سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل مارچ 1981ع

باب: --

صفحو :4

”منهنجا ترڪڻا بوٽ ڪٿي آهن؟“ پوڙهيءَ رڙ ڪري پڇيو. هوءَ پنهنجي لٺ جي سهاري هجڻ جي باوجود به ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهي هئي. ”مون کي گهڻي دير ٿي آ ڀيڻ؟“

ننڍڙا رڇ هڪدم ڏاڪڻ چڙهي مٿي ويا ۽ موٽڻ مهل سندن هٿن ۾ ترڪڻن بوٽن جو هڪ جوڙو هو. جنهن تي چمڙي جو ڪم ٿيل هو، پوڙهيءَ هڪدم بوٽن ۾ پنهنجا پير وڌا ۽ ترڪڻ شروع ڪيائين، فرش اڳ ۾ ئي ترڪڻو هو، ويچارو جيڪب به هن سان گڏ ئي ترڪندو رهيو، آخرڪار پوڙهي هڪڙي ڪمري جي سامهون بيهي رهي جيڪو پريان کان رڌڻي وانگر نظر اچي رهيو هو. جيتوڻيڪ ان ڪمري ۾ ڪرسيون ۽ صوفا پيل هئا پر تڏهن به ان جي ڊزائين ۽ نمونو ڪجھ ان طرح جو هو جو اهو رڌڻو پئي لڳو.

”ويهي رهه“ پوڙهي دوستاڻي نموني چيو. هن جيڪب کي ڪنڊ واري صوفي جي وچ تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. جيڪب کي ويهاري هن هڪ ميز هن جي سامهون آڻي رکي، اها ايتري ته ڳري هئي جو ان جي پويان ويهڻ کان پوءِ جيڪب ان کي پري ڌڪي به نه پئي سگهيو.

”هاڻي آرام سان ويهو، ننڍڙا توکي وڏا بار کڻڻا آهن ۽ مردن جون ڳچيون ايتريون ڪونه هونديون آهن، نرم ڪونه هونديون آهن.“

”تون چوين ڇا پئي“ ننڍڙو تقريباً روئڻهارڪو ٿيو ويو. ”تنهنجو ڪهڙو مطلب آهي مادام، مان ٿڪل ضرور آهيان، پر مون ته صرف گوبيون کنيون هيون. تو اُهي منهنجي ماءُ کان ورتيون هيون، توکان وسري ويون ڇا؟“

(باقي ايندڙ مهيني ۾)

