تابش بخاري
امڙ جي عظمت
ابي ۽ امڙ جي ڪرڻ گهرجي عزت
جهڪي با ادب ٿي ڪجي خوب خدمت.
خدا کان اگر پوءِ جي واجب آ سجدو،
يقيناً امڙ جي اُهائي آ شخصيت
امڙ جنهن به ماڻهو جي زندهه آ اڄ ڀي
ته گويا انهيءَ وٽ ته موجود آ جنت
خدا خود چيو آ نه ”اُف“ چئو امڙ کي
بنا ماءُ جي بخشش سان ٿيندي نه قيامت
امڙ ريءَ نه راضي خدا ڪنهن سان ٿيندو.
ڀي ڪوبه عابد ڪري پيو عبادت.
ابي ۽ امڙ جي تون فرمان تي هل
هي تابش جي دل ۾ رکي ڇڏ نصيحت.
انجم قاضي
احساس
سارنگ ننڍڙو ئي هو، ته سندس پيءَ گذاري ويو هو،
سارنگ جي عمر ست سال مس هئي. سندس هن جهان ۾ صرف
ماءُ کانسواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبه رشتو موجود نه هو.
نه دوست، نه ڀاءُ، نه سؤٽ، نه ڀيڻ نه ٻيو ڪوئي
سهارو هيس، فقط هڪ ماءُ نماڻي جنهن جو نالو زاهده
هو.
زاهده هڪ گدا گر عورت هئي، هن گداگري پيشو تڏهن
کان شروع ڪيو هو جڏهن کان هن جو مڙس جانڻ گذاري
ويو هو، پوءِ پنهنجو ۽ پنهنجي پٽ سارنگ جي پيٽ
پالڻ لاءِ هن گداگريءَ جو پيشو اپنايو هو.
هڪ ڏينهن صبح سوير زاهده پنهنجي پٽ سارنگ کي ننڊ
مان سجاڳ ڪرائيندي چيو ”پٽ سارنگ، پٽ سارنگ اٿي
تڪڙو اُٿ. ڏس ته سج ڪاني جيڏو، مٿي چڙهي آيو آهي.“
سارنگ پنهنجي نماڻي لهجي ۾ اکيون اگهندي وراڻيو،
ڇڏ ته اما! منهنجي اڃا ننڊ ئي پوري نه ٿي آهي.“
زاهده دل ئي دل ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائيندي چيو
”منهنجا پٽڙا اسان جي مقدر ۾ ننڊون ۽ آرام ڪٿي
لکيل آهن.“ زاهده ٿورڙي دير کان پوءِ وري پنهنجي
پٽ سارنگ کي سجاڳ ٿيڻ لاءِ دعائون ڏيندي چيائين“
او پٽ! سارنگ شل جڙيو رهسندين، اٿ ٻچڙا شال ڪو،
ڪوسو واءُ نه لڳئي، ڏس ٻچڙا جي تون ايڏي ننڊ
ڪندين، ته پوءِ مونسان گڏجي ڪير سير تي هلندو ڏس
جاني! جيڪڏهن پاڻ سير تي نه هلنداسين، ته پوءِ
ڪٿان کائينداسين.“
سارنگ جيڪو هڪ ذهين ٻالڪ به هو، هو سدائين اڪيلائي
۾ ويهي، پنهنجي نماڻي ماءُ کان پنهنجي عمر کان وڏا
وڏا سوال پڇندو هو. اڄ جڏهن ماڻس زاهده ننڊ مان
اٿارڻ آئي هئي، ۽ هو به کٽ ڇڏڻ جي موڊَ ۾ نه هو، ۽
مٿان وري ماڻس زاهده جي اهو سوال ته جيڪڏهن سير تي
نه هلنداسين ته ڪٿان کائينداسين.
