بس پوءِ بلاول، بوٽ پالش تي گهٽ ۽ هنگامن، ڌماڪن ۽
دهشتگرد ي وڌيڪ توجهه ڏيڻ لڳو، نتيجي ۾ ٿورن ئي
ڏينهن ۾ هنگامن ۽ ڌماڪن ۾ گهٽتائي اچي وئي ۽
دهشتگردن کي به پڪڙيو ويو، انهيءَ جي رد عمل ۾
دهشتگردن جي وڏي گروهه بلاول کي پڪڙي، پنهنجي باس
جي سامهون پيش ڪيو ۽ بلاول کي سخت سزا ڏيندا رهيا.
هوڏانهن جڏهن انسپيڪٽر کي خبر پئي ته هو پوليس جو
وڏو اٽالو وٺي، بلاول جي ٻانهن تي ٻڌل واچ جي مدد
سان، وڃي وڏي گروهه تائين پهتو، جتي، هن نه صرف
بلاول کي آزاد ڪرايو، پر دهشتگردن ي وڏي باس کي به
گرفتار ڪري ورتو.
سڄي شهر ۾ انسپيڪٽر سلطان خان جي هوشاري ۽ چالاڪي
جي واهه واهه ٿي وئي. بلاول جي بهادري، همت ۽ جرئت
جا اخبارن ۾ خوب چرچا ٿيڻ لڳا. ريڊئي ۽ ٽي وي تي
بلاول جا انٽرويو نشر ڪيا ويا، سندس جرئت ڪري
سرڪاري ۽ غير سرڪاري حلقن ۾ خوب پذيرائي ٿي. ڪاش
هر ماڻهو بلاول بڻجي پوي.
رابيل جوکيو
ماحول جي آلودگي
اسانجو ملڪ پاڪستان اسان کي کوڙ سارين قربانين بعد
مليو آهي. اسان کي گهرجي ته پنهنجي پياري ملڪ سان
پيار ڪريون ۽ ان جي عزت، زينت ۽ مان وڌائڻ لاءِ
ڏينهن رات ڪوششون ڪيون، ڪجهه مسئلا اسان جي ملڪ ۾
آهن جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان سرڪار ڪوشان
آهي، انهن ڳچ مسئلن مان ماحول جي آلودگيءَ جو به
هڪ مسئلو آهي. خاص ڪري شهر ۾ آلودگيءَ جو گهڻو
وڌاءُ آهي، ڇو ته شهر ۾ اچ وڃ ڪندڙ گاڏيون ننڍا ۽
وڏا ڪارخانه ۽ صفائيءَ جو خيال گهٽ هئڻ وغيره.
آلودگي خاص ڪري ٻارن تي گهڻو اثر انداز ٿئي ٿي،
ٻار نازڪ ۽ گهڻو معصوم هوندا آهن. ٻارن جي صحت
مندي اسان جي لاءِ ڪارائتي آهي، ڇو ته اهي ئي ٻار
سڀاڻي جي واڳ سنڀاليندا.
ڏٺو وڃي ته آلودگي ٻارن کي گهڻو سست به بنائي ٿي ۽
پوءِ ٻار ذهني قوت مڪمل حاصل نٿو ڪري سگهي ڇو ته
آلودگي انساني جسم جي سرشتي کي ڇيهو رسائي ٿي،
مٽيءَ جا ننڍڙا ننڍڙا ذرڙا ۽ دونهون مليل آڪسيجن
وٺڻ سان انساني جسم ڪمزور ٿيو پوي ۽ جسم جي واڌ ۾
به رڪاوٽ اچي ٿي ۽ ٻيو ته لا علاج بيمارين جو به
خطرو ٿئي ٿو.
