سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل سيپٽمبر 1995ع

باب: --

صفحو :3

جن بادشاهه پنهنجي ساٿي جن کي چيو ته، ”اي طبيب جن جلدي ڪر، منهنجي محسن کي اهو هڪڙو ئي پٽ آهي، هن کي ڪو اهڙو جادوئي مرهم لڳايو جو هينئر جو هينئر هن جا سڀ زخم ختم ٿي وڃن.

طبيب جن هڪ ڪاري ڳوٿري کولي ۽ ان مان هڪ ننڍڙي دٻي ڪڍي ۽ پوءِ ان دٻليءَ مان مرهم ڪڍي، سوڍل جي زخمن تي لڳايو. مرهم لڳڻ سان سوڍل ٺيڪ ٺاڪ ٿي پيو ۽ سجاڳ ٿي اُٿي ويهي رهيو. پوءِ جن بادشاهه ۽ ساٿي طبيب جن گم ٿي ويا.

ڪجهه ڏينهن بعد جن بادشاهه سوڍل وٽ آيو، ۽ سوڍل کي ڪ صندوق ڏيئي چيائينس ته ”اي ڇوڪرا هيءَ صندوق پنهنجي گهر کڻي وڃ ۽ وڃي پوڙهي پيءُ کي ڏي. چئج ته هن صندوق ۾ ايترو ڪجهه اٿئي جو اوهان جا پويان به ڪيتري وقت تائين کائيندا رهندا ۽ پوءِ گم ٿي ويو.“

سوڍل اُها صندوق کڻي پيءُ وٽ آيو، ۽ پيءُ کي جن بادشاهه جي ساري حقيقت ڪري ٻڌايائين. سوڍل جي پيءُ جن بادشاهه جا تمام گهڻا ٿورا مڃيا. هڪ ٻئي سان همدردي ۽ احسان ڪرڻ تي هنن جو وقت سٺو گذرڻ لڳو.

خليل عارف سومرو

وائي

محنت ۾ آ مانُ

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

علم وڌائي ڄاڻ ٿو،

پڙهان ڏئي ڌيان.

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

ڪاپي آهي ڪينسر،

اهليت وڌندي ڪانه،

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

محنت تي جن ڀاڙيو،

اهي ڀي انسان.

ڪاپي ڇا جي لئه ڪيان.

سمجهه وَندن لئه منزلون،

عارف ٿين آسان

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

محنت ۾ آ مان.

ڪاپي ڇاجي لئه ڪيان.

مختار گهمرو

ٽانڊاڻو

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانداڻو

ماٺ ڪري ته لڳي ويڳاڻو.

رات ۾ روز ڏسون ٿا ٻارو،

ڊوڙي پوءِ ڀڄون ٿا ٻارو،

هيءُ ڪري ٿو ڪنهن سان ماڻو،

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو.

پويان سارا ٻار ڊڪن ٿا.

هاءِ هٿن ۾ قيد به ڪن ٿا.

ڊوڙي ڊوڙي ٿي پيو ساڻو

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو.

اونداهيءَ ۾ اڏندو آهي،

ڏاڍو سڀ کي وڻندو آهي،

تنهنجي منهنجي من جو راڻو.

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو،

ڪرڻا قيد نه ڪريو ٻارو

روشن ٿئي جيئن رستو سارو

سمجهي جلدي ٻار سياڻو

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو،

ڌرتيءَ جو هي روشن تارو،

اونداهيءَ ۾ ٽمڪڻ وارو،

ڄڻ ته ستارو آهه اڏاڻو

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو.

شور نه پر ”مختار“ وڻي ٿو،

هوريان هوريان پير کڻي ٿو

گيت چوي ٿو ڄڻ ٻاراڻو.

ٽم ٽم ٽمڪي ٿو ٽانڊاڻو.

گيهاڻي دليپ

مسڪرايو ۽ خوش گذاريو

خشڪ زندگيءَ کي رسدار بنائڻ لاءِ، کل، چرچي، مسخريءَ مذاق جي سخت ضرورت آهي. ان سان انسان جي زندگي تي هر وقت اثر پوي ٿو. جيڪڏهن زندگي ۾ کل نه هجي ته زندگي بي مزي بڻجي پوي. ان ڪري زندگيءَ کي رسدار بنائڻ لاءِ کل بلڪل لازمي آهي. ان مان انسان جي زندگيءَ ۾ ڦيرو اچيو وڃي.