سارنگ پنهنجي ماءُ ڏي گهور ڪري ڏسندي چيائين ته
”اما ڇا اسان سدائين ٻين ماڻهن جي اڳيان ائين هٿ
جهلندا رهنداسين؟“
زاهده پنهنجي پٽ سارنگ جا اهي سوال ٻڌي روئي ڏنو
هو، ۽ سڏڪن کي پنهنجي ساهه ۾ لڪائيندي چيائين ”پٽ
اسان جي قسمت ۾ ائين ئي لکيل آهي ته اسان سدائين
ٻين جي ٽڪرن تي پنهنجو پيٽ پاليون“ سارنگ پنهنجي
نماڻي ماءُ زاهده جي اکڙين ۾ ڳوڙها ڏسندي، پنهنجي
کٽ ڇڏيندي، پنهنجي ماءُ جي ويجهو ايندي پنهنجون
ننڍڙيون ٻانهون ماءُ جي ڪلهن ۾ وجهي پنهنجي ماءُ
کي پرچائڻ لڳو، ۽ پاڻ به روئي پيو هو، ۽ پنهنجي
ماءُ سان سڏڪن ۾ ڳالهائيندي چيائين. ”امان ٻين
ماڻهن جي اهڙيءَ قسمت ڇو نه آهي، اها قسمت پوءِ
ٻين ماڻهن کي هٿ ڇو نه ٿي ٽنگرائي، ڇا امان اسان
الله سائينءَ جو ايڏو ڪو وڏو ڏوهه ڪيو آهي، جو، هو
اسان کي ان ڏوهه جي ايڏي وڏي سزا ڏئي رهيو آهي.“
سارنگ جي ماءُ سارنگ جا ڳوڙها پنهنجي رَئي جي پاند
سان اگهندي، سارنگ کي پيار ڪندي چيو ”نه ٻچڙا تون
اڃا ننڍڙو آهين، جڏهن تون وڏو ٿيندين نه پاڻ ئي
توکي ڄاڻ پوندي“ سارنگ وراڻيو ”ها امان آئون جڏهن
وڏو ٿيندس ته الله سائينءَ کان پڇندس، ته الله
سائين منهنجي نماڻيءَ ماءُ ۽ مون تنهنجو ڪهڙو ڏوهه
ڪيو هو، جو، تون سڄي عمر اسان کي ٻين ماڻهن جي آڏو
هٿ ٽنگرايو.“ ”نه ٻڄڙا نه، ائين نه چئبو آهي“
زاهده سارنگ کي چيو، ”زاهده سج ڏانهن ڏسندي سارنگ
کي چيائين ”سارنگ هل ته هلون سير ڪرڻ لئه، اڄ ڪافي
دير ٿي ويئي آهي.
اڄ مان توکي رانديڪن واري دڪان تان رانديڪا به وٺي
ڏيندس، شاباس هل ٻچڙا هل.“
زاهده سارنگ جي ڪلهن ۾ گودڙي رکندي ۽ پاڻ ڪشڪول
کڻندي اڳتي شهر جي طرف ٻئي ماءُ ۽ پٽ وڌڻ لڳا.
هو ٻئي شهر جو سير ڪندا ڪندا هڪ اسڪول ۾ خير وٺڻ
لاءِ داخل ٿيا، سارنگ سڀني پاڻ جيترن ٻارڙن کي
اسڪول ۾ پڙهندي ڏسي، هو سوچڻ لڳو ته ”ڪاش مان به
ڪنهن سٺي گهراڻي ۾ پيدا ٿيان ها ته مان هنن ٻارڙن
وانگي پڙهان ها“
سارنگ سوچن ئي سوچن ۾ گم ٿي رهيو، ته ماڻس زاهده
ٻانهن کان وٺي چيس ”اچ پٽ! ڇا پيو سوچين؟“
سارنگ ڪجهه نه ڪڇندي پنهنجي ماءُ جي پويان پئي
آيو، هو ٻئي هلندي هلندي شهر جي هڪ روڊ تي پهتا،
ليڪن سارنگ جي سوچن جو سلسلو ساڳئي ريت جاري رهيو.
