سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1981ع

باب: --

صفحو :2

ڏکن پٺيان سک

ڊاڪٽر سليم ڪجھ ياد ڪندي اُداس ٿي ويو. ان وقت سندس اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا. هي زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا اُداس ٿيو هو. پر کيس اکين ۾ ڳوڙها نه آيا هئا. هي زنده انسان جيڪو زندگيءَ جي هر موڙ تي لاهين چاڙهين، ڏکن تڪليفن، نفرت ۽ ڌڪار کي ٿي کيڪاريو ۽ نه ئي ڪڏهن روئي. هن کي ڪيڏو به وڏو مسئلو آڏو ايندو هو، پوءِ ڇو نه اُهو هماليه جبل جيڏو هجي پر تڏهن به هي پريشان نه ٿيندو هو. انهيءَ مسئلي کي ڪابه اهميت نه ڏيندو هو ڇاڪاڻ جو کيس خبر هئي ته انسان تي سرديون گرميون اينديون آهن. اُن ڪري ماڻهو ڪڏهن ڀَري ۾ هوندو آهي ته ڪڏهن ڀاڪر ۾!

اڄ ڊاڪٽر سليم جي آڏو 26 سال اڳ جو تصور هيو، جڏهن سليم هڪ غريب هاريءَ جو پٽ هو. سليم جڏهن 6 سالن جو هو ته کيس پڙهڻ جو شوق ٿيو. جيتوڻيڪ پڻس ڪيترين تڪليفن ۾ هو پر اُن جي باوجود به سليم کي پڙهائڻ جو فيصلو ڪيائين. ڇاڪاڻ جو هن سوچيو ته سليم جي پڙهڻ سان ئي سندن پيريءَ جو سهارو ۽ ننڍڙن ڀائرن جي زندگي سُڌري سگهي ٿي. سليم کي پڙهڻ جو شوق ڏسي، کيس ڀرواري ۽ سندن اصلوڪي ڳوٺ (جيڪو گهر کان 6 ميل پري هو) ۾ ڇڏي آيو. پرائمري تعليم دوران سليم ”مامي“ جي گهر ۾ رهندو هو.

سليم زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اُن ڏينهن پريشان هو جڏهن وٽس ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ لاءِ پئسا نه هئا. اُن وقت کيس اِهو خيال آيو ته ”ماما“ کان داخلا جا پئسا وٺان پر پوءِ ڪلجھ سوچي اِهو خيال ترڪ ڪري ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن سليم گهر ويو ۽ پئسا کڻي اچي داخلا ورتائين. ڇهين درجي کان وٺي مئٽرڪ تائين هن ڪهڙي طرح وقت گذاريو هو...

غريب هئڻ ڪري ڪتاب نه ٿي وٺي سگهيو، تنهنڪري ڪڏهن اسلم جي ڪتاب تي، ڪڏهن جاويد جي ڪتاب تي يا وري ٻي ڪنهن جي ڪتاب تي پڙهندو هو. اهڙين تڪليفن سان هن مئٽرڪ پاس ڪئي.

سليم جي مائٽن ۾ ايتري پُڄت نه هئي جو کيس وڌيڪ پڙهائين. اُن کانسواءِ ٻيو ڪير به هن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. ڳوٺ جي وڏيري کي هاڻي سندس وڌيڪ پڙهڻ ڏکيو ٿي لڳو. ڇاڪاڻ جو هن نٿي چاهيو ته ڪو غريب جو ٻار سُڌري. انهيءَ ڪري هن سليم جي پيءُ کي گهرائي چيو ته هاڻي سليم ڀلي نوڪري ڪري. ڇاڪاڻ جو توهان غريب آهيو جو موجوده پڙهائي جا خرچ ڀري نه سگهندا. اهو ٻڌي سليم سوچيو ته هن وقت نوڪري ملڻ ڏاڍي مشڪل آهي ۽ ٻيو وري مئٽرڪ پاس کي ڪهڙي نوڪري ملندي. اِها ئي وڌ ۾ وڌ پٽيوالي، جنهن جي پگهار -/100 رپيه آهي. ڇا -/100 روپين مان آءٌ هن مهانگائي جي دؤر ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي والدين جو خرچ ڀري سگهندس؟ جن پاڻ کي هميشه تڪليف ڏيئي مون کي هن حد تائين پهچايو آهي. اِهو ناممڪن آهي.

سليم اُن ڏينهن ٻيو ڀيرو ڏاڍو پريشان ٿيو. هن جي آڏو پيرسن پيءُ هو جنهن کي سڄي عمر غربت پيڙهيو هو سندس آڏو اُها ممتا هئي، جنهن کي ڏکن ۽ تڪليفن پيري جي حد تائين پهچايو هو. هن سامهون ننڍڙا ڀائر هئا، جن جو مستقبل به هن جي هٿ ۾ هئو، پوءِ چاهي کاري يا سُڌاري. اِهو سوچيندي سليم پريشان ٿيو.

نيٺ پاڻ پريشاني تي قابو پائي پنهنجي پيرسن والدين معصوم ڀائرن جي بهتريءَ لاءِ پڙهائي جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. پڙهائي جي خرچ لاءِ سوچيائين ته جيڪڏهن پِنڻو پيو ته پندس پر ڊاڪٽر ضرور ٿيندس!

هن پڪو ارادو ڪندي چيو ته اگر چين جي عظيم ديوار ڪٽي به منزل مقصود تي پهچڻو آهي ته آءٌ پنهنجي حياتي جي عظيم عرصي اندر ٽوڙي پار پوندس.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ ڪاليجن ۾ داخلائون شروع ٿيون. سليم ڪجھ پئسا هٿ ڪري وڃي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جڏهن سليم ڪاليج ۾ داخلا ورتي ته ڪيترن ڳوٺ وارن (دولت جي پوڄارين) جي ڌڪن تان ڪڙي لهي پئي. کين ائين محسوس ٿيو ته ڄڻ اها داخلا سندن زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته هتي دولت جا پوڄاري هميشه سليم جهڙن غريبن کي پنهنجو غلام بنائڻ جون سازشون سٽيندا رهن ٿا.