ڪوئل جو مڌر آواز ٻڌي، اسان جي دل آنند سان ڀرجي وڃي ٿي، اهڙي طرح مختلف واقعن کي ڏسي اسان جي دل عجب ۽ پيار وغيره ۾ ڀرجي وڃي ٿي، کل انسان جي زندگي لاءِ بلڪل فائديمند آهي، ان مان انسان کي تمام گهڻا فائدا آهن. ان مان زندگيءَ ۾ ميٺاج پيدا ٿئي ٿي. جڏهن اسين ڪم ڪندي، ڪندي ٿڪجي ٿا پؤن ۽ دل وڌيڪ ڪم ڪرڻ نٿي چاهي، ان وقت ٻه چار دوست پاڻ ۾ ويهي اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪريون، جنهن مان کل، مسخريءَ چرچو گهٻو ۽ مذاق ٿئي ٿو. ۽ پنهنجي وندر ڪري ٿا وٺون. وندر ڪرڻ کان پوءِ اسان کي ائين ٿو محسوس ٿئي ته هاڻي دماغ جي ٿڪاوٽ دور ٿي آهي ۽ ٿوري راحت ملي آهي ۽ اسين وري ڪم ۾ جنبي وڃون ٿا.

جڏهن انسان چنتائن ۾ ٻڏل هوندو آهي، هن کي قدم قدم تي ڏک ڏسڻا پوندا آهن، سنسار ۾ ڪير هن کي پنهنجو نظر نه ٿو اچي، ان وقت هن جي زندگي بور ۽ خشڪ بڻجي پوي ٿي، پر ان وقت هن سان هلندڙ سندس دوست کيس ڪيترن ئي قسمن جي مذاق سان کلائين ٿا، جڏهن هن کي کل اچي ٿي، ته گهڙيءَ پل لاءِ هو پنهنجي سڀني دکن۽ چنتائن کي وساري ويهي ٿو. اهڙي طرح ڏک جي انڌڪار ۾ کل، مستي ئي انسان کي روشني ڏئي ٿي ۽ ان جي سهاري ئي اسين زندگي ۾ اڳتي وڌون ٿا. انساني زندگي لاءِ کل هڪ نعمت مثل آهي. جيڪڏهن دکي زندگي ۾ کل جي کوٽ هجي ته انسان لاءِ زندگي بار بڻجي پوي ٿي ۽ کل سان انسان جي صحت به سڌري ٿي. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته کلڻ سان ڦڦڙن جي ڪثرت ٿئي ٿي، ۽ دل خوش رهي ٿي. اهو سچ آهي ته جو انسان ڏينهن ۾ ٽي، چار، دفعا ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو، اُهو سدائين صحتمند ٿو رهي، هو ڪڏهن به بيمار نٿو ٿئي. ان ڪري کل انسان لاءِ بلڪل گهڻي فائديمند آهي. هونءَ به گهڻو ڪري ائين ڏٺو ويو آهي ته جيڪي انسان کلندا رهن ٿا. اهي صحتمند ۽ خوش رهندا آهن ۽ جن جي زندگي ۾ کل جي ڪمي هوندي آهي، اهي سدائين اداس ۽ بيمار رهندا آهن.

کل جو هڪ شخصي فائدو اهو آهي ته ان معرفت گهڻو ڪري انهن شخصيتن  ۾ سڌارو اچي ٿو، جن ۾ ٻين ڪن ذريعن سان سڌارو ٿيڻ مشڪل آهي، جيڪڏهن هڪ شخص تمام گهڻو ڪنجوس آهي ۽ ڪيتري سمجهائڻ کان پوءِ به هو پنهنجي ڪنجوسپائيءَ کي نٿو ڇڏي اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ٺٺولي ۾  يا ٻئي ڪنهن نموني هن تي مذاق ڪئي وڃي ته پڪ ئي پڪ ٿورو اثر هن تي ضرور پوندو کل جي ذريعي سماجي سڌارا به ٿي سگهن ٿا.

جڏهن اسان رستي تي ڪنهن کي ڪيلي جي کل تي ترڪندي ڏسندا آهيون ته ”کل“ اچي ويندي آهي.

پر جڏهن اها خبر پوندي اٿئون ته هن کي تمام گهڻو ڌڪ لڳو آهي ۽ هن جي جسم مان رت پيو وهي ته اسان جي دل ۾ رحم پيدا ٿئي ٿو. اسان کي ڪڏهن به انسان جي ڪمزورين تي کلڻ نه گهرجي، کل ٺٺوليءَ واريءَ به نه هئڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ٺٺوليءَ جو تير تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي. آخر ۾ ٿوري ۾ اسين ائين چئي سگهون ٿا ته، کل جي زندگي ۾ گهڻي اهميت آهي.