سارنگ جي ننڍڙي ذهن ۾ اسڪول وارن ٻارڙن جو تصور
ڊوڙندو ئي رهيو. روڊ جي ساڳي پاسي هڪ ٽيڪسي تيز
رفتاريءَ سان اچي رهي هئي. ٽيڪسيءَ جي ڊرائيور
گهڻائي هارون پئي وڄايا پر سارنگ سوچن ئي سوچن ۾
گم هئڻ ڪري ٽيڪسيءَ جي هارونن طرف ڌيان نه ڏئي
سگهيو ۽ ان ٽيڪسيءَ سان سارنگ جو ايڪسيڊنٽ ٿي پيو.
روڊ تي گهڻا ئي ماڻهو گڏ ٿي چڪا هئا، سارنگ جي
ماءُ زاهده سارنگ جو ايڪسيڊنٽ ڏسي بيهوش ٿي ڪري
پيئي هئي، جڏهن ته ٽيڪسيءَ جي ڊرائيور ۽ ٽيڪسي ۾
ٽي ٻيا ماڻهو سوار هئا، ٽيڪسيءَ ۾ سوار ماڻهن
ڊرائيور کي تڪڙ ۾ چيو ”ننڍڙي نينگر ۽ گداگر عورت
کي اسپتال پهچائڻ گهرجي،“ ٽيڪسيءَ ۾ سوار ماڻهن ۾
هڪ ننڍڙو ٻالڪ عدنان هو ۽ ٻيا عدنان جو والد ۽
عدنان جي والده تمام گهڻا حساس هئا، ان ڪري سارنگ
۽ سارنگ جي ماءُ تي هنن کي تمام گهڻو احساس ٿي
آيو.
عدنان جن اڄ سارو ڏينهن سارنگ ۽ زاهده جي سارَ
سنڀارَ لهڻ لاءِ اسپتال ۾ گذريو، ڪجهه دير کان
پوءِ زاهده هوش ۾ آئي ته عدنان جي والد ۽ والده
زاهده کي همدرديءَ مان چيو ”الله سائينءَ رحم ڪيو
آهي، گهٻرائڻ جي ڪا ڳالهه ڪانه آهي، ڊاڪٽر صاحب
چيو آهي ته سارنگ کي به هاڻي هوش اچڻ وارو آهي.
توهان ڪوبه فڪر نه ڪيو الله چاهيو ته سڀ خير
ٿيندو.“ زاهده عدنان جي والد ۽ والده جون اي
ڳالهيون ٻڌي انهن کي دعائون ڏيڻ لڳي، ڪجهه گهڙين
کان پوءِ سارنگ کي به هوش اچي ويو.
جيئن ئي سارنگ کي هوش اچي ويو، زاهده، سارنگ کي
پنهنجي ٻانهن ۾ آڻي سارنگ کي چميون ڏيڻ لڳي، سارنگ
عدنان ۽ عدنان جي والد ۽ والده کي ڏسي پنهنجي ماءُ
زاهده کان پڇيائين، ”امان هي ڪير آهن“ ”ٻچڙا! هي
اهي عظيم انسان آهن جن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي اسان
جي سارَ سنڀارَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آهي.“
عدنان جي والده والدَ اهو ٻڌي چوڻ لڳا اسان کي
شرمسار نه ڪيو، هي ته اسان جو فرض هو جيڪو اسان
ادا ڪيو آهي.“ ائين ئي ڳالهائيندي عدنان سارنگ سان
هٿ ملائيندي چيو ”ته هاڻي تنهنجي ۽ منهنجي دوستي
پڪي ۽ ها، هاڻي توهان اسان سان گڏ رهندؤ“
عدنان جي والد ۽ والده به زاهده کان حال احوال
ورتو ۽ زاهده ۽ سارنگ کي پاڻ سان گڏ رهڻ لاءِ چيو،
پوءِ زاهده ۽ سارنگ عدنان جن سان گڏ رهڻ لڳا، هاڻي
سارنگ تمام گهڻي شوق سان پڙهندو آهي ۽ زاهده به
خوشحال زندگي گذاري رهي آهي.
