سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر ۽ نومبر 1978ع

باب: --

صفحو :9

شاهه صاحب اُنهن مارو ماڻهن، ٻڪرارن، پنهوارن کي دل سان هن ريت دعا ٿو ڪري، فرمائي ٿو ته:

تن وَهِين وڙهِيچن، سدائين سُڪارُ،

چونڊيو آڻين چاڙهين، سندو ڏؤنرن ڏارُ،

جن جو وڻن سين واپارُ،

سي ڏوٿي هُون نه ڏُٻرا.

اهڙيءَ طرح شاهه صاحب ڪورين جي ڪم جي به ساراهه ڪئي آهي. چوي ٿو ته ڪيئن نه ڪپڙو اُڻي هڪڙي هڪڙي تندَ ڳنڍي پوريءَ محبت سان ڪپڙو تيار ڪري ٿو. سندس ڪهڙو نه اوچو عظيم ڌنڌو آهي. سندس پورهئي ڪري ئي سڀڪو پاڻ کي ڍڪيو هلي. هو ڪيئن نه هٿ پير هلائي، پگهر وهائي پنهنجو ته گذر ڪري ٿو ته وري عوام جي به خدمت ڪري ٿو. هرهڪ تند سندس سار ۽ سنڀال هيٺ آهي. ڪا تند ڇڄي پوي ته اُميري ڏيئي اُن کي وري به ڳنڍي ٿو. لطيف سائين فرمائي ٿو ته ڳنڍڻ جو عظيم ڪم هلي ڪورين کان سکو. وري ڪپڙي سبڻ جي سُئيءَ جي ساراهه ۾ شاهه صاحب ڇيهه ڪري ڇڏيو آهي.

فرمائي ٿو ته:

پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون! سُئيءَ ساڻ،

ڍڪي اُگهاڙن کي؛ ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر چاٻي ڄاڻ، اِبِر جي او صاف کي.

هاريءَ لاءِ شاهه صاحب هرهنڌ بيان ڪيو آهي. هاري آهي ڄَڻُ ڏاتار جو ڀانڊار. ڇو ته ماڻهن ۽ مال جو گذارو آهي اَن ۾ گاهه تي. هاري اَنُ ۽ گاهه پوکي ٿو. سَرههَ ۽ ڄانڀو اُپائي ٿو. ڪپهه ڪمند پيدا ڪري ٿو. هاري نه هجي ته جهان جو سمورو ڪاروبار ڊهي پوي، پر هاريءَ کي گهرجي پاڻي. پاڻي به تڏهن موجود ٿيندو جڏهن وسڪارو ٿيندو، اُن وسڪاري ۾ هاري ڏاڍو خوش ٿيندو آهي. سارنگ کي ساريندي الله کي ٻاڏائيندو آهي؛ تڏهن سندن التجائون اگهامنديون آهن. ڀٽ ڌڻيءَ جي نظر ۾ هيئن آهي ته هارين ۽ نارين جي التجائن ۽ ٻاڏائڻ تي مولا جي مهر، مينهن جي صورت ۾ وسندي آهي. ۽ ائين وسڪارو ٿيندو آهي، جيئن هن بيت ۾ فرمائي ٿو ته:

”موٽي مانڊاڻن جي، ڀري ڪيائين ڀيڄ،

وڄون وسڻ آئيون، سارنگ چڙهيو سيڄ،

تَنهِن نوريون سڀ نوازيون،

ڏيئي ڏَهُوڻا ڏيجَ،

ٻجَ کڻي پَٽ هليا، هاريءَ منجهان هيج،

راضيءَ منجهان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.

مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب سڀني ڳالهين جو ذڪر ڪري ويو آهي ته مينهن پيو. خوشيون وڌي ويون، آسرا ۽ اُميدون جاڳي پيون، هاري زمين کيڙي، ٻج ڇَٽي اَن اُپائي سُکيا ٿيا آهن نه رڳو هاري ۽ سندن اولاد سکيا ٿيا آهن بلڪ سمورو عالم آسودو ٿيو آهي.

اهڙيءَ طرح ڀٽ ڌڻيءَ ڳائڻن، ڀَٽ فقيرن، مڱڻهارن، منگتن کي به نه وساريو آهي. هرهڪ جي ساراهه ڪئي اٿس، ڇو ته اُهي به ڪجهه نه ڪجهه مڙئي ڪم ڪن ٿا ۽ دنيا جي خدمت ڪن ٿا. اُن ڪري مالڪ کي پسند آهن، بيڪار انسان، جيڪو ٻين جي پورهئي ۽ ڪمائيءَ تي ڀاڙي ٿو تنهن کي به هدايت ڪئي اٿس. پينو فقيرن کي به چوي ٿو ته تون ٻين کان ڇو ٿو گهرين؟ پنهنجي همٿ ڪر. پوءِ ڏس ته هو مالڪ پنهنجي گنج مان توکي ڪيئن نه نوازي ٿو ڇڏي ۽ چوي ٿو ته:

مَڱُ تَنهِين کان مڱڻا! جو ڏهاڙي ٿو ڏي،

ڪوڙا دَرَ دنيا جا، جاجڪ مڱين جي،

سُڀان توهِين کي، موٽي ڏيندا مُنهن ۾.

شاهه صاحب فرمائي ٿو ته بيڪار بندي کان خدا به بيزار آهي. هُو ملڪ ۽ قوم لاءِ آزار آهي. نادار کي به همت ڏياري ٿو ۽ چويس ٿو ته اُٿُ! سندرو ٻڌَ، الله ۾ آسرو رک ۽ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيءُ. پوءِ ڏس ته تنهنجو ڌڻي ڪهڙو نه ڏاتار آهي. شاهه صاحب فرمائي ٿو:

جَنين ڏاندُ نه ٻج، تنين به تنهنجو آسرو.

پوءِ اُوڀارين سج، اول ڏِئين اُنِ کي.

ڀٽائي گهوٽ محنت جي تاڪيد ۾ ڪيترائي شعر چيا آهن، ليڪن هن مضمون جي طوالت جي سبب کان هت ايترو ئي بس آهي. آئون پنهنجي هن مضمون جو اختتام لاکيڻي لطيف جي هن بيت تي ڪريان ٿو:

”ويٺي وَرَ نه پون، سُتي مِلن نه سُپرين،

ڏورينديون ڏِسن، جڏهن تڏهن پِرينءَ کي.“

 

پاڇاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ،

ڍڪي اُگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،

ٻيهر ڄاپي ڄاڻ، ابر جي او صاف کي.

(شاهه)

 

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

اُنين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

(شاهه)

 

شفيق الرحمان ميمڻ، حيدرآباد

 

لطيف، پورهيتن جو شاعر

(ٽيون انعامي مضمون)

 سنڌ ۾ ڪيترائي خدا جا نيڪ ٻانها پيدا ٿيا، جن پنهنجي ڪلام ۾ انسانيت سان محبت ڪرڻ ۽ دوئي ۽ تعصب کي اندر مان ڪوري ڪڍڻ جو عالمگير پيغام ڏنو. هنن پنهنجي شاعريءَ ذريعي ڪاراڻ جي ڪٽ چڙهيل دلين ۽ ماڻهن جي ستل ضمير کي سجاڳ ڪيو. ڪلام جي تاثير ۽ زبان جي شيرينيءَ ۾ سندن ڪوبه مٽ نه هو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي عليہ رحة به انهن هستين مان هڪ عظيم المرتبت ۽ بزرگ هستي سمجهي وڃي ٿي. شاهه لطيف جو سڄو ڪلام 30 سُرن تي مشتمل آهي. جن ۾ هرهڪ شعر ۾ پورهيت طبقي جو پرچار ڪيو اٿن. شاهه صاحب ڪنهن به امير، خود مطلبي، لالچي، عياش ۽ بي شعور طبقي جي ترجماني ڪانه ڪئي آهي، پر هن پنهنجي ڪلام ۾ پورهئي، محنت، بردبادي، حيا، شرم، نياز ۽ نئڙت ۽ ٻين نيڪ جذبن کي ساراهيو آهي.

حضرت شاهه عبداللطيف جو مطالعو ۽ مشاهدو وسيع اقلبي جو مظهر عين آهي. شاهه صاحب جو ساز ۽ سرود غريب، مظلوم پورهيت انسان جو اول ۽ آخر سهارو تصور ڪجي ٿو. شاهه صاحب جو هرهڪ سُر، موتين جي مالها سان پوتل ۽ قرآني آيت مثل دل ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پنهنجي ”سر سسئي“ ۾ فرمائي ٿو:

وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري،

هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هڏهين هنجون هاري،

هت شاهه صاحب سسئي جي پنهون سان محبت، سچائي، نيڪ نيتي، همت ۽ پورهئي جو پرچار ڪري ٿو جيڪو سسئي کي مائٽاڻي ورثي کان حصي ۾ مليو هو.

لطيف سائين اڳتي هلي غيرتمند، پورهيت ۽ نگائتو ٿرواسي ڏسي ٿو ۽ مارئي جي همت، پورهئي، مظلوميت، قيد ۽ بند ۾ صبر ۽ شڪر ڪرڻ، حيا ۽ ڀرم ۽ شان رکڻ لاءِ ”سر مارئي“ ۾ هن طرح چوي ٿو:

جي همت گهاريم ڏينهڙا، وطن ري ويهي،

پوءِ مهڻا ڏيندم منهن ۾، ڏاڏاڻا ڏيئي،

پکن ۾ پيهي، شال محلن جي مرڌئان.

