سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1981ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل مارچ 1981ع

ايڊيٽر: انور هالائي

ڳالهه ٻولهه

پيارا ٻارؤ،

خدا جو شڪر آهي جو گل ڦل سنڌ جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ پهچي ٿو. پر اسان جي پڙهندڙن کي شڪايت آهي سندن مواد شايع نٿو ٿئي. مواد تڏهين ڇپبو جڏهين صفحا وڌندا ۽ صفحن وڌڻ جو دارومدار ٻارن جي پڙهڻ تي آهي، جيترا گهڻا ٻار گل ڦل پڙهندا اوترو اسان جي سرڪيوليشن وڌندي، سرڪيوليشن وڌڻ سان اسان جو خرچ گهٽبو ۽ خرچ گهٽجڻ سان صفحا ازخود وڌي ويندا.

هن کان اڳي به اسان جي اهڙيءَ اپيل تي اٽڪل ٻه سيڪڙو ٻارن ڪجھ خريدار ڪري موڪليا يعني ڪو خاطرخواه ۽ اميد افزا نتيجو ڪونه نڪتو. حقيقت ڪري جيڪڏهن اوهين پنهنجي اسڪول طرفان گڏجي ويهه رسالا گهرايو ته ڏهه رپيا اوهان کي به بچي سگهن ٿا ۽ ويهه رپيا اداري کي به ملي سگهن ٿا اهڙيءَ طرح جيڪڏهين سڄي سنڌ جا هڪ سؤ اسڪول عمل ڪن ته رسالو ويهه هزار ڪاپيون ڇپجي سگهي ٿو. ظاهر آهي ته ان حالت ۾ صفحا ته وڌندا پر قيمت ڪانه گهٽبي. اسان کي اميد آهي ته گل ڦل جا همدرد ٻار هن اسڪيم ته اڄ کان وٺي عمل ڪندا.

آهه! محمد عثمان ڏيپلائي

وڏي ڏک ۽ صدمي جي ڳالهه آهي ته جو سنڌ جو عظيم دانشور ۽ اديب محمد عثمان ڏيپلائي هن فاني جهان مان 7 فيبروري 1981ع تي وفات ڪري ويو. ڏيپلائي مرحوم سنڌي ادب جو تاريخي هيرو هو، جنهن پنهنجي قلم جي طاقت سان سنڌي ادب ۾ وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو سندس وفات سنڌي ادب لاءِ وڏي کوٽ آهي. هن موقعي تي اسين دعاگو آهيون ته رب العزت کيس جنت الفردوس عطا فرمائي ۽ سندس پونين کي صبر وجميل عطا فرمائي- آمين

غمزده

انور هالائي

لطيفي لات

توڻي تَڙِئِين تون، يا اَلا! تو دَرُ توءِ نه ڇڏيان!

مون کي سو مَشاهدو، جي مُنهن نه ڏِيئن مُون،

مون ٻيا در گهڻا نِهاريا، آهِئين تُون ئي تُون.

(شاهه)

هيءَ وائي حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاهه جي رسالي ۾ سر کنڀات جي داستان ٻئي جي ٻي وائي آهي.

سمجھاڻي:

يا خدا! تون ڀلي مون کي پنهنجي در تان لوڌي ڪڍ، پر آئون تنهنجو در نه ڇڏيندس ڇاڪاڻ ته مون کي تو مان ئي چڱائي جي اميد آهي. منهنجي لاءِ تنهنجو ديدار ئي ڪافي آهي، مون کي ڀلي تون ڪي سهوليتون ڏين يا نه ڏين تنهنجي مرضي. ٻيا در به مون گهڻيئي ڀيٽيا آهن پر ڪجھ به هڙ حاصل ڪونه ٿيو. تون نيٺ تون آهين، تنهنجو ئي جلوو هر شيءِ ۾ نمايان آهي.

معنيٰ:

تڙين = لوڌين، ڌڪارين. توءِ = تنهن هوندي به. مشاهدو = زيارت، ديدار، اکين سان پسڻ. منهن نه ڏيڻ = بي رخي اختيار ڪرين. تون ئي تون = اڪيلو، هڪ خدا.

ناز حفيظ الرحمان شيخ

ٻالڪ آهين تون

ٻالڪ آهين تون گل ڦل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

صورت تنهنجي ٻالي ڀولي، چپن کي ڄڻ لڳل ٿي لالي،

وات مچڪائين ويٺو خالي، عجب تنهنجي آ ننڍڙا چالي،

گهر ۾ خوب ڪرين ٿو هل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

ٻاتي ٻوليءَ ۾ پيو ڳائين، چرين جيان پيو گگ وهائين،

گهر مٽيءَ جو هر هر ٺاهين، جنهن سان ويٺو روح ريجهائين،

ٺينگ ٽپا ۽ ڏين ٿو بل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

رانديڪن سان راند رچائين، ڪاٺ گهوري سان دل وندرائين،

پاڻ ڊڪين گهوڙي کي ڊڪائين، ان کي واهه لغام لڳائين،

هل ڙي گهوڙا هل هل هل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

هٿ تنهنجي ۾ ريل آ ڪاري، جيڪا توکي پياري پياري،

ڇه ڇه ڇڪ ڇڪ موجب واري، تنهنجي دل کي ڏي دلداري،

وات ۾ ٿي شيشي جي وسل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

ڪوجي ڀائي ايندو ڏسين ٿو، ان کان شيءِ جو هوڪو ٻڌين ٿو،

پوءِ ابا ڏي جلد اچين ٿو، ”شيءِ وٺي ڏيو“ ضد ڪرين ٿو،

شيءِ وٺين ۽ کائين ڪُل،

ٻالڪ آهين تون گل ڦل.