ذرا سوچو ۽ عمل ڪريو، بيماري ڪا چڱيءَ شيءِ نه
آهي، اسين بيماريءَ کي پاڻ طرف اچڻ ڇو ڏيون، گهر
صاف رکجي، گهٽيون صاف رکجن ۽ گهٽين مان به اجايو
گند ڪچرو کڻائي ڇڏجي روزانو زندگيءَ ۾ آلودگيءَ جي
خلاف هڪ قدم اڳتي وڌايو، اهڙي طرح انشاءَ الله هڪ
ڏينهن ڪاميابي ضرور راس ايندي ۽ اسان جي ملڪ مان
آلودگيءَ جون پاڙون پٽجي وينديون ۽ اسان جو ملڪ
خوشحال ۽ ملڪ جا مارو به شاد آباد رهندا.
حفيظ لله ”حفيظ“ پنهور
لالچ جو انجام
پيارا ٻارو! اوهان کي ته خبر آهي ته قديم زماني ۾
هوائي جهاز، ريل گاڏيون ۽ بسون وغيره نه هيون ته
ماڻهو ويچارا، اٺن ۽ گهوڙن تي سفر ڪندا هئا، ائين
سفر ڪندي مهينا ۽ سال لڳي ويندا هئا. اٺن جا قافلا
به رات: ڏينهن هلندا هئا. هڪ دفعي هڪ اٺن جو
قافلو عربستان کان سنڌ اچي رهيو هو ته رات جي وقت
اوچتو اچي طوفان ڪڙڪيو، تيز طوفان سبب ڪو اٺ ڪاڏي
ته ڪو ڪاڏي هليو ويو، ماڻهو پنهنجي سر بچائڻ لاءِ
اٺن کي ڇڏي ڀڄي ويا، انهيءَ قافلي مان هڪ اٺ سڄي
رات پنهنجي قافلي کي ڳوليندو اچي هڪ اهڙي سنڌ جي
علائقي ۾ پهتو جتي خطرناڪ جانور رهندا هئا، خاص
ڪري، شينهن ۽ بگهڙ اڪثريت ۾ هئا، بگهڙن اٺ جهڙي
وڏي قدآور جانور کي ڏسي ڊڄي به ويا ۽ خوش به ٿيا.
خوش انهيءَ ڪري ٿيا جو بگهڙن سوچيو ته هن جانور کي
ماري ڪئي ڏينهن پيا گوشت مان مزا وٺندا، سو ڪن
بکايل بگهڙن، اٺ، اڻ ڏٺل جانور، يعني اٺ جو اچي
پاسو ورتو، اوچتو اٺ جي به هن نئين مخلوق تي نظر
پئجي وئي، سو هنن کي پنهنجو حال ٻڌائي پاڻي ۽ گاهه
لاءِ چيو پر بکايل بگهڙن پنهنجي پيٽ ڀرڻ لاءِ هڪ
شرط رکيو اٺ هنن کان پڇيو ته اهو شرط ڪهڙو آهي.
بکايل بگهڙن جواب ڏنو ته شرط آسان آهي ته تون
اسان کي هڪ چڪ نڙي ۾ هڻن ڏيندين، اٺ اڃ ۽ کاڌي جي
شدت ڪري اهو شرط به قبوليو بگهڙ اٺ کي وٺي ڄڃ جي
صورت ۾ خوشيون ڪندا. دهل ڌمامن سا اچي ڍنڍ تي
پهتا، اٺ بگهڙن کان پڇيو ته توهان ايتري خوشي ڇو
ٿا ڪيو. انهي تي هڪ شرارتي بگهڙ جواب ڏنو ته سائين
اسان هن ٻيلي جا مهمان نواز بگهڙ آهيون، اسان
هميشه مهمان جي آڌر ڀاءُ اهڙي، خوشي سان ڪندا
آهيون، اٺ بگهڙن جي اها شرارت سمجهي ورتي ۽ هنن
کان بچڻ جي ٽل به سوچي ورتي ته ٿڦا ٿوڦي کان سوا
جان نه ڇڏيندا، پر پوءِ به ڊپ هئس ته ”ٻن گدڙن
شينهن ماريو“ سو ڪجهه سوچيندو ڪجهه هُنن سان