سنڌيڪار: ”ناز“ ڀٽو
چالاڪ ٻلي
پيارا ساٿيو! پراڻي زماني جي ڳالهه ڪندا آهن ته
هڪڙي شهر ۾ هڪ ٻلي رهندي هئي، اها ٻلي پنهنجي شهر
کان ٻئي شهر ڏانهن وئي، اُن سهر جو نالو هو ”تال
پتال“ ٻلي جو ان شهر ۾ وئي ته اُن شهر ۾ سندس ڪوبه
واقفڪار ڪونه هو. ٻليءَ اتان ڪاٺيءَ ٽڪر کنيو،
جيڪو اڻ لڀ هو، هڪ ڀيري ٻلي شڪارکان ٻاهر نڪتي
جئين هو وڃي رهي هئي ته ان ڏٺو ته هڪڙي گهر ۾
ڪراڙي مائي ماني پچائڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويٺي هئي.
ڪاٺيون نه هئڻ ڪري اداس ويٺي هئي. ٻليءَ کي اُن
ڪراڙيءَ ويچاريءَ تي رحم اچي ويو. ٻليءَ تڙ تڪڙ ۾
هن هُنَ گهر مان ٿوريون ڪاٺيون کڻي اچي ان ڪراڙيءَ
کي ڏنيون، ڪراڙيءَ خوش ٿي ڏاڍيون ٻليءَ کي دعائون
ڏنيون ۽ ڪراڙيءَ ماني پچائي، مانيءَ مان ڳڀو ڀڃي
ٻليءَ کي ڏنو. ٻلي ڏاڍو خوش ٿي ۽ اڳتي وڌي ۽ هي
لفظ پنهنجي چپن تي آندا:
”اُتان ويم، پُتال ويم، پتال مان آندم ڪاٺيون،
ڪاٺيون ڏنم ڪراڙيءَ کي ڪراڙيءَ ڏنو مانيءَ ڳڀو.“
اڃا هي لفظ ورجائيندي وڃي رهي هئي ته اُن کي
ڪنڀارڻ جي ٻار جو روئڻ ٻڌڻ ۾ آيو، ٻليءَ ڪنڀارڻ
کان روئڻ جو سبب پڇيو، ڪنڀارڻ چيو ته مانيءَ جي
لاءِ روئي رهيو آهي ۽ بک ۾ بي حال آهي.
ٻليءَ کي ان تي رحم اچي ويو، جيڪو کيس ڪراڙيءَ
مانيءَ جو ڳڀو ڏنو هو، اهو ان ڪنڀارڻ مائيءَ جي پٽ
کيڏئي ڇڏيائين. ڪنڀارڻ ڏاڍو خوش ٿي ۽ ٻليءَ کي دلو
تحفي ۾ ڏنائين، ٻليءَ اهو دلو وٺي راڳ ڳائڻ شروع
ڪيو: ”اُتال ويم، پتال ويم، پتال مان آندم ڪاٺيون،
ڪاٺيون ڏنم ڪراڙيءَ کي ڪراڙيءَڏنو ماني ڳڀو، جيڪو
ڏنم ڪنڀارڻ جي پٽ کي، ڪنڀارڻ ڏنو دلو.“
اهو ڳائيندي وڃي رهي هئي ته کيس کير ڏهڻ وارو نظر
آيو، اُن کي کير ڏهڻ لاءِ ڪوبه ٿانءُ ڪونه هو، اهو
ڏسي ٻليءَ کيس کير ڏهڻ لاءِ دلو ڏنو، کير واري اهو
دلو وٺي، ٻليءَ جو ٿورو مڃيندي کيس هڪ پنهنجي سهڻي
مينهن ڏني، هاڻي ٻليءَ خوشيءَ ۾ ٽَپ ڏيڻ لڳي، هي
الفاظ ڳائيندي اڳتي وڌي.
