گلستان
گلستان پبليڪيشن طرفان نئون ڪتاب ”ههڙا هاڃا ٿين“
شايع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب جو مرتب سچيڏنو آهي ۽
مددگار امان الله لغاري، فضل قادر راجه، عرفان
مهدي، شيخ شاهنواز سنڌي ۽ مرتضيٰ سيال آهن. هن
ڪتاب ۾ ٻارن لاءِ بهترين ڪهاڻيون، بهترين نظم ۽
بهترين مضمون شايع ٿيل آهي. ڊيمي سائيز تي ٻن ڪلرن
۾ ٽائيٽل، 34 صفحن جو هي ڪتاب صرف ٻن روپين ۾ پوسٽ
باڪس نمبر 19 حيدراباد تان گهرائي سگهجي ٿو.
سنڌيڪار: محمود مغل
]سلسليوار
ڪهاڻي[
روپ جي واپسي
گهڻو عرصو اڳ هڪ موچي پنهنجي زال سان گڏ هڪ وڏي
شهر ۾ رهندو هو. هو روز پنهنجي دڪان ۾، جيڪو
گهٽيءَ جي ڪنڊ ۾ ٺهيل هو، ويهي پنهنجو ڌنڌو ڪندو
هو. هن وٽ روز ڪيترائي بوٽ ۽ ٻيا چمڙي جا ٺهيل پٽا
وغيره ٺهڻ لاءِ ايندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن، جڏهن هن کي
ڪنهن نيئن بوٽ ٺاهڻ لاءِ ڪو چوندو هو ته هو نوان
بوٽ به تمام بهترين قسم جا ٺاهيندو هو، پر ان
ويچاري کي هڪڙي پريشاني ٿيندي هئي، غريب هجڻ ڪري
هو بوٽن لاءِ اوچي قسم جو چمڙو اڳ ۾ وٺي نه سگهندو
هو ۽ ان جي ڪري ئي هن جي دڪان ۾ چمڙي جو ڪو خاص
ذخيرو نه هوندو هو. سندس زال به ڀاڄيون ۽ ميوو
وڪڻي، جيڪو هوءَ پنهنجي گهر جي در سامهون هڪ ننڍڙي
زمين ٽڪري ۾ پوکيندي هئي، هن جو هٿ ونڊائيندي هئي.
کانئس ڪيترائي ماڻهو ڀاڄيون وٺندا هئا، ڇاڪاڻ جو
هوءَ هڪ صاف ۽ سهڻي نموني واري عورت هئي. ايماندار
۽ بااخلاق هجڻ جي ڪري هن جون ڀاڄيون سٺو نفعو
ڪمائينديون هيون.
هن ٻنهي نيڪ اٻوجھن کي هڪ تمام سهڻو، ڊگهو ۽ مضبوط
بدن وارو پٽ هو، جنهن جي عمر ٻارهن سال هئي. هو
ننڍڙي عمر ۾ ئي ٺاهوڪي هاٺيءَ جو مالڪ هو. کيس صرف
ڪو ڪو ڪم ڪرڻو پوندو هو. گهڻو ڪري هو پنهنجي ماءُ
سان گڏ دڪان تي ويٺو هوندو هو يا ڪڏهن ڪڏهن ڪن
معزز عورتن ۽ مردن کي سندن خريد ڪيل ڀاڄيون گهر
تائين پهچائي ايندو هو. هو جنهن به در تي ويندو هو
ان گهر جا ماڻهو هن ننڍڙي جوان کي ڏسي ڏاڍا خوش
ٿيندا هئا ۽ کيس سدائين ڪو نه ڪو تحفو ڏيندا هئا.
ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو اتفاق ٿيو هو جو هو ڪنهن به گهر
مان سواءِ ڪنهن گل، ڪيڪ ٽڪر يا سڪي کان سواءِ
موٽيو هجي.
هڪ ڏينهن روزانو وانگر موچيءَ جي زال پنهنجي دڪان
۾ ويٺي هئي، سندس اڳيان مختلف ڀاڄيون ٽوڪرين ۾ پيل
هيون. ڪا ٽوڪري گوبيءَ سان ڀريل هئي ته ڪنهن ۾
تازا ۽ نوان آيل ميوا پيل هئا. ننڍڙو جيڪب (سندس
پٽ جو نالو اهوئي هو) به سندس پاسي کان ويٺو هوڪا
ڏئي رهيو هو.
”اچو وٺو، ادا ۽ اديون؛ اچو وٺو. ڪير اچي منهنجي
پسنديده وڏي گوبي وٺندو؟ نيون ۽ تازيون ڀاچيون
وڃنوَ پيون. هنداڻا، صوف ۽ بيا ميوا. اچو اچي وٺو.