سليم پڙهڻ لاءِ شهر ويو ته هنن هن جي غربت تان مذاق اُڏائي، هن کي بدنام ڪرڻ خاطر ڪيتريون گنديون ڳالهيون ڪيون. ايتريقدر جو هن کي دنيا جو خراب ۾ خراب (جنهن ۾ هر برائي هجي) سو چوڻ لڳا. پر هن نيڪ نيت انسان هنن جي ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو. ڇاڪاڻ ته هن سمجھيو ٿي ته وقت هڪ ندي وانگر وهندو رهندو آهي. ندي جو ڪم وهڻ آهي، پوءِ چاهي ان ۾ ڪيترو به گند ۽ ڪچرو اچي وڃي.

سليم کي لڳاتار ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ هر وقت پئسن جي ضرورت ٿيندي هئي. تنهنڪري هي ڪڏهن قاضي کي پئسن لاءِ منٿون ڪندو هو ته ڪڏهن سوٽ کي ۽ وري ڪڏهن... اهڙين تڪليفن سان سليم انٽر پاس ڪئي. سليم انٽر پاس ڪري ميڊيڪل ۾ سليڪٽ ٿي، انهن گندي ذهن ماڻهن کي چماٽ هنئي، جيڪي هميشه ڪمزور تي حملا ڪندا هئا. جيڪي غريبن تي مذاق ڪندا هئا. اُهي ماڻهو جيڪي هن کي خراب ۾ خراب سمجھندا هئا ۽ هن تي گندا تبصرا ڪندا هئا سي اڄ هن جا گڻگُهرا ۽ دوست ٿي پيا. هن کان اڳ هن جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو پر هاڻي هر ڪنهن مدد ڪئي ٿي. ڇاڪاڻ جو اڄ چڙهندڙ سج جو سڀ ڪو پوڄاري آهي پر ڪرئي جو ڪير به نه آهي.

سليم کي ڊاڪٽري ٿيندي ڪجھ ڏينهن ٿيا هئا. هڪ ڏينهن هي اسپتال ۾ ويٺو هو ته ڪنهن وقت هڪ ڏٻرو پير مرد ۽ ڇوڪرو آيو. ڊاڪٽر سليم پيرسن کي تپاسيندي، دوائون لکي ڏنيون. جڏهن پيرسن کانئس لکيل دوائن جي قيمت پڇي، تڏهن کائنس ڇرڪ نڪري ويو. ڊاڪٽر پير مرد کان ڇرڪڻ جو سبب پڇيو. جنهن تي بيمار پيرسن ٻڌايو ته ”آءٌ غريب مسڪين هاري آهيان. مون ۾ ايتري پڄت ناهي جو آءٌ پنهنجو علاج ڪرايان.“ پير مرد ڇوڪري جي باري ۾ ٻڌايو ته هي منهنجو پٽ آهي، جيڪو اسڪول ۾ پڙهي ٿو..... اهو ٻڌندي ڊاڪٽر سليم جا لڱ ڪانڊارجي ويا. هن کي هن غريب تي رحم آيو ۽ کيس دوائن وٺڻ لاءِ پئسا ڏنائين.

پير مرد جي وڃڻ کان پوءِ ڊاڪٽر سليم کي 26 سال اڳ جو تصور آڏو آيو، جڏهن سندس پيءُ به هڪ غريب هاري هو ۽ سليم اسڪول ۾ پڙهندو هو. هن جي آڏو اهو وقت هو جڏهن کيس اندر مان ڪو يقين ڏياريندو هو ته نيٺ ڏکن پٺيان سُک ايندا.

_ غلام علي پليجو، جنگشاهي

خوشيون مون خريديون

امان او امان، امان، تون منهنجي سڳي ماءُ آهين؟

ماءُ: ها، ڌيءَ ڪو توکي انهيءَ ۾ شڪ آهي ڇا؟

سنڌو: نه امڙ پر آءٌ سوچيان ٿي ته شايد تون منهنجي سڳي ماءُ نه آهين جو نه ڪڏهن مون کي نوان ڪپڙا وٺي ڏنا اٿئي، نه ئي چوڙيون ۽ نه جُتي. پر امان سپيءَ جي ماءُ آهي نه؟ امان او امان.“

سنڌو: ”جي ڌيءُ.“ امڙ، تون ڪهڙن ويچارن ۾ آهين، آئون توسين ڳالهايان پئي پر تون ڪو جواب نه پئي ڏين.

ماءُ: ڌيءَ، آئون تنهنجون سڀ ڳالهيون ٻڌان پئي تون ڳالهه ڪر. سنڌو!

سنڌو: سپيءَ جي ماءُ سپيءَ کي چوڙيون نوان ڪپڙا جُتي سڀ ڪي وٺي ڏي ٿي پر تون مون کي ڪجھ نٿي وٺي ڏين!

ڪلهه سپيءَ مون کان پڇيو ته سنڌو، تون عيد لاءِ ڪپڙا نٿي وٺين؟ مون چيومانس مون کي ته امڙ وٺي نٿي ڏي.

سو امان، ٻڌايائين ته سپيءَ مون کي ڇا چيو. چيائين جيڪي مائون ڌيئرن کي ڪپڙو لٽو نه وٺي ڏينديون آهن سي سڳيون مائون ٿورئي هونديون آهن؛ اهي ته اڳيون مائون هونديون آهن؛ سو مون کي به شڪ پيو تڏهن توکان پڇي پڪ ٿي ڪيم.

ماءُ: ڏس سنڌو، تون سپيءَ جي چوڻ تي نه لڳ سپي جن جون پنهنجون زمينون آهن. اهي ڀل سٺا لٽا وٺن پر پاڻ غريب آهيون. تون ننڍڙي ته ڪانه آهين جو اهڙيون ڳالهيون ٻڌيو انهن تي ويچار ٿي ڪرين. تون سنڌو منهنجي ساڄي ٻانهن آهين. مون کي تون گهڻي مٺي آهين. پر ڌيءَ پاڻ پنهنجي حال سارو هلنداسين.

سپيءَ وارن جي جتي ۾ پاڻ پير ڪونه وجهي سگهنداسين. سمجھو ٿيءُ.. ڌيءَ عقل کان ڪم وٺ. هنن جي عيد نون ڪپڙن ۾ گذرندي ته پنهنجي ڌوتل ڪپڙن ۾ گذري ويندي. تون اُلڪو نه ڪر.