”اُتان ويم، پتال ويم، پتال مان آندو ڪاٺيون،
ڪاٺيون ڏنم ڪراڙيءَ کي، ڪراڙيءَ ڏنو مانيءَ ڳڀو،
جيڪو ڏنم ڪنڀارڻ جي پٽ کي، ڪنڀارڻ ڏنو دلو، دلو
ڏنم مينهن ڏهڻ واري کي، مينهن ڏهڻ واري ڏني
مينهن.“
اڃان هي الفاظ ڳائي رهي هئي ته اُن کي سامهون راجا
۽ راجا جي راڻي نظر آئي، ٻليءَ کي تڏهن دانهن نڪري
وئي، جڏهن هن ڏٺو ته راجا پنڌ آهي ۽ راڻي گهوڙي
تي، تڏهن هُن پنهنجي مينهن راجا کي ڏني، راجا
مينهن وٺي، ٻليءَ کي پنهنجي وڏي ڌيءَ کيس انعام ۾
ڏني، راجا کي ست ڌيئر هُيون، ٻلي ڏاڍو خوش ٿي ۽
اڳتي وڌي ۽ هيئن ڳائڻ لڳي.
”اُتال ويم، پُتال ويم، پتال مان آندم ڪاٺيون،
ڪاٺيون ڏنم ڪراڙيءَکي، ڪراڙيءَ ڏنو مان ڳڀو، جيڪو
ڏنم، ڪنڀارڻ جي پٽ کي، ڪنڀارڻ ڏنو دلو، دلو ڏنم
مينهن، مينهن ڏنم راجا کي، راجا ڏني وڏي ڌيءَ.“
هوُءَ کلندي ڳائيندي، راجا جي وڏي نياڻيءَ کي ساڻ
ورتيون پئي ويئي ته ٻليءَ جي نظر اوچتو طلبي واري
تي پيئي، جيڪو بيماريءَ سبب ڪنجهي رهيو هو. عورت
نه هئڻ ڪري ڏاڍو پريشان هو. ٻليءَ اُن جي به
پريشان ختم ڪري ڇڏي، راجا جي وڏي ڌي نڪاح ڪري کيس
ڏني. طبلي واري خوش ٿي کيس پنهنجو طبلو ڏنو، ٻليءَ
ان وقت طبلو وٺي ۽ طبلي تي راڳ ڳائڻ لڳي ۽ پنهنجي
گهر ڏانهن رواني ٿي. هيئن چوندي پئي ويئي.
”اُتال ويم، پُتال ويم، پتال مان آندم ڪاٺيون،
ڪاٺيون ڏنم ڪراڙيءَ کي، ڪراڙيءَ ڏنو ماني ڳڀو،
جيڪو ڏنم ڪنڀارڻ جي پٽ کي، ڪنڀارڻ ڏنو دلو، دلو
ڏنم مينهن ڏهڻ واري کي، مينهن ڏهڻ واري ڏني مينهن،
مينهن ڏنم راجا کي، راجا ڏني، وڏي ڌيءَ، راجا وڏي
ڌيءَ ڏنم طبلي واريءَ کي دبلي واري ڏنو طبلو.“
طبلو ڙي طبلو، نچو، نچو ۽ کلو ساري گاما پاداني،
کائو مکڻ سان ماني.
ڪيئن ڏٺوَ ٻارو! چالاڪ ٻليءَ جون چالاڪيون اوهان
به ٻليءَ وانگي سکو، ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ اڳتي وڌو.
سومرو عبداللطيف ”اداسي“
بوتل ۾ جن بادشاهه
گلاب نالي هڪ مير بحر هو، جو روزانو مڇي ماري وڪرو
ڪري، پنهنجو ۽ پنهنجي ٻچن جو گذران ڪندو هو. هڪ
ڏينهن هن کي مڇي ماريندي ڄار ۾ هڪ شيشي جي بوتل
ملي، جنهن جي اندر دونهن نظر اچي رهيو هو. بوتل
مڇيءَ سان گڏ گهر کڻي آيو. ماني کائي پنهنجي پٽ
سوڍل کي جو اڃا ڇهن مهينن جو مس هو، جنهن کي هنج ۾
کڻي ويٺو ۽ پوءِ پنهنجي زال کي ساري حقيقت ڪري
ٻڌائي. آخر زال مڙس ٻئي هڪٻئي سان صلاح ڪري بوتل
کڻي کوليائون، بوتل کولڻ سان ئي، بوتل مان دونهون
نڪرڻ شروع ٿيو. ۽ ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڀوائتي شڪل
جهڙو وڏن ڪنن سان اڏرندڙ چمڙو نظر آين، مير بحر ۽
سندس زال ڏسڻ سان ڊڄي ويا ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا.