ان لاءِ مسڪرايو ۽ زندگي خوشگوار بنايو. سياڻن سچ چيو آهي ته ”خوشي جهڙي خوراڪ ڪانهي ۽ ڳڻتيءَ جهڙو مرض ڪونهي.“

گلبند جاويد مرزا

اوچا ڳاٽ

آصف پنهنجن مائٽن جو سڪيلڌو پٽ هو. سندس مائٽ وچولي طبقي سان تعلق رکندا هئا ۽ هڪ وڏي ڪٽنب سان رهندا هئا. آصف جا ماءُ پيءُ ٻئي سرڪاري اداري ۾ نوڪري ڪندا هئا؛ پاڻ جيستائين آفيس مان اچن، تيستائين آصف پنهنجي ڏاڏيءَ جي بلي هوندو هو، جيڪا ساڻس ڏاڍو پيار ڪندي هئي.

هن ڪٽنب جي فردن کي ريڊيو، ٽيپ رڪارڊ، ٽي – وي – وي سي – آر ۽ ڊش اينٽينا سان تمام گهڻي دلچسپي هوندي هئي، تنهن ڪري گهر جي هر ڪمري ۾ اهي سڀ شيون موجود هونديون هيون، انهيءَ ڪري ٻار به انهن شين سان گهڻو چاهه رکندا هئا ۽ رات جو ڪافي دير تائين پيا جاڳندا هئا.

جيئن ته آصف جي امڙ، پڙهيل ڳڙهيل هئي، سو کيس خبر هئي، ته ٻار لاءِ سوير سمهڻ ڪيترو ضروري آهي، انڪري هوءَ پنهنجي مختصر فئملي سان سوير ئي سمهي پوندي هئي. اهوئي سبب هو، جو آصف تازو توانو ۽ خوبصورت نظر ايندو هو، سندس مائٽ کيس ٿوري وقت ۾ ڀرپور پيار ڏيندا هئا. جيئن اڌ ڌينهن جي غير حاضري جيڪسر نڪري ان ڪري سندس والدين ڊيوٽيءَ کان پوءِ سڄو وقت آصف سان گذاريندا هئا، ايتري تائين جو راند وند به کيس پاڻ ئي ڪرائيندا هئا. مائٽن جي ڪمپني ۽ پيار جي ڪري آصف، ٻين ٻارن کان مختلف نظر ايندو هو.

آصف جڏهن ٽن سالن جو ٿيو، ته سندس والد کيس ويجهي اسڪول ۾ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو، پر سندس امڙ اهو چئي انڪار ڪيو ته چئن سالن جي عمر تائين ٻار کي بلڪل راند روند گهمڻ ڦرڻ لاءِ آزادي ڏني وڃي، ۽ عمر جي چوٿين سال جي شروعات ٿيڻ سان ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائجي. نيٺ والد جي زور ڀرڻ تي آصف کي ساڍن ٽن سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ ويهاريو ويو ته جيئن اسڪول جي اصولن کان واقف ٿئي. پهريان ڪجهه ڏينهن ته ننڍڙو شوق سان اسڪول ويندو رهيو، پر آهستي آهستي اسڪول وڃڻ کان لهرائڻ لڳو. استاد جون شڪايتون اچڻ لڳيون ته ننڍڙو ڪنهن به ڪم ۾ دلچسپي نٿو وٺي. سندس ماءُ جڏهن کانئس اسڪول بابت پڇندي هئي، ته ٻڌائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن ماڻس کانئس پڇيو ته ”اوهان کي پنهنجو اسڪول وڻي ٿو؟“

چيائين، ”اما، نه!“

”اوهان جي مئڊم سٺي آهي؟“

”نه!“

”ڀلا، ٻارن سان اوهان کي مزو اچي ٿو؟“

”نه“

”سندس هر جواب ”نه“ ۾ ٻڌي ماڻس سوچ ۾ پئجي وئي ۽ آخري سوال پڇيائين ته ”اوهان کي مئڊم ۽ ٽيچرس مارينديون آهن ڇا؟“

چيائين، ”نه -  مون کي ته ڪونه مارينديون آهن!“

”نه ٻين ٻارن کي مارينديون آهن؟“

ماڻس پڇيو.