سيما انور ابڙو

سڄي رات ڪاري

هڪڙي ڳوٺ ۾ هڪ غريب ڪاٺير رهندو هو. جيڪو تمام گهڻو نيڪ ۽ سچار هو. هو سڄو ڏينهن ڪاٺيون ڪندو هو ۽ ان مان ايترا پئسا ٿيندا هئس جو هڪ ڏينهن جو گذر به مشڪل سان ئي ٿيندو هوس. هن کي ٻه پٽ هئا. هڪڙي ڏينهن ڪاٺير تمام گهڻو بيمار ٿي ويو ۽ کٽ تي پئجي رهيو. هاڻ هن جا ٻئي پٽ ڪاٺيون ڪرڻ ويندا هئا. هڪ ڏينهن هنن جي پيءُ جي حالت تمام نازڪ ٿي ويئي. هن پنهنجي ٻنهي پٽن کي پاڻ ڏي گهرائي چيو ته ”منهنجي اک پورجڻ کان پوءِ توهان ٻئي لالچ، ڪينو ۽ غرور کان پاڻ کي بچائجو.“ ٻنهي ڀائرن انهيءَ ڳالهه جو وعدو ڪيو ۽ ان کان پوءِ ڪاٺير گذاري ويو ۽ ٻئي ڀائر پنهنجي پيءُ جي نصيحت تي عمل ڪندا رهيا. هڪ ڏينهن وڏو ڀاءُ جيئن ئي ڪاٺيون وڍي رهيو هو ته اتفاقاً ڪهاڙي هن جي ٽنگ ۾ وڃي لڳي ۽ هن جي ٽنگ شديد زخمي ٿي پئي. هن جون دانهون ڪوڪون ٻڌي ننڍو ڀاءُ هن جي مدد لاءِ ڊوڙي آيو ۽ ڀاءُ کي سهارو ڏيئي گهر وٺي آيو، ۽ ٻئي ڏينهن ننڍو ڀاءُ اڪيلو ڪاٺيون ڪرڻ ويو. اڃا هن ٿورڙيون ڪاٺيون گڏ ڪيون ته اوچتو ميائون جي آواز تي هن ڪنڌ ورائي هيڏانهن هوڏانهن ڏٺو ته هڪڙي سوراخ مان اهو آواز پي آيو. هن انهيءَ سوراخ کي کوٽڻ شروع ڪيو ته ان مان هڪ خوبصورت اڇي ٻلي نڪتي هن اهڙي ٻلي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪانه ڏٺي هئي، سو هي حيران ٿي ويو ۽ ٻليءَ کي کڻي گهر آيو ۽ وڏي ڀاءُ کي سچي ماجرا ٻڌايائين. اوچتو ئي اوچتو هڪ عجيب معجزو ٿيو جو ٻليءَ انسانن وانگر ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ چيو ته مون کي اوهان جي غربت جو احساس ۽ همدردي جو قدر آهي. هاڻي اوهان مون کي روزانو هڪ پاءُ گوشت کارائي پوءِ منهنجي پڇ جو هڪ انچ ڪتري ڇڏيو ۽ ان جي اها خصوصيت هوندي ته اهو ڪتريل پڇ توهان جي هٿ ۾ ايندو ته خوبصورت هيري جي صورت ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ ان مان توهان پنهنجو گذر سفر ڪجو. ٻليءَ جي ڳالهه ٻڌي ٻئي ڀائر روزانو هڪ پاءُ گوشت جو هٿ ڪري ٻليءَ کي کارائيندا هئا ۽ ٻلي جڏهن اهو کائيندي هئي ته هو هن جو پڇ جو هڪ انچ ڪتري ڇڏيندا هئا. ۽ اهو هڪ هيري جي صورت ۾ حاصل ڪري ان کي وڪڻندا هئا. هاڻ ٻنهي ڀائرن جي زندگي عيش و عشرت سان گذرندي هئي. پراڻي جهوپڙي بدران هو عاليشان محلات ۾ رهندا هئا ۽ کائڻ پهرڻ ۾ اڳي کان اڳرا هئا. پر پيارا ٻارؤ! چوندا آهن ته دولت بري شيءِ آهي. اها انسان کي مغرور، هٺيلو ۽ لالچي بنائي ٿي. سو هنن ڀائرن سان به اها حالت ٿي. هڪڙي ڏينهن هنن اها ڳالهه سوچي ته ٻليءَ جي گوشت کائڻ وقت هڪ انچ جي بدران ٻه انچ ڪٽينداسون ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي هيرا جواهر حاصل ڪنداسون.

ٻئي ڏينهن ٻلي جڏهن گوشت کائڻ لڳي ته هنن هڪ انچ جي بدران پڇ زياده ڪتري ڇڏيو. پڇ جو زياده ڪٽجڻ ۽ ٻلي اتي ئي ڦٿڪي مري ويئي ۽ ڪٽيل پڇ ساڳي جو ساڳيو رهجي ويو. اهو ڏسي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ته هي ڇا ٿي ويو. هاڻ سواءِ پڇتائڻ جي باقي ڇا رهيو. جيڪي پئسا هئا سي به آهستي آهستي ختم ٿي ويا، محل ۽ ماڙيون سڀڪجھ پيٽ پٺيان ختم ٿي ويون ۽ نيٺ لاچار ٿي واپس پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ اچي آباد ٿيا ۽ وري به ڪاٺيون ڪري گذر ڪرڻ لڳا.

عبدالرحمان سيال

بنا عنوان جي.....