ايتري ۾ هڪ آواز ٻڌائون ه، ”اي آدم ذات ڊڄ نه،
اوهان مون تي وڏو احسان ڪيو آهي، ٻڌايو اوهان کي
ڇا گهرجي؟“ مير بحر ڊڄندي ورندي ڏنس، ”تون ڪير
آهين؟ ۽ هن بوتل ۾ ڇا پيو ڪرين؟“ اي آدم ذات مان
جنن جو بادشاهه آهيان، مون کي منهنجي دشمنن
چالاڪيءَ سان هن بوتل ۾ بند ڪري، درياهه بادشاهه
جي حوالي ڪري ڇڏيو هو. اوهان هن بوتل مان مون کي
ڪڍي مون تي وڏو احسان ڪيو آهي. اگر اوهين هن بوتل
مان نه ڪڍو ها ته شايد مان ان بوتل ۾ ئي مري وڃان
ها.“
”اوهان کي ڇا گهرجي؟ جلدي ٻڌايو،“ ميربحر ۽ سندس
زال پاڻ ۾ سس پس ڪرڻ لڳا ۽ پوءِ بادشاهه کي چيائون
ته، جن بادشاهه اسان کي ڪجهه ڀي نه گهرجي، تون
جلدي وڃ وڃي پنهنجن ٻچن سان مل.
جن بادشاهه وڃڻ مهل مير بحر (گلاب) کي پنهنجي جسم
مان ڪجهه وار پٽي ڏنا ۽ چيائنس ته اگر ڪو ڏکيو وقت
اچئي ته هنن وارن کي بهه جو سيڪ ڏجانءِ ته مان
اوهان وٽ حاضر ٿيندس، جن بادشاهه ائين چئي گم ٿي
ويو.
هينئر مير بحر تمام پوڙهو ٿي چڪو هو ۽ پنهنجي گهر
۾ ٽٽل کٽ تي ويٺو هو، هن پنهنجي پٽ سوڍل کي چيو
ته، ”ابا هاڻي تون جوانڙو ٿي پيو آهين، ٻيلي ڪجهه
پيءُ جو خيال ڪر، اُٿ وڃي ڄار کڻ ۽ ٻيڙي ڪاهي وڃي
ڪجهه ڪري اچ، منهنجي، هنن هيڻن هٿن کي تڪليف نه
ڏئي، بابلا، ”اُٿ.“
سوڍل جي هڪ نئين جواني هئي، ٻيو ان معاملي ۾ اڃا
الهڙ هو، سو اچي ڪري پاڻيءَ ۾ لٿو ۽ هڪلون ڪندو ڳچ
ميل پري نڪري ويو، سوڍل ٻانهن جي طاقت سان ٻيڙيءَ
کڻي مڇيءَ سان ڀري. ڏينهن به پورو ٿيڻ وارو هو، هن
ٻيڙيءَ کي موڙيو ۽ گهر ڏانهن موٽ کاڌي. سج جا
پويان پاڇا پاڻيءَ کي سونهري ڪيون بيٺا هئا، ۽
سوڍل ٻيڙي کي ڌوڪيندو گهر ڏانهن موٽي رهيو هو.
سوڍل ۽ گهرجي وچ ۾ وڃي ميل ڏيڍ جو مفاصلو بچيو هو
ته اچانڪ هڪ ڪاري مانگر مڇ اوندايءَ جو فائدو
وٺندي ٻيڙيءَ کي پاسو ڏيئي اونڌو ڪري وڌو ۽ سوڍل
جي ساري ڏينهن جي سموري محنت کي پاڻيءَ ۾ لوڙهي
ڇڏيائين. مگرهن مانجهي مرد اڪيلي سر ٻڏندي ترندي
ٻيڙيءَ کي سنئون ڪيو.
