادجي عظمت بهترين ڪهاڻيون هيون، ۽ ٻيا سلسلا
پسندا آيا، بهرال سڄو رسالو وڻندڙ هو، ادا اميد ته
هي خط ۽ قلمي دوستي ضرور شايع ڪندا.
اوهانجو ڀاءُ: حاڪم علي بروهي
ادا، احوال ته جولاءِ جو گل ڦل هٿن ۾ آهي، سڀ
سلسلا وڻيا ڀلا تعريف ڪنهن جي ڪريان، سڀ هڪ ٻئي
کان وڌيڪ سٺا هئا، پر سلسلا اڃان وڌيڪ رکو ته هن
رسالي کي چار چنڊ لڳي وڃن، مان قلمي دوستي ۾
تعارف، فوٽو ۽ هڪ ڪهاڻي موڪلي رهيو آهيان، ڪنهن هڪ
ڪنڊ ۾ جاءِ ڏيندا مايوس نه ڪندا.
پرنس مڪيش داسري ايڇ ڪنري پاڪ.
ادا، واهه جولاءِ جو پرچو مليو، پڙهي ڏاڍي خوشي
ٿي، ادا، مون توهان ڏانهن هر دفعي بلڪ هر مهيني
مواد موڪليو، پر توهان ان کي ايڏي بيدردي سان ردي
جي ٽوڪري ۾ اڇليو جو انهي جي ڪرڻ جو آواز مون کي
بلڪل واضح ٻڌڻ ۾ آيو، ادا جيڪڏهن گل ڦل صرف اميرن
لاءِ آهي ته پوءِ اسين ڏوراپو نه ڏينداسين ۽ اگر
اسان لاءِ به آهي، ته اسان و ڏوراپو ته بلڪل حق تي
آهي. اسين ڏوراپو شوق سان ڪونه ٿا ڏيون، جڏهن گل
ڦل ۾ اسان پنهنجو مواد نٿا ڏسون ته دل ۾ ڏک ٿيندو
آهي، ادا: پوئين پرچي ۾ سڀ سلسلا سٺا هئا، جادوئي
ڌاڳا، موچي ۽ ڄامڙا، خوشي جا ڳوڙها شاعري ۾ غلام
محمد غازي اياز پاٽولي، وفا منظور علي ۽ بيخود
بلوچ ڏاڍو متاثر ڪيو.
فقط توهان جو: شاهنواز گل ٿيٻو ڪوٽ غلام محمد.
ڀاءُ، آئون گل ڦل شوق ۽ پابندي سان پڙهندو آهيان،
توهان جو گل ڦل ڏاڍو سڪون بخشيندڙ آهي، جولاءِ
1995ع وارو رسالو پڙهيم ڏاڍي خوشي ٿي، جنهن ۾
لطيفي لات، ٽي جادوءَ جو سوغاتون، ڪوئو ۽ بجلي،
کچڻي، بادشاهي ڪوڙ، مطلب ته سڀ ڪهاڻيون ڏاڍيون
پسند آيون، مون کي به شوق ٿيو ۽ هي پهريون خط گل
ڦل ۾ لکي رهيو آهيان، اميد ته ضرور شايع ڪري همت
افزائي ڪندا.
توهان جو ڀاءُ، پير علي رضا سجاول
ادا، آئون گل ڦل جو پراڻو پڙهندڙ آهيان، پر هي
پهريون ڀيرو ڪارڊ پيو لکان اميد ته ضرور شامل ڪري
دل کي خوشي بخشيندا، گل ڦل جولاءِ وارو شمارو
هميشه جيئان خوبصورت هو، ڪهاڻيون معلومات ۽ ٻيا
سلسلا سٺا هئا، جن ۾ خاص، بادشاهي ڪوڙ ۽ فن ۾
مهارت لاجواب ڪهاڻيون هيون.
شاهد علي کٽي، تلهار.
نتيجو رنگ ڀريو 22
هن تصوير ۾ ڪيترن ئي ٻارن رنگ ڀري موڪليا، جنهن ۾
پهريون آيو، عبداللطيف دايو، معرفت يعقوب دايو
ڪٻاڙ وارو شهدادڪوٽ.
کيس گل ڦل جي هڪ اعزازي ڪاپي موڪلبي.
نتيجو خال ڀريو – 22
هن ڀيري به ڪيترن ئي ٻارن خال ڀري موڪليا، جن مان
ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح ڪونه آيو.
جواب: (1) 1980 (2) پلاٽينم (3) ڇهه گرام (4)
1889ع (5) 1964ع.
رنگ ڀريو – 24
هيٺ ڏنل تصوير ۾ رنگ ڀري موڪليو، جنهن ٻار جو رنگ
صحيح ڀريل هوندو، ان کي گل ڦل رسالي جي هڪ ڪاپي
اعزازي موڪلبي.
موڪليندڙ جو نالو ۽ ائڊريس .............
خال ڀريو – 24
هيٺ ڏنل جملن ۾ صحيح خال ڀريو موڪليو، جن ٻارن جا
پنج ئي خال صحيح ڀريل هوندا، انهن کي ”گل ڦل“
رسالي جي ڪاپي اعزازي موڪلبي!
1.
مصطفى ڪمال پاشا ترڪي جي شهر ..... ۾ ڄاوا هئا.
2.
مولانا محمد علي جوهر بي اي لنڊن جي
يونيورسٽي..... مان ڪئي.
3.
مشهور سائنسدان نيوٽن ............. ملڪ جو رهواسي
هو.
4.
قومي ترانو ريڊيو پاڪستان تان پهريون ڀيرو 13 آگسٽ
.......... سن ۾ نشر ٿيو.
5.
ڪراچي ريڊيو اسٽيشن ...... سن ۾ قائم ٿي.
موڪليندڙ: جو پورو نالو ۽ ائڊريس...............
|