ساگر هڪ غريب ماستر هو ڳوٺ جي ٻارن کي پڙهائيندو هو.

کيس هڪ نياڻي سنڌو نالي هئي ۽ هڪ پٽ سالار. سالار ته اڃان ننڍو هو سو کيس خبر ڪانه هئي ته اسان غريب آهيون يا امير پر سنڌو ته وڏي هئي سڀ ڳالهيون ڄاتائين ٿي پر سهيلين جي سنگت ۾ هوءَ پنهنجي غريب ٿيڻ تي احساس ڪمتري جو شڪار ٿيندي هئي، کيس سندس ماءُ (ساران) گهڻيئي دم دلاسا ڏيندي هئي. سنڌو اوڏي مهل ته ڪجھ سولي هوندي هئي پر سهيلين جا لٽا ڏسي کيس به دل ۾ حسرت ٿيندي هئي ساران هڪ سگهڙ عورت هئي.

ساران: سالار جا پيءُ ٻڌئي سنڌو جون ڳالهيون؟

ساگر: ڇا ٿي چوي منهنجي سنڌو؟

ساران: چوي ٿي تون منهنجي اڳي ماءُ آهين جو مون کي لٽا نٿي وٺي ڏين.

ساگر: ها، ساران سنڌو تمام اٻوجھ آهي. هن کي ڪهڙي خبر ته پاڻ غريب آهيون. پر الله مالڪ آهي، تون کيس دلاسو ڏي ضرور ڪجھ ٿي پوندو اڃا عيد ۾ ڪي ڏينهڙا آهن.

ساران: پر سنڌو ٻار ته ڪانهي جو اهي ڳالهيون نه سمجھي!

ساگر: نه، ساران انهي ۾ سنڌوءَ جو ڪهڙو ڏوهه.

ساران: ٺهيو هاڻ توهان ماني کائو. ڇڏيو انهن ڳالهين کي مان پاڻهي سنڌوءَ کي پرچائيندس.

ساگر: ساران، سنڌو ۽ سالار، اڙي سڀ هيڏي اچو ڏسو توهان لاءِ ڇا آندو اٿم. ٽئي ڊوڙندا اچن ٿا.

سنڌو: ڇا آندو اٿو بابا؟

ساگر: اچي ڏس ڌيءَ.

سنڌو: بابا توهان هي ڪپڙا، هي چوڙيون ايرينگ، رومال، جُتي ۽ هار هي سڀ منهنجي لاءِ آندا آهن.

ها، ڌيءَ. سالار بابا هي ڪپڙا منهنجا آهن. ها پٽ. اڙي ها! اچي ساران هي تنهنجا ڪپڙا. ڏي مون کي. اچي سنڌو هي سڀ کڻي وڃ رک. سنڌو امڙ ڏسڻ ته ڏي، اڃا آيا آهن ته توڻي وڃي رکان!

ساران: نه ڌيءَ تون ڀلي ڏس جيڏي مهل به ڏسي دل ڀرجنئي کڻي وڃي رکي اچجان.

سنڌو: چڱو امان چڱو.

سنڌو: سپي او سپي.

سپي: ڇا آهي سنڌو؟ ڏس سپي هي سڀ لٽا ابو منهنجي لاءِ وٺي آيو آهي.

سنڌو: سپي تو چيو پئي ته منهنجي ماءُ سڳي ڪانهي پر هاڻ ته سڳي آهي نه؟

سنڌو: ڏس سپي الله وٽ دير آهي انڌير ڪونهي هاڻ ڏس تو وٽ اڳ ڪپڙا آيا پر مون وٽ پوءِ، پر اچي ته ويا نه.

سپي: هائو. هوءَ سنڌو ٻئي گڏجي ڪپڙا ڏسن ٿيون. ڪي ڏينهن سپي سنڌو ۽ سالار نوان ڪپڙا اوڍي ڳوٺ جي گهٽين ۾ خوش خوش پيا گهمن.

سنڌيڪار: عروت الوثقيٰ، طاهرزادهه، ٽنڊو الهيار.

هنن سان ملو

* نالو: محمد بچل ميمڻ

پڙهندڙ: ستون

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

* نالو: غلام اڪبر سمون

پڙهندڙ: ستون

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ادب سان چاهه رکڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

* نالو: محمد يونس

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 16 سال

وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ، قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: معرفت گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميهڙ، ضلع دادو.

* نالو: انور علي خواجه

پڙهندڙ: نائون

عمر: 12 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ هاڪي کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول.

* نالو: نظام الدين شاهه

پڙهندڙ: نائون

عمر: 12 سال

وندر: ٽڪليون جمع ڪرڻ ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول ضلع ٺٽه.

* نالو: محمد جاويد قريشي

پڙهندڙ: نائون

عمر: 14 سال

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ رسالا پڙهڻ

ائدريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول سجاول، ضلع ٺٽه.

نالو: اظهر حسين سمون

پڙهندڙ: ستون

وندر: گل ڦل ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

نالو: محمد قاسم

پڙهندڙ: ستون

وندر: گلي ڏڪر کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

* نالو: رياض الدين قاضي

پڙهندڙ: ستون

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٽياري.

* نالو: محمد علي ميمڻ

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ ڪتاب پڙهڻ، قلمي دوستي

ائڊريس: گورنمينٽ پائلٽ سيڪنڊري اسڪول دادو.

* نالو: مس مينا ڪماري

پڙهندڙ: چوٿون

عمر: 11 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ، گڏيون راند ڪرڻ، معلوماتي سوال ۽ رسالا پڙهڻ، گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ، وڏن جو ادب ڪرڻ، ڀينرن ۽ ڀائرن کي خطن جا جواب ڏيڻ.

ائڊريس: معرفت بابو الدين جنرل اسٽور نزديڪ نوراني مسجد اقبال روڊ ميرپور خاص ضلع ٿرپارڪر سنڌ.

* نالو: حسن نظاماڻي

پڙهندڙ: نائون

عمر: 14 سال

وندر: ادب لکڻ ۽ ادب جو مطالعو ڪرڻ

ائڊريس: اين جي وي هاءِ اسڪول نزديڪ سعيد منزل، بندر روڊ ڪراچي  نمبر 3 سنڌ.