سڀ شيون سستيون آهن. اچو وٺو، اچو وٺو.“
ٺيڪ ان مهل، جڏهن هو پنهنجي ماءُ جي ڀر ۾ ويهي
هوڪا ڏئي رهيو هو، هڪ پوڙهي عورت هن ڏانهن وڌندي
آئي. سندس ڪپڙا ڦاٽل ۽ چتين لڳل هئا، منهن ننڍڙو ۽
اڀريل هئس. منهن جا گهنج سندس پيريءَ کي وڌيڪ واضح
ڪري رهيا هئا. هن جي منهن جون خاص ڳالهيون سندس
ڊگهو نڪ ۽ ڳاڙهيون اکيون هيون. نڪ ايترو ته ڊگهو
هئس جو سامهون ڏسڻ سان هن جا چپ به ڍڪيل ٿي نظر
آيا. هوءَ پنهنجي ڊگهي لٺ جي مدد سان هلي رهي هئي.
هن جو هلڻ، هلڻ نه هو الائي ڇا هو. ڪيڏي مهل هوءَ
لنگڙائي پئي ته ڪيڏي مهل تکي ٿي پئي وڃي، ڄڻ کيس
ڦيٿا لڳل هجن، تڏهن به ڊپ هو ته متان هوءَ ڦيٿن تي
ڦرڪيءَ وانگر ڦري ڪٿي ڪنهن گند جي نالي ۾ نه وڃي
ڪري.
موچيءَ جي زال هن جي منهن تان پنهنجون نظرون
باوجود ڪوشش جي به هٽائي نه سگهي. کيس هن بازار ۾
ڀاڄيون وڪڻندي سورهن سال ٿيا هئا، پر هن ڪڏهن به
اهڙي عجيب مخلوق ڪونه ڏٺي هئي ۽ شايد ان ڪري ئي
کانئس ان مهل ڇرڪ نڪري ويو، جڏهن اها ساڳي عورت هن
جي دڪان تي اوچتو ٽپ ڏئي چڙهي پئي.
”ڇا تون ئي اها ”هانا“ آهين، جيڪا ڀاڄيون وڪڻندي
آهي.“ ان پوڙهيءَ ڪرخت ۽ ڀوائتي آواز ۾ کانئس
پڇيو. ڳالهائڻ مهل سندس منهن اڳيان پويان حرڪت ڪري
رهيو هو.
”ها، اهو منهنجو ئي نالو آهي.“ موچيءَ جي زال ٿورو
ٿورو ڊپ محسوس ڪندي آهستگيءَ سان وراڻيو. ”مان
تنهنجي ڪهڙي خدمت ڪري ٿي سگهان؟“
”ڏٺو ويندو، ڏٺو ويندو، ته تون ڇا ٿي ڪري سگهين.
خير، پهرين مون کي ڀاڄيون ته ڏسڻ ڏي. ڇا تو وٽ اهي
ڀاڄيون آهن، جيڪي مون کي گهرجن.“ پوڙهي ڀاچيءَ جي
ٽوڪري تي جهڪندي، پنهنجي ناسي ناسي بدصورت هٿن سان
انهن کي ڦڦوليندي چيو. هوءَ صاف ڌوتل ڀاڄين کي
آنڱرين جي مدد سان مٿي کڻي سونگهي ٻئي پاسي رکندي
وئي. موچيءَ جي زاال پنهنجي ڀاڄين جو اهو حشر چپ
ڪري ڏسندي رهي. ويچاريءَ کي ڪجھ چوڻ جي همٿ به
ڪونه هئي. هونئن به اهو گراهڪ جو حق هوندو آ ته
جيئن وڻيس تيئن ڀاڄي ڏسي.
جڏهين پوڙهيءَ، سڄي ڇٻيءَ کي چڱي طرح ڦولهي ورتو
ته چوڻ لڳي ”بيڪار- بلڪل بيڪار- تو وٽ ڪابه اها شي
نه آهي جيڪا مون کي گهرجي، اهو پنجاهه سال اڳ جو
دؤر هو جنهن ۾ هر ڪا شيءِ سٺي ملندي هئي. اڄڪلهه
ته بيڪار ئي بيڪار شيون ٿيون ملن.“
ان مهل ننڍڙي جيڪب رڙ ڪئي ”تون، ڊيڄاريندڙ پوڙهي،
پهرين تو پنهنجن سڙيل آڱرين سان اسان جون بهترين
ڀاچيون ٽيڙيون پکيڙيون، جو اهي هاڻي خراب لڳيون
پيون آهن، وري تو انهن کي پنهنجي ڊگهي نڪ سان
سونگهيو، هاڻي ان سڄي چڪر کان پوءِ ڪير اسان جون
ڀاڄيون وٺندو. وري به تون چوين ٿي ته اسان وٽ
بيڪار مال آهي. کولي ٻڌ، هتان جي بادشاهه جو بورچي
به اسان کان ڀاڄيون وٺي ويندو آهي.“
پوڙهيءَ ننڍڙي کي غور سان ڏٺو ۽ پوءِ هڪڙي ڳري
آواز وارو ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳي: ”ٻارڙا، ٻارڙا، چئبو
ته تون منهنجو نڪ پسند ٿو ڪرين، هونئن منهنجو نڪ
آهي به ڊگهو ۽ سهڻو. توکي وڻي ٿو نه، چڱو کڻي توکي
به اهڙو ئي نڪ ڄمي پوندو، بلڪ ڊگهو ۽ چپن کي
ڍڪيندڙ.“
ائين چوڻ کان پوءِ، هوءَ گوبين جي ڇٻيءَ کي ڏسڻ
لڳي. هن هڪ بهترين اڇي گوبي ڪڍي هٿن ۾ جهلي، آهستي
آهستي هن پن لاٿا، سڀئي پن اڇلي، گوبيءَ کي ٺوڙهو
ڪري ڪجھ دير تائين ڏسي ان کي واپس ڇٻيءَ ۾ اڇلائي
ڇڏيائين ۽ وري ڀڻڪڻ لڳي:
”بيڪار- بيڪار. هي سڀ ڀاڄيون بيڪار آهن.“
”پنهنجو مٿو هيڏي هوڏي نه ڪر.“ جيڪب رڙ ڪئي. ”اڳئي
تنهنجي ڳچي گوبيءَ جي ڏانڊيءَ جيان سنهڙي آهي.