ڳالهائيندو، ڍنڍ تي پهچي ويو. بگهڙن به سوچيل سازش
تحت، ڍنڍ جي ٻئي ڪپ تي لڪي ويٺا چالاڪ بگهڙن اٺ کي
پنهنجو شرط ياد ڏياريو، ان بگهڙن کي چيو ته: ”آءُ
اڃا پاڻي پيئندس، پر پهرين تون مون کي ڳچيءَ ۾ چڪ
هڻي وٺ،“ بگهڙ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو، خوشي مان هن ٽپ
ڏيڻ جي تياري ڪئي. اٺ به ڇا ڪيو جو وات جي هڪ
ڳياڙي هيٺ ۽ ٻي مٿي ڪري وات پٽي بيهي رهيو، بگهڙ
جيئن ئي ٽپ ڏيئي اٺ جي ڳچي ۾ چڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي
ته بگهڙ سڌو سنئون اٺ جي وات ۾ هليو ويو، بگهڙ جون
اڳيون ٽنگون ۽ منڍي اٺ جي وات ۾، ۽ پويون ٽنگون
ٻاهر لڙڪن پيون، اهو لڪاءُ ڏسي لڪل بگهڙ ڊنا ۽ ڊپ
مان وٺي ڀڳا، اٺ جي وات ۾ پيل بگهڙ اڍ کي چڪ ڪڍڻ
لاءِ منٿون پئي ڪيون ته منهنجي جان بخش، اڳتي لاءِ
منهنجن بابن، ڏاڏن، چاچن سڀن جي توبنهه تي اڳتي تو
جهڙي آفت سان مهاڏو نه اٽڪائبو.“ بخيل اٺ هن لالچي
بگهڙ کي چيو ته: ”ڪنهن جي به مجبوري مان ناجائز
فائدو نه وٺڻ جو واعدو ڪر، بگهڙ واعدو ڪيو ته ڪنهن
جي مدد بنا لالچ جي بنا شرط جي ڪندس، بگهڙ پنهنجي
”لالچ جي انجام“ تي ڏاڍو ڇتايو ۽ روئي ڪري اٺ کان
جان ڇڏائي ٻين بگهڙن ڏانهن روانو ٿيو ۽ انهن کي
لالچ جي انجام بابت ٻڌايو ته لالچ بري عادت آهي.
پيارا ٻارو اوهان به ڪنهن جي مدد ڪريو ته بنا شرط
۽ بنا لالچ جي ڪريو ۽ ڪنهن جي مجبوري مان فائدو نه
وٺو، ڪٿي ائين نه ته اوهان جو حشر به لالچي بگهڙ
جهڙو نه ٿئي.
سنڌيڪار غلام مصطفى سولنگي
پهاڪن جو استاد
هڪ ڏينهن صبح جو الگا اسڪول وڃي رهيو هو ته باغ
وٽان لنگهندي سندس نظر هڪ وڻ تي پئي، جنهن جي هڪ
ٽاريءَ تي نارنگي ڦٽي بيٺي هئي، نارنگي ڏسي هن جو
وات پاڻي پاڻي ٿيڻ لڳو، ”واهه واهه ....! اڄ ته
مزو ٿي ويو.... اها نارنگي ضرور کائبي....“ اهو
سوچي هن پَٽ تان ٻه، ٽي پٿر کڻي نارنگيءَ کي هنيا،
پر هن جو نشانو ٺيڪ نه هو، سو نارنگي هيٺ ڪونه
ڪري، اوچتو آواز آيو، ”جن کي ميو کائڻ جو شوق
هوندو آهي، سي وڻ تي چڙهڻ کان ڪونه ڪيٻائيندا
آهن.“
ان آواز اولگا کي ٿوريءَ دير لاءِ ڇرڪائي ڇڏيو، پر
جيئن ته هن نارنگي کائڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو،
سو ٿيلهو پَٽ تي اڇلائي مٿي وڻ تي چڙهڻ لڳو.