* نالو: گلزار احمد گلزار

پڙهندڙ: نائون

عمر: 14 سال

وندر: سنڌي ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: اين جي وي هاءِ اسڪول ايم اي جناح روڊ نزديڪ ريڊيو پاڪستان ڪراچي، ڪراچي نمبر 3.

* نالو: عثمان علي بگٽي

عمر: 14 سال

وندر: ريڊيو ۾ فرمائش لکڻ ۽ گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ نواب ضلع سانگهڙ.

* نالو: عبداللطيف ٽالاڻي

عمر: 13 سال

وندر: چرچا ڪرڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ نواب ضلع سانگهڙ.

* نالو: غلام رسول پارس

عمر: 13 سال

وندر: رسالا پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: محمد شفيع پان هائوس، ايم اي جناح روڊ سانگهڙ.

* نالو: گلشن اڪبر لغاري

عمر: 14 سال

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: معرفت محمد شفيع پان هائوس ايم اي جناح روڊ سانگهڙ.

* نالو: جان محمد ڪپري

عمر: 13 سال

وندر: گهڻو کِلڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: ڊپٽي گلي شهدادپور ضلع سانگهڙ.

* نالو: علي گل رند بلوچ

عمر: 14 سال

وندر: فرمائش لکڻ

ائڊريس: مقصودو رند وايا شهدادپور.

* نالو: ارباب علي انڙ

پڙهندڙ: پنجون سنڌي

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس قاضي احمد

معرفت: الهه بخش انڙ محمد بخش ريڊيو سروس ڇوٽڪي گهٽي قاضي احمد تعلقه سڪرنڊ ضلع نواب شاهه.

* نالو: انور علي لاشاري

پڙهندڙ: ڇهون

عمر: 12 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ، گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ لعل بخش تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻه.

* نالو: نذير احمد جکراڻي

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 12 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ، چانهه ۾ پاڻي وجهي پيئڻ ۽ شرارت ڪرڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ لعل بخش مهيسر تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻه.

* نالو: عبدالقادر کجڙ

پڙهندڙ: چوٿون

عمر: 10 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ، ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ، بسڪيٽ کائڻ ۽ هر وقت کلڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪوٽ لعل بخش مهيسر تعلقه ميرو خان ضلع لاڙڪاڻه.

* نالو: غلام اڪبر دَلُ

پڙهندڙ: مئٽرڪ

عمر: 16 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ خطن جا جواب جلد ڏيڻ ۽ گهڻو گهمڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميرپور ماٿيلو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

* نالو: قمر الدين دَلُ

عمر: 15 سال

پڙهندڙ: مئٽرڪ

وندر: قلمي دوستي رکڻ ۽ خطن جا جواب ڏيڻ ۽ ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ميرپور ماٿيلو گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو.

* نالو: علي احمد منگي

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 15 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ، ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: معرفت لطيف احمد پنجابي دوڪاندار ضلع شڪارپور.

* نالو: محمد ايوب سنجراڻي

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 14 سال

وندر: راند ڪرڻ، رسالو پڙهڻ ۽ ارٿ ليٽ راند ڪرڻ

ائڊريس: معرفت حاجي فيض محمّد دوڪاندار لڳ مدرسته تاجہ العلوم ڪنڌڪوٽ روڊ شڪارپور.

اوهان جو امتحان

امتحان نمبر-65

هڪڙن ٽن ڇوڪرن پاڻ ۾ فيصلو ڪيو ته اڄ لڏون کائجن. انهن مان هڪ ڇوڪرو لڏون وٺڻ ويو. جڏهين لڏون وٺي آيو ته ڏٺائين ته سندس ٻيا ٻه ساٿي ستا پيا آهن. هن سوچيو ته هي الائي ڪيڏي مهل اٿن سو آئون پنهنجو حصو کان ٿو. لڏن جا ٽي حصا ڪيائين ته هڪ بچي پيو، اهو لڏون ڪتي کي ڏنائين ۽ پاڻ سمهي پيو. وري ٻيو ڇوڪرو اٿيو ان باقي لڏن جا ٽي حصا ڪيا ته هڪ بچي پيو ۽ اهو ڪتي کي ڏنائين ۽ پاڻ سمهي پيو. اهڙيءَ طرح ٽيون ڇوڪرو اٿيو ان باقي لڏن جا ٽي حصا ڪيا ته هڪ بچي پيو ۽ اهو ڪتي کي ڏنائين ۽ پاڻ سمهي پيو. آخر ۾ ٽئي ڇوڪرا اٿيا ۽ بچيل لڏون ٽن حصن ۾ ورهايائون ته به هڪ لڏون بچي پيو ۽ اهو ڪتي کي ڏنائون ٻڌايو ته پهرئين ڇوڪري اصل ۾ گهڻا لڏون آندا هوا.

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 15- اپريل آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 65 موڪلڻ ضروري آهي. صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي انهن ۾ 25 روپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.

انعام

امتحان نمبر 63 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن: انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا آهن:

1- عيسيٰ خان خاصخيلي، ٽنڊو آدم 2- عبدالاحد جوکيو، دادو 3- طاهر نواز باجوهه، نندو شهر 4- اميرزادي، ڪنڊيارو نوابشاهه 5- منور حسين جتوئي ٺوڙها ضلع نواب شاهه.

سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

امتحان نمبر-63

مون ڪي رڍون ڪنهن اگھ تي خريد ڪيون، انهن مان 5 مري ويون. باقي بچيل هر هڪ خريديءَ کان 8 روپيا وڌيڪ اگهه تي وڪڻان ٿو ته مون کي 100 روپيا فائدو ٿئي ٿو جي خريدي کان 4 روپيا وڌيڪ اگهه تي وڪڻان ها ته 140 روپيا نقصان پوي ها. ٻڌايو ته ڪيتريون رڍون ورتم ۽ هر هڪ جي خريدي ڪيتري هئي.