شاهه صاحب پورهيتن جو عظيم بين الاقوامي شاعر آهي. پاڻ پورهيتن، هارين، مزدورن ۽ ٻين محنت ڪشن کي سستي ۽ غفلت جي گَهري ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ جو چيو اٿن. کين محنت همت، پورهئي ۽ جدوجهد جو سبق ڏنو اٿن. جيئن پاڻ ”سر ڪوهياري“ ۾ فرمائين ٿا:

جڏهن سُتيون جي، پٿر پير ڊگها ڪري،

تڏهن تنين کي، ساٿ سٿي ئي ڇڏيو.

هت شاهه لطيف پورهيتن کي تنبيہ ڪري ٿو ۽ انهن کي خبردار ڪندي فرمائي ٿو ته جي توهان غفلت جي ننڊ ۾ سمهي رهيا ته پنهنجي زندگي اجائي وڃائي ڇڏيندا ۽ پنهنجي قوم تي بار بنجي ويندا.

”سر حسيني“ ۾ شاهه لطيف پورهيتن کي مخاطب ٿيندي هيئن فرمائي ٿو:

تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهه، ڪانهي ويل وهڻ جي،

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرينءَ جو.

واديءَ سنڌ جو سدا حيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح پورهيتن کي فرمائي ٿو ته توهان اگر دل و جان سان محنت ڪندا ۽ هر ڪم خوشيءَ پڪي ارادي، خود اعتمادي ۽ خدا جي ڀروسي تي ڪندا ته الله تعاليٰ به توهان جي مدد ڪندو ۽ ڪاميابي توهان جا قدم چمندي ۽ توهان پنهنجي مراد ماڻيندا. پاڻ ”سر ڏهر“ ۾ فرمائين ٿا.

ستا اُٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ملي.

سنڌو ماٿر جي شاعر، انسان ذات جي فلاح ۽ بهود لاءِ سونهري علمي ۽ ادبي ذخيرا پنهنجن بيتن ۾ سموئيا ۽ سهوڙيا آهن. جڏهن موسيقي جي ڌُن ۾ ان ڪلام کي چپن سان چوريون ٿا، تڏهن اهي نغما انسان جي روح کي بيدار ڪن ٿا. مرجهيل ۽ ڪوماڻيل دلين کي فقط انهن سازن مان سک جو سامان ميسر ٿئي ٿو.

شاهه صاحب اڳتي غور ۽ فڪر ڪرڻ لاءِ اسان کي هدايت ڏئي ٿو. پورهئي لاءِ همت ۽ بردباريءَ سان رات ڏينهن محنت ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو:

”سريمن ڪلياڻ“ ۾ فرمائي ٿو:

 

سُوريءَ سڏ ٿيو، ڪا هلندي جيڏيون،

وڃڻ تن پيو، نالو نينهه ڳنن جي.

سنڌ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ، اسان مان هرڪو جيڪڏهن جيجل ماءُ جي جهوليءَ ۾ جهاتي پائي، ننڍپڻ کان پلجي وڏي ٿيڻ وارو وقت ڏسي ته جيڪر سڄو سڌو سماءُ لهي سگهن ٿا. شاهه صاحب جيڪو پيغام پورهيت لاءِ ڏنو، تنهن کي مت جي منجهيل، نالي ۾ نهال ۽ خود ساخته اديبن عجيب ٺاهه ٺوهه سان غلط تشريح ڪئي ۽ پنهنجون قوتون اجائي لٻاڙ ۽ دروغ گوئي ۾ زيان ڪيون. افسوس! سائين کي غلط سمجهڻ لاءِ اڃا به خود غرض طبقو نت نوان ٺٺ ۽ نخرا وڏن مقالن تقريرن، تحريرن ۽ ڪتابن ۾ قلمبند ڪري رهيا آهن.

پر شاهه صاحب صاف ۽ چٽو چوي ٿو ته اي سنڌيو! مان اوهان کي زندگيءَ جو هرڪو درس ڏنو آهي. منهنجي پاڪ ۽ ظاهر رسالي جو لفظ به لفظ، پورهيت جي آواز جو نغمو آهي، جنهن جي چنگ چورڻ سان مظلوم ۽ ستم زده پورهيتن ۾ جان بنجي وڃي ٿي.

شاهه صاحب ”سر کاهوڙي“ ۾ چوي ٿو:

سک نه ستا، ڪڏهن کڙ ڪڻا لاهي،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين ان پنڌ جو.

شاهه صاحب جو هرهڪ بيت ۽ سُر انسان لاءِ هدايت جو ”دستور العمل“ آهي. سنڌ جي ڪوهستان، اتر، وچولو، لاڙ ۽ ٿر وغيره علائقن جو شاهه صاحب تفصيلي جائزو وٺي هرهڪ ڳوٺاڻي جي زندگي جو عڪس چٽيو آهي، شاهه صاحب جو سير ۽ سياحت ڪرڻ فقط مسڪين، مظلوم ۽ پورهيت جو حال احوال وٺڻ لاءِ اچي ٿو.

وقت جي ظالم ۽ جابر حڪمرانن جون غريبن ۽ اٻوجهن سان جيڪي ڪارروايون ٿيون؛ سائينءَ انهن مڙني ڳالهين جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ پنهنجي سٻاجهڙي ٻوليءَ ۾ شاعريءَ جي شڪل ۾ قلمبند ڪيو آهي.

شاهه صاحب ”سر سهڻي“ ۾ فرمائي ٿو:

گهڙو ڀڳو منڌ مئي، وسيلا سڀ ويا،

تهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.

شاهه صاحب اڳتي وڌيڪ ”سر رامڪلي“ ۾ غريب جوڳين ۽ سنياسين جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

نانگن ڪين نمائيو، ناٿ نمائيو نيند،

مڙن اُٺا مينهن، جوڳيان سندي ذات سين.

حضرت مرشد عاشق ” سر ڪاموڏ“ ۾ مسڪينن ۽ پورهيت جي نشاندهي ڪندي چوي ٿو ته:

گند جنين جي گوڏ ۾، پاٻوڙا پوشاڪ،

انين جي اوطاق، راجا ريجهي آئيو.

شاهه صاحب غريب، پورهيت مورڙي فقير جو ذڪر ڪندي. ”سر گهاتو“ ۾ کيس مانگر مڇ مارڻ تي آفرين ۽ شاباس ڏي ٿو.

 

اڄ پڻ اتر پار ڏي، تاڙي ڪي تنوار،

هارين هر سنباهيا، سرها ٿئا سنگهار،

اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا.

(شاهه)

 

نتيجو بنا عنوان-1

 

ماهه جولاءِ 1978ع جي پرچي ۾ مسٽر اڪبر جسڪاڻيءَ جي ڪهاڻي ڏني ويئي هئي. جنهن جو عنوان، ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. ان سلسلي ۾ ٻارن جنهن دلچسپيءَ ۽ سرگرميءَ جو مظاهرو ڪيو آهي، ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ٻارن ۾ هن ڪالم لاءِ تمام گهڻو چاهه آهي. پهتل عنوانن مان ججن. جن فيصلي مطابق اشفاق احمد، اٻاوڙو ضلع سکر جو عنوان ”ڪارا هٿ، اجر ومن“ پهريون نمبر آيو. کيس گهرجي ته پنهنجي ائڊريس موڪلي پنهنجو انعام ويهن روپين جا ڪتاب گهرائي وٺي. ان کان سواءِ هيٺان عنوان به پسند آيا:

ٻاهر گل گلاب جا اندر بنهه فولاد، اهڙا هاڃا ٿين، رات ويندي کٽي، ڏات ناهي ذات، ڏکن پٺيان سک، گل ۽ ڪنڊا، تتيءَ ٿڌي ڪاهه، بوٽ پالش، گلن جهڙا ٻارڙا، ڪنڊن جئن نپجن، هڪ سج ٻه پاڇا، نيٺ صبح ٿيندو ۽ لڱ جنهن جا لوهه.