هن ڪهاڻيءَ جو عنوان اوهان پاڻ مقرر ڪري اهڙيءَ طرح ڏياري موڪليو جو اسان وٽ 16 اپريل 1981ع کان اڳ پهچي وڃي. جنهن به ٻار جو عنوان سٺو هوندو، ان کي ويهن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا.          _ ايڊيٽر

هو ٻاهران ڊوڙندو گهر ۾ آيو ۽ سندس ننڍڙي ڀيڻ پويان ڊوڙندي ٿي آئي. هو گهر ۾ گهرندي ئي ماءُ کي سڏ ٿو ڪري ”امان“. ڪوبه جواب ڪونه ٿو مليس. هو وري سڏ ٿو ڪري ”امان او امان“. ماءُ ٻارن کي تڪڙو تڪڙو ساهه کڻندو ڏسي ٿورو پريشان ٿي وئي ”ڇا آهي پٽ؟“ ماءُ پڇيو.

”امان! اسان کي وٺي هل“ هو تڪڙو تڪڙو چوي ٿو.

”ڪيڏانهن پٽ!“ ماءُ عجب مان پڇيو.

”امان اسان کي راڻي باغ وٺي هل.“ هن هٿن جون آڱريون مهٽيندي چيو.

”مان وٺي هلانو“ ٿورو مرڪندي عجب مان پڇيو.

”ها امان تون، مان ۽ گڏي اسان سڀئي گڏجي ٿا هلون.“ هو يڪ ساهيءَ ۾ چئي ويو.

”توهان ٿورو بيهو ته توهان جو پيءُ اچي پوءِ توهان ان سان گڏجي وڃجو.“ ماءُ چيو.

”نه امان نه. اسان هينئر وينداسين بابا الائي ڪيڏي مهل ايندو. اسان کي تون وٺي هل.“ هن ضد ڪندي ماءُ کي چيو.

”مان توهان کي ڪيئن وٺي هلان. توهان جو پيءُ بس اچڻ وارو ئي هوندو.“ ماءُ دلاسو ڏيندي چيو.

”امان هو به پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏجي ويا آهن. تون به اسان کي وٺي هل نه.“ گڏي چيو.

”هو ڪير“ ماءُ پڇيو.

”امان هو اڪبر ۽ رضيه آهن نه اُهي پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏجي ويا آهن.“ هن چيو.

”توهان جي مرضي آهي ته مان به توهان کي وٺي هلان.“ ماءُ ٿورو کلندي چيو.

هو ٻئي جواب ۾ ڪنڌ کي لوڏيندي ها ڪن ٿا.

”نه پٽ مان توهان کي ڪيئن ٿي وٺي هلي سگهان. توهان جو پيءُ اچي ٿو پوءِ ان سان گڏجي وڃجو.“ ماءُ چيو.

ماءُ ٻارن کي ڇڏي وڃي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ۽ هو ٻئي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا.

”گڏي“ هو ڀيڻ کي سڏ ٿو ڪري.

”ڇا ادا“ گڏي پڇي ٿي.

”اڪبر ۽ رضيه جا پيءُ ماءُ ڪهڙا نه سٺا آهن. اسان جي امان ته اسان جو اصل چوڻ ئي ڪونه ٿي ڪري. جڏهن به ڪا شيءِ گهرندا آهيون ته چوندي آهي پيءُ کان وٺو. هاڻي بابا الائي ڪيڏي مهل ايندو. الائي وٺي هلندو يا نه“ هن ڀيڻ کان پڇيو.

”اڄ ڪجھ به ٿي پوي پر بابا کي ضرور راڻي باغ وٺي هلنداسين جيڪڏهن نه هلندو ته پوءِ اسان گڏجي ضد ڪنداسين پوءِ پاڻهي بابا تنگ ٿي پوندو ۽ اسان کي وٺي هلندو.“ گڏيءَ ڀاءُ کي چيو.