جواب

65 رڍون هر هڪ رڍ جي خريدي 76 روپيا، هي حساب اسان کي گورنمينٽ مڊل اسڪول سکيو مناهيجو تعلقي سڪرنڊ کان عبدالخالق گبول موڪليو هو. جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هن ريت آهن:

”ڪراچي“: عبدالحليم خاصخيلي. ”دڙو“: ويرجي مل مهيشوري، مشتاق احمد فضلاڻي ۽ محمد يوسف ميمڻ. ”ميرپور بٺورو“: محمد جمن ٽالپر، لڇمڻداس، مقبول احمد ڀٽي. ”سجاول“: عبيدالله راڄڙ، جاويد احمد قريشي. ”تڙ خواجه“: خواجه اصغر علي ۽ انور علي. ”چوهڙ جمالي“: جرنا ديوي. ”ڌانڌاري“: علي احمد نانا. ”ٽنڊو باگو“: سترامداس، سريش ڪمار، نانڪرام، ڪرشن ڪمار، سنيل ڪمار، ڀون داس لهاڻو، شگفته خواجه، جهامنداس، علي نواز کتري، انور تبسم عباسي، نثار احمد ميمڻ، علي احمد ميمڻ. ”ٽنڊو غلام علي“: سنتوش ڪمار. ”پاهڙ مري“: دلدار علي خواجه. ”نندو شهر“: مشتاق علي ميمڻ، طاهر نواز باجوهه. ”ميرپور خاص“: معظم کهاوڙ، امداد علي کهاوڙ، عبدالواحد کٽياڻ، محمد حنيف بلوچ، شميم کٽياڻ، غلام مصطفيٰ بلوچ، امير احمد مري، رفيق اعظم ٽالپر. ”جهڏو“: خليل الرحمان ميمڻ. ”شادي پلي“: هوش محمد پنهور. ”ڏيپلو“: جئه پرڪاش. ”چيلهار“: واسديو راٺوڙ. ”صوفي آباد“: سريش ڪمار. ”ولهيٽ“: محمد علي مڱريو. ”باقر خان نظاماڻي“: عرض محمد نظاماڻي. ”کپرو“: ابراهيم راڄڙ. ”ڳوٺ ميرل ماڪوڙائي“: غلام رسول. ”ڪنب واڙون“: پيرڏنو ڀاڻو. ”ڇٽو خان باگراڻي“: غلام حسين ٽالپر. ”ميراڻي“: سيد امداد علي شاهه. ”ٽنڊو آدم“: غلام رسول پٺاڻ، اسلم پرويز سمون، عبدالعزيز لاکو، مسعود احمد چنه، حبيب الله خان مري، عيسيٰ خان خاصخيلي، غلام رسول عمراڻي، اختر حسين سومرو، ناديه خالد سومرو، جئرام داس. ”حيدرآباد“: رشيد احمد زرداري، ظفرالله قريشي، اعجاز علي بلوچ، فيروز علي پٺاڻ، ياسمين سلطانه پٺاڻ، شيرين اشرف قريشي، فياض احمد مخدوم. ”ٽنڊو محمد خان“: محمد اسلم سمون، آصف علي دايو، منظور احمد ميمڻ، سائين ڏنو کٽي. ”کيمر“: مٺو خان خاصخيلي، محمد بقا خيبر جميل احمد شاهه، مشتاق احمد ميربحر، محمد هاشم خيبر، پپو ميمڻ، مٺل نوح پوٽي، قادر بخش ماڇي، محمد اڪرم ميربحر، ويدل احمد شاهه، شهزادو شاهه، اياز حسين سومرو. ”مٽياري“: رياض الدين قاضي، اعزاز الدين قاضي، تنور حسين ميمڻ. ”هالا نوان“: اسلم پرويز ميمڻ ۽ پير صاحب شهزانه شوڪت ابڙو، اعجاز شوڪت ابڙو، نعه فيروز ميمڻ، غلام شبير ميمڻ،ممتاز علي. ”هالا پراڻا“: قاضي محمد صالح قريشي، اعجاز احمد ميمڻ، شير محمد ميمڻ، اقبال احمد کٽي، محمد ايوب ڀٽو، قمرالدين ميمڻ، فضل الرحمان ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، محمد فاروق نوح پوٽو، شهباز علي متقي. ”ٽنڊو الهيار“: سيد علي اڪبر شاهه، اسرار علي مجيداڻو، ابرار احمد مجيداڻي. ”اڏيرو لعل“: شفيع محمد شاهه. ”ڳوٺ محمد سومار“: محمد حسن. ”الله بخش ارباب“: غلام الله مجيداڻي. ”جمع ميرجت“: نياز احمد ميرجت. ”راشد خيبر“: محمد انور خيبر. ”ڪشمير ڪالوني“: الهه يار بلوچ. ”نوهٿياڻي“: عبدالقيوم نوح پوٽو. ”مينهون سولنگي“: عبدالحفيظ سولنگي. ”شير محمد ٺوڙها“: شير احمد احمداڻي، محمد خان احمداڻي. ”نواب شاهه“: ذوالفقار علي شاهاڻي، عبدالسميع خالد. ”محرم ٿيٻو“: غلام حيدر ٿيٻو، علي حيدر ٿيٻو. ”رسول آباد“: ڪريم بخش ٿيٻو، عطا محمد. ”سکيو مناهيجو“: انورالدين جهنڊير، عبدالخالق گبول. ”ڪوٽري ڪبير“: در محمد ڪوري، ارشاد حسين امبر، اميرزادي. ”حاجي جلال ڊکڻ“: خالد حسين سومرو، نثار احمد سومرو، عجب الدين سومرو. ”هوت خان بهراڻي“: محمد خان بهراڻي، خميسو خان. ”هوت خان چانڊيو“: نياز علي ڪوريجو، غلام رسول ڪوريجو. ”چنهيائي“: محمد عثمان عباسي، غلام قادر عباسي، غلام حيدر عباسي، عبدالقيوم سهتو. ”حيات سهتو“: ذوالفقار علي سهتو، منور علي سهتو، منصور علي سهتو. ”مٺياڻي“: عطا محمد سولنگي، جان محمد ڀٽي، غلام رضا سولنگي، محمد عثمان ملڪ. ”مٺا خان جوکيو“: محمد حنيف جوکيو، غلام حسين جوکيو ۽ اخير احمد لاکو. ”ڦلي“: عاشق حسين سولنگي، غلام خان سولني، خميسون خان سولنگي، محمد زمان سولنگي. ”مالهو سولنگي“: دودو خان سولنگي، عطا محمد سولنگي. ”محمت ديرو“: نرگس انجمن عباسي. ”کمن مهيسر“: غلام مصطفيٰ چنه. ”خان واهڻ“: شاهنواز لوچي. ”ٺوڙها شريف“: محمود علي عالماڻي، منور حسين جتوئي. ”سٺ ميل“: محمد سليمان ڇٽو. ”سڪرنڊ“: نصرالله، برڪت علي ڀٽي. ”پيراڻون سولنگي“: فضل قاضي سولنگي. ”ڏيپارجا“: بشير احمد مني. ”دلدار آباد“: علي مراد ڳاهو. ”فتح محمد“: سلطان احمد سولنگي. ”طالماڻي“: ذوالفقار علي عباسي. ”آندل ماڇي“: خادم حسين سولنگي. ”حاجي فاضل ابڙو“: عبدالعليم ابڙو. ”ڏيون“: فداد حسين شاهه. ”صاحب خان جمالي“: عبدالستار جمالي. ”پير عثمان شاهه“: لياقت مسيح، مير محمد شاهه. ”آڌل سهتو“: خادم حسين سهتو، محبوب علي سهتو. ”شير خان لنڊ“: حسين بخش لنڊ، دريا خان گهانگهرو، محمد ٻڍل