”تڏهن اوهان کي اسڪول ۾ مزو نٿو اچي.“

چيائين، ”ها!“

پر اوهان کي پڙهڻو ته آهي. آصف جواب ڏنو ”نه.“

”ڀلا اوهان ٻئي اسڪول ۾ پڙهندؤ؟“

هڪدم چيائين، ”ها!“

ڪجهه ڏينهن جي سوچ ويچار کان پوءِ کيس شهر جي هڪ ٻئي سٺي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي ٻارن جي دلچسپيءَ جون تمام گهڻيون شيون هيون. مثلاً: مختلف قسمن جون رانديون، موسيقيءَ جا ڪلاس، سائيڪلنگ ريس، ڪلرڊ ڊي، سير تفريح وغيره جي ڪري آصف نئين اسڪول ۾ بلڪل سيٽ ٿي ويو. ۽ عمر جي چوٿين سال سان ئي پنهنجي تعليم جي شروعات ڪيائين. اسڪول ۾ دل لڳائي پڙهڻ لڳو ۽ روزانو شام جو پنهنجي ماءُ پيءُ کي اسڪول جو ڪم ڪار ٻڌائيندو هو. تمام گهڻو ذهين هئڻ ڪي، هوم ورڪ به اتي ڪري ايندو هو. فري ٽائيم ۾ سندس مائٽ کيس آکاڻيون ٻڌائيندا هئا. ۽ وي سي آر تي عظيم انسانن جي ڪارنامن جون فلمون ڏيکاريندا هئا. مختلف ٻوليون سيکارڻ لاءِ ٽيپ رڪارڊ ٻڌرائيندا هئا.

آصف هاڻي هر امتحان ۾ پهريون نمبر اچڻ لڳو، جڏهن اٺن سالن جو ٿيو ته والدين کي چيائين ته مون کي ننڍڙو ٽيپ رڪارڊ کپي - ۽ پوءِ ان ئي ڏينهن کيس ٽيپ رڪارڊ گهرائي ڏنو ويو، جيڪو ڪتابن جي ٿيلهي ۾ اسڪول کڻي ويندو هو. روزانو شام جو پڙهڻ وقت، ان ۾ ٽيپ ٿيل ليڪچر ويهي ٻڌندو هو. آصف جا والدين اهو ڏسي خوش ٿيندا هئا، ته سندن پٽ ٽيپ رڪارڊ جو صحيح استعمال ڪري رهيو آهي. جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو، ته مائٽن کيس پڙهائي لاءِ هڪ الڳ ڪمرو ٺهرائي ڏنو. هڪ ڏينهن والدين کي الڳ ٽي وي وٺي ڏيڻ جي فرمائش ڪيائين ۽ والدين کيس ننڍي سائيز جي ٽي وي گهرائي ڏني ۽ ماڻس گهر ۾ رکيل وي سي آر به سندس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن تي سندس مڙس ناراض ٿيو ته، 10 سالن جي معصوم ٻار کي تو، ٽي وي ۽ وي سي آر ڏئي ڇڏيو آهي، ته ويٺو غلط قسم جون فلمون ڏسي، آصف جي ماءُ مرڪي چيو، ”آصف کي خبر آهي ته انهن شين جو استعمال ڪيئن ڪجي.“ ۽ ان کان پوءِ ڊش انٽينا جو رسيور به هن سندس حوالي ڪري ڇڏيو. آصف ان تان معلوماتي پروگرام ڏسندو هو.

ذهين، هوشيار ۽ بااخلاق هئڻ ڪري، سڀئي ٽيچرز آصف کي گهڻو ڀائيندا هئا ۽ هر وک تي کيس همٿائيندا هئا. استادن جي سٺي رهنمائيءَ جي ڪري، نمايان پوزيشن ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيائين، جنهن ڪري کيس ٻاهرين ملڪ ۾ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ جي اسڪالرشپ ملي وئي!

ايم بي بي ايس جو امتحان پهرين پوزيشن ۾ پاس ڪري، اتي ئي سرجري ڪرڻ لڳو، ۽ هر سال هڪ مهيني لاءِ مائٽن کي اوڏانهن گهرائي، ساڻن ڀرپور وقت گذاريندو هو، ۽ جڏهن تعليم مڪمل ڪري، بهترين سرجن ٿي، پنهنجي وطن آيو، ته سندس مائٽن جا ڳاٽ فخر کان اوچا هئا!!

(ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ٿورن سان)

ڊاڪٽر منير احمد چنه

بوٽ پالش وارو

سي آءِ ڊي انسپيڪٽر سلطان خان شهر جي هڪ سنسان فٽ پاٿ تي آهستي آهستي چهل قدمي ڪري رهيو هو ۽ سوچي رهيو هو ته شهر ۾ وڌندڙ دهشتگردي، ڌماڪن، فائرنگ ۽ خوف هراس کي ڪهڙي نموني روڪي ۽ هٿي ڏئي سگهجي ٿي. هن جي دماغ ۾ ڪوبه واضح حل نه اچي رهيو هو، ڪابه چال هن کي صحيح رستو نه ڏيکاري رهي هئي. سوچيندي سوچيندي هو اچي باغ جي هڪ بئنچ تي ويهي رهيو هو. باغ جي ويراني ڏسي سوچي رهيو هو ته ڪيترو نه سٺو هو اهو وقت، جڏهن هرڪو ماڻهو شام جو آزاديءَ سان پنهنجا ٻار وٺي اچي هن باغ ۾ تفريح ڪندا هئا. هرڪو خوش هوندو هو. ڪابه دهشت يا ڪوبه خوف نه هوندو هو، ليڪن هينئر هرڪو سج لهڻ سان گڏ پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ ويو محفوظ ٿين ٿا. ايتري ۾ هڪ بوٽ پالش واري اچي انسپيڪٽر سلطان خان کي چيو: ”سائين بوٽ پالش ڪرائيندؤ،“ سلطان خان پهريائين هن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ پنهنجي بوٽ ڏانهن، سندس بوٽ سڄو ڏينهن شهر جي رستن تي گهمڻ جي ڪري خراب ۽ ميرو ٿي چڪو هو. بوٽ لاهي بوٽ پالش واري کي پالش ڪرائڻ لاءِ ڏنائين ۽ پاڻ وري سوچن جي سمنڊ ۾ گم ٿي ويو، ايتري ۾ وري بوٽ پالش واري چيس ته: ”سائين بوٽ پالش ٿي ويو.“ ”ايترو جلدي ۾ پالش ڪري ورتئي، تون ته ڦٽاڪو آهين.“ چئو گهڻا پئسا ٿيا.“

سائين صرف ”ٽي رپيا.“  چڱو هي وٺ پنج رپيا باقي رهيل ٻه رپيا رکي ڇڏ، نه سائين نه مان محنت ڪريان ٿو، پنا ڪونه ٿو. هي وٺو پنهنجا ٻه رپيا“ ”هي ته تنهنجو انعام آهي.“

”نه سائين، نه ڪهڙو ڪارنامو ڪيو آهي جو انعام ڏيو ٿا پيا.“ بوٽ پالش واري ڇوڪري جي خودداري ڏسي، انسپيڪٽر سلطان خان جي اندر جستجو پيدا ٿي ۽ پڇيائينس ته تون پڙهيل آهين، ها سائين مان گذريل سال ميٽرڪ پاس ڪئي آهي، پوءِ ته تون هوشو شيدي، دودي ۽ ٽيپو سلطان جهڙن بهادرن کي به ضرور پڙهيو هوندو، ها سائين بلڪل انهن جي بهادري پڙهي آهي، ۽ هاڻي ته انگريز به انهن جي بهادريءَ کي مڃين پيا، ته پوءِ ڇا تون به هوشو ۽ دودو ٿيندين. سائين پنهنجي اهڙي قسمت ڪٿي؟ ڏس پٽ قسمت به هميشه بهادرن انسانن جو ساٿ ڏيندي آهي، توکي ته اسان جي ملڪ خاص ڪري ڪراچي شهر جي حالات جا حال ته ساريا پيا آهن. روز روز هنگاما وڌندا پيا وڃن. واقعي سائين هڪ ٻه دفعو ته مان به زخمي ٿي چڪو آهيان.

چڱو جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته اهي هنگامه ختم ٿي وڃن ته پوءِ اسان جو ساٿ ڏي. انسپيڪٽر سلطان کي هڪ چال سمجهه ۾ اچي وئي، ۽ هو ان چال تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چڱو ڇوڪر، بوٽ پالس وارا تنهنجو نالو ڇا آهي؟ سائين نهنجو نالو بلاول آهي.

ڏس پٽ بلاول، منهنجو نالو سلطان خان آهي، مان سي آءِ  ڊي انسپيڪٽر آهيان، هاڻي جيڪڏهن توکي انسانيت سان ۽ ڌرتيءَ سان ذري برابر به پيا آهي ته پوءِ اسان سان ساٿ ڏي.“

۽ پوءِ بلاول مڪمل ساٿ ڏيڻ جو سڪار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي، ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ساڳي ئي باغ ۾ سلطان خان ۽ بلاول ملندا آهن، جتي سلطان خا هڪ واچ ۾ هڪ موبائل فون بلاول کي ڏيندو آهي. هن واچ جي مدد سان، اسان کي خبر پوندي ته تون ڪٿي آهين ۽ هڪ فون جي ذريعي، تون هر خاص ۽ عام واقعي جو اسان کي اطلاع ڏيندو رهجان. (انسپيڪٽر سلطان بلاول کي سمجهائيندي چيو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com