”ٺيڪ آ رڳو بابي کي اچڻ ڏي ڏس ته پاڻهي ڪيئن ٿو چوانس. پوءِ پاڻ به هلي راڻي باغ گهمنداسين. وڏا وڏا شينهن، ڀولڙا، باندر هاٿي ٻيا جانور به هلي ڏسنداسين! ها ته پوءِ اسان به اچي ٻين ڇوڪرن کي چونداسين ته اسان به راڻي باغ گهمي آيا آهيون. انهن کي سڀڪجھ ٻڌائينداسين.“ ڀاءُ ڀيڻ کي چيو.

هو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ پاڻ ۾ ويهي صلاحون ڪرڻ لڳا ۽ اهو پڪو ارادو ڪيائون ته بس رڳو بابا اچي ته اسان به راڻي باغ وينداسين. جيئن اڪبر ۽ رضيه اسان جي اڳيان اِهو نه چون ته توهان راڻي باغ ڏٺو ئي ڪونهي. هو اڃان پنهنجي ڳالهين ۾ لڳا پيا هئا ته ايتري ۾ سندس پيءُ اچي ٿو وڃي. هو ٻئي ڊوڙ پائي پيءُ کي ڦري ٿا وڃن.

پيءَ ٻارن کي ائين ڪندو ڏسي ٿورو عجب ۾ پئجي ٿو وڃي. ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ سندس ٻارن ڪڏهن به آفيس مان ايندي ائين نه ڪيو هو. هو ڪجھ پڇڻ کان اڳ ۾ ٻارن ڏانهن چتائي ٿو ڏسي ۽ پوءِ زال ڏانهن نهاري ٿو...

”مٿو اچي خراب ٿيو اٿن.“ زال مڙس کي چيو.

”ڇو خير ته آهي.“ پيءُ پڇيو.

”پاڙي وارا ٻار راڻي باغ گهمڻ ويا آهن سو هي به سوير کان وٺي منهنجو مٿو کائي ويا آهن ته اسان کي وٺي هل.“ ماءُ چيو.

پيءَ ٻارن ڏانهن ڏسي خاموش ٿي وڃي کٽ تي ويهي رهيو.

”بابا اسان کي وٺي هل.“ گڏيءَ پيءُ کي چيو.

”ها پٽ توهان ٿورو ترسو مان ڪپڙا بدلائي وٺان ته پوءِ توهان کي وٺي ٿو هلان.“ پيءَ چيو.

هو ڪپڙا بدلائي ماني کائڻ تي ويهي رهيو. ٻار پيءُ سان گڏ کٽ تي چڙهي ويهي رهيا. هو ٻئي خوشي وچان ماني به ڪونه ٿا کائين. بس رڳو انهيءَ خوشي ۾ ته بابا اسان کي گهمائڻ لاءِ راڻي باغ وٺي هلي.

پيءُ ماني کائي کٽ تي ليٽي پيو.

”بابا اٿي ته هلون.“ هن پيءَ کي چيو.

”ها پٽ هلون ٿا پر ٿورو ترسو. ڏسو هينئر ٿورو ڏينهن گرم آهي توهان به ننڊ ڪيو ۽ مان به ٿورو آرام ڪري وٺان ته پوءِ شام جو گڏجي هلنداسين.“

”بابا تنهنجي ننڊ به الائي ڪيڏي مهل پوري ٿيندي.“ گڏيءَ پيءُ کي چيو.

”اجهو ٿو ننڊ مان اٿان. تون ماءُ جي هنج ۾ سمهي پئو ۽ تون پٽ مون کي ٿورو پيرن کي زور ڏي ته مون کي جلدي ننڊ اچي ته پوءِ جلدي ننڊ مان اٿي وٺان.“ هن پٽ کي چيو.

هو خوشيءَ وچان پيءَ جي پيرن کي زور ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس ڀيڻ به پاسي ۾ بيٺي آهي. سندن پيءُ هروڀرو اکيون ٻوٽيون سمهي پيو. هو ٻئي پيءُ کي ڏسن ٿا ته ڪيڏي مهل بابا ٿو ننڊ مان اٿي. ايتري ۾ ٻاهر ڪلفي واري جو هوڪو آيو.