گهانگهرو. ”خيرپور“: طفيل رضا بلوچ، اطهر حسين پٺاڻ، سعيد احمد سومرو، عبدالفتاح منگي، فيروز الدين شيخ، ظهور الدين شيخ، امتياز احمد شيخ، حفيظ الله شيخ، شڪيل احمد ميمڻ، محمد نواز گهمرو، نثار احمد منگي. ”هنڱورجا“: ڪريم بخش بروهي، امجد علي چنه، امداد علي نظاماڻي، غلام حسين زخمي، محمد اسماعيل ميمڻ. ”سوڀو ديرو“: رفيق احمد پٺاڻ، غلام علي کوکر. ”غلام اڪبر خان لاشاري“: شمس الدين لاشاري. ”صوبدار لاشاري“: امير علي لاشاري. ”رسول آباد“: محمد امين ميمڻ، محمد هاشم ميمڻ، لياقت علي آرائين. ”ڪوراب جيئل“: امير احمد ابڙو. ”قاسم ڳوٺ“: عبدالرحمان ڦلپوٽه. ”ڀنگو بهڻ“: قطب الدين سنڌي کنڊ. ”ملهيراڻي سولنگي“: رياض حسين سولنگي. ”نواڙ“: دلبر حسين چنڊي. ”سکر“: گلزار احمد سومرو، شعيب علي، مجيب نواز سومرو. ”خانپور مهر“: نام ديو کيماڻي، ڀڄن لال، پهلاج رام، حسين بخش مهر، دالو رام، گنگارام، راجڪمار، سچانند، آئندر لال ڇاٻڙا، موتي لال. ”ميرپور ماٿيلو“: قمرالدين دل، جئه ڪمار لنڊ، جي آر چندر، اعجاز احمد گهجيو. ”قاضي لعل بخش“: فيض محمد. ”صوبدار خان جسڪاڻي“: نثار احمد. ”گهوٽڪي“: ستيوان اداس ليلواني، متل لعل معراج. ”قادرپور“: سروانند. ”شڪارپور“: آزاد علي سڌام چند جسيجا، راجڪمار جسيجا، احسان الله شيخ، راجپال خوبچند ڪشڪرام، آصف حسين شاهه، طارق حسين سومرو، صلاح الدين اوستو، گهنشام داس، مهيش ڪمار، شڪيل احمد منگي، قاضي حبيب الله، منور علي مٺاڻي. ”تماچاڻي“: تنوير احمد، محمد اورنگزيب مهر. ”ميان جو ڳوٺ“: نائلا سڪندر. ”مرزاپور“: قمرالدين سومرو. ”ڳڙهي ياسين“: الله بخش سومرو. ”جيڪب آباد“: ”ڪنڌڪوٽ“: شيام لعل، سڌام چند، پرڪاش لعل، جاني جوکيو، جئرام داس، ميان مصطفيٰ جوکيو. ”ٺل“: فتح الدين نوناري. ”ميرپور ٻرڙو“: فيض محمد سومرو. ”لاڙڪاڻو“: نثار علي ڀٽو. ”سڄڻ سانگي“: رياض احمد سانگي. ”مستوئي“: ثناءَ الله سيال. ”بلاول سوهو“: عبدالخالق سوهو. ”نئون ديرو“: محمد ابراهيم کوکر، عبدالغفار شاهه، جيئندراءِ، مجاهد بصير ڀٽو، حاجن سيال. ”رتوديرو“: مسعود احمد دايو، نور حسين قاضي، فاروق احمد اوڍو، محمد تسليم سرهيو، حبيب الله انصاري، عابد حسين گهانگهرو، منظر حيات، شفقت الله، حسين گهانگهرو، مدد علي زنگيجو. ”سانگي“: ذوالفقار علي. ”بازاري ڪانڌڙا“: عبدالحليم. ”ڀائي خان گهانگهرو“: امداد علي گهانگهرو، امجد علي گهانگهرو. ”شهدادڪوٽ“: گل محمد گل، اظهر حسين ابڙو، غلام عباس شيخ. ”ڏوڪري“: صلاح الدين جوڻيجو، عبدالقادر جلباڻي، شڪيل احمد قاضي، زاهد ميم، محبوب علي شاهه، لياقت علي ميراڻي. ”ميرو خان“: مالڪ ڏنو انصاري،برڪت علي تونيه، غلام مرتضيٰ سولنگي، واحد بخش تنيو، عبدالرسول ابڙو. ”نصيرآباد“: محمد ابراهيم ڪانڌڙو، ديدار علي شيخ، ديدار علي چنه، شيوڪرام نانگڏيو، گلزار احمد تنيو، محمد عظيم ٽڳڙ. ”وڪڙو“: گيانچند چاولا. ”ويهڙ“: ضياءُ الدين پيرزادو. ”نئون ديرو“: عاشق علي ڪوري، راجڪمار هندو، کيراجمل هندو، مڪيش لال هندو، ايا زعلي ميمڻ، غلام سرور دايو، صدر الدين ڪنر، محمد اسحاق کهڙو. ”ڊکڻ واهڻ“: محمد صديق سومرو. ”لالو راٺوڙ“: علي گوهر پتوجو، بقا محمد لوهر، اختيار علي چانڊيو، محمد شريف. ”ڪوٽ لال بخش“: صفدر علي منگي. ”قمبر“: باري رشيد شيخ، ڪالو مري، اعجاز جواد سومرو، دليپ ذوالفقار، عبدالمنان جوڻيجو، دليپ ڪمار دولتاڻي، اعجاز علي شيخ. ”لاڙڪاڻو شهر“: عبدالغفار ڀٽو، قربان، احمد بخش منگي، منير احمد ميمڻ، محمد عرس شيخ، شاهد علي شيخ، نصرالله شيخ، پرڪاش لعل هندو، ديدار علي شيخ، عبدالصمد شيخ، سراج احمد شيخ، خليل احمد شيخ، پرديش ڪمار، محمد پناهه ڪنڀر، نثار احمد سومرو، الطاف حسين کوسو، نور حسين تنيو، امر لال دوراڻي، شام ڪمار. ”دادو“: محمد بخش ڪورائي بلوچ، محمد علي ميمڻ، ڪامران آخوند، طفيل احمد قريشي، ضيا عرب قريشي، حاجي خان سرهيو، عبدالاحد جوکيو، اقبال احمد لاشاري، سراج الدين قريشي، علي اڪبر سولنگي، زوالفقار علي ميمڻ، شفيع الله قريشي، ممتاز احمد قريشي، سڪندر علي نائچ، منطور احمد ٻٻر، محمد اسلم پنهور، عبدالوحيد قريشي، شهمير خان چهواڻ، طاهر علي بلوچ، حبيب احمد سومرو، شاهجهان ٻرڙو، شجاع الدين قريشي غلام رسول ميمڻ، هريش ڪمار شامراڻي، عمران احمد گهلو، نديم اختر سومرو. ”ميهڙ“: شيخ محمد اسماعيل، الطاف حسين شاهه، محمد يونس، سڪندر علي شيخ، ديدار علي سومرو. ”راڌڻ“: عبدالرحيم شيخ رام چند راجواڻي، دليپ ڪمار، سريش ڪمار، دولت رام. ”خدا آباد“: صلاح الدين قريشي، محمد امين. ”پاٽ شريف“: عبدالستار ميمڻ. ”سيوهڻ شريف“: مشتاق احمد سومرو. ”ٺيڙهه“: آصف خان پيرزادو. ”ڪرڙ کوسو“: غضنفر علي لغاري. ”مخدوم بلاول“: عبدالخالق پنهور. ”پڪا چنا“: ڪامران رؤف قريشي. ”علي خاناڻه“: محمد هاشم سيال، علي مراد سيال، وحيد مراد سيال، عزيز احمد سيال، قاسم سيال، عبدالرحمان اديب سيال، حبيب سيال ۽ نورو سيال.