جن ٻارن هن ڪالم ۾ حصو ورتو آهي، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا. جن ٻارن پنهنجي عنوان هيٺان نالو نه لکيو آهي، اهي عنوان رد ڪيا ويا آهن. عنوان لکڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ اٺاس پني جو ڪتب آڻيو. ننڍڙيون چٽڪيون يا سلپون گم ٿي سگهن ٿيون. ان کان سواءِ عنوان واري پني تي ٻيو ڪجهه نه لکو. رسالي جو مهينو، عنوان ۽ هيٺان نالو ۽ پورو پتو لکو:

سوڀراج مل شهدادپور، الطاف سومرو داد لغاري، ظفر الله ميمڻ کهڙا، سيد ظهير عباس حيدرآباد، غلام سرور قاضي احمد، ارشاد علي دايو راڻيپور، عبدالستار ڏيپر مٺياڻي، آسن داس ٿاڻو بولاخان، غلام حيدر چانڊيو ٽنڊو ڄام، ذوالفقار علي چانڊيو ٽنڊو ڄام، لياقت علي گهانگهرو رتوديرو، جاويد عمراڻي حيدرآباد. مشتاق علي خاصخيلي ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي، ڪشور ڪمار ڪنڌڪوٽ، الهداد بروهي رتوديرو، ظهير احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان، محمد ادريس جتوئي ٺوڙها شريف، عبدالعزيز ڪنڌڪوٽ، گيانچند واڌواڻي جيڪب آباد، نياز علي جيڪب آباد. محمد اسلم آخوند هالا، ممتاز علي سومرو شڪارپور، رضا محمد چانڊيو ٽنڊو ڄام، زاهد شيخ لاڙڪاڻو، وحد احمد لاڙڪ ڳوٺ موليڏنو لاڙڪ، علي محمد ميمڻ هالا، محمد ياسين چانڊيو ٽنڊو ڄام، سڪندر علي چانڊيو ٽنڊو ڄام، امير محمد ميمڻ ڏيپلو، شير احمد چاڪي، محمد ادريس سومرو ڳوٺ چنيهاڻي. غياث الدين ڀٽو قمبر، نثار احمد کٽياڻ ڳوٺ حيدر چانڊيو، مسعود احمد چنا ٽنڊو آدم، شبانه مريم يوسفاڻي ٽنڊو آدم، منور عالم انصاري ڪراچي، محمد عمر ميمڻ کهڙا، منير احمد ڳوٺ ڄڄڙا، محمد وريل ميمڻ هالا، عزيز الله شيخ نصير آباد، منظور مرتضيٰ بلوچ ڳوٺ حاجي ولي محمد لغاري، اڪبر عباسي ميهڙ، اندر لعل شهدادڪوٽ، ياسر عرفان ميمڻ ڏيپلو، شهناز اختر هالا، ڀڳوانداس وارهه، محمد سليمان ڇٽو سٺ ميل، ارجن ڪمار ٽنڊو آدم. غلام مرتضيٰ ٺل، علي اصغر ڳوٺ حاجي ڪمال خان، مهتاب احمد فهيم حيدرآباد، صفيه سلطانه نواب شاهه، ڏاڏ بلوچ ڳوٺ ٿوهي، رياض احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان، محمد اسحاق شيخ ميهڙ، جبرائيل احمد ٽنڊوباگو، وسيم احمد مغل نواب شاهه، غلام مرتضيٰ سنڌي، شفيق الرحمان ميمڻ، ڏيپلو، غلام حسين شيخ لاڙڪاڻو. عبداللطيف ملاح ڳوٺ موليڏنو ملاح، منير احمد ڇڄڙو قمبر. احسان الله شيخ هالا، ثناء الله شيخ هالا، علي اڪبر ابڙو هالا، موهن لعل ٽنڊو آدم، فياض علي سومرو حيدرآباد، هادي بخش عباسي محبت ديرو، جتوئي اعجاز احمد سومرو قمبر، محسن علي رانجهائي ٽنڊو آدم، محمد علي سهتو حيدرآباد، امتياز احمد ميمڻ هالا، ديدار حسين شر ڳوٺ فتح علي شر، نادر علي شاهه درازا شريف، شفيق احمد ميمڻ ٽنڊو محمد خان، ارشد حسين شيخ نواب شاهه، سهيل عباسي محبت ديرو جتوئي، غلام سرور سومرو ڳوٺ صوڀو ديرو، الطاف حسين سرهيو. لاڙڪاڻو، عطاالله جاويد ابڙو هالا، امتياز شوڪت ابڙو هالا، فرزانه شوڪت ابڙو هالا، جيئل داس وارهه، غلام نبي سومرو صوڀو ديرو، رميش ڪمار ڊگهڙي، نور محمد عباسي دادو، منظور حسين شاهبندر، رفيق رحمان ميمڻ ٽنڊو آدم. سعيد احمد عباسي دادو، شبير احمد ڀٽو رتو ديرو، گيانچند سٺ ميل، آصف امين. ڏيپلو، نياز احمد ملاراڻي ڏيپلو، نياز احمد ملاح ملاراڻي، خليل احمد چانڊيو خيرپورناٿن شاهه، واسديو ملاڻي شهدادپور، محمد صديق هنڱورجو ڍليار، نياز احمد ڏهر ڳڙهي ياسين، رشيده پروين ڳڙهي ياسين، چيتنداس کتري ٿاڻو بولاخان، ڪارامنگلم ٿاڻو بولاخان، جان محمد چانڊيو ٽنڊوڄام، ممتاز علي چانڊيو ٽنڊو ڄام، ارباب علي لاڙڪ درٻيلو، احسان الله گهوٽڪي، نذير احمد ميمڻ مٽياري، سروانند قادرپور، محب الله علياڻي روشن آباد، محمد سڄڻ روشن آباد، محراب خان روشن آباد، گل محمد علياڻي روشن آباد، ارشاد احمد ميمڻ ڀريا شهر، گلزار سومرو سکر، غلام رسول سوهو ميرپور بٺورو، سڪندر ذوالقرنين محراب پور، محمد شعيب جلباڻي رتوديرو، حضور بخش دادو، محمد عرس شيخ قمبر، سرور شاهه درازا شريف، عبدالله شيخ قمبر، منظور احمد شيخ قمبر، سعيد احمد شيخ قمبر، شفيع محمد شيخ قمبر، عبدالقادر شيخ قمبر، منير احمد شيخ قمبر، عزيز احمد جلباڻي رتوديرو، سجاد شيخ قمبر، عبدالخالق قمبر، برج لال قمبر، اشفاق احمد اٻاوڙو، شفيق احمد پٺاڻ ڳڙهي ياسين، خادم حسين شيخ ڪڍڻ، امر لعل دوداڻي لاڙڪاڻو، فضل الاهي ميمڻ ڏيپلو، محمد اياز ميمڻ نوشهروفيروز، عبدالله سهتو حيدرآباد، منصور گوپانگ لاڙڪاڻو، عبدالغني شيخ لاڙڪاڻو، عبدالواحد ڀٽو لاڙڪاڻو، جعفر خان روشن آباد، گل افشان شڪارپور، محمد فاروق ميمڻ ڏيپلو، زاهد علي شاهه تلهار، عبدالغني ڪنڀر ڳوٺ عرس ڪالرو، بخشل خان راڌڻ، امر عباسي ڪنڊيارو، ظفرالدين عباسي ڪنڊيارو، عبدالغفور عباسي ڪنڊيارو، ناز عباسي ڪنڊيارو، شهاب الدين عباسي ڪنڊيارو، غلام نبي لاڏيون، رخسانه سومرو سکر، محمد رفيق ميمڻ حيدرآباد، فدا حسين شاهه مٽياري، عبدالغفور راڄپرنئي باڊهه، اختيار حسين ميمڻ کهڙا، نثار احمد دايو لاڙڪاڻو، ذوالفقار نواب شاهه، زبيده ناز ڄامشورو، نبي بخش شورو ڄام شورو، خورشيد بانو صوڀو ديرو، الطاف حسين لنڊ دادو، محمد نواز دادو، مير محمد بلوچ ڳوٺ دولت لغاري، ممتاز علي سولنگي ڪنڊيارو، منظور قادر ميمڻ ڏيپلو، ضياء الرب قريشي دادو، سعيد اختر لوهار ٽنڊوباگو، واحد بخش جوکيو ڳوٺ لڌو خان، تاج محمد لاڙڪ درٻيلو، ذوالفقار علي لاڙڪ ٺارو شاهه، گل همزو چوهاڻ دڙو، يوسف حيدر شيخ ڪنڌڪوٽ، صابر انصاري ڪنڌڪوٽ، رخشنده سلطانه ٽنڊوباگو؛ مختيار احمد ميمڻ ڏيپلو، جاويد اقبال ڏيپلو، نعيم اختر ڏيپلو، طاهر علي ميمڻ ڏيپلو، پرڪاش راءِ راڄوخاناڻي، شوڪت حسين ميمڻ سڪرنڊ، فيروز احمد دادو، غلام رسول شاهه بگهاڙ موري، ڀوڄراج جيڪب آباد، دادو راڄپر نئين باڊهه، فياض احمد ٽالپر ميرپورخاص، رضل چانڊيو ٽنڊوڄام، ذاڪر حسين جاتي، اختر حسين گهانگهرو رتوديرو، پرويز احمد دادو، دولت رام ٽنڊوباگو، گل محمد پاٽولي حيدرآباد، علي اصغر قريشي دادو، غلام مصطفيٰ ميمڻ گمبٽ، موهن لعل هرچنداڻي عمرڪوٽ، واسو مل نيو سعيد آباد، عبدالحفيظ ڪنڀر رمضان ڪالرو، ديپڪ ڪمار راڌڻ، اظهر حسين خواجه ٽنڊو محمد خان، عبدالوهاب سومرو رتوديرو، جئه پرڪاش زاهد حسين نواب شاهه، منير احمد سومرو شاهه پور چاڪر، شفيع محمد پيارو ڳوٺ، جاويد اسلام ٽنڊوباگو، واحد بخش عباسي محبت ديرو، احمد بخش عباسي محبت ديرو، انور الدين محبت ديرو، ارشاد علي عباسي محبت ديرو، لياقت علي عباسي محبت ديرو، امام بخش عباسي محبت ديرو، انور علي ملير، اختيار صوڀو ديرو، محمد ياسين عباسي صوڀوديرو، فهيمده قريشي سڪرنڊ، نيڪ محمد ڳوٺ پٺاڻ، محمد بخش شيخ ڳوٺ پٺاڻ، رميش ڪمار شهدادپور، ڪشور ڪمار شهدادپور، اشوڪ ڪمار شهدادپور، ڪنيا لال شهدادپور، ٽهلرام شهدادپور، روپچند شهدادپور، امام علي شاهه تلهار، الهه ڏنو مڱڻهار جهڏو، اشوڪ ڪمار ڏيپلو، منظور احمد لغاري ٽنڊوباگو، هيرا لال شادي پلي ۽ ڀوڄن داس اوٻاوڙو.