”امان مون کي پيسا ڏي ته مان ڪلفي وٺان.“ گڏي چيو.

ماءُ هن کي آڌيو ڏنو. هن به ڏسي ورتو ۽ پيسن جي گهر ڪئي.

”گڏي آڌيو کڻي وئي آهي. پائلي جي ڪلفي تون وٺ ۽ پائلي جي هن کي وٺي ڏي.“ هن پٽ کي چيو.

هو ٻئي ڊوڙپا ئي ڪلفي وٺڻ لاءِ ٻاهر هليا ويا. ٻارن جي وڃڻ کان پوءِ سندن پيءُ اکيون کولي کلڻ لڳو.

”اڄ منهنجي مرضي آ ته ٻارن کي گهمائي اچ.“ هن مڙس کي چيو.

هو پهريان دروازي ڏانهن ڏسي ٿو. ٻار اچن ته ڪونه ٿا!

”تون به ٻارن جي چوڻ تي اچي ٻار ٿي آهين. راڻي باغ گهمائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه رپيا ته کيسي ۾ هجن جو هنن کي گهمائي اچان.“ اتي رڳو هلي جانور ته ڪونه ڏسندا. کائڻ پيئڻ ۽ ڀاڙي لاءِ کيسي ۾ پيسا ضرور هجن.“ هن زال کي چيو.

”مڙيئي وڃي گهمائي ڦيرائي اچين. ضروري ناهي جو هروڀرو هر شيءِ وٺي ڏين.“ زال چيو.

”وري به ساڳي ڳالهه ڪيئي نه. مهانگائي چوٽ لڳي پئي آ، دوڪاندار جا اڃان چاليهه روپيا رهيل آهن. انهيءَ کان سواءِ روزانه ڀاڄي ڀتي الائي ڇا ڇا ٿو وٺڻو پوي. تون آهين جا بس! جيئن ٻار چون تيئن ڪجي.“ هن زال کي سمجھايو.

ٻاهر دروازي کان ٻارن جي اچڻ جو آواز آيو. هو يڪدم اکيون ٻوٽي سمهي پيو. ٻار پيءَ کي ننڊ ۾ ڏسي ماءُ کان پڇن ٿا: ”امان بابا اڃا ڪونه اٿيو... ماءُ ڪوبه جواب ڪونه ٿي ڏئي. هو ٻئي ڀيڻ ڀاءُ هڪٻئي کي ڏسن ٿا.

”گڏي تون بابا جي پيرن ۾ ڪتڪتايون ڪر ته بابا پاڻهي ننڊ مان اٿيندو.“ هن ڀيڻ کي آهستي آهستي چيو.

سندس آواز ماءُ ٻڌي ورتو. نه نه ننڊ مان نه اٿارجوس. توهان کي گهڙي کان پوءِ وٺي ويندو. ٻئي ٻار ماءُ جي منهن ۾ گهوري ڏسن ٿا. سندن چهري تي اُميدن جي آس ختم ٿي وئي هئي. هو ٻئي خاموش ٿي ويا.

”گڏي هلي آ تون سمهي پئو“ ماءُ هن کي سڏي پنهنجي هنج ۾ سمهاري ڇڏيو ۽ هو پنهنجي پيءُ جي ڀرسان پيرن ڀر بيٺو رهيو.

”ويهه پٽ جيڏي مهل اٿيو. توکي وٺي ويندو.“ ماءُ دلاسو ڏيندي چيو.

هو گهڙي کن وري اٿي بيهي ٿو رهي. هو اڳتي وڌي ماءُ جي ڀرسان بيهي ٿو رهي. سندس ماءُ کاڏيءَ کان وٺي ٿورو لوڏيس ٿي ته جيئن ٿورو کلي ڏئي.

”امان“

”جي پٽ“ ماءُ ٿورو مزاحيه انداز ۾ پڇيو.

”بابا کي اُٿار نه!“ هن چيو.

ماءُ چپ ڪري هن ڏانهن ڏسي ٿي.