ائين نه ٿئي جو تنهنجو مٿو تنهنجي نازڪ ڳچيءَ کان
ڀڄي وڃي گوبيءَ جي ڇٻيءَ ۾ ڪري. ائين ٿيو نه، ته
پوءِ ڪير به اهي ڀاڄيون وٺڻ تي راضي نه ٿيندو.“
”تون سنهڙيءَ ڳچيءَ جي پرواهه نه ڪر.“ پوڙهيءَ وري
ڀڻڪيو.
موچيءَ جي زال گهڻي دير تائين اها کٽ پٽ برداشت
ڪري نه سگهي. هن پوڙهيءَ کي چيو: ”ٻار سان خيال
سان ڳالهاءِ. ڪا شي وٺڻي اٿئي ته وٺ، ڇاڪاڻ جو
منهنجا ٻيا گراهڪ تنهنجي ڪري پري بيٺا آهن.“
”ٺيڪ آ، جيئن تون چوين ٿي.“ پوڙهي ڪاوڙ مان چيو.
”تيئن مان ڪيان ٿي، مون کي ڇهه گوبيون ڏي پر جيئن
ته تون ڏسين پئي مان لٺ تي ٿي هلان ان ڪري مون کان
اهي ڪونه کڄنديون. پنهنجي پٽ کي چؤ ته مون کي گهر
تائين کڻائي هلي. مان کيس سٺي مزوري ڏيندس.“
جيڪب وڃڻ نه چاهيو، هو پوڙهيءَ کان ڪافي ڊنل هو پر
کيس پنهنجي ماءُ جو چيو مڃڻو پيو. هن جي ماءُ به
اهو سوچيو جيڪڏهن ڪمزور پوڙهي اهي ڀاڄيون اڪيلي سر
کڻندي ته ماڻهو ڇا چوندا.
تقريباً رئندي هن ڀاڄيءَ جي ڇٻيءَ کي ڪپڙي مٿان
ڍڪيو ۽ ان پوڙهيءِ جي پويان پويان هلڻ لڳو.
هوءَ تيز نه پئي هلي سگهي. ايتريقدر جو کين
تقريباً منو ڪلاڪ رڳو ننڍڙي شهر جي ٻئي حصي ۾ پهچڻ
۾ لڳو. آخرڪار هوءَ هڪڙي ڀڳل ٽٽل جاءِ جي هيٺان
اچي بيٺي کيسي مان هڪ پراڻي رنگ لڳل چاٻي ڪڍي جڏهن
قلف ۾ هنيائين ته دروازو هڪڙي چيڪاٽ سان اندرئين
طرف کلي ويو. تاڪن جا چيڪاٽ، جڳهه جي زبون هجڻ جو
مڪمل منظر هئا. جيڪب ڊڄي ڊڄي اندر ويو. پر اندر ته
ڄڻ دنيا ئي ٻي ۽ ڀتيون اوچي پٿر جون ٺهيل هيون.
شيشن ۽ بلوط سان ٺهيل ڪاچ جي فرنيچر تي سون ۽
چانديءَ جا پڙڇ لڳل هئا ۽ فرش ته ايترو ترڪڻو هو
جو ويچارو جيڪب ڪيترا ڀيرا پئي ترڪيو.
پورهي اندر پهچي، کيسي مان هڪ چانديءَ جي سيٽي ڪڍي
ان مان هڪ ڏڪائيندڙ آواز ڪڍڻ لڳي. اهو آواز جڏهن
پڙاڏو ڪري ڪمري جي ڀتين سان ٽڪرائجڻ لڳو ته ننڍڙي
جيڪب کان ڇرڪ نڪري ويو. ان مهل الائي ڪيترا رڇ جا
ٻچا ڏاڪڻيون لهندا آيا. انهن کي انسانن وانگر ڪپڙا
پيل هئا ۽ اهي پوين ٽنگن تي هلي رهيا هئا. سندن
مٿي تي جديد ٽوپلا ۽ پيرن ۾ نئين فيشن جا بوٽ پيل
هئا. اهو سڀ ڪجھ جيڪب کي ڏاڍو عجيب لڳو. |