مون ساريندي سپرين، اچين جي تون هاڻ،

ڪريان روح رهاڻ، لڪن منجهه لطيف چئي.

(شاهه)

هنن سان ملو

 

1500 نالو: محمد يحييٰ

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 10 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ راند کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول نظاماڻي محلو خيرپور ميرس.

1501 نالو: گل شير ڪاڪا

پڙهندڙ: نائون

عمر: 16 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀليڏنو ڪاڪا تعلقو هالا.

1502 نالو: صفدر علي سومرو

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 12 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: حڪيم محمد عارف هاٿي در اندر شڪارپور.

1503 نالو: حبيب الله ڪنگراڻي

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 16 سال

وندر: ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: سڪندر علي سومرو ٻيڙي مرچنٽ جوهي.

1504 نالو: محمد رحيم

پڙهندڙ: چوٿون

وندر: اسڪول جو ڪم ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول پيرو فقير شورو، ٽنڊو آدم.

1505 نالو: محمد حيات

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 14 سال

وندر: چٿر ڪرڻ، قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: عاجز ٿهيم ماما پان هائوس لطيف گيٽ ٻيراني روڊ ٽنڊو آدم.

1506 نالو: احمد خان ٿهيم

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 11 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس:؛ ماما پان هائوس، لطيف گيٽ ٽنڊو آدم.

1507 نالو: ذوالفقار علي باگاڻي

پڙهندڙ: ڇهون

عمر: 11 سال

وندر: راند ڪرڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولت پور صفن ضلعو نواب شاهه.

1508 نالو: ابرار احمد مجيداڻو

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 13 سال

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

ائڊريس: محمد ابراهيم سومرو ڪيبين هائوس تعلقو ٽنڊوالهيار.

1509 نالو: عطا محمد ميمڻ،

عمر: 16 سال

پڙهندڙ: نائون

وندر: رسالو گل ڦل ۽ اخبارون پڙهڻ ۽ ٻارن جي تنظيمن ۾ حصو وٺڻ

ائڊريس: محمد عرس ڪول ڪارنر يثرب ڪالوني حسين آباد (گدو) حيدرآباد سنڌ.

1510 نالو: غلام مصطفيٰ جسڪاڻي

پڙهندڙ: نائون

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: ستار پيٽروليم سروس. ٽنڊوالهيار.

1511 نالو: خليل الله لاکو

پڙهندڙ: ڇهون

عمر: 10 سال

وندر: گل ڦل رسالو پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول دولتپور صفن.

1512 نالو: راهب علي ڳنڀرو

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 14 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: بهار سائيڪل ورڪس، خيرپورميرس.

1513 نالو: عبداللطيف ٻرڙو

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 14 سال

وندر: اخبارون ۽ رسالا پڙهڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس جاني ٻرڙو خيرپور ميرس.

1514 نالو: عبدالستار مجيداڻو

پڙهندڙ: نائون

عمر: 16 سال

وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ ۽ قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: محمد ابراهيم سومرو ڪئبن هائوس، نصرپور ٽنڊوالهيار.

1515 نالو: نور محمد گهانگهرو

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 15 سال

وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ

ائڊريس: پوسٽ آفيس ڪنڌرا ڳوٺ آلجهه ضلع سکر.

1516 نالو: علي گوهر ٻرڙو

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 14 سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: علي انور ٻرڙو ڪاٽن سليڪٽر ٽيڪسٽائيل ملز، لقمان ڪواٽر نمبر 12 خيرپور ميرس.

1517 نالو: الهداد ٻرڙو

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 15 سال

وندر: ريڊيو تان پروگرام ٻڌڻ

ائڊريس: لطيف ڏنو ٻرڙو سينٽ فيڪٽري ورڪس روهڙي.

1518 نالو: محمد علي ميمڻ

پڙهندڙ: پهريون

وندر: ٻارن سان راند ڪرڻ

عمر: 8 سال

ائڊريس: گورنمينٽ پرائمري اسڪول، فقير ڪالوني ڏيپلو.

1519 نالو: فاروق احمد

پڙهندڙ: ڇهون

عمر: 12 سال

وندر: قلمي دوستي رکڻ

ائڊريس: قاضي شاهه محمد نظاماڻي ٽنڊوقيصر.

1520 نالو: علي اڪبر شاهه جيلاني

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 14 سال

وندر: انگلش پڙهڻ، ۽ خطن جا جواب ڏيڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ٽنڊوالهيار.

1521 نالو: محمد انور

پڙهندڙ: چوٿون

عمر: 10 سال

وندر: فٽ بال کيڏڻ

ائڊريس: حاجي مراد ميمڻ، ڳوٺ ملير ڪينٽ ڪراچي نمبر9.

1522 نالو: اعجاز احمد ميمڻ

پڙهندڙ: ٻيو

وندر: ٻارن سان راند ڪرڻ

عمر: 10 سال

ائڊريس: اعجاز علي ميمڻ، گورنمينٽ پرائمري اسڪول فقير ڪالوني ڏيپلو.

1523 نالو: ارشاد احمد ميمڻ

پڙهندڙ: اٺون

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ

عمر: 14 سال

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڀريا شهر.

1524 نالو: محمد خان بلوچ

پڙهندڙ: نائون

عمر: 12 سال

ائڊريس: تعلقو سيوهڻ ضلعو دادو.

1525 نالو: محمد صديق

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: 15 سال

وندر: رسالن سان دلچسپي رکڻ

ائڊريس: پوسٽ جاتي ضلعو ٺٽو.

1526 نالو: محمد پريل عباسي

پڙهندڙ: پنجون

عمر: 12 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: معرفت ظفر علي سومرو پوسٽ ڳاڙهي موري ضلعو خيرپورميرس.

1527 نالو: نياز احمد ڏهر

پڙهندڙ: ستون

عمر: ڏهه سال

وندر: مصوري ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڳڙهي ياسين.

1528 نالو: رستم علي پنهور

پڙهندڙ: ڏهون

وندر: گل ڦل پڙهڻ

عمر: پندرهن سال

ائڊريس: محمد پنهور ڪريانه مرچنٽ شاهي بازار ڦلجي اسٽيشن ضلعو دادو.

1529 نالو: پرويز احمد کوکر

پڙهندڙ: ستون

عمر: ٻارهن سال

وندر: لغڙ اڏائڻ يا پڙهڻ

ائڊريس: غلام نبي کهرو. سميجو گهٽي جڳت آباد دادو.

1530 نالو: حضور بخش پياسي

پڙهندڙ: نائون

عمر: 11 سال وندر: شاعري ڪرڻ پڙهڻ

ائڊريس: گورنمينٽ ووڪيشئنل انسٽيٽيوٽ فار بوائز دادو.

1531 نالو: گل محمد پاٽولي

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 12 سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: 1613/4/اي پاٽولي محلو، فقير جو پڙ حيدرآباد.

1532 نالو: تاراچند بيوس

پڙهندڙ: ڏهون

وندر: پڙهڻ سان چاهه

عمر: پندرهن سال

ائڊريس: ٻارڙا پبليڪيشن عمرڪوٽ.

1533 نالو: علي احمد پپو شورو

پڙهندڙ: ڇهون

عمر: يارهن سال

وندر: تعليم حاصل ڪرڻ

ائڊريس: فداحسين شورو، ميرپور بٺورو.

1534 نالو: نياز احمد شاهه بخاري

پڙهندڙ: اٺون

عمر: چوڏهن سال

وندر: جوڊو ڪراٽو کيڏڻ

ائڊريس: گورنمينٽ سنڌ ماڊل اسڪول اسٽيشن روڊ ٽنڊوالهيار.

1535 نالو: غلام علي ”گل“ ميمڻ

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: پندرهن سال

وندر: گل ڦل پڙهڻ

ائڊريس: گهر نمبر 208/13 بوٽ بازار شڪارپور.

1536 نالو: الهڏنو ميمڻ

پڙهندڙ: ڏهون

عمر: سترهن سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: بوٽ بازار شڪارپور.

1337 نالو: اخلاق احمد سرهندي

پڙهندڙ: نائون

عمر: چوڏهن سال

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

ائڊريس: حاجي فقير الله هزاري در علوي محلو شڪارپور سنڌ.

1538 نالو: روشن علي ميمڻ

پڙهندڙ: نائون

عمر: 14 سال

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ

ائڊريس: حاجي فقيرالله شاهه هزاري در علوي محلو شڪارپور.

1539 نالو: افتخار احمد

پڙهندڙ: اٺون

عمر: تيرهن سال

وندر: رسالا پڙهڻ

ائڊريس: قاضي عابد پرائمري اسڪول ويجهو اوڊين سئنيما حيدرآباد.