هو نارنگيءَ واري ٽاري تي چڙهي آيو، ۽ ڏٺائين ته
اها نارنگي نه پر ننڍڙو ڦوڪڻو هو، ايتري ۾ هڪ طوطو
ٽَپ ڏئي اچي اولگا جي ڪلهي تي ويٺو ۽ چيائين، ”تون
صفا چريو ڇوڪرو آهين، ڀلا ٽالهيءَ جي وڻ تي به
ڪڏهن نارنگيون ڦٽيون آهن؟ ڪوبه ڪم ڪرڻ کان اڳ
چڱيءَ طرح دماغ ۽ ڏسڻ لاءِ ٻه اکيون ڪافي آهن.“
اولگا شرمندو ٿي ويو ۽ چيائين، ”واقعي! ٽالهيءَ جي
وڻ تي ته نارنگيون ڪونه ڦٽنديون آهن. مون کان غلطي
ٿي وئي، آئيندي ڪوبه ڪم سوچي ويچاري پوءِ ڪندس.“
هن کي چڙهڻ کان وڌيڪ لهڻ ڏکيو ٿي لڳو، آهستي آهستي
پير رکندو هو ڪافي هيٺ لهي آيو، اوچتو هن جي هَٿ
مان ٽاري ڇڏائجي وئي ۽ هوُ قلابازيون کائيندو اچي
هيٺ ڪريو، جيئن ته هيٺ ڇَٻر هئي، تنهن ڪري هن کي
ڌڪ ڪونه لڳو. ”هوُ اُٿيو ۽ ڪپڙا ڇنڊي ٿيلهو کڻي
اسڪول ڏانهن هَلڻ لڳو. طوطو لامارو ڏئي اچي سندس
ڪُلهي تي ويٺو ۽ چيائين، ”جيڪي نه چڙهندا آهن، سي
نه ڪرندا آهن.“
اولگا طوطي ڏانهن ڪو ڌيان نه ڏنو ۽ تکو تکو ڊوڙندو
اسڪول وٽ آيو؛ پر دروازو بند ٿي چڪو هو، ڇو جو
اولگا ڏهه منٽ دير سان پهتو هو، اهو ڏسي طوطي چيو،
”اخلاق ۽ نماڻائي بند دروازا کولي ڇڏيندا آهن.“
اولگا کي طوطي جي ڳالهه دل سان لڳي ۽ هن هورڙيان
دروازو کڙڪايو اندرا پٽيوالو نڪري آيو، کيس ڏسي
اولگا ڏاڍي نماڻائي ۽ اخلاق مان چيو، ”سائين! معاف
ڪجو، اڄ مون کي ڪجهه دير ٿي وئي آهي.“
”ڪا ڳالهه ناهي، پر آئيندي دير نه ڪجانءِ.“ اهو
چئي پٽيوالي کيس اندر وڃڻ جو اشارو ڪيو.
ڪلاس روم جي دروازي وٽ پهچي هن پڇيو، ”مس! مان ندر
اچان....؟“
”پر اولگا! تون اڄ دير ڇو ڪئي آهي؟“ مس پڇيو.
”مس! ڪو خاص سبب ته ناهي، پر اڄ مون کان ڄاڻي واڻي
دير ٿي وئي آهي.“
هن ادب وچان جواب ڏنو.
طوطي رڙ ڪري چيو، ”ها مس! هي سچ ٿو چوي، پر هن کي
خبر ناهي ته دير نڀاڳ جي ماءُ آهي.“
طوطي واتان اها عقل واري ڳالهه ٻُڌي مس حيران ٿي
وئي ۽ اولگا کي ٻانهن کان وَٺي بينچ تي ويهاريندي
۽ طوطي جي کنڀن تي هٿ ڦيريندي چيائين، ”تون ته ڪو
سياڻو طوطو ٿو ڏسجين.“
طوطي مُسڪرائيندي وراڻيو، ”مس! مان ايترو سياڻو
ناهيان، پر مون کي هڪ هزار پهاڪا ياد آهن.“
مس وائڙي ٿي وئي ۽ چيائين، ”مون کي خوشيءَ ٿيندي
جي تون اسان جي اسڪول جي ٻارن کي روزانو پهاڪا
سيکاريندين پهاڪن ۾ ڏاهپ جا نڪتا هوندا آهن، تنهن
ڪري ٻار اهي نڪتا ۽ سياڻپ جون ڳالهيون سکي پنهنجي
زندگي سٺي نموني گذاري سگهندا.“
طوطي کي اها آڇ ڏاڍي وڻي، هو پهاڪن جو استاد بڻجڻ
تي ڏاڍو خوش هيو. پوءِ هوُ مِس سان ٻئي ڏينهن اچڻ
جو واعدو ڪري دريءَ مان ٻاهر اڏاڻو هليو ويو.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
آمري
سنڌ ۾ ڪيترائي کنڊ آهن، جيڪي قديم زماني ۾ عاليشان
شهر هئا، آمري به انهن مان هڪ آهي. آمريءَ جي ڳوٺ
دادو ضلعي ۾ سنڌو درياءَ لڳ، سيوهڻ کان 40 ڪلو
ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. ڳوٺ جي ڀرسان پراڻي شهر
جا کنڊهڙ موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ اتي سنڌ جو هڪ
مشهور شهر هو.