”امان هاڻي اٿارينس نه ڪيڏي مهل هلندو.“ هن چيو. ”پاڻهي اٿندو ضد نه ڪر چپ ڪري ويهي رهه.“ ماءُ چيو.

گهڙيءَ کن کان پوءِ هن آهستي آهستي روئڻ شروع ڪيو. سندس روئڻ تي پيءَ کي ڪاوڙ لڳي ۽ ننڊ مان اٿي پيو. ڪاوڙ مان پٽ ڏانهن ڏسڻ لڳو. ”سوير کان وٺي مٿو کائي ويو آهي. اُٿ وڃي اچينس“ هن پنهنجي مڙس کي چيو.

ڪافي وقت گذري ويو هو. هو پنهنجي ضد تي قائم هو ته آءٌ ضرور اڄ راڻي باغ گهمڻ ويندس. هو يڪيءَ روئندو رهيو. سندس روئڻ تي پيءُ کي ڪاوڙ پئي لڳي کٽ تان اٿيو. هٿ منهن ڌوئي پٽ کي وٺي ٻاهر نڪتو. سج لهڻ ۾ به ڪجھ وقت باقي وڃي رهيو هو.

هو گهر کان پٽ کي وٺندو اڳتي آهستي آهستي هلندو رهيو. ڪٿي ڪو ڄاڻ سڃاڻ ماڻهو پئي مليس ته اتي هروڀرو بيهي ٿي رهيو. شهر جي هڪ گهٽي مان ٿي وري ٻئي گهٽيءَ ۾ ٿي گهڙيا ته جيئن سج لهي وڃي ۽ هن کي وٺي ائين ئي واپس گهر وٺي وڃان. هو اڳتي وڌيا ته ڪو ماڻهو ملي ويس. هو وري به هروڀرو ڳالهه کي وڌائي بيهي رهيو. سندس پٽ تنگ ٿي پيو ”بابا هل نه“

”ها هل ته هلون“ هو پٽ کي وٺي وري اڳتي وڌن ٿا. رستي تي هلندي هلندي پٽ پڇيو ”بابا اڃان راڻي باغ پري آهي.“

”ها پٽ اڃا اڌ پنڌ به ڪونه پورو ٿيو آهي.“

هو پنهنجي پٽ ڏانهن ڏسي ٿو. ٿڪجي ته ڪونه پيو آهي. پر هو اڃان خوشيءَ ۾ ڪونه ٿڪيو هو مٿان هو. مٿان سج به لهي چڪو هو شام ٿي وئي هئي.

”پٽ منهنجي صلاح آهي ته اڄ پاڻ کي ڪافي دير ٿي وئي آهي. ڏس اوندهه به ٿي وئي آهي. هاڻي راڻي باغ بند ٿي ويو هوندو. وري ڪنهن ٻئي ڏينهن تي توکي مان وٺي هلندس.“ هن پٽ کان پڇيو.

”نه بابا نه! اڄ ضرور مان هلندس.“ پٽ چيو.

”پٽ اُتي اوندهه هوندي. رات جو جانور ٻاهر نڪرندا آهن ماڻهن کي وجهندا آهن. هاڻي جيڪڏهن هلنداسين نه! ته هو اسان کي به کائي ڇڏيندا.“ هن پٽ کي ڊپ ڏياريندي چيو.

”نه بابا نه! ٻين ماڻهن کي ڪونه ٿا کائن باقي اسان کي ڪيئن کائيندا.“ پٽ چيو.

هن پنهنجي پٽ ڏانهن ڏٺو جيڪو اڃا تائين انهيءَ ڳالهه تي خوش پئي نظر آيو ته راڻي باغ ٿا هلون. هن دل ۾ سوچيو ته هن کي شهر مان گهمائيندو ڦرائيندو گهر وڃان هن شهر جي اولهه طرف وارو پاسو ورتو ۽ هڪ گهٽي ۾ ٿيندا اچي گهر جي ڀرسان پهتا. ڇوڪري جي نظر پنهنجي گهر تي پئجي وئي. هن زور سان پيءُ کي چيو ”بابا هي ته اسان پنهنجي گهر ۾ اچي پهتا آهيون.“

”ها پٽ اِهو اٿئي راڻي باغ“ پيءُ چيو.