1540 نالو: يار محمد ڪانڌڙو

پڙهندڙ: اٺون

عمر: 12 سال

وندر: نماز پڙهڻ

ائڊريس: معرفت عبدالغفور راڄپر گودڙا گلي نئين باڊهه.

1541 نالو: پهلاج رائپال

پڙهندڙ: ٽيون

عمر: ڏهه سال

وندر: غريبن جي مدد ڪرڻ

ائڊريس: پرائمري اسڪول خانپور مهر.

 

ٻارن جي اخبار

 

بجليءَ تي هلندڙ موٽر

موٽرن ۾ پيٽرول جي خرچ کان بچائڻ لاءِ سويڊن ملڪ جي سائنسدانن هڪ ننڍي گاڏي ٺاهي آهي جيڪا سج جي ڪرڻن مان حاصل ٿيندڙ طاقت تي هلي ٿي، ان ۾ پيٽرول جي ضرورت ڪانه آهي. ان موٽر جي ڇت ۾ ننڍيون بيٽريون لڳل آهن جيڪي سج مان طاقت حاصل ڪن ٿيون ۽ ان مان بجلي پيدا ٿي سگهي ٿي، جنهن سان موٽر هلي ٿي. اُس ۾ انهن بيٽرين ۾ هڪ سؤ چاليهه والٽ بجلي پيدا ٿئي ٿي. ان موٽر ۾ ٻي خوبي اها آهي جو ان جي هلڻ سان نه دونهون ٿئي ٿو ۽ نڪي آواز.

 

رات ۾ سج جي روشني

آسٽريليا جي سائنسدانن، رياست تسمانيه جي گاديءَ واري هنڌ ”هوبارٽ“ جي ويجهو ڊرو وينيٽ دريا جي ڇوڙ وٽ، هڪ لائيٽ هائوس ٺاهيو آهي، جنهن ۾ سج جي ڪرڻن مان طاقت حاصل ڪندڙ بيٽريون استعمال ڪيون وڃن ٿيون. رات ٿيڻ شرط، ان مناري جو مٿيون حصو ايڏي روشني ڏئي ٿو جو سج جو گمان ٿئي ٿو. اها روشني 7ء 71 ڪلوميٽر جي پنڌ تائين ڪم ڏيئي سگهي ٿي.

 

ڳالهائيندڙ دٻو

 

گهڻو ڪري اڪيلو ماڻهو ڪڪ ٿي پوندو آهي ۽ چاهيندو آهي ته ڪنهن سان ڳالهيون ڪريان يا ان کان ٻڌان. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ اولهه جرمنيءَ جي سائنسدانن هڪ دٻو ٺاهيو آهي جو ماڻهن کي انتظار ڪرڻ ۽ ڪڪ ٿيڻ کان بچايو ڇڏي. ڳالهائيندڙ دٻو، ماڻهن کي خوش رکڻ لاءِ فرمائشي گانا، سنگيت، حياتي بابت اڳڪٿيون. انساني حقن، سياسي حالتن، ملڪي ترقيءَ لاءِ رٿائن کان سواءِ هڪ سٺي شهري جي فرضن تي به سٺي ۽ مفيد ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهين اوهان ڪنهن بس اسٽاب تي بس جو انتظار ڪري ڪڪ ٿي پوندا ته اهو ڳالهائيندڙ دٻو اوهان کي وندرائيندو.

 

کير ڏيندڙ وڻ

آمريڪا ۾ هڪ اهڙي وڻ جو پتو پيو آهي، جيڪو کير ڏي ٿو. اهو وڻ اٽڪل هڪ سؤ فوٽ ڊگهو آهي. جڏهين ان مان کير وٺڻو هوندو آهي ته سندس ٿڙ ۾ ٽنگ ڪري هيٺان ٿانءُ رکي ڇڏبو آهي، ٿڙ مان ٽيپا ٽيپا ٿي کير ٿانءَ ۾ پوندو ويندو آهي. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اصلي کير جي جاءِ تي وڻ جو کير واپرائڻ ۾ ڪو به نقصان ڪونهي.

 

سامونڊي گاڏي

 

انگلنڊ جي مشهور سامونڊي جهاز ٺاهيندڙ اداري ڪيمل ليٽرڊ هڪ گاڏي ٺاهي آهي جا سمنڊ جي تري ۾ ڦيٿن تي هلي سگهي ٿي، ان ۾ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ننڍڙو پاور هائوس ۽ سائنسي خبرچار جا اوزار ۽ ٽٻيون هئڻ جو پورو بندوبست آهي. اها گاڏي ڪنهن به وڏي جهاز تان سمنڊ ۾ لاهي سگهجي ٿي. ان کان پوءِ ان جهاز سان سندس ناتو هروقت قائم رهي ٿو جيئن هنگامي حالتن ۾ کيس مدد پهچائي سگهجي. ان سامونڊيءَ گاڏيءَ ۾ رهي، سمنڊ بابت تحقيقاتي ڪم به ڪري سگهجي ٿو.

 

ريڊيو ٽيليفون

آمريڪا جي بيل ٽيليفون ليبارٽريءَ هڪ اهڙو عجيب و غريب ۽ هلڪو ٽيليفون ايجاد ڪيو آهي، جنهن کي سولائيءَ سان کيسي ۾ رکي سگهجي ٿو. اهو ٽيليفون روايتي تارن جي جهنجهٽ کان آزاد آهي، مگر هلندي يا ڪٿي به ان ٽيليفون سان، ڪهڙي به نمبر تي ڳالهائي سگهجي ٿو. اهو ريڊيو ٽرانسسٽر جي اصول تي جڙيل آهي. ان ۾ ڊائناميٽڪ نظام ڪتب آندل آهي. جنهن سان هزارين ڪال هڪ ئي وقت ڪري سگهجن ٿا.

 

هڪ سير جو ٻار

جپان ۾ هڪ اهڙي ٻار جي سالگرهه ملهائي وئي آهي، جنهن جو وزن هڪ سير آهي. اهو پنهنجي پنجن جاڙن ڀائرن ڀينرن مان هڪ آهي. ان خبر کي جپان ۾ وڏي اهميت ڏني ويئي، ۽ ان کي سال جي ڏهن مکيه خبرن مان هڪ ڄاڻايو ويو هو. ڄمڻ وقت اهو ٻار ايڏڙو ننڍڙو ۽ پتڪڙو هو جو هٿ جي تريءَ تي سولائي سان اچي سگهيو ٿي. انهن پنجن ٻارن هڪ سال جيئرو رهي ثابت ڪيو آهي ته سٺي پرگهور لهڻ سان وقت کان اڳ ڄاول گهٽ وزن وارا ٻار به جيئرا رهي سگهن ٿا.

 

ننڍو ۽ وڏو ڳوٺ

فرانس جي هڪ تمام ننڍڙي ڳوٺ جو نالو ”لا“ آهي، جنهن ۾ رڳو 43 ماڻهو رهن ٿا. جڏهن ته ان ساڳئي ملڪ جي ”نارٿ ويلبن“ ۾ ٻيو ڳوٺ آهي. جنهن جو نالو تمام وڏو آهي. ان ڳوٺ جو ارڙهن اکرن وارو نالو لکڻ لاءِ اوڻيهه فوٽ ڊگهي بورڊ جو کپ پيو جيڪو ريلوي اسٽيشن تي لڳايو ويو آهي، جتي هر سال سير و سفر تي ايندڙ ماڻهن کي هڪ لک ٽڪيٽون وڪيون وينديون آهن.

 

جاڳڻ منجهان جس، آهي ادا تنهن کي،

لاهي جو لطيف چئي، مٿان قلب ڪس،

ورنهن ڪجان وس، صبح ساڻ سيد چئي.

(شاهه)

 

اوهان جو امتحان

 

 [نوٽ: ماهه آگسٽ جي پرچي ۾ ڪوپن موڪلڻ جي تاريخ 2 سيپٽمبر مقرر ڪيل هئي، پر گل ڦل دير سان شايع ٿيڻ ۽ عيد جون موڪلون هجڻ ڪري 17 سيپٽمبر تائين آيل سمورا ڪوپن مقابلي ۾ شريڪ ڪيا ويا آهن.  - ايڊيٽر]

 

امتحان نمبر-40

هڪ ماڻهو 5760 روپيا ٽن پٽن ۾ اهڙيءَ طرح ورهائي ٿو جيئن هڪڙي پٽ پنهنجي حصي جو اڌ خيرات ڪيو ۽ ٻئي ٽيون حصو ۽ ٽئين چوٿون حصو خيرات ڪيو ته سڀني جي خيرات جي رقم هڪ جيتري ٿي پيئي. ٻڌايو ته نمبروار هرهڪ پٽ کي سندس حصي ۾ ڇا مليو هو؟

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 24 نومبر 1978ع آهي. ان تاريخ کان پوءِ پهچندڙ جواب رد ڪيا ويندا. جواب سان گڏ هن رسالي ۾ ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 40 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. هڪ ڪوپن رڳو هڪ ڄڻو ڪتب آڻي سگهي ٿو. هڪ ئي لفافي ۾ ڪيترائي ڪوپن گڏ موڪلي سگهجن ٿا. پراڻن ڪوپنن کي رد ڪيو ويندو. پنهنجا نالا، ڳوٺ ۽ ضلعو صاف لکو. صحيح جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن کي 25 روپين جا ڪتاب انعام ۾ ڏنا ويندا.