بنا عنوان

ماهه جنوري ۾ سحر ڪرن ميمڻ جي بنا عنوان ڪهاڻي ڏني ويئي هئي، ان جو عنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو ججن جي فيصلي مطابق هيٺئين عنوان کي پهريون نمبر مليو.

جذبن جي جيت

موڪليندڙ: سهيل عثمان عباسي ڳوٺ محبت ديرو جتوئي

تعلقو ڪنڊيارو ضلع نوابشاهه.

کيس ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور موڪليا پيا وڃن.

سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ڪتاب

سنڌي لوڪ ڪهاڻيون جلد پهريون- سفيد ڪاغذ قيمت 00/20 روپيه ۽ سادي ڪاغذ تي قيمت 00/15 روپيه.

وڪري لاءِ موجود آهي.

تاج الملوڪ

نوان ڪتاب

ٽم ٽم ٽانڊاڻا

سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد طرفان سنڌ جي نوجوان شاعر مختيار ملڪ جي ٻاراڻن گيتن جو مجموعو ”ٽم ٽم ٽانڊاڻا“ شايع ڪيو ويو آهي. ٻاراڻي ادب ۾ جيڪي به ڪتاب شايع ڪيا ويا آهن، انهن ۾ هي ڪتاب سڀني کان برک آهي. خود مختيار ملڪ وانگر سندس ٻاراڻن گيتن ۾ به هڪ خاص خوشبو آهي، سرهاڻ آهي، سونهن آهي. هر گيت باتصوير ۽ هر لفظ موتيءَ جو داڻو آهي. خدا بخش ابڙي ۽ ساجد قريشيءَ جي چترڪاريءَ ڪتاب ۾ جان وجهي ڇڏي آهي. 56 صفحا ٻه رنگو ٽائيٽل سڄو آفسيٽ تي ڇپيل پنجن روپين ۾ سنڌ جي سڀني بوڪ اسٽالن تان حاصل ڪري سگهجي ٿو.

ڪومل جذبا

گل ڦل ادبي هالا نوان جو ٻيو ڪتاب ”ڪومل جذبا“ شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جي جان عبدالرحمان سيال جي ڪهاڻي آهي. امتياز ابڙو سهيڙيندڙ آهي ڪهاڻيون، لطيفا، روح رهاڻ، انعامي سلسلو، خبرون ۽ تصويري پروليون پڻ ڏنل آهن ڪتاب سڄو آفسيٽ تي ڇپيل آهي ۽ چترڪاري ساجد قريشي ۽ خدا بخش ابڙي جي آهي. سرزمين مصر جي هڪ پراسرار ڪهاڻي پڻ هن ڪتاب ۾ شروع ڪئي ويئي آهي. رنگين ٽائيٽل 36 صفحا قيمت صرف ٻه روپيا. گل ڦل ادبي سنگت هالا نوان وٽان گهرائي سگهجي ٿو.

هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ

ڪنهن به ٻار جو جواب صحيح ڪونه آيو

34 ٻارن جا هڪ غلطيءَ ۾ آيا آهن

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-23 جو نتيجو ظاهر

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-23 جو نتيجو 16- فيبروري 1981ع صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙن ٻارن (جيڪي ان وقت موجود هوا) جي روبرو، مسٽر غلام رباني آگرو سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ظاهر ڪيو.

ساڄي کان کاٻي:

2- دڪي 3- جهولي 4- سست 6- بون 8- بيدل 9- پسڻ.

مٿان کان هيٺ:

1- چوڳو 2- ديس 5- سڻبي 7- نيڻ.