هن کنڊهڙ جي کوٽائي ڪئي وئي آهي، کوٽائيءَ مان
معلوم ٿيو آهي، ته هن جا ٻه تَههَ آهن. مٿيون تَهه
موهن جي دڙي جهڙو يعني پنج هزار سال پراڻو آهي.
هيٺيون تهه ان کان به تمام گهڻو جهونو آهي. ان مان
اندازو لڳايو ويو آهي، ته هي شهر سنڌ جي تمام قديم
تهذيب جي نشاني آهي.
دڙي جي مٿين تَهه مان اٽڪل هڪ سئو ٺڪر جا ٿانو هٿ
آيا آهن، جن جو رنگ ڳاڙهو آهي، پر انهن جي اڏاوت
اڄ ڪلهه جي ٺڪر جي ٿانون کان گهڻو مضبوط ۽ ٿلهي
آهي. انهن ٿانون تي ڪاري ۽ اونداهي رنگ جي گلڪاري
ٿيل آهي. اهڙا ٿانو موهن جي دڙي مان به مليا آهن.
انهن کانسواءِ يون شيون به مليون آهن، جهڙوڪ: پٿر
جا مڻيا، مٽيءَ مان ٺهيل رانديڪن جون گاڏيون، ڍڳن
جون مورتون وغيره.
هيٺين تهه مان جيڪي ٺڪر جا ٿانو مليا آهن، اهي سنڌ
جي ٻئي ڪنهن به دڙي مان نه لڌا آهن. اهي سنها آهن
۽ انهن جي ڳچيءَ کي ڳاڙهو ۽ ڀورو رنگ لڳل آهي.
ٿانون جي اندران وري چاڪليٽي رنگ لڳل آهي، انهي
هيٺين تهه مان جيڪي آثار مليا آهن، اهي بلوچستان
جي دڙن مان لڌل نشانين جهڙا آهن، انهيءَ ڪري ماهرن
جو چوڻ آهي، ته قديم زماني ۾ سنڌ جي تهذيب
بلوچستان تائين پکڙيل هئي. البت قديم سنڌي تهذيب
سنڌو نديءَ جي ڀر وارن ميدانن ۾ وڌيڪ عروج حاصل
ڪيو، ڇاڪاڻ ته آمري، چنهو جو دڙو، جهڪر جو دڙو،
لوهم جو دڙو ۽ موهن جو دڙو سنڌو نديءَ جي ويجهو
آهن.
قديم زماني ۾ سنڌ جي ماڻهن جو عراق، ايران ۽ ٻين
ملڪن سان واپار هلندو هو. آمري انهيءَ قديم
شاهراهه سان ڳنڍيل هئي، جيڪا سنڌ کان عراق ۽ ايران
ويندي هئي، ان کان سواءِ ان زماني ۾ آمريءَ کان
بلوچستان ڏانهن رستو به هوندو هو. انهي ڪري ان
زماني ۾ آمريءَ کي وڏي اهميت حاصل هئي. ان جي
ثابتي ان مان به ملي ٿي، ته آمريءَ مان جيڪي آثار
مليا آهن، اهي عراق جي کنڊرن مان نڪتل شين سان
مشابهت رکن ٿا.