انعام

امتحان نمبر 38 ۾ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا آهن:

1- رقيه بخاري، ٽنڊو محمد خان. 2- امداد علي ٽانوري، کهڙا خيرپور ميرس. 3- سلطان احمد دائوداڻي، وارهه. 4- عطاءُ الله جاويد ابڙو، سامارو. 5- موهن لال ڀوڄواڻي، ٿاڻو بولاخان، ضلعو دادو.

سڀني ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا ويندا. کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي وٺن.

 

امتحان نمبر-38

خ- د- ب- س- ل- ا- ن- ي- ا- ي

هه- ط- ش- ل- ز- ا- ن- ي-ن- ن

مٿي ويهه اکر ڏنل آهن. انهن مان پنج لفظ جوڙيو. انهن پنجن ئي لفظن مان هڪ عرب ملڪ جي صدر جو نالو جڙندو، اوهين مٿين اکرن مان ان عرب ملڪ جي صدر جو نالو لکي موڪليو.

 

جواب

”شيخ زيد بن سلطان النهيان“ جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن، انهن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

”نيو سعيد آباد“: امتياز حسين ميمڻ، يوسف گل ميمڻ، آفتاب احمد ميمڻ. ”هالا“: احسان الله انصاري، قربان علي ميمڻ، خالد حسين سرهيو، منير احمد متقي، محمد عبدالصمد ميمڻ، خان محمد ميمڻ، محمد سليم ميمڻ، نثار احمد ميمڻ، شمس الحق ميمڻ، خليل الرحمان متقي، گل منير سرهيو، شفيق الرحمان سرهيو، ڀڳوان داس ڏيورا، منظور قادر ميمڻ، رضوان سعيد ابڙو، فرحان سعيد ابڙو. محمد رمضان ۽ محمد اسلم اخوند. ”مٽياري“: سيد فدا حسين شاهه ۽ جان محمد شيخ. ”حيدرآباد“: افتخار احمد ميمڻ، محمد اسلم قاضي، فرحان جوڻيجو، محمد ياسين سومرو، افتخار احمد پيرزادو، محمد عالم شاهه، فياض علي سومرو، خالد رشيد بلوچ، شجاع الدين صديقي، رشيد احمد زرداري، اشفاق گل پاٽولي، محمد عثمان بلوچ ۽ فاروق احمد بلوچ. ”ٽنڊو محمد جان“: رقيه بخاري ”ٽنڊو ڄام“: غلام صغرا مڱريو. ”ٽنڊوالهيار“: ليلارام ڪوهستاني، نياز احمد شاهه، مشتاق احمد شاهه ۽ غزاله شاهين. ”ڳوٺ داد خان جروار“: عبدالمالڪ جروار. ”تلهار“: احسان علي ميمڻ، قربان علي جمالي ۽ مظفر علي شاهه. ”بدين“: محمد ايوب ميمڻ، ظفر عباس خواجه ۽ ياور عباس خواجه. ”ڳوٺ ڪمال خان لغاري“: علي اصغر بلوچ. ”ٽنڊوباگو“: دولت رام لوهاڻو، علي محمد کتري، سليم رضا کتري، اعجاز احمد مغل، خليل احمد ڀرڳڙي، منصور علي خواجه، جڳديش ڪمار، مظفر حسين ميمڻ، پريم لوهاڻو، سيتارام کتري، محمد رمضان، نارائڻ داس، ايسر داس ۽ منگل داس. ”ٺٽو“: نصير احمد ميمڻ، شوڪت علي کماڻ، غلام اختر شاهه، شيراز عالم شاهه، ڪريم بخش درس، عبدالحميد ممڀائي ۽ سراج حسين ميمڻ. ”ڳوٺ بگهاڙ موري“: غلام رسول شاهه. ”ميرپور بٺورو“: محمد رفيق ميمڻ، عبدالقادر کتري. ”چوهڙ جمالي“: خوشحال داس لوهاڻو، عبدالقيوم کٽي، محمد هاشم کٽي، نظير احمد، غلام قادر ميمڻ، الهه بچايو، محمد جمن ميمڻ ۽ محمد عثمان ميمڻ. ”جاتي“: غلام رسول ڪنڀر، ذاڪر حسين ۽ محمد رمضان. ”لاڏيون“: محمد جعفر عالماڻي، عبدالمجيد عالماڻي ۽ محمد يوسف عالماڻي. ”دڙو“: نجيب احمد ميمڻ ۽ الهه بخش سولنگي. ”ڳوٺ حاجي مراد ميمڻ“: سليمان ميمڻ، قربان علي ميمڻ، محمد دائود ميمڻ، نصرالله ميمڻ، محمد حنيف، غلام حسين ميمڻ، عبدالحڪيم، نظير احمد ميمڻ، محمد شريف ميمڻ، محمد اسلم ميمڻ، فريد احمد ميمڻ، محب علي ميمڻ، اسد الله ميمڻ ۽ سڪندر ميمڻ. ”ڳوٺ پير سرهندي“: پير حفيظ الله. ”ڳوٺ علي محمد خاصخيلي“: محمد حنيف، نظير احمد، عبدالڪريم، محمد خان ۽ محمد مراد. ”ڳوٺ سومار خاصخيلي“: پير بخش، جميل احمد، نصرالله، انور علي ۽ مشتاق علي. ”ڳوٺ حاجي شيدي“: محمد شريف خاصخيلي. ”ملير سٽي“: محمد صادق بلوچ. ”ڳوٺ جروار“: غلام رسول، مڪيش ڪمار، اشوڪ ڪمار جيسواڻي ۽ سريش ڪمار جيسواڻي. ”شڪارپور“: شڪيل احمد قاضي، الهه ورايو ڄامڙو، فيض محمد سيال، اخلاق احمد سرهندي، فاروق احمد ميمڻ، طارق احمد ميمڻ، غلام علي ميمڻ، زاهد احمد ميمڻ، عرفان عطا سومرو، روشن علي ميمڻ، نياز مصطفيٰ جوکيو، عبدالجبار سومرو، راجپال خوبچند ۽ وجئه ڪمار بولاني. ”ڳڙهي ياسين“: غلام صديق قاضي ۽ سميع احمد جوڻيجو. ”ڳوٺ يارو لنڊ“: شڪيل احمد لنڊ. ”ڳوٺ جمال“: ذوالفقار علي شاهه. ”قادرپور“: نور محمد ڀٽو، سروانند، حضور بخش سولنگي ۽ شنڪر لال. ”داد لغاري“: الطاف سنڌي ۽ محمد اسحاق سومرو. ”روهڙي“: محمد جعفر ميمڻ ۽ خادم حسين ڀٽو. ”سکر“: اياز علي کوکر، علي احمد تنيو ۽ مسعود احمد جوڻيجو. ”ڳوٺ لونگ ڏيٿو“: غلام ياسين ڏيٿو. ”خيرپورميرس“: محمد يحيٰ ميمڻ، غلام شبير مغل، محمد عيسيٰ منگي، اطهر حسين پٺاڻ، عبدالرشيد مغل ۽ يوسف حيدر شيخ. ”کهڙا“: اعجاز علي ميمڻ، لياقت علي ميمڻ، اختيار حسين ميمڻ، ظفر الله ميمڻ، غلام قاسم ڪٽپر، پرويز علي سومرو، محمد عمر ميمڻ، محمد رفيق خواجه، ناز جعفري، اقبال احمد ميمڻ، الطاف حسين شيخ، رحمت الله خواجه، شفيق احمد مخدوم، نعمت الله ميمڻ، غلام عباس ميمڻ ۽ امداد علي ٽانوري. ”صوڀو ديرو“: محمد نواز سومرو، مشتاق علي مڱڻهار، شاهد حسين عباسي، نغمه ناهيد عباسي، روشن علي خاصخيلي، سيد احمد علي شاهه، الاهي بخش، همت علي، مختيار حسين منگي، محمد علي سهتو ۽ محمد مراد چنو. ”اڳڙا“: ديدار احمد ٽالپر ۽ غلام محمد شر. ”سيٺارجا“: محمد حسين سهتو. ”ڳوٺ لياري“: اظهر دين ڪانڌڙو. ”ڪوٽ ڏيجي“: راڌا ڪرشن. ”ڳوٺ حسين آباد“: عبدالرسول خاصخيلي. ”ڳوٺ رفيق مهيسر“: مقصود مهيسر ”ڪنڌڪوٽ“: صابر انصاري، شوڪت علي اعوان، عبدالبصير جروار، اسدالله نوناري ۽ خدا بخش جروار. ”غوث پور“: روشن لال پنجابي. ”لاڙڪاڻو“: زهره شيخ، راجا رام، يار محمد شيخ، منظور حسين جوکيو، امرلال دوداڻي، مهيش ڪمار، عبدالواحد ڀٽو، گدا حسين منگي، فاروق شيخ، الهه ڏتو سامٽيو، الاهي بخش شيخ، جاويد حسين، عبدالقادر، سعيد احمد شيخ ۽ شوڪت علي ميمڻ. ”رتوديرو“: عبدالغفار، قاضي منظر حيات، الهداد بروهي ۽ محمد اسلم سرهيو. ”قمبر“: جاويد رضا شيخ، دوست محمد، محمد اشرف شيخ، محمد اسلم قريشي، عبدالله شيخ، رشيد شهناز، منظور احمد شيخ، گلشن آرا شيخ، رابعه شيخ، فهيمده شيخ، ابو السنڌي، شفيع محمد شيخ، برج لال جيسراڻي، گل محمد ميراڻي ۽ ارشاد احمد شيخ. ”باڊهه“: محمد جمن ساريو، محمد اعظم بروهي، رانجهن علي ابڙو، ڀوڄراج، الهرکيو سومرو، ابراهيم سومرو؛ عبدالله جهتيال، رميش لال، شام ڪمار، سيد عبدالرشيد، جميل احمد انصاري، برڪت علي مشوري، عبدالغفار مشوري، غلام سرور گوپانگ، غلام حسين گوپانگ، ذوالفقار علي ساريو ۽ سڪندر علي ساريو. ”وارهه“: سلطان احمد دائوداڻي، محمد اسلم نوٽاڻي، روشن علي دائوداڻي ۽ غلام رسول گهمرو. ”ڳوٺ حيدر چانڊيو“: نثار احمد کٽياڻ. ”ڳوٺ يارو ديرو“: سليم اختر تنيو. ”کپرو“: نريش ڪمار ڪانجاڻي، برڪت علي ڀٽي، قائم الدين ارباب، مهراب خان ڪنڀار، موتي رام لهاڻو، منوهر لال کتري، رميش چندر کتري، جڳو مل ۽ رام چند لڌاڻي. ”ٽنڊو آدم“: افروز پروين ميمڻ، شبانه مريم يوسفاڻي، محمد انور ميمڻ، محمود ميمڻ؛ مسعود احمد چنا، خالد حسين ڏيرو، محمد هاشم ۽ دين محمد هنڱورو. ”ڳوٺ فقير محمد لغاري“: غلام محمد لغاري. ”شهدادپور“: رفيعه گل گلاڻي. ”لنڊو شريف“: غلام رسول سومرو. ”ميرپورخاص“: غلام مصطفيٰ اڄڻ، اصغر علي پهنور، ذوالفقار علي درس ۽ رياض حسين ميمڻ. ”سامارو“: عطاءُ الله ابڙو ۽ هيرا لعل سونارو. ”جهڏو“: رفيق احمد ٽالپر. ”عمرڪوٽ“: رميش ڪمار، رتن ڪمار؛ ڀيمراج، تاراچند، شيرومل راٺوڙ، روگهارام، ڦوٽو مل گمداڻي، خميسو مل، گورڌن داس، روپچند، لجپت راءِ مالهي، سروپچند، ڪلياڻ سنگهه، لال بخش ٻٻڙ، اشوڪ ڪمار ۽ تنسک ڪرماڻي. ”ڏيپلو“: انور الدين کتري، حفيظ الرحمان عالياڻي، شفيق الرحمان ميمڻ، نهال چند سنگراماڻي، افتخار احمد ميمڻ، فاروق اعظم ميمڻ، غلام الله مٺواڻي، بلاول الدين مٺواڻي، ياسر عزيز ميمڻ، ثناءُالله جماڻي، چمن لعل، غلام محمد ميمڻ، رفيق احمد کٽي، عبدالرحمان ڪلر، علي نواز ڪلر، فضل الاهي جانواڻي، منظور قادر ميمڻ، نديم اختر ميمڻ، سريش ڪمار موراڻي، جاويد، عرفانه هومي، نياز احمد ملاراڻي ۽ آصف امين ملاڻي. ”روشن آباد“: محب الله علياڻي. ”مٺي“: جئه پرڪاش پارواڻي، اشوڪ ڪمار سونارو ۽ شنڪر مکي. ”اسلام ڪوٽ“: محمد حاجي. ”چيلهار“: لجپت راءِ هرچنداڻي ۽ جهامن راٺي. ”ڀريا شهر“: ارشاد احمد ميمڻ، شمشاد علي ميمڻ، محمد ابراهيم سومرو، عامر اقبال ميمڻ، بشير احمد ڪلهوڙو، شمس الدين لاکو، طفيل احمد سومرو ۽ اشوڪ ڪمار. ”نواب شاهه“: فياض حسين ميمڻ، ارشد حسين شيخ، سعيد احمد ميمڻ ۽ بشير احمد شاهه. ”ڳوٺ دريا خان جلباڻي“: مشتاق احمد لاشاري. ”ڳوٺ سيدو باغ“: محمد اسماعيل سومرو. ”ڳوٺ خميسو مڱريو ۽ عبدالعزيز مڱريو. ”ڳوٺ ڌامراهه“: غلام مجتبيٰ ڌامراهه. ”ڳوٺ مجيد ڪيريو“: محمد صالح ڪيريو. ”ڏيپارجا“: محمد عمر. ”نوان جتوئي“: محمد ادريس جتوئي. ”مٺياڻي“: غلام عباس ملاح ۽ سيد الطاف حسين. ”هالاڻي“: غلام نبي، قاضي غلام اڪبر، محمد بخش مغل، الهه اوڀايو سهتو ۽ امام الدين ميمڻ. ”محراب پور“: غلام محمد ميمڻ. ”ڪنڊيارو“: نثار احمد شاهه. ”ڪمال ديرو“: محمد ادريس سومرو ۽ محمد عثمان عباسي. ”مورو“: غازي خان سومرو. ”خياروي شريف“: پير حمادالله. ”ڳوٺ جلباڻي“: حسن علي جلباڻي. ”سڪرنڊ“: علي اڪبر پرهياڙ، عبدالمجيد ملڪ ۽ برڪت علي ڀٽي. ”دادو“: ظهير احمد جوڻيجو، چندر شيکر، لکمي چند ۽ بخشل رنَد. ”ڪوٽڙي“: لطيف سنڌي ۽ زمان علي جوکيو. ”ٿرڙي محبت“: احمد نجيب ناريجو، عبدالرزاق سومرو ۽ محمد عثمان منگي. ”جوهي“: قربان علي ميمڻ ۽ علي حسن سومرو ”پيارو ڳو“، محمد قاسم پهنور، غلام نبي ملاح، احمد پهنور ۽ محمد مٺل سومرو. ”بوبڪ“: خالد حسين سهڙو. ”بالي شاهه“: اختر حسين عباسي، ”راڌڻ“: اوم پرڪاش، دليپ ڪمار، رام چند راجاڻي، محمد علي پٺاڻ، ٻالچند اوڏ، مظهر علي شاهه، محمد عثمان عباسي، سندر، حاڪم علي ميراڻي، الطاف حسين سولنگي، رخسانه بلوچ، محمد منير جهتيال، ممتاز علي ساهڙ، غلام شبير وگهيو؛ پريم چند اوڏ، اختيار احمد خانزاده، افتخار احمد جوڻيجو، خادم حسين سولنگي، هيرانند راجاڻي، پير رياض علي، راج ڪمار. ”فريد آباد“: غلام قادر چنو. ”ميهڙ“: اشوڪ ڪمار ڌرما، خليل لاکير ۽ پرديپ ڪمار. ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“: ذوالفقار علي مهڙ. ”ٿاڻو بولاخان“: دولت رام، خوب چند ڪيولاڻي، آسنداس ڪيولاڻي، ٻيلاج مل، تاراچند، موهن لال ڀوڄواڻي، گوور مل آڏواڻي، گوور مل ۽ وشن داس ڪيولاڻي.