ڪنهن به ٻار ڪوبه جواب صحيح نه آيو، هيٺين 34 ٻارن جا جواب هڪ غلطي ۾ آيا:

1- فوزيه لاڙڪ، نواب شاهه 2- جان محمد پنهور، شادي پلي 3- انور الدين ڀٽي، سڪرنڊ 4- زينب کٽياڻ، ميرپورخاص 5- محمد شريف رونجهو، جهرڪ 6- عبدالعزيز پنهور، شادي پلي 7- ظفر حسين ميمڻ، سڪرنڊ 8- عبدالرحيم شيخ، شهدادڪوٽ 9- ذوالفقار علي ساريو، باڊهه 10- بدرالدين، ڪنڊيارو 11- غلام مصطفيٰ چنه ڪمن مهيسر، ڪنڊيارو 12- حيدر علي خاصخيلي، ڪراچي 13- اعجاز محسن هاشمي، ڪڪڙ 14- عبدالستار ميمڻ، مانجھند 15- غلام شبير سومرو ميهڙ، ڏوڪري 16- الهه بخش سومرو، ڳڙهي ياسين 17- غلام مرتضيٰ سيال هالائي 18- صلاح الدين غازي، ڏوڪري 19- غلام مصطفيٰ بلوچ، ميرپورخاص 20- عبدالباري، شڪارپور 21- زاهد جاويد عزيز ميمڻ، ڪنڊيارو 22- محمد حسن جوڻيجو، ڏوڪري 23- سيد پير ساهه بخاري، باڊهه 24- محمد حنيف بلوچ، ميرپورخاص 25- خواجه اصغر علي علواڻي تڙ خواجه جاتي 26- علي مراد راهو صابو راهو سڪرنڊ 27- بشير احمد احمداڻي کيبر هالا 28- برڪت علي ڀٽي، سڪرنڊ 29- عبدالحڪيم سولنگي، کيبر هالا 30- عبدالواحد کٽياڻ، ميرپورخاص 31- يوسف بشير ڏهوٽ، باڊهه 32- عبدالقيوم نوح پوٽو، کيبر هالا 33- انور علي خواجه تڙ خواجه جاتي 34- جاويد حڪيم يوسفاڻي، ٽنڊو آدم.

انعام جي رقم ۾ ٻه روپيا وڌائي هر ٻار کي ٽن روپين جو ڪتاب ”اخلاق حميدهه“ سندن موڪليل ائڊريس تي موڪليو پيو وڃي.

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-25

سلور جوبلي جي موقعي تي

ڏيڍ سؤ سوپين جو انعام

اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ:                18- اپريل 1981ع

نتيجو ظاهر ٿيڻ جي تاريخ:                      19- اپريل 1981ع

هيٺ ڏنل جملن ۾ جيڪي خال آهن، انهن کي اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جملا سڄا ۽ بامطلب ٿي وڃڻ. جملن ۾ ساڄي کان کاٻي ۽ مٿان کان هيٺ نمبر ڏنا ويا آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. نمبرن جي روشنيءَ ۾ جملا پڙهي، خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن رسالي مان ڦاڙي اسان ڏانهن مقرر تاريخ اندر ڏياري موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت-25 لکڻ ضروري آهي.

جن پڙهندڙن جا جواب صحيح هوندا، انهن کي تي ڏيڍ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ هڪ کان وڌيڪ هوندا ته انعام وارا ڪتاب سڀني ۾ هڪ جيترا ورهايا ويندا. جيڪڏهن صحيح ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو انعام هڪ غلطي وارن ۾ ورهايو ويندو، جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه نه هوندو ته اهو انعام ٻي مهيني سان گڏي ورهايو ويندو.

هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.

 

ساڄي کان کاٻي

1- ______ جي واکاڻ ڪرڻ وٽان هوندي آهي، جڏهن بهار جي ۾ هر طرف سرهاڻ ئي سرهاڻ دل ۽ دماغ کي تراوت بخشيندي رهندي آهي.

3- ______ تمام وڏي ڳالهه آهي ان پويان ڪئين ڪونڌر ڪسي ويا.

4- ______ جي جهڙي ٻهراڙيءَ ۾ اهميت آهي، اهڙن شهر ۾ هرگز ناهي.

6- ______ ۾ مسلمان، اندر آذر آهئين. (شاهه)

7- ڪي ٻار پيٽ يا مٿي جي سور جو ڍونگ ڪري اهڙي ته وٺي هاءِ گهوڙا مچائيندا آهن جو مائٽن کي سندن انهيءَ ______ جو ذرو به شڪ نه پوندو آهي.

8- دلڪش نظارن سان مالامال پاڪستان جي خوبصورت ماٿري ______ جنهن جا اکر اڳتي پوئتي لکجي ويا آهن.

مٿان کان هيٺ

1- عيسائين جي عبادت گاهه ______ جنهن جو الف گم آهي.

2- عظيم شخصيتن جو ______ ئي ٻارن لاءِ بهترين استاد ۽ رهبر ثابت ٿي سگهي ٿو.

5- نون شاعرن جي ڪلام تي غور ڪبو ته ڪيترين ئي ڳالهين ۾ اهو ______ نظر ايندو.

6- هر وقت ______ جو خيال انسان جي عملي قوت کي فنا ڪري ڇڏي ٿو.


 

 

گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت – 25

 

ڪوپن – 25

آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان ٿو/ ٿي.

نالو:____________________________________________________

پوري ائڊريس:________________________________________

هدايتون ۽ شرط

1.  پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي ۾ خال ڀري کٽل اکر لکي ان سان لاڳيتو ڪوپن ڀري، ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.

2.     مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

3.  ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن جا جواب هجن. ٻيو جيڪو به مواد هوندو، اهو رد ڪيو ويندو.

4.  هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضروري آهي، ۽ اُهي گل ڦل مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.

5.  لفافي جي مٿان گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت لکڻ ضروري آهي ۽ پوسٽ باڪس- 12 حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ کپي.

6.  صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن روزنامه عبرت، سنڌ نيوز، آفتاب ۽ مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي.

7.  صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.

8.  صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو ويندو. جي صحيح جواب نه هوندو ته اهو انعام هڪ غلطيءَ وارن ۾ ورهايو ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو انعام ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.

9.     ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ نه ڪيا ويندا.

10. هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن به عدالت ۾ چئلينج نه ڪري سگهبو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com