سنڌي ادبي بورڊ پاران

ٻارن لاءِ دلچسپ ۽ نصيحت آموز ڪتاب ڇپجي چڪا آهن.

نمبر               ڪتاب جو نالو                                                 قيمت

1-                 شيطان جي نالي                                               00-1

2-         ٽي ديو يا راڪاس                                             25-1

3-                 عجيب طلسم                                                         25-1

4-         ٻه جاڙا ڀائر                                                             25-1

5-                 نيلو پکي                                                              00-1

6-                 وامق عذرا                                                              00-1

7-         شهزادي محبوب جي آکاڻي                   50-1

ڇا توهان اهي ڪتاب پڙهيا آهن؟

جي نه!!

ته اڄ ئي سنڌ جي هر هڪ بوڪ اسٽال تان خريد ڪريو يا سنڌي ادبي بورڊ بوڪ اسٽال ڄامشورو تان گهرائي ضرور پڙهو.

سوامي سگرامداس- آڏواڻي                                                         سائنس

ماکي ڪٿان اچي ٿي!

 

اهو ته سڀئي ڄاڻن ٿا ته ماکي هڪ بهترين غذا آهي. انهيءَ جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ پڻ آيل آهي. جديد سائنس پڻ ڪافي کوجنا ۽ تحقيقات کان پوءِ انهيءَ کي تمام سٺي غذا قرار ڏنو آهي. اسان جي جسم کي انهيءَ مان طاقت حاصل ٿئي ٿي. اها اسان کي سردي ۽ زڪام کان محفوظ رکي ٿي ۽ ٻارن لاءِ ته خاص طور تي فائديمند آهي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ سان جسم جي نشونما ٿئي ٿي.

توهان کي اهو پڙهي تعجب ضرور ٿيندو ته قديم انسان پڻ ماکيءَ جي فائدن کان واقف هو. هو ماکيءَ جون مکيون پڻ پاليندو هو. ليڪن اهو نه ڄاڻندو هو ته ماکي اچي ڪٿان ٿي.

قديم روم جا ماڻهو اهو سمجھندا هئا ته ماکي هوا کان اچي ٿي ۽ تارا انهيءَ جي ٺهڻ ۾ مدد ڏين ٿا. اهي اهو به چوندا هئا ته هڪ خاص تارو چمڪي ٿو ته ماکي بهترين ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن ڪوئي اهو چوندو هو ته ماکي گلن مان ٺهي ٿي ته اهي ماڻهو انهيءَ شخص کي بيوقوف ۽ ديوتائن کي نه مڃڻ وارو سمجھندا هئا ۽ ڊڄندا هئا ته متان ديوتا ناراض نه ٿي وڃن.

حقيقت اها آهي ته دنيا جا تمام قديم انسان ديوتائن تي يقين رکندا هئا ۽ هر شيءِ لاءِ انهن کي ئي ذميوار سمجھندا هئا. اهي انهن ديوتائن کان تمام گهڻو ڊڄندا هئا ۽ کين خوش رکڻ لاءِ طرح طرح جا جتن ڪندا هئا ۽ قربانيون به ڏيندا هئا.

هاڻي ته اسين اهو چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته ماکيءَ جي مک اها عمدي غذا اسان لاءِ گڏ ڪري ٿي. ليڪن هڪ ڳالهه اها به ياد رکڻ گهرجي ته گلن ۾ ماکي انهيءَ شڪل ۾ نه هوندي آهي جنهن شڪل ۾ اسين انهيءَ کي کائيندا آهيون. گلن ۾ ته پاڻيءَ جهڙو مٺو عرق ٿيندو آهي. جنهن کي ”نيڪٽر“ چوندا آهن. ماکيءَ جون مکيون انهيءَ نيڪٽر ۾ گلوڪوز يا قدرتي کنڊ ڪافي مقدار ۾ هوندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com