 

سنيها

 

·  اسين وطن کان وڇڙيل سنڌي، هر روز پنهنجي وطن ۽ پنهنجي وڇڙيل ڀائرن کي ياد ڪندا آهيون. سنڌ جي ساهت ڏسڻ ۽ پڙهڻ جي بيحد اڪير رهندي آهي. تازو هڪ متر ايڏانهن سنڌ جو سير ڪرڻ لاءِ آيو هو. مون کيس سنڌي ادبي بورڊ ۽ ٻين ادارن جا ڪتاب ۽ رسالا خريد ڪري اچڻ لاءِ چيو هو. اهو دوست اتان ڪيترا ڪتاب ۽ رسالا (جنهن ۾ اوهان جي گل ڦل جو جون 1978ع جو پرچو به هو) وٺي آيو هو. ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. ايتري خوشي ٿي جو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي.

اوهان جي ”گل ڦل“ جو هڪ ٻه جهونو پرچو اڳي به ڪنهن دوست وٽان مون کي مليل هو. تازو پرچو اڳي کان به معياري لڳو. اسين به هتي ٻارن لاءِ، ”گلستان“ ماهوار رسالو گذريل 13 سالن کان ڪڍندا آهيون. مان چاهيان ٿو ته اوهين پنهنجو ”گل ڦل“ پرچو مهرباني ڪري اسان کي موڪليو. آئون به موٽ ۾ اوهان کي ”گلستان“ رسالو موڪليندو رهندس. اميد ته اوهان اهو نماڻو عرض ضرور قبول ڪندا.

هن گڏ اوهان جي، ”گل ڦل“ لاءِ ٽي ٻال گيت شايع ڪرڻ لاءِ موڪلي رهيو آهيان. اميد ته اهي پسند ايندا.