قديم زماني ۾ سنڌ جي ميداني علائقي وارن شهرن کي
جبلن ۾ رهندڙ نيم سڌريل ماڻهن جي ڦرلٽ ۽ سنڌو
نديءَ جي خوفناڪ ٻوڏ جو شڪار ٿيڻو پوندو هو. ماهرن
جو خيال آهي، ته آميءَ جو شهر انهن سببن جي ڪري
ويران ٿي ويو.
غلام مصطفى سومرو
گليلو
سڄي دنيا ۾ ڪيترائي سائنسدان ٿي گذريا آهن، جن
انسانن جي ڀلائي لاءِ ايجادون ڪيون آهن، انهن ۾
گليلو به هڪ آهي.
اڄ گليلو کي سڄي دنيا جديد سائنس جو ابو مڃي ٿي،
جيڪو پنهنجي قابل داد صلاحيتن ۽ اعلى ذهن سان هن
دنيا جي افق تي شفق وانگر نمودار ٿيو. برٽرنڊ رسل
جو خيال آهي ته، هو جيڪڏهن ڄمي ئي نه ها يا ننڍي
هوندي ئي مري وڃي ها ته اڄ دنيا ۾ ڪيتريون سائنسي
ترقيون ۽ ايجادون نظر ئي نه اچن ها. گليلو پنهنجي
ڪوشش، محنت، تحقيق ۽ تجربن کان پوءِ، هن ڪيتريون
ئي ايجادون ڪيون، جيڪي انسانن جي ڀلائي لاءِ آهن.
گليلو اٽلي جي سر زمين تي پيدا ٿيو، تاريخ مان
معلوم ٿيو آهي ته، گليلو ڪيترن ئي شين جو مؤجد
آهي. سندس ايجادون دوربين خوردبين ۽ ٿرما ميٽر
آهن.
هن سائنسدان، سائنسي ميدان ۾ خوردبين جهڙي اوزار
کي سنه 1583 ۾ ايجاد ڪيو هن ڪتابن ۾ خورديبن جي
ايجاد ٿيڻ جو سال مختلف آهي، اڄ ڪلهه هي اوزار
تمام گهڻو استعمال ۾ اچي ٿو، جنهن سان باريڪ کان
باريڪ جيتن توڙي جيوڙن کي ڏسي سگهجي ٿو.
سندس ٻي قابل ذڪر ايجاد ٿرماميٽر آهي، جيڪو ڪيترن
تجربن کان پوءِ 1595 ۾ ايجاد ٿيو، هن ٿرماميٽر جي
ئي مدد سان فارهائيٽ سائنسدان جيڪو جرمني جو هو
تنهن 1794ع ۾ پاري وارو ٿرماميٽر ايجاد ڪيو.
گليلو ٻن سائنسدانن ڪوپرنيڪس ۽ ڪيپلر جي علم مان
فائدو وٺي هڪ دوربيني ٺاهي، جيڪا 1610ع ۾ ايجاد
ڪئي. گليلي جي ايجاد ڪيل دوربين ڪافي طاقتور ۽
بهترين هئي. ايتريقدر جو پري واريون شيون به
چٽيون، صاف ۽ وڏيون نظر ٿي آيون. گليلو ان دوربين
وسيلي دريافتون ڪيون. هن دوربين وسيلي چنڊ، سج ۽
تارن جو اڀياس ڪيو ۽ تجربن ثابت ڪيو ته استاد
بطليموس جو نظريو ۽ روم جي ڪليسا جو سرڪاري عقيدو
غلط آهي، سج زمين جي چوڌاري نه پر زمين سج جي
چؤڌاري گردش ڪري (ڦري) ٿي، نظام شمسيءَ جي هن نئين
عقيدي گليلو کي رت رئاريو.