افسر جويو سڪندري

لوڪ گيت

گهور وڃئي گولي ڙي، لولي ڏئي لوڏيانءِ،

سڄڻ لولي ڏئي لولي ڙي لوڏيان.

لڏي لائق ٿيندين؛ وطن لئي وڙهڻ ويندين،

سائين ڪندئي سولي ڙي لولي.

الله ڏنو هين سهڻو صدورو، سائين ڪيو آ سائو هندورو،

جهلي مون تو لئي جهولي ڙي لولي.

تون ٿيندي راڄن راڻو، سمجھ ڀريل سگهڙ ۽ سياڻو،

هلچل ٿيندي هولي ڙي لولي.

شال وڌي تون وڏو ٿيندين، سک سوين تون سڀ کي ڏيندين،

ٻاجھ ڀري ٿي هي ٻولي ڙي.

نياز پنهور

لولي

چاهت چاهت کڻي پيارا، ٻانهون کولي ڏِجُ،

نفرت گهگهه اونداهي آهي، محبت روشن سج.

 

پيار، پريم، سڪ سچائي، الفت، ساري سونهن،

پريت پيار گل گلابي، پوک انهي جو ٻجُ.

 

ساٿين ساڻ ائين ئي رهجان، لهر لهر سان جيئن،

سونهن کي سونهن ئي چئجان جاني نج کي چئجان نج.

 

واٽ ڪڏهن به گم نه ٿيندي جيسين آهي لاٽ،

لاٽ علم جي روشن رکجان، يار انهيءَ جو ٿِج.

 

ڪنهن سان هوڏ نه ڪائي رکجان هر ڪنهن ڪلهي ٻانهن،

درد ونڊڻ عبادت آهي، منزل سائي ڪِجُ.

 

منهنجيون ڳالهيون هنين هنڊائي جيءُ جا منهنجا لعل،

تارا ٽم ٽم جاڳي پيئڙا هاڻي سمهي تون پِجُ.

الطاف حسين جوکيو

ڪهاڻي

ٻڌو هڪ ڪهاڻي وڏيري ۽ گدا جي ٻارو،

جنهن ۾ آهه نصيحت سندو سبق سارو.

 

هڪ ڀيري غريب شهر ڏي ويو پئي رات،

ته واٽ تي وٺي واچوڙي سان برسات.

 

گهڻي ڊڪ ڊوڙ کان پوءِ ڏسڻ ۾ آيس گهر،

ته مينهن کان بچڻ لئه گهڙي ويو اندر.

 

ڏٺائين هڪ وڏيرو ڪرسيءَ تي ويٺل،

ڀرسان ان جي سندس چاپلوسي بيٺل.

 

ڏسي غريب کي ڪڍيائون ڌڪي ٻاهر،

نه رهڻ ڏنس تنهن کي تا صبح ساجهر.

 

هڪ ڀيري وڏيرو به شڪار تي نڪتو،

کنيائين ساڻ نوڪر چاڪر ۽ هڪ ڪتو.

 

ڏٺائين پري کان هڪ سهڻي هرڻي،

ڀڳو تنهن جي پويان بندوق کڻي.

هرڻي به وڏيري کان جان بچائي وئي،

مٿان وري اچي ڪاري رات پئي.

 

پوءِ اچي ٿيو وڏيرو ڏاڍو ششدر،

ڏٺائين پري کان هڪ غريباڻو گهر.

 

گهڙي سو تنهن جهوپڙيءَ ۾ ويو،

ڏٺائين ته اهو ساڳيو غريب شخص هيو.

 

تنهن غريب ان جي ڏاڍي خدمت ڪئي،

پوءِ ڪچهري ڪندي تان جو صبح ٿي وئي.

 

وڏيرو ان غريب جي پيرن تي پيو ڪري،

۽ پوءِ دل سان ان کان معافي گهري.

 

ٻارو توهان به وقت تي ٻين جي ڪم اچو،

اهو آهي منهنجو توهان کي سبق سچو.

نصير مرزا

آدرش

ماني جيڪا کائجي ٻارو!

اَن جو اَڌ ورهائجي.

اگهو جي ڪوئي آ پاڙي ۾

ان جي دل وندرائجي،

راند روند ڀلي ڪريو پر،

پيار پڙهڻ سان لائجي.

ڪوڙ جي منهن ۾ ڌوڙ پئي ٿي،

سچ سان نينهن نڀائجي.

جيڪو ٻار ڏئي ٿو گار،

اُن سين نه ڳالهائجي.

رسي جي ڪوئي وڃي ٿو سنگتي،

پيار مان اُن کي پرچائجي.

پکي پکڻ يا جيت جڻي جي،

دل کي مور نه ڏکائجي.

نفرت، ڪاوڙ بغض بجاءِ،

گيت پريت جو ڳائجي.

مٺو ڪو ٻولي يا ٻاڙو،

سڀ سان ڀال ڀلائجي.

شيخ روشن آدريش

گڏي گڏي جي شادي

گُڏي گُڏي جي شادي آهي،

گهر گهر ۾ آبادي آهي.

اسان جي گڏي ڏاڍي سهڻي،

دل کي وڻندڙ من موهڻي،

توهان جو گڏو ڪيئن آهي؟

اسان جي گڏي جيئن آهي؟

گڏو به گڏي جهڙو آهي،

پر ٿورو پوڙهو آهي،

سٺ سالن جي عمر اٿس،

ڏسڻ ۾ آهي جوان.

اسان جي گڏي نازن واري،

نازڪ نازڪ پياري پياري،

گڏو توهان جو ڪنو آهي؛

ڦٽندي هيءَ شادي ساري،

ڪين ڪرڻي آهي اسان کي شادي،

جوان گڏي جي پوڙهي گڏي سان.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com