ٻيو ته آئون سنڌ جي ٻين اديب دوستن ۽ پبلشرن ۽ ايڊيٽرن کي، ”گلستان“ رسالو موڪلڻ چاهيان ٿو. توهان تڪليف وٺي، انهن جون ائڊريسون مون کي موڪليندا.

”گلستان“ کان سواءِ اسين، سنڌو پبلشنگ سوسائٽي جي زير سايه، زندگي، (ساهت ۽ ڪلچر جو ماهوار رسالو) ۽ ”اظهار“ (ساهتڪ ٽماهي رسالو) ۽ ٻيا سماجڪ ڪتاب ڇاپيندا آهيون. سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ جيڪا ساهت ۽ تهذيب جي شيوا ڪئي آهي سو هڪ تاريخي ڪارنامو آهي.

-      هوند راج ٻلواڻي

ڪبيرنگر، احمد آباد ڀارت.

 

·  گل ڦل بابت ايترو ئي چوندس ته هي ٻاراڻي ادب ۾ هڪ معياري اخلاقي ۽ وندر وارو ڪتابچو آهي، جيڪو هر ٻار جي پسند آهي. ٻارن ۽ وڏن جي ساٿ سان هلندڙ گل ڦل وقت جي اهم تقاضا به آهي. ڇو ته ٻارئي آئيندي جا معمار آهن، کين ننڍي هوندي سجاڳ نه ڪبو ته اڳتي هلي هو اونداهيءَ جي راهن ۾ اٽڪي پوندا. بهتر آهي ته هينئر کان ئي کين مشعل ٻارڻ سيکارجي. ذهني اوسر جي لاءِ گل ڦل ساراهه جوڳو آهي.

”لطيف نمبر“ شايع ڪري توهان اسان جي سپنن کي تعبير بخشي رهيا آهيو. اڳواٽ منهنجي طرفان واڌايون هجني! اميد ته آئندي به ٻارن لاءِ معياري رسالو ڪڍي سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪندو رهندين. سچ پچ ته اهوئي سڀ کان مهان آهي جيڪو ٻاراڻي خدمت ڪندو رهي ٿو.

-      طاهر سنڌي شڪارپور.

 

·  اوهان جنهن محبت ۽ محنت سان گل ڦل کي سينگاريندا آهيو ان لاءِ مون طرفان دلي مبارڪون قبول ڪندا. آئون ته هر مهيني ڏاڍي شدت سان گل ڦل لاءِ انتظار ڪندو آهيان ۽ پوءِ بار بار پڙهي ننڍڙي لائبريري جي زينت ۾ اضافو ڪري ساهه سان سانڍي رکندو آهيان.

·  مون کي ادبي ڪتابن ۽ رسالن سان بيحد محبت آهي. انهي سلسلي ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ مرحوم مرزا قليچ بيگ جا ڪتاب مون لاءِ وڏي معلومات ۽ ادبي پروڙ جو باعث بنيا آهن. دعا ڪندا ته ڌڻي پاڪ مون کي منزل مقصود تي پهچائي. اوهان اسان ٿر جي ٻارن کي به موقعو ڏيو ته لکون ۽ اوهان جي رهنمائي حاصل ڪيون.

-      الهنواز نهڙي، مٺي ضلع ٿرپارڪر

 

·  عبدالحسين مينڌرو جو تنقيدي خط نظر مان گذريو. ڀاءُ ته ڏاڍا ڇوهه ڇنڊيا آهن، پر ڪجهه سوچڻ جي ڳالهه آهي ته آخر رسالي کي معياري ڪير ٿو بنائي سگهي؟ ان ۾ ايڊيٽر جو ڪوبه قصور نه آهي. معياري بنائڻ ۾ پڙهندڙن جو وڏو حصو آهي. جيتريقدر پڙهندڙ نيون نيون تخليقون اُماڻيندا ايتريقدر رسالو وڌيڪ معياري ۽ اتم نظر ايندو.

مينڌري صاحب تنقيد چڱي ڪئي آهي. تنقيدي سلسلو سٺو آهي، جيئن ٻارن کي پنهنجن لکڻين جي اوڻائي ۽ گهٽتائي جي ڄاڻ پئجي وڃي، ان ۾ اميد ته ننڍڙا ليکڪ ڪاوڙ نه ڪندا.

مون کي خبر آهي ته ٻار جيڪي لکڻيون اماڻين ٿا، تنهن کي ايڊيٽر صاحب وڌيڪ سنواري پيش ڪندو هوندو، پر تنهن هوندي به منجهس ڪي اوڻايون محسوس ٿين پيون. آگسٽ جي مهيني ۾ ”سچائيءَ جا ڪرڻا“ ۽ ”لطيفي لات“ ٻئي ڪالم مهڙ ۾ ڏنا ويا آهن، تمام نصيحت آموز آهن. اميد ته ٻار انهن مان پورو پورو فائدو وٺندا.

شعرن واري حصي کي جيڪڏهن وڌايو وڃي ته وڌيڪ بهتر، جيئن ان ۾ وڌيڪ ننڍڙا ٻار حصو وٺي سگهن. سعيد مرکنڊ جو شعر ”لولي ڙي ڍولڻ“ ۽ شفن مڱرئي جا شعر به ٻارن جي ڏانءَ وٽان آهن.

”ولر کان وڇڙيل ڪونج“ به سٺي ڪهاڻي هئي پر ٻارن تي ڪوبه تاثر نٿي ڇڏي. ”بنا عنوان ڪهاڻي“ واحدئي گل ڦل ۾ سٺي سڏي سگهجي ٿي.

ننڍڙن اديبن ۾ ڪهاڻي ”اجورو“ جيڪا نذير احمد لکي آهي، سا ته ڪيترا ڀيرا گل ڦل ۾ ۽ گلن جهڙا ٻارڙا ۾ به ڇپجي چڪي آهي. ڀاءُ کي گهرجي ته اهڙي ادبي چوريءَ کان پاسو ڪري. ادبي چوري ٺيڪ نه آهي. ”نوان ڪتاب“ جي ڪالم ۾ تمام پراڻن ڪتابن تي تبصرو ڪيو ٿو وڃي. ائين نه ٿيڻ گهرجي.

-      مختار سومرو ڪنڌڪوٽ.

 

·  جولاءِ جو رسالو پڙهي، دل باغ باغ ٿي ويئي. درحقيقت اوهان ”گل ڦل“ سان واقعي سنڌي ٻاراڻي ادب ۾ انقلاب آندو آهي. ڇو ته سنڌيءَ ۾ ٻارن جي لئه رسالن جو تعداد نه هجڻ جي برابر آهي. ”گلن جهڙا ٻارڙا“ سٺو رسالو هو، پر ڪن مفاد پرستين ڪري اهو رسالو اسان کان جدا ٿي ويو. ”گل ڦل“ جي ساک قائم ٿيل آهي، ايتري قدر جو هر عمر جا ماڻهو ننڍا، وڏا، پوڙها ۽ جوان سڀ ان کي پڙهن ٿا. پر رڳو هڪ رسالو ڇا ٿو ڪري سگهي. ايڏي وڏي کوٽ کي ڪيئن ٿو پورو ڪري سگهي.

هن مهيني جو رسالو سڄو سٺو آهي. ”سچائيءَ جا ڪرڻا“ ۽ ”لطيفي لات“ ڪڍڻ تي مبارڪباد جا مستحق آهيو. ڏاڍا ڪالم وڻيا. اميد ٿي ڪجي ته اهڙي سلسلي کي بند نه ڪندا. عدنان بهڻ، منظور ظفر، مشتاق ڪاملاڻي، سانوڻ سومرو، بلقيس عارباڻيءَ جا شعر به وڻيا.

بنا عنوان ڪهاڻي جو سلسلو وڻيو. ٻين ڪهاڻين ۾ سک جو ملهه، جادوءَ جو جهاز ۽ ننڍڙا اديب ۾ محنت ۽ عظمت، ظلم جو نتيجو، ڏکن پٺيان سک بهترين ڪهاڻيون هيون، پر عقلمنديءَ جو انعام نقل ٿيل ڪهاڻي هئي، جيڪا اڳ اخبارن ۾ ڇپجي چڪي آهي.

روشن تارا پسند آيو. اميد ته اهو سلسلو بند نه ڪندا.

منهنجو صلاحون آهن ته:

سائنس بابت ڪو معلوماتي مضمون هر مهيني ڏيندا ڪريو.

ادل سومري، سوسن مرزا، ناز سنائي، اياز گل، عباس پارس منگي، سرواڻ انصاري ۽ عدنان بهڻ جا انٽرويو ڏيو ته سٺي روايت قائم ٿيندي.

چتر رنگين ڏيو ته بهتر آهي.

”امر جليل“ کان ٻارن لاءِ ڪجهه لکرائيندا.

-      محمد عمر ميمڻ، کهڙا.

·  مان چاهيان ٿو ته انگريزيءَ جو گرامر اوهان ڏانهن موڪليان، اهو اوهان گل ڦل ۾ شايع ڪريو، جيئن اسان جا پڙهندڙ رهنمائي حاصل ڪري سگهن. مون کي اميد آهي ته اوهان منهنجو ساٿ ڏيندا پڙهندڙن کان رايا گهرائيندا.

- ممتاز علي مجاهد، نصير آباد

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com