گليلي جيڪي ثبوت پيش ڪيا، سي حڪمران طبقي کي پسند
نه آيا، ڇو جو انهيءَ طبقي جا ماڻهو پنهنجا پراڻا
عقيدا ۽ خيال مٽڻ لاءِ تيار نه هئا، تنهن ڪري کيس
روم جي ڪليسيا جي عدالت انصاف واري شعبي وڏا عذاب
ڏنا، ڪيس هلائي سزا ڏني، تنهن واقعي کان پوءِ سندس
دل کٽي ٿي پئي، هن کي زبردست محنت جو ڦل اهو ملڻ
کان پوءِ هن چپ چاپ زندگي گذارڻ بهتر سمجهي.
منٺار مارفاڻي
وڇوڙو
ٻارو، نويد نالي هڪ ڇوڪر هو جيڪو گلاب جي گل مثل
کلندو رهندو هو. هو نهايت سلڇڻو ۽ بااخلاق هو، وڏن
جو ادب ۽ ننڍڙن سان پيار ڪندو هو، ۽ هر هڪ سان سٺي
طرح پيش ايندو هو.
هو هميشه ماءُ پيءُ جو فرمانبردار، معصوم چهري ۽
سنهي مرڪ سان هر هڪ جي دل موهي وجهندو هو.
ٻارو، وڇوڙو لفظ تمام خراب آهي، پوءِ اُهو وڇوڙو
ڪنهن جو به هجي، پر ڇا ٿو ڪري سگهجي؟
ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڄ جي زندگيءَ ۾ ائين به
ٿيندو، ته اُن جي مرڪ اُها هميشه هميشه جي لاءِ
ڪومائجي ويندي. اصل ۾ اُن جي مرڪ هئي ماءُ، جيڪا
هن کي هميشه خوشيون ڏيندي هئي، ۽ هر زندگيءَ جي
ڪمن ڪارين ۾ هن جي حوصلي جي ساراهه ڪندي هئي.
ٻارو، معصوم پيار ڪندڙ ماءُ هن جي بيمار ٿي پئي،
نويد ۽ ان جو پيءُ ڏاڍو پريشان ٿيا، نويد جو پيءُ
مزدوري ڪري پيٽ پاليندو هو، ان وٽ به ايترا ڏوڪڙ
ڪونه هئا، جو ان کي جلدي ڪنهن وڏي اسپتال کڻائي
وڃي، سو پنهنجي بيوسيءَ تي پڇتائڻ لڳو سوچڻ لڳو
ته ڪنهن جي در تي وڃا، پر ڪٿي به اميد ڪونه
ڏٺائين.
ٻارو، نويد ماءُ جي مٿان کان روئي به رهيو هو ته
مٿي تي هٿ به ڦيرائي رهيو هو. ۽ پيءُ کي به چئي
رهيو هو ته هل ته بابا اسپتال امان کي کڻائي هلون،
پر نويد جي ماءُ ٿورو کنگهي ۽ نويد کي ڀاڪر پائي
نرڙ تي چمي ڏئي چيائينس ته پٽ منهنجي قبر جي مٿان
قل شريف پڙهڻ اچجائين، ۽ پوءِ نظر نويد جي پيءُ
ڏانهن ڊوڙايائين ۽ چيائين ته نويد جا پيءُ مان
تنهنجي چهري تي بيوسيءَ جا آثار ڏسان ٿي، تنهنجو
ڪوبه ڏوهه نه آهي، بس غريبي غريبي آهي، مان توکي
هڪ پارت ٿي ڪريان ته نويد کي پڙهائجان ۽ پوءِ کڻي
اکيون بند ڪيائين وري نه کوليائين.
ٻارو، اُهي ڳالهيون ٻڌي نويد رڙيون ڪرڻ لڳو، آخر ۾
چوڻ لڳو امان اکيون ته کول مون سان ڳالهه ته ڪر هي
ڏس بابا هي ڏس مان به بيٺو آهيان، اهڙو وڇوڙو نه
ڪر!
ٻارو نويد کان ماءُ ته کسجي وئي بلڪ جنت کسجي وئي،
چوندا آهن ماءُ کان بغير گهر قبرستان هوندو آهي،
تنهن ڪري هن کان ماءُ وڇڙي وئي آهي ۽ اُهو وڇوڙو
نويد جي مرڪن کي ميٽي ويو. هاڻي هو بلڪل خاموش
رهندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن کلندو آهي. |