سوڍل جون ڪجهه مڇيون پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون، ڪجهه
مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو، باقي جيڪي ڄار ۾ ويڙهيل
بچيون هيس، سي همت ڪري هن ٻيڙيءَ ۾ رکيون، هن کي
پنهنجي بچاءُ لاءِ هڪ نوڪدار لڪڙو به هيو، هي تڙ
تڪڙ ۾ ٻيڙيءَ کي ڪاهيندو، اڃان ڪجهه پنڌ هليوئي مس
ته مانگرمڇ وري پهچي ويس، ۽ وري به ٻيڙيءَ کي
اونڌو ڪري وڌائين، هاڻي سوڍل کي اچي پنهنجي جان جي
لڳي، سو نوڪدار لڪڙي جي مدد سان اڳتي ترندو پئي
ويو.
سوڍل ٻانهن جي ٻَل سان پاڻيءَ کي چيريندي ۽ ترندو
اڳتي ڌوڪيندو پئي ويو، ته اچانڪ چيلهه تي اچي
مانگر ڪڙڪيس سوڍل کان وڏي رڙ نڪري ويئي، ۽ وڏي
آواز ۾ چيائين ته مون کي قسم آهي پنهنجي ڏاڏي
مورڙي جو توکي نه ڇڏيندس، اي مانگر! مان توکي ماري
رهندس.... ماري رهندس! پوءِ اُهو نوڪدار لڪڙو
وڌائي مڇي جي ساڄي اک جو نشانو وٺي، هٿن جي زور
سان، اڌ لڪڙو پيٽ تائين اندر ڪري ڇڏيائينس، بس
پوءِ مانگر مڇ پاڻيءَ ۾ ڦٿڪارون ڪندو لڇندو ۽
گڙگاٽ ڪندو رهيو. مانگر مڇ جي لڇڻ ۽ ڦٿڪڻ تي سوڍل
بيهوش ٿي ويو ۽ پاڻيءَ ۾ لڙهندو پئي ويو.
سوڍل جي پيءُ گلاب مير بحر کي خيال آيو ته پٽ تمام
گهڻي دير ڪئي آهي، ڇا ڪيان، مان پوڙهائپ ۾ ڪيئن
ڳولهيانس. ايتري ۾ زال آيس ۽ جن بادشاهه جا ڏنل
وار آڻي اڳيان جهليس اچي هي وٺ ۽ هنن وارن کي باهه
جو سيڪ ڏي، گلاب مير بحر جيئن حقي مان وارن کي سيڪ
ڏنو ته هڪدم جن بادشاهه اچي حاضر ٿيو ۽ چيائينس ته
اي ٻڍا مير بحر! شايد اوهان تي اڄ ڏکيو وقت اچي
ويو آهي. پوڙهي مير بحر ڏڪندي رئندي جهيڻي آواز ۾
جواب ڏنس ته، مون کي هڪڙوئي پٽ آهي، جنهن کي مون
مڇيءَ جي شڪار تي موڪليو آهي، جو اڃا نه موٽيو
آهي، ۽ مٿان رات به انڌاري ٿي وئي آهي، مان هن عمر
۾ ڪٿان ڳولهيانس، انهيءَ لاءِ مون اوهان کي تڪليف
ڏني آهي، جن بادشاهه پوڙهي ميربحر کي چيو ته اوهان
جو مون تي احسان آهي ۽ مان اوهان جي ڪم نه اچان ته
اها وڏي ناجائزي ٿيندي.
ائين چئي جن بادشاهه گم ٿي ويو، ۽ ڪلاڪ کن کان
پوءِ سوڍل کي بيهوشيءَ جي حالت ۾ سندس گهر ۾ پيءَ
جي اڳيان اچي رکيائين ۽ پاڻ وري به گم ٿي ويو.
ٿوري دير بعد وري جن بادشاهه سوڍل جي ڀرسان ظاهر
ٿيو، هن سان هڪ ٻيو پوڙهو جن